سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :49

 کاڌو، اَجهو ۽ ڪپڙو

تڏهوڪي وقت کاڌي ۽ زندگيءَ جي ٻين ضرورتن جي گهڻائي هئي، ۽ شين جون قيمتون گهٽ هيون. چوپايو مال گهڻو هو، ۽ عام رواجي ماڻهو وٽ به ٻه چار وهٽ هوندا ئي هوندا هئا. حيدرآباد ۾ هڪ هاري وٽ ”آسائشي حالتن ۾........... اَٺ جوڙا، ڍڳن جا، هڪ گهوڙو، هڪ ڳئون ۽ هڪ گابو، هڪ مينهن ۽ پندرهن – ويهه  ٻڪريون هونديون هيون...........“ مکيه زميندارن مان ڪي زرعي مال ۾ نهايت مالدار هوندا هئا، ۽ چوپائي مال جا سوين وهٽ وٽن هوندا هئا. کير جي پيدائش جي فراواني هوندي هئي” غريب توڙي امير کي مکڻ، ڏڌ، لسي ۽ کير عام جام ملندو هو. ۽ جيتوڻيڪ هاري جو کاڌو سادو ۽ غريباڻو هوندو هو، ته به کير جي پيدائش ۽ گوشت جي لحاظ کان ان دور جو عام رهواسي، اڄ جي عام ماڻهو جي ڀيٽ ۾ سُٺي حالت ۾ هو.

ڊچ مؤرخ پيلز رٽ ٻُڌائي ٿو ته، ” سنڌين جو روزانو کاڌو، هڪ ٿُلهي باجهريءَ جي اٽي جي ماني آهي، جنهن ۾ لوڻ ذرو ۽ پاڻي گڏي، چڱي طرح ڳوهي، مٽيءَ جي دانگيءَ تي اُن کي پچايو وڃي ٿو. پچائڻ کان پوءِ اُن تي مکڻ جو مک به ڏنو وڃي ٿو. رنگ ۾ سائيري، ۽ سواد ۾ بي مزي آهي. انهي کي ماڻهو گرمي پهچائيندڙ سمجهن ٿا، تنهنڪري سياري ۾ ماڻهن جو گهڻو گذران انهي تي آهي.“

انهيءَ ساڳئي سلسلي ۾ پرسٽنس لکي ٿو ته، ”سمورا ماڻهو جانورن جو گوشت کائين ٿا، مسلمان رڍن جي گوشت کان ٻڪريءَ جو گوشت وڌيڪ پسند ڪن ٿا. چانور، مڇي، يا جوئر جي ماني هيٺئين ۽ پورهيت طبقي جو مکيه کاڌو آهي. ڌنار ۽ رولو قبيلا کير، ڏڌ ۽ ’روٽ‘ تي گذران ڪن ٿا.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته، ” هتي هر قسم جو شڪار جام آهي......... سنڌين ۾ غريب طبقي جا ماڻهو خوش قسمت آهن، جو کين گذران جا ٻه ذريعا- مڇي ۽ جهنگلي پکي – عام جام حاصل آهن، جن سان درياءَ، ڍنڍون ۽ تلاءَ ڀريا پيا آهن. ملڪ ۾ جتي جتي به پاڻي گهڻو آهي، اُتي انهن پکين جا ولرن جا ولر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ ماڻهو انهن پکين کي ڦاسائڻ ۾ نهايت قابل ۽ ڪاريگر آهن؛ ۽ مختلف قسمن جي مڇي هر موسم ۾ ايتري ته گهڻي ۽ فراوان آهي، جو انهيءَ کي شمار ڪرڻ ناممڪن آهي........ ڳوٺاڻا به پکي جام پالين ٿا، ۽ انهن کي نهايت سستو خريد ڪري سگهجي ٿو؛ مسلمان انهن پکين کي کاڌي طور گهڻو استعمال ڪن ٿا.“

اڄ تائين هتي جا ماڻهو ويشنو (گوشت کان پرهيز ڪندڙ) نه آهي؛ پر جيئن ته زراعت ۽ پوک انهن ايراضين تائين پهچي ويئي آهي، جيڪي اڳي ٻيلن ۽ جهنگ جهر سان ڍڪيل هيون، انهي ڪري گهڻو شڪار هاڻ ختم ٿي ويو آهي. ٻهراڙين ۾ مڇي به هاڻي گهٽ ٿي ملي، ۽ ملڪ ۾ غريب ماڻهو مهيني ۾ ٽن چئن ڀيرن کان وڌيڪ گوشت کائڻ جو خرچ ڀري نٿو سگهي، يا وري ڳوٺاڻا پاڻ ۾ گڏجي، ڪا ٻڪري، گابو يا رڍ ڪُهن، تڏهن وڃي کين ڪو گوشت نصيب ٿئي ٿو.

مقامي هاري، هينئر ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا ماني کائي ٿو. هن جي ’نيرن‘ ۾ ڪڻڪ، جوئر يا ٻاجهر جو مکڻ سان مکيل ماني ۽ لسي جو وٽو هوندو آهي. ٻپهريءَ يا ’منجهند‘ جو اها ساڳي ماني ۽ لسي ۽ ان سان گڏ ٿوري دال يا ڀاڄي کائي ٿو. رات جو کاڌي ۾ کير سان ماني کائيندو آهي. ڪنهن عيد براد يا ٻئي ڪنهن ڏڻ ملهائڻ تي، وڏي گوشت يا ريڍي گوشت يا ڪڪڙ سان چانورن جو پلاءَ، ۽ ان سان گڏ مٺائي يا ڳڙ نصيب ٿيندو اٿس.

ماڻهن جو مٿيون طبقو البت قيمتي کاڌو کائيندو هو؛ گوشت ۽ مڇي گھڻي انداز ۾ کاڌي ويندي هئي؛ ۽ پلائن جا ڪيترائي قسم کاڌا ويندا هئا. مٺايون ۽ ميوو عام جام ملندو هون. رچرڊ برٽن لکي ٿو ته، ”شاهوڪار ماڻهوءَ لاءِ مختلف اناجن مان، يا مختلف طريقن جي پچائڻ سان اٽڪل پندرهن قسمن جا ’روٽ‘ (مانيون) تيار ٿيندا هئا؛ ۽ مکڻ لڳل ٽوسٽ وانگر، مٿن ٿلهي ناسي رنگ جي کنڊ ٻُرڪي ويندي هئي. کير ۽ پاڻي قومي پيماني تي عام پيئڻ جون شيون آهن، پر انهن کي ملايو نٿو وڃي. لذيذ پلاون ۾ ايراني طرز سان تازي توڙي سڪل مڇي، گوشت، ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻيون مزيدار شيون ملايون وينديون آهن.“ هو ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ”سنڌين جو طعام خانو، ايراني ۽ هندستاني نمونن جو ميلاپ آهي. هندن جي کاڌي ۾ رڳو چانور ۽ ڀاڄين جو مارو هجي ٿو؛ پر هر طعام گيهه منجھ جھٻيل هوندو آهي؛ مٺايون ايتريون مٺيون آهن، جو جھٽ کائڻ کان دل کڄيو وڃي؛ ۽ مرچ مصالحا به ايترا گھڻا ٿا وجھن جو تارون جو سواد ئي خراب ٿيو پوي..... هتي ڀُڳل ڪارا تتر ۽ ڀُڳل واڱڻ پڻ هاڻي پچايا وڃن ٿا...“

عام ماڻهن جا گھر نهايت سقيم قسم جا هئا. اهي گھر، مٽي ۽ ڪکن ڪانن منجھان ٺهيل جھوپڙا هئا، ۽ سڀني غريب ماڻهن جا گھر هڪ ئي ڍنگ ۽ نموني جا هئا. پيپلز رٽ چوي ٿو ته، ”ماڻهن جا گھر ڪکائين ڇت سان مٽي مان جڙيل آهن. پيئڻ ۽ رڌ پچاءَ جي پاڻي رکڻ لاءِ ٻن ٽن مٽي جي ٿانون ۽ ٻن بسترن کانسواءِ، وٽن گھرو سامان  ورلي ڪو آهي: ٻن بسترن مان هڪ زال لاءِ، ته هڪ مڙس لاءِ هوندو آهي؛ بستري ۾ اوڇڻ به گھٽ اٿن- هڪ يا ٻه چادرون، جن مان هڪڙي هيٺيان ته ٻي مٿان، اهو آهي سندن بسترو.“ مانريق به ساڳيو احوال لکي ٿو: ”ماڻهو گھڻو ڪري ڪکائن ڇتين سان، مٽي مان ٺهيل جھوپڙن ۾ رهن ٿا. پنهنجي گھرن کي نهايت صاف سٿرو رکن ٿا، ۽ هر ٿوري وقت کان پوءِ پَٽَ ۽ ڀِتين کي، ڇيڻو گڏيل مٽي جو ليپو ڏيندا رهن ٿا.“

ڊاڪٽر سورلي جي انهي راءِ تي عجب ٿو لڳي، ته جيئن سنڌ ۾ عمارت سازي جو پٿر گھٽ دستياب ٿئي ٿو، تنهن ڪري عمارت سازي جو فن جو ڪو نادر مثال ملڻ اجايو آهي! پر حقيقت هي آهي ، ته هندستان ۾ سنڌ پهريون صوبو آهي، جنهن بهترين قسم جون پڪل سرون پيدا ڪيون آهن، جن جا بهترين يادگار اڃا تائين موئن جي دڙي، برهمڻ آباد يا الور جي قديم آثارن ۾ ڏسي سگھجن ٿا ۽ ڪلهوڙن جو قلعو ( حيدرآباد) ۽ ميرن جا قبا اسان کي هن فن جي ڪمال جي ياد ڏيارن ٿا....... ڊاڪٽر سورلي اڳتي تسليم ڪري ٿو ته، ”ڀائنجي ٿو عمارتن  جي معيار ڪِري پوڻ لاءِ ڪجھ ٽالپر جوابدار آهن.“

پر عمارت سازي جي معيار ڪِري پوڻ جا اهڃاڻ ٽالپرن جي دور کان به اڳ واري دور ۾ به ملي سگھن ٿا، ڇو ته پوين ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ جيڪي ٽالپرن جا پيش رو حاڪم هئا، سنڌ جو آخري تختگاهه، ڪلهوڙن جو ٺهرايل حيدرآباد جو شهر، ڪرنل ڪيٿ جي لکڻ موجب ”رڳو غليظ مٽي جي جھوپڙين جو مجموعو هو.“ ساڳي طرح پوسٽنس جي چوڻ موجب ” شهر جي اندرين حصي جهڙي ٻي ڪنهن غليظ جاءِ جو تصور ڪرڻ ناممڪن آهي. ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ته خود حاڪمن جا محل به خوشنما ڪين هئا، ۽ سندس دولت، مرتبي ۽ طاقت جي منهن تي ئي ڪين ٿي پيا. هينري پاٽنجر اسان کي ٻڌائي ٿو ته، ”ٽالپر اميرن جا گھر اندرئين پاسي، نظاري توڙي تعمير جي لحاظ کان نهايت ئي تڇ آهن، ۽ سموري  محل جو هڪ به ڪمرو اهڙو نه آهي، جنهن جي ڊيگھ ٽيهن فٽن کان مٿي هجي. دريون دروازا گھڻو ڪري عام قسم جي تختن مان ٺهيل آهن، جن کي ڪڏهن ڀلجي به ڪڏهن رنگ روغن نه هنيو ويو آهي ۽ گھرو ساز توڙي سامان ته نهايت ئي اڍنگو آهي.“

پوسٽنس ٻڌائي ٿو ته، عام ماڻهو مٿي تي اٽڪل ڏهن والن جو ’پٽڪو‘ پائي ٿو، ۽ بدن تي ويڪري قميص، ۽ اڪثر نيري رنگ جي جھوليدار ’شلوار‘ يا سٿڻ ڍڪي ٿو؛ پنهنجي پوشاڪ کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ، ۽ خاص ڪري سياري ۾، هو هڪ ٿلهي رنگين چادر ڍڪي ٿو، جيڪا هن کي سردي کان بچائي ٿي، ۽ سندس ڪيتريون ڪمزوريون لڪائي ٿي. غريب ماڻهو پنهنجي ئي ڳوٺ جتي يا گھيتلي جو ڪڏهن ڪڏهن استعمال ڪري ٿو، جيڪو ٿلهو ۽ کهرو هوندي به مضبوط ۽ جٽادار آهي. جڏهن ته رڇرڊ برٽن جو چوڻ آهي، ته هڪ سنڌي عورت جي پوشاڪ ۾ عام طور تي ٽي شيون هونديون آهن: پَڙو، ڪنجري- جيڪا ڇاتي ڍڪي، ڳچي ۽ ٻانهن هيٺيان ورائي ٻڌي ڇڏبي آهي ۽ جنهن ۾ ٿورڙي پُٺ کليل رهندي آهي- ۽ گندي جنهن کي مٿي تان ورائي اوڍبو آهي.

اميرن جي پوشاڪ هونئن ته عام ماڻهو جي پوشاڪ جھڙي هئي، پر پوشاڪ ۾ ڪم آيل مال جي قيمت ۽ مُلهه جو وڏو فرق هو. ڊاڪٽر برنس اسان کي ٻُڌائي ٿو، ته درٻار ۾ ننڍن شهزادن ۽ اميرن جي لباس منجهان سندن پوشاڪ جو سُٺو ذوق بکيو پئي ۽ گهڻو ڪري سڀ نهايت خوبصورت پوشاڪن ۾ ملبوس هئا........ حاڪمن ۽ سندن درٻارين جي پوشاڪ ۾ گهڻو ڪري هي شيون هونديون هيون:  هڪ اڇي ڪيمخواب جو صفائي سان ۽ سهڻو تيار ڪيل ڊگهو چوغو؛ هڪ ويڪري ريشمي شلوار، جنهن کي مُرن  وٽ ٻڌي ڇڏبو هو، ۽ گهڻو ڪري گهري آسماني رنگ جي هوندي هئي، هڪ گلابي رنگ جي يورپي ريشم جي صدري، جنهن تي سون يا چانديءَ جو ڪم ٿيل هوندو هو، ۽ ڊگهي گول ٽوپي، جيڪا ڪجهه ڊگهي ٽوپلي جهڙي لڳندي هئي ۽ سون جي ڪم سان ريشمي ڀرت ڀريل ڪيمخواب جي ٺهيل هوندي هئي؛ هڪ ڪمربند، جنهن تي ريشم ۽ سون جو ڪم ٿيل هوندو هو، ۽ هڪ ڪشميري شال، جيڪا عام طور تي اڇي رنگ جي هوندي هئي، ۽ اڇاتري ڪُلهي تي ورايل هوندي هئي....... سندن لباس جو پوراءُ هڪ ايراني خنجر يا تلوار سان ٿيندو هو، جيڪا ڪمربند سان ٻڌل هوندي هئي ۽ جنهن تي هيرا جواهر جُڙيل هوندا هئا.

تفريح ۽ وندر

هتي تفريح ۽ وندر جون شيون غريب توڙي امير، شاهه توڙي هاري، ٻنهي لاءِ گهڻو ڪري ساڳيون هيون. معاشري جي مختلف درجن ۾ انهن جون صورتون مختلف هيون. شڪار، ملهه، پتنگ بازي يا لغڙ اڏائڻ، ڪڪڙ ويڙهائڻ، گهوڙي ڊوڙ، شرطون، شطرنج، ڍارو، تاس ۽ ٻيون اهڙيون رانديون، ۽ سڀ کان وڌيڪ راڳ، ناچ ۽ شراب لاءِ پيار – اُهي هيون مقامي ماڻهن جون مخصوص تفريحون.

ليفيٽننٽ ليچ ٻُڌائي ٿو، ته ماڻهن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هڪ فطري ذوق ۽ شوق هو. مقامي شهزادن ۽ خاص ڪري ٽالپرن ڪافي خرچ ڪري شڪارگاهون قائم ڪيون هيون، اُهي جڏهن اهڙي شڪار تي ويندا هئا، تڏهن آسپاس جي سمورن ڳوٺن مان ماڻهن کي مدد لاءِ گهُرائيندا هئا. انهن جي شڪار جي موقعن تي ڪڏهن ڪڏهن ته ڇهه ڇهه سئو ماڻهو پويان هوندا هئا............. رچرڊ برٽن چوي ٿو ته، ٻيلن جي هڪ پاسي ٽالپر سردار وڃي مورچو جهلي ويهندا هئا، ۽ باقي پاسن کان سڄي ميدان کي ماڻهو گهيري ڇڏيندا هئا، پوءِ باجن، دُهلن ۽ شرنائين وڄائڻ ۽ ٻين طريقن سان جانورن کي هڪلي موت جي پنجوڙ ۾ اُماڻيندا هئا، جتي شهزادا مٿن بندوقن جا فائر ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪُتا ساڻ آڻيندا هئا، جيڪي جانورن کي ڇيڙي پنهنجي چُرن مان ٻاهر ڪڍندا هئا.

ناٿن ڪرو اسان کي ٻُڌائي ٿو ته، سنڌ جا شهزادا غير معمولي ويڪرا ۽ ٿُلها مڙس هئا، ايتريقدر جو سردارن ۽ ڪامورن مان ڪيترا ته يورپ جي ڪنهن به ڪرسي جي ماپ کان نهايت وڏا هئا. ٿولهه کي ”عظمت جي نشاني يا امتياز“ سمجهيو ويندو هو، ۽ ان لاءِ هنن ۾ هڪ خاص چاهه هوندو هو......... ٽالپر سردارن کي اهڙين ٻاهرين مشغولين لاءِ ڪا به دلچسپي ۽ شوق نه هوندو هو، جنهن ۾ جسماني مُشقت هجي، کائڻ پيئڻ جي شوق تي گهڻو ڌيان هوندو هو، ۽ جيتوڻيڪ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ٽالپر حاڪم پيئڻ جون نشيدار شيون هرگز ڪين واپرائيندا هئا. پر درٻارين ۽ اميرن کي هر انهي نشيدار شيءِ جي علت هوندي هئي، جيڪا دماغ ۽ بدن کي بيحواس ۽ ڪمزور ڪري ڇڏي.

هتي سردارن ۽ جاگيردارن طرفان ناچو ڇوڪرين جي چڱي سرپرستي ٿيندي هئي، ۽ گهڻو ڪري هن وڏي شهر ۾، انهن ”ڌنڌوڙي ناچڻين“ جو چڱو انگ موجود هوندو هو. انهي قسم جي تفريحن تي ڪافي ناڻو ۽ وقت خرچيو ويندو هو.......... هاري ۽ ٻيا عام ماڻهو به ساڳئي قسم جي هلڪين تفريحن ۾ پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندا هئا ۽ انهي قسم جي وندر جو موقعو خاص ڪري عام جلسن، جشنن ۽ خاص ڏڻن تي حاصل ٿيندو هون.

مسلمانن لاءِ ٻه وڏا ڏڻ رمضان جي ۽ ٻاڪري عيد جا هوندا هئا، ۽ هندن لاءِ هولي ۽ ڏياري انهن کان سواءِ مهيني جو پهريون جمعو ۽ سومر به ڀلارا ڏينهن سمجهيا ويندا هئا، جو ماڻهو انهن ڏينهن تي به تفريح ۽ درگاهن جي زيارت ڪرڻ ۾ گذاريندا هئا.......... مسلمان پنهنجي خوشيءَ جي ڏينهن ملهائڻ وقت پُڄنديءَ آهر پنهنجا بهترين ڪپڙا پائيندا هئا، ۽ کاڌي پيتي، شراب، راڳ ۽ ناچ ۾ پاڻ وندرائيندا هئا. هندو پنهنجو هوليءَ جو ڏڻ رنگ ۽ دعوتن سان ملهائيندا هئا.......... اُهي هڪ ٻئي کي رنگن سان رنگين ڪري، هر قسم جي کاڌي پيتي جون محفلون ۽ دعوتون ڪندا هئا: ڏياري به خاص خوشيءَ جو ڏڻ هون- هر هنڌ ڏيئا ٻاريا ويندا هئا، ۽ ماڻهو سڄو ڏينهن کل خوشيءَ ۽ واڌاين ۽ سوکڙين ڏيڻ وٺڻ ۾ گذاريندا هئا.

ميلا (ملاکڙا)، جيڪي وڏي انگ ۾، هر هنڌ لڳندا هئا، سماجي لڙهه وچڙ ۽ تفريح جو وڌيڪ موقعو ميسر ڪندا هئا. هاري ميڙي ۾ گهڻو ڪري مال وٺڻ ۽ وڪڻڻ جي مقصد سان ويندو هو. پر ڏينهن جي ڪم ڪار ختم ڪرڻ کان پوءِ حياتيءَ جي ڪجهه لطف وٺڻ ڪاڻ تيار ٿيندو هو. ۽ ڀنگ جي گلاس يا ٻي ڪنهن نشيدار شيءَ جو وزم هڻي پاڻ وندرائيندو هو. پوءِ يا ته تاس جي راند، ڍاري يا ٻئي ڪنهن قسم جي شرط، ڪُڪڙن جي ويڙهه وغيره ۾ وڃي حصو وٺندو هو، يا ته وري ملاکڙي ۾ وڃي ملهون ڏسي پاڻ وندرائيندو هو......... انهن ميلن ۾ راڳ ۽ ناچ به هوندا هئا، ۽ ٻارڙن جي وندر جو سامان به هوندو هو. اڻ سُڌريل، چيچاٽ ڪندڙ هٿ سان هلندڙ چوڏولن ۾ ٻارن لاءِ ڏاڍو مزو مچندو هو، ۽ خود وڏا به ڪڏهن دل پئي انهن ۾ چڙهي چڪر هڻندا هئا. (20)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org