لوڪرام ڏوڏيجا
حيدرآباد: ساهت، سڀيتا ۽ علم جو مرڪز
اول هن قديم قلعي جو نالو نيرون ڪوٽ هو، جيڪو ڪلهوڙن جي حاڪمن
نئين سر مرمت ڪرائي، ٺهرائي پنهنجو تختگاهه بڻايو
۽ نالو رکيائونس حيدرآباد. منهنجي سانڀر ۾ (1940ع
کان اڳ) قلعو ته زبون حالت ۾ هو، پر اُن جي ٻاهر
شهر بلين بلين هو.
اُن ۾ ڪو مين ميک ناهي، ته حيدرآباد ساهت، سڀيتا ۽ علم ۾ سنڌ جي
راڄڌاني هو. هن جي هر شيءِ اعليٰ هئي. جڳهيون،
باغ، ڦليلي، زالون ۽ مرد، سنڌورڪي ڀائيبند ۽ عامل،
ساهتڪ ۽ يخي هڻندڙ، سُڌارڪ ۽ بگاڙڪ، مطلب ته هر
رنگ ۽ ڍنگ جا نرالا هئا. گڏوگڏ حيدرآباد جا کدڙا ۽
ڪڃريون به خاص سوکڙيون هيون.
ٻين سنڌي شهرن جي ڀيٽ ۾، حيدرآباد جون جڳهيون به وڌيڪ سُٺيون ۽
آرام واريون هيون. هيرآباد ۾ منهنجي مسواڙي جڳهه،
منهنجي شڪارپور ۽ ڪراچي جي پنهنجن جڳهين کان وڌيڪ
چڱي هئي. شهر جي عاليشان جڳهين ۾ سنڌورڪي سيٺين
پوهومل ۽ وسيامل وارن جا نه ڄڻ مهل هئا. ڀارت جا
قومي اڳواڻ ڀائي پرتاب وٽ اچي لهندا هئا. سر راڌا
ڪرشن سروپلي اُتي اچي مهمان ٿيو هو. آئون کيس دعوت
ڏيئي ڪوٺڻ ويو هوس، اها جڳهه، اندر توڙي ٻاهر
حيدرآباد جو نڪ هئي. حيدرآبادي جڳهين جي خاص خوبي
هي هئي، جو کُڏن تي هوا جهٽڻ لاءِ منگهه هوندا
هئا، جهڙا دنيا ۾ ٻئي ڪٿي به ناهن. انهن منگهن
ڪارڻ هيٺيان ڪمرا به هوادار رهندا هئا.
حيدرآباد مون کي ان لاءِ به وڻندي هئي، جو اُن جي ڦليلي،
شڪارپور جي سنڌ واهه جي سڪ لاهيندي هئي. اهو واهه
اٽڪل شهر جي ٻن طرفن کان هو. اُن جي ڪناري ساڳئي
قسم جا باغ ۽ باغيچا ۽ حلوائين جا دڪان ۽ شئل سواد
هوندا هئا. پُل تان ٽپا ڏبا هئا، لاٽ به پئبي هئي
۽ ’الو ميان‘ به ٿيندي هئي. پوءِ ڦليليءَ ۾ ڪي قدر
گند وجهڻ شروع ڪيائون، ته اُهي موج مزا بند ٿي
ويا.
ڦليلي جي ٻي ڀر ميويدار گهاٽا باغ هوندا هئا، پر سڀ کان عمدو
’داس باغ‘، گدوبندر رستي تي هوندو هو. اُن ۾ رنگ
برنگي سرهاڻ واري گلڪاريءَ کي رنگ برنگي ويسن ۾
ملوڪ مرد زالون وڌيڪ گلزار بڻائينديون هيون. يارن
دوستن سان دنيا جو واءُ سواءُ پرائي پچر، ٻارن جي
چهه چهه، نازنين جي رنگ ڍنگ ۽ گهُمڻ جو نماءُ ڏاڍو
مزيدار هوندو هو.
باغن جي ڳالهه تي اڳو پوءِ هڪ عجيب ٻوٽيءَ جي ڳالهه ڪري وٺان.
شرم ٻوٽي جو سائي سهڻي ول پکڙي پئي هوندي هئي. ۽
اُن جا نرم پن ٽڙيا پيا هوندا هئا، پر اُن کي ڪو
مرد ماڻهو هٿ لائيندو مس ته سموري ٻوٽي ڪومائجي
ويندي، پر ڪنهن زائفان جي ڇُهڻ تي ڪو اثر ڪونه
ٿيندو هئس. آزمايوسين، مون هٿ لاٿومانس ته سموري
ٻوٽي شرم ۾ ڪومائجي وئي، پر منهنجي زال ۽ ڌيءَ
سختي سان هٿ لاٿس تڏهن به نه مُرجهائي. وڏو اچرج
ته اهو لڳو ته هڪ بيجان نابين ٻوٽي کي سُڌ ڪيئن
پئي، ته هيءُ ڇهاءُ مرد جو آهي ڪين زال جو! کدڙن
جو ڇهُاءُ مون آزمائي نه ڏٺو. شاسترن سچ چيو آهي:
وڻن ٽڻن، ٻوٽن ۽ نبات ۾ ڏسڻ ٻڌڻ، دُک سُک، نينهن ۽
نفرت جو احساس ٿيندو آهي.
حيدرآباد ۾ ڪئين هاءِ اسڪول، ڪاليج، سنسڪرت پاٺشالا، يوناني ۽
آيورويدڪ ڪاليج، ٽريننگ ڪاليج هئا، ۽ برهمو سماج،
آريا سماج، ديو سماج، ٿياسافي سوسائٽي، هندو سڀا،
انجمن اسلاميا، خلافت ڪاميٽي، راشٽريه شيوڪ سنگهه،
مطلب ته اهڙو ڪوبه پنٿ نه هو، جيڪو اُتي نه هجي.
گُر سنگت کي پنهنجي شاندار بلڊنگ هئي. انهيءَ
سنگت، سنڌ ۾ خالص پنٿ جو جيترو پرچار ڪيو، تيترو
ٻئي ڪنهن نه ڪيو. انهن مرزا قليچ بيگ جا ناٽڪ
”لوڀي ۽ ٺوڳي“ ۽ ”نيم طبيب“ اسٽيج تي آندا. ڪجهه
وقت کان پوءِ حيدرآباد جي ٻن ناميارن ليکڪن حقيقي
زندگيءَ، نشي بازيءَ، ڏيتي ليتيءَ، زمينداري ظلم
۽ گهرو مسئلن تي زبردست ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج تي
آندا. ڪاڪي ڀيرومل مهرچند، لعلچند امر ڏني مل،
محمد اسماعيل عرساڻي ۽ خاص ڪري خانچند درياڻيءَ
1923ع ۾ ”رويندر ناٿ ناٽڪ منڊلي“ برپا ڪئي، جنهن
جو مهورت به ٽئگور پاڻ اچي حيدرآباد ۾ ڪيو هو.
انهن ڏينهن ۾ زالاڻا پارٽ به مرد ڪندا هئا. انهن زالاڻن ڪمن ۽
پارٽن ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻيءَ، منگھارام
ملڪاڻيءَ، جھمٽ مل ڀاوناڻيءَ، درگاداس آڏواڻي ۽
خاص ڪري نرملداس گريبخشاڻيءَ ڏاڍو نالو ڪڍيو هو.
اهي نوجوان ڇوڪرا سهڻا مولڪ مهانڊي جا هئا ۽ جڏهن
زالاڻِي ويس وڳن ۾ چيلهه کي چٻو ڪري زالِاڻي
نازنخري سان اسٽيج تي ايندا هئا ۽ تما شبين سييٽون
وڄائي کين داد ڏيندا هئا هڪ ڀيري منهنجي اڳئين سيٽ
تي سائين قليچ بيگ مرزا به ويٺو هو ۽ ساڻس گڏ
نيڪٽاءِ سوٽ بوٽ پاتل منوچر مرزا ۽ قمبر علي
ڀائيٽا به هئا.
تبليغي مُلا مولوي به زور هئا، جيڪي رکي رکي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ۽
وڏن هندن کي به اسلام ۾ داخل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا
هئا. ٺٽي جي جيٺانند پٽ ليلارام کي سورنهن سالن جي
عمر ۾ حيدرآبادي مولوين ئي شيخ عبدالمجيد بڻايو
هو. ديوان مورجمل آڏواڻي وڃي مسلمان ٿيو، ته پيءُ
جي اثر هيٺ 1891ع ۾ پٽس ميوارام به اسلام ۾ داخل
ٿيو ۽ نالو رکيائونس شيخ محمد صديقي، هن پنهنجي
چئن ننڍڙن صغير ٻارن ۽ زال ميٺي ٻائيءَ کي به
مسلمان ڪرڻ لاءِ ڏاڍو زور هلايو، ۽ ڪورٽ ۾ ڪيس
به ٿيا، پر ساڌو نولراءِ ۽ ساڌو هيرانند سندس زال
جي مدد ڪئي ۽ هوءَ آخر تائين هندو رهي. انهي
ڪيس حيدر آباد ۾ ڏاڍو چوٻول مچايو هو ۽ ان لاءِ
انگريزي ۾ هڪ ڪتاب نڪتو ”دي گريٽ شيخ ڪيس“
جڳيتاڻي عامل آڪهه مان ديوان ريجھو مل جي ڊاڪٽر
پٽ کي مسلمان بڻائي نالو رکيائونس نور محمد.
ڪانگريس جي صدر آچاريا جي.بي. ڪرپالاڻي جو وڏو ڀاءُ پنهنجي
آڪاهه سميت وڃي اسلام ۾ داخل ٿيو، ته نالو پيس
شيخ عبدالرحيم انهي تي شهر ۾ چوٻول متو، ته مرڳو
آچا ريه جو بيو ڀاءُ به وڃي مسلمان بڻيو ۽ ٻئي
ڀائر ٻين خاندانن کي اسلام ۾ ڇڪڻ لاءِ هيلا هلائڻ
لڳا. آچاريه ڪرپالاِڻي جو پنهنجو لاڙو به مسلمانن
ڏانهن وڌيڪ هو.مثلاً جڏهن هن 1912ع ۾ سکر ۾ هاءِ
اسڪول ۾ چاليهن رپين هڪ سال ماستري ڪئي ته انيڪ
هندو مترن جي هوندي به هڪ مسلمان عبدالله جي گھر
۾ رهندو ۽ کائيندو هو. عيسائي پادرين جو به هندن
تي حملو جاري هو، جو پرمانند ميوارام ۽ ٻين اهڙن
معززن هندن کي به ڪرستان بڻائيندا رهندا هئا.
مذهب مٽائڻ جي وارداتن تي ته واويلا اُڀامندي ۽ وسامندي رهي، پر
’اوم منڊلي‘ جو ممڻ ته ڪئين سال هليو هو. دادا
ليکراج نالي هڪ دولتمند ڀائيبند اها منڊلي برپا
ڪئي هئي، جنهن ۾ اڪثر زالون اچي رهنديون هيون. ان
منڊليءَ ۾ زالن ۾ همٿ، ڇڙواڳي ۽ آزاديءَ جو احساس
ڦوڪيو. هو کلم کلا چوڻ لڳيون: ” سڀئي مرد، زالن جا
سرپرست ٿي کين رڳو ڀوڳ ولاس ۽ ٽهل ڪرائڻ لاءِ ڪم
پيا آڻين. مڙس ۽ اولاد جنجال آهن، ڇو ته اُهي زالن
کي غلامن جيان ٻنڌڻ ۾ رکن ٿا. تنهنڪري گهر
گرهستيءَ جو تياڳ ڪري ’اوم منڊلي‘ جي گروءَ جي شرڻ
وٺو ته اُڌار ٿيندو.!“
مردن خلاف اها بغاوت زور وٺندي وئي، ته نه رڳو ڪنواريون، جن جي
ڏيپ (ڏاج) جي مسئلي سندن مائٽن کي منجهايو هو، پر
پرڻيل ننڍيون نيٽيون يا ٻيون جيڪي گهوٽ کان رسن
پيو، سي به گهر ٻار ڇڏي، مڙس کي ڏهاڳ جو ڏک ڏيئي،
اوم منڊلي ۾ پيون داخلا وٺن. ڪي اهڙيون به هيون
جيڪي گهريلو خفت ۽ خفالت کان بيزار ٿي يا ڪي ڌرمي
خيالن کان به وڃي اُن منڊلي ۾ شامل ٿيون هيون.
مردن ۾ مانڌاڻ مچي ويو. جو ڪئين ويچارا رُلي خراب
ٿيا، جو نه ڏينهن جو آرام نه رات جو! شهر ۾ ٽاڪوڙو
پئجي ويو. سڀني کي ڀؤ وٺي ويو ته ڪنهن مهل به سندن
ٻائڙي رُسي وڃي اوم منڊلي ۾ شريڪ ٿئي. نيٺ مردن
مُڙسي ڏيکاري. ڪي مقدما داخل ڪيائون، جن ۾ هارائي
آيا، ”ڊائريڪٽ ايڪشن“ کڻي منڊليءَ جي جڳهه تي حملا
ڪيائون، تنهن جو به زالن سروٽن، تتل تيل ۽ گوگائي
مرچن سان ڪامياب مقابلو ڪيو. اخبار وارن به دادا
ليکراج تي ڌوڙيو وسايو. ساندهه اهڙو خچر کلو ڏسي،
دادا حيدرآباد مان ٽپڙ گول ڪري، پنهنجن چيلين
سوڌو، ڪراچيءَ ۾ شهر کان ٻاهر ڀرو اچي ديرو ڄمايو.
حيدرآبادي وڪيلن جي هوشياري جي ته ڳالهه نه پُڇو! ڪنهن جو نانوَ
کڻي ڪنهن جو کڻجي! سنتداس منگهارام کي سنڌ جي
وڪيلن جي سرتاج چوندا هئا. ديوان ڏيئل مل لالواڻي
(جنهن جي نالي تي هينئر ڏيئلداس ڪلب آهي) جو رڪارڊ
هو، ته هن ڪڏهن ڪو ڪيس نه هارايو. شهيد الله بخش
سومري واري ڪيس ۾، سرڪار ۽ سڄي سنڌ کي يقين هو ته
خانبهادر کهڙو، سزاياب ٿيندو. سرڪاري وڪيل به
زبردست هئا. پر ڏيئل مل، ايوب کهڙي کي باعزت آزاد
ڪرايو. ديوان ميٺارام (ميٺارام هاسٽل وارو) ۽ سندس
ننڍو ڀاءُ ڏيارام به غضب جا قانوندان هئا ۽ وڪالت
مان خوب ناڻو ٺاهيو هئائون. ميٺارام کي رڳو پير
پاڳاري جي ڪيس مان هڪ لک رپيا (ان زماني جا) في
ملي هئي. انهن ٻنهي ڀائرن، ديوان ڏيارام گدومل جي
چوڻ تي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ ڪاليج ۽ هاسٽل کوليا.
انهن ٻنهي ڪاليجن سنڌ جو نقشو بدلائي ڇڏيو ۽ تعليم
جي روشني آندي.
پر اهڙن هوشيار وڪيلن جي به ڪٿي دال نه ڳرندي هئي. اڳو پوءِ
مثال ٻڌائي وٺانوَ: 21-9120ع ڌاري انگريزن، آنرري
ماجسٽريٽن جو سرشتو ڪيو ته جيئن ڪيسن جو ترت نيڪال
به ٿئي ۽ پنهنجن دادلن زميندارن تي نوازش ڪرڻ جو
وجهه به ملي. اهڙن ماجسٽريٽن ۾ حيدرآباد جا به
انيڪ ماجسٽريٽ هئا. معزز زميندارن يا سيٺين، جن
کين جنگ ۾ مدد ڪئي هئي يا جن کي پنهنجو پُٺو
بنائڻو هوندن، تن کي آنرري ماجسٽريٽ مقرر ڪندا
هئا. زميندارن يا سيٺين کي قاعدو قانون ته ايندو
ڪونه هو، تنهنڪري اهي ڪنهن نه ڪنهن وڪيل کي بطور
صلاحڪار رکندا هئا ۽ فيصلا به ان کان لکائي رکندا
هئا. ڪي ماجسٽريٽ صاحب مقدمي چالان ٿيڻ کان اڳ ئي
فيصلو ڪري ڇڏيندا هئا، ته جوابدار کي ڇڏڻو آهي، يا
سزا ڏيڻي آهي. اهڙي فتويٰ پنهنجي خانگي وڪيلن کان
لکرائي رکندا هئا. عام ماڻهو کين ’اناڙي مئجسٽريٽ‘
ڪوٺيندا هئا.
وڪيلن کان پوءِ ڪڃرين جو ذڪر مناسب آهي، ڇو ته وڪيل الله جو ڏنل
ڏاڻ، دماغ وڪڻن ٿا ۽ هوءَ ويچاريون به اُن
اپائڻهار جي ٻيءَ خاص بخشش جو سودو ڪري گراهڪن کي
مزو ماڻائين ٿيون. مطلب ته ٻئي پيٽ قوت ڪڍن ٿا.
سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ڪسبياڻيون هيون، پر حيدرآباد جي ڳالهه ئي
نرالي هئي. اُتي جيتوڻيڪ سنڌي ۽ پنجابي وکر به
هوندو هو. پر مارواڙ جون جيڪي ماڙيچاڻيون هونديون
هيون، اهڙيون روءِ زمين تي نه ملنديون. چمڙيءَ جي
رنگ ۾ ماڙيچاڻيون ڪو خاص موچاريون نه هونديون
هيون، پر سلوڻيون، نيڻ ٺار ۽ مزي وٺائڻ جون اهڙيون
رمزون هئن جو گراهڪ وٽن هڪ ڀيرو ايندو ته سدائين
لاءِ پڪو عاشق ٿي پوندو ۽ چوري ڪري به اچي کين
واپرائيندو. ڳائڻ کان وڌيڪ اهي پنهنجي وفاداريءَ ۽
محبت لاءِ خاص ڪري مشهور هيون.
ماهوار وظيفي تي پنجاب جون رکيليون (سُريتون) به ٿينديون هيون،
پر لڪ ڇپ ۾ ٻيا گراهڪ به ڌارينديون هيون. ”پيسا
ڦينڪ، تماشا ڏيک“. مجال آهي جو ڪا ماڙيچياڻي دغا
ڪري! سندن سچائيءَ جا گهڻيئي قصا عالم آشڪار هئا.
هڪ ماڙيچياڻي جي سرپرست کي سٽي ۾ وڏو گهاٽو پيو،
ته لهڻيدارن جي ڊپ کان سنڌورڪ ڀڄي ويو. پٺيان سندس
ڪٽنب جي اهڙي سقيم حالت ٿي وئي، جو ٻچا پيا بک مرن
۽ اسڪول جي في ڏيئي نه سگهن. اُن وقت اُها پاڪدامن
ماڙيچياڻِ پنهنجا ڳهه ڳٽا وڪڻي ۽ قرض کڻي، سندن
پرورش ڪندي رهي. ڪجهه سالن کان پوءِ ڀائيبند
حيدرآباد موٽيو، ته پنهنجا رهيل کهيل قرض به
لاٿائين ۽ پنهنجي زال جي رضامنديءَ سان اُن
ماڙيچياڻي سان باقاعدي شادي ڪري کيس سنڌ ورڪ وٺي
ويو.
چوندا آهن ته ناميارو ڪلهوڙو بادشاهه ميان غلام شاهه، گُلان
(ڀِٽ شاهه واري) نالي ماڙيچياڻي جي پيٽ جي پيدائش
هو. هاڻوڪي زماني ۾ به چوندا آهن، ته وڏا وڏا
سردار ۽ حاڪم به ماڙيچياڻين کي سُريتون ڪري رکندا
هئا، جو ويساهه هئن ته مرندي مري وينديون، پر سَت
نه ڇڏينديون. هڪڙي ٽن ڀينرن جي ڳالهه ڪندا هئا،
اُنهن مان ٻن وڃي مسلمان اميرن جا گهر وسايا ۽
ايتريقدر وفادار ۽ سليقه واريون ثابت ٿيون جو
پنهنجن مڙسن جي فضول خرچي ۽ ٻيون عادتون ڇڏائي کين
دنيوي اقبال جي اؤج تي پهچايائون.
ٽئين ڀيڻ وڃي هڪ ڀائيبند جي ٿي ويٺي. ڪجهه عرصي کان پوءِ اُهو
سيٺ گذاري ويو. ماڙيچياڻي جي مائٽن مٿس زور آندو،
ته هوءُ موٽي پنهنجو اڳلو پيشو اختيار ڪري، جو اڃا
ننڍي نيٽي ۽ موچاري هئي ۽ هڪ نواب هن مٿان مفتون
هو. اُن ماڙيچياڻيءَ صاف انڪار ڪيو، ته هوءَ
ڀائيبند جي هندو زال جيان سندس حق ۾ سڄي عمر
ويهندي. ناڻي جي لالچ ۾ سندس مائٽ ست ستاءُ ڪندا
رهيا، ته ڇا ڪيائين، ته مٿي تي پاڪي گهُمرائي بنهه
گنجي بڻجي مائٽن کان پڇيائين: ”ڇا منهنجي هن حال
کان پوءِ به ڪو منهنجو خريدار ٿيندو؟“
سياسي اڳواڻن جي سنڌ ۾ هڪ هٽي به حيدرآباد ۾ هئي. انهن مان ڪي
ديش ڀڳت، ڪي پيٽ ڀڳت ۽ شهرت حاصلات لاءِ يخي هڻندا
هئا، ٻين شهرن جي زبان درازن يا وطن پرستن به
ليڊري حاصلات لاءِ گهڻيئي حيلا هلايا هئا، پر اُن
فن ۾ حيدرآبادي گوءِ کڻي ويندا هئا. حيدرآباد جي
ٽِمُورتي – دادا جيرامداس، ڊاڪٽر چوئٿرام ۽
پروفيسر گهنشام – خاص نام ڪَٺيا هئا. پر اُهي به
پنهنجي گُروءَ جي فرمانبردار نه رهيا. ورهاڱي وقت
گانڌيجي پاڻ دهليءَ ۾ برلا محل ۾ براجمان رهندي
فرمان جاري ڪندو رهيو، ته پنهنجا گهر نه ڇڏيو، پر
هنن يار اول تڏو گول ڪيو، ته ٻين جي همت به ٽُٽي
پئي ۽ اباڻا گهوري آيا. جيتوڻيڪ ديس جي عظيم اڳواڻ
جا حُڪمناما، بحالات ڪارگر ۽ عملائتا نه هئا ۽
سندس چيلن کي پنهنجون سِسيون ۽ سامان به پيارو هو.
انهن ڪانگريسي اڳواڻن مان ڪن کي ديس جي ڀلائيءَ جي
لگن به لڳل هئي، پر ٻرنديءَ باهه ۾ تن کي تسيو ته
نه ڏيندا!
گانڌيجيءَ جي ٻئي حيدرآبادي پڪي چيلي آچاريا جي. بي. ڪرپالاڻي
سڄيءَ سنڌ ۾ زور شور سان ڀاشڻ ڪيا، ته لڏپلاڻ نه
ڪريو! ظلم ۽ ناحق جو دليريءَ سان مقابلو ڪريو! پر
گهر ۾ مٽن مائٽن پڇيس: سچ پچ اسين هتي رهي
سگهنداسين؟ ته جواب ڏنائين: ”اوهين ڳهيلا ٿيا آهيو
ڇا؟ هتي مسلمان ٿيڻ قبول هجيوَ ته ڀلي رهي پئو.“
حيدرآباد جي سڀني ستارن جا رڳو نالا ڏيڻ به مشڪل آهن. مرزا قليچ
بيگ کي سنڌي ساهت جو ابو چئجي، ڇو ته هو پهريون
عالم هو، جنهن نج، سُپڪ سلوڻيءَ سنڌيءَ ۾ ناول،
ناٽڪ ۽ تاريخي دفتر لکيا. هن کان اڳ سنڌي ليکڪ،
فارسيءَ ۽ عربي جي لفظن جي ملاوت ڪرڻ ۾ علميت
سمجهندا هئا. هن جي پيروي ڪري ڄيٺمل پرسرام،
ڀيرومل مهرچند ۽ ٻين سنڌي ساهت کي هاڻوڪي اوج تي
آندو. پر ساهتڪ ستارن ۾ به چمڪندڙ ستارو هو. مهراج
لوڪرام نينارام ۽ سندس ڀاءُ وشنو شرما پنهنجي
روزاني اخبار ”هندو“ وسيلي سنڌ ۾ قومي جاڳرتا
آندي.
ساڌو واسواڻي جا سماج ۽ ديش سيوا جا ڪم ايترا ته گهڻا هئا، جن
لاءِ وڏا وڏا ڪتاب چپجي چڪا آهن. مان ڪهڙي ويهي
اُپٽار ڪيان! رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ ۽ سيد ميران
محمد شاهه ۽ ٻيا به گهڻيئي مسلم ڀائر، قومي،
تعليمي ۽ خلق جي خدمت جا گهڻيئي ڪارج ڪندا رهندا
هئا.
حيدرآباد مون کي اُن لاءِ به وڻندي هئي، جو اُتي ساهت جي سورمن
جو سنگ مليو، جن مان گهڻو ئي پرايم. اُتان چڱيون
چڱيون اخبارون به نڪرنديون هيون، جن مان پرمانندا
ميوارام جي ”جوت“ ۽ ڄيٺمل پرسرام جي ”ڀارت واسي“
سانڍڻ جهڙيون هيون. ”ڀارت واسيءَ“ ۾ 1923ع کان
ڪڏهن ڪڏهن منهنجا مضمون به ڇپجندا رهندا هئا. اُتي
منهنجو پراڻو پيارو دوست نارائڻداس بٺيجا، ڪاليج ۾
سنسڪرت جو پروفيسر هو ۽ اڪثر مون وٽ روح رهاڻ لاءِ
ايندو هو. 22 -1920ع ڌاري هو شڪارپور برهم چاريا
آشرم ۾ رهندو ۽ پاڙهيندو هو.
حيدرآباد ۾ گنجي ٽڪر تي ڪاليءَ جو قديم مندر هو. هن مندر ۾ ساڳي
مورتي هئي، جهڙي ڪلڪتي جي مشهور مندر ۾ آهي. اُن
پراچين آستان تي ڪئين ڪپالي تانترڪ جوڳين سخت
تپسيائون ڪيون آهن، ۽ شاهه لطيف به اهڙن جوڳين جي
سنگ ۾ پرينءَ کي پاتو هو. هن سُر کاهوڙيءَ ۾ ڳايو
آهي.
پيئي جن پرک، گنجي ڏونگر گام جي،
واري سڀ ورق، لوچي لاهوتي ٿيا،
مون سي ڏٺا ماءِ! جنين ڏٺو پرينءَ کي،
رهي اچجي راتڙي، تن جُنگن سندي جاءِ،
تنين جي ساڃاه، تُرهو ٿئي تار ۾.
جن کي گنجي ٽڪر جي آستانن جي سُڌ پئي. سي سمورا ديني دفتر ويڙهي
رب کي ڏوري، وڃي لاهوتي فقير ٿيا. اي امڙ! مون
اُتي اُهي درويش ڏٺا، جن پريئن پرماتما جو ديدار
ڪيو آهي. انهن ڪاملن وٽ هڪ رات گهاري اچجي، انهن
جي ڄاڻ (گيان) هن سنسار ساگر جي لهرن ۾ تُرهي جيان
تاريندي.
شاهه لطيف جي سُر کاهوڙيءَ ۾ گنجي ٽڪر تي ڪن چيريل ڀڀوت لاتل
جوڳين جو ئي ذڪر آهي. جن جي سنگ ۾ شاهه صاحب
هنگلاج ۽ ٻين پاڪ آستانن جي زيارت ڪئي هئي. نالي
۾ ته اهو ٽڪر گنجو آهي، پر جڏهن برسات پوندي هئي،
ته گنجي ٽڪر کي گلزار بڻائي ڇڏيندي هئي. سڄو پهاڙ
سائو ٿي پوندو هو، ڄڻ قادر پنهنجي قُدرت سان اُن
گنجي کي ڪنوار جيان سجايو هجي، جنهن جي ڪناري وٽ
حضرت عبدالرحمان سرهندي ۽ شاهه ڇتي جون تربتون به
هيون. گڏوگڏ گنجي ٽڪر جي ڏاکڻيءَ پڇاڙيءَ وٽ ميٽ ۽
ميٽوري نڪرندي هئي.
حيدرآباد ۾ ٻيا به ڌرمي آستان هئا، جن ۾ گريد صاحب جي درٻار
نامياري هئي. قلعي جي اُتر واريءَ حافظ گهٽي ۾
بيراڳي سمپردايه جو اڍائي سئو سال پراڻو شري
رامچندر جو مندر هو. جنهن ۾ جيڪا به ڀيٽا يا آمدني
ٿيندي هئي. سا يتيمن، وڌوائن ۽ محتاج سفيد پوشن جي
سيوا ۽ سهائتا لاءِ ڪم ايندي هئي. هن مندر کي ميرن
به ڪجهه پروانا ۽ بخششون ڏنيون هيون.
هوڏانهن، ٽنڊوالهيار ۾ آڳاٽا مندر هئا، جن مان
مکيه هو رامڏيو جو. ميگهواڙن ۽ اوڏن جو ديوتا
رامڏيو آهي. انهيءَ مندر ۾ هن جي جيڪا شاهي
سنگمرمر جي مورتي آهي، تنهن ۾ هو نيري گهوڙي تي
سوار آهي ۽ پيرن ۾ هڪ دئيت پيو اٿس. تاريخ موجب هو
مارواڙ جي پوڪرڻ رياست جي راجا اجمل جو پٽ هو. هو
وڏيءَ سمرٿي وارو سُڌ پرش هو ۽ خاص ڪري گهٽ ذات
وارن سان جيڪا بيرحميءَ ۽ نفرت جي هلت هلي ويندي
هئي، تنهن جو هن ڪامياب مقابلو ڪيو، جو سنڌ ۽
مارواڙ ۾ ڇوئا ڇات جي پاڙ پٽيائين. هن جي سرڳواس
ٿيڻ کان پوءِ کيس ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا. |