عيد نماز ۾ انگريزن خلاف ٺهراءُ ۽ قاضيءَ جي تبديلي
رمضان المبارڪ ۾ عيدالفطر کان ڪجهه اڳ، مسٽر گبسن ڪليڪٽر
حيدرآباد کي اطلاع ڏنو ويو ته ماڻهو عيد جي نماز
کان پوءِ انگريزن خلاف ٺهراءُ پاس ڪرڻ چاهين ٿا.
جنهن تي گبسن هڪدم حڪم ڏنو، ته عيدگاهه ڇانوڻي جي
علائقي ۾ آهي، تنهنڪري انگريزن خلاف جيڪو به زبان
مان هڪڙو لفظ ڪڍندو، تنهن کي گرفتار ڪيو ويندو.
خلافت تحريڪ جا حامي مجبور ٿيا ته شاهه محمد مڪي
جي ميدان ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي وڃي. پر ابراهيم
شاهه، جيڪو حيدرآباد جو قاضي ۽ امن سڀا تحريڪ جو
سرگرم ڪارڪن هو، تنهن جي ڀاءُ محمود شاهه اعتراض
ڪيو ته اها جاءِ نماز لاءِ مناسب نه آهي.
نيٺ قدم گاهه ۾ نماز عيد جو فيصلو ٿيو. امامت اسدالله شاهه
ٽکڙائي ڪئي. تڏهن مسلمانن قاضي ابراهيم شاهه جو
بائيڪاٽ ڪيو ۽ علامه اسدالله شاهه کي شهر جو قاضي
مقرر ڪيو ويو.
حيدرآباد لڳ لاهور ميل جو حادثو
1941ع ڌاري پير صاحب جي گرفتاريءَ تي حُر جماعت زور شور سان
تحريڪ شروع ڪري ڏني، جن ۾ پوليس آفيسرن جا قتل،
خون، ڌاڙا، ٽرينون ڪيرائڻ وغيره شامل هو. هنن
اڏيرو لال جي ڀر ۾ لاهور ميل کي ڪيرائي وڌو. جنهن
۾ ڪيترن آفيسرن کان سواءِ سنڌ جي وڏي وزير سر غلام
حسين هدايت الله جو پُٽ به هو. هن حادثي ۾ چوويهه
ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻه سئو کن ماڻهو زخمي ٿي پيا.
انهيءَ زماني ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر ۽ ڊسٽرڪٽ
مئجسٽريٽ مسٽر ميرچنداڻي هو. جڏهن هي حادثو ٿيو ته
حيدرآباد ۽ نوابشاهه جون سياسي ۽ سماجي جماعتون
پنهنجا پنهنجا ڪارڪن موڪلڻ لڳيون، جن ۾ ڪانگريس،
خاڪسار ۽ مسلم ليگ کان سواءِ حيدرآباد ۽ نوابشاهه
جا ڀنگي به شامل هئا.
ٻين سياسي ڪارڪنن سان گڏ خاڪسار تحريڪ جا پنجاهه کن ڪارڪن به
اتي پهتا، جن جو سالار محمد حفيظ قريشي وڪيل هو.
جيڪو پوءِ جيئي سنڌ تحريڪ جو مکيه اڳواڻ ٿيو. سخت
گرميءَ هئڻ ڪري جاءِ واردات تي لاشن ۾ سخت بوءَ ٿي
وئي هئي. ايتريقدر جو ماڻهو ميلن تائين ان بوءَ
کان متاثر ٿي رهيا هئا. مسلم ليگي ڪارڪن ۽ ڀنگي به
ميدان ۾ ڇڏي ويا. باقي رڳو خاڪسار ۽ ڪجهه ڪانگريسي
ڪارڪن هئا. ڪانگريسي ڪارڪنن ۾ زالون به هيون. جيڪي
پڇاڙي تائين لڳاتار خدمت ۾ شريڪ رهيون ۽ هنن نڪ تي
رومال به نه رکيو. حادثي ڪري ٽرين جي پٽڙي تباهه
ٿي چڪي هئي.
لاشن کي حيدرآباد ۽ نوابشاهه روانو ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ لاشن کي
غسل ۽ ڪفن ڏنو ويو، ۽ اميد ڀريو پير ڪينٽونمينٽ جي
قبرستان ۾ دفنائڻ لاءِ سڀني لاشن کي جلوس جي صورت
۾ کنيو ويو. ڪانڌين اڃان اڌ پنڌ مس ڪيو هوندو، ته
سخت برسات ۽ طوفان شروع ٿي ويو، ۽ سخت سيءَ جي لهر
لڳڻ شروع ٿي. جنهن ڪري اڪثر ڪانڌي ڀڄي ويا ۽
خاڪسارن ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن قبرستان پهچي پاڻ هٿن
سان قبرون کوٽي لاش دفن ڪيا.
هوڏانهن هندو لاشن جي مساڻن ۾ ڪرياڪرم جاري هئي..... مريضن جي
خدمت ۾ فرشته سيرت انسان ڪاڪو هريسندر، جيڪو هڪ
ادبي ماڻهو هو، سو به هن ڪم ۾ شريڪ هو ۽ شاهوڪارن
کان ميوو، دوائون ۽ ٻيون ضرورت جو سامان وٺي ايندو
هو، ۽ ورهائيندو هو. ڪاڪو هريسندر وڏو سخي مرد هو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ڪافي وقت حيدرآباد ۾ رهيو
۽ ادبي ۽ سماجي خدمت سرانجام ڏيندو رهيو. هو وڏن
ڏينهن تي پيسا گڏ ڪري جيلن، اسپتالن ۽ چرين جي
اسپتال ۾ ميوو ۽ کاڌا کڻي پهچائيندو هو. نيٺ، هو
مايوس ٿي، هندستان هليو ويو.
پير صبغت الله شاهه راشدي جي گرفتاري ۽ حيدرآباد جيل ۾ شهادت
سنڌ ۾ پهرين جون 1942ع تي حڪومت اوڀرندي سنڌ جي سورهن هزار چورس
ميل پکيڙ واري علائقي ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو.
سنڌونديءَ جي ڏائي ڪناري تي رات جو ريل گاڏيون هلڻ
بند ٿي ويون. هوائي جهازن ۽ ٽئنڪن سان ٽيهه هزار
فوجين کي سنڌ جي علائقن ۾ متعين ڪيو ويو. مارشل لا
لاڳو ٿيڻ کانپوءِ حالتون هڪدم ڦري ويون. نئين
قانون موجب بغاوت ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ تي غداري ۽
بغاوت جو الزام مڙهي پيو سگهجي. جنهن جو ڏوهه موت
جي سزا هئي ۽ جيئن ته استغاثه جا گواهه هاڻي آفيسر
۽ حڪومتي عملدار ٿي پيا سگهن. ان ڪري سزا کان ڪوبه
بچائي نه پيو سگهي. نيئن قانون موجب آگسٽ 1942ع ۾
پير صاحب خلاف هڪ ”مضبوط ڪيس“ ٺاهيو ويو. ڪنهن
ٻيءَ ڪارروائيءَ کي بيڪار چوندي رد ڪيو ويو. 1943ع
جي شروع ۾ پير صبغت الله کي سنڌ واپس آڻي حيدرآباد
سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو ۽ مٿس انڊين پينل ڪوڊ
جي فقري نمبر اي (2) هيٺ، ’انگلينڊ جي بادشاهه
خلاف جنگ ڪرڻ جي سازش سٽڻ‘ تحت ڪيس هلايو ويو،
جنهن جو مطلب اهو هو، ته مارشل لا جي ضابطي مطابق
انهيءَ ڏوهه جي وڌ ۾ وڌ سزا موت هئي. ۽ حڪومت جي
مقرر ڪيل جج پنهنجي اڳواٽ ڪيل فيصلي مطابق مارشل
لا ڪورٽ طرفان پير صاحب پاڳاري کي ڦاسيءَ جي سزا
ٻڌائي وئي ۽ 20 مارچ 1943ع تي کيس سينٽرل جيل ۾
ڦاسي ڏني وئي. پير صاحب جو وڪيل مسٽر ڏيئل مل هو.
شهادت کانپوءِ سندس مڙهه کي سنڌ کان پري ڪنهن
اڻڄاتل جڳهه تي دفن ڪيو ويو، ته جيئن ان جو مرقد
درگاهه نه بڻجي وڃي.
هوڏانهن برطانوي حڪومت طرفان پڪڙيل حُرن کي يا ته موقعي تي
فائرنگ ڪندي ماريو ويو يا ڪن کي جيلن ۽ لوڙهن
(ڪيمپن) ۾ واڙيو ويو. حُرن کي ٻارن ٻچن سوڌو جهلي
جيلن ۾ بند ڪيو ٿي ويو، جتي سوين ٻار ۽ ٻڍا بک ۽
بيماري جو تاب نه سهي مري کپي ويا. حيدرآباد
سينٽرل جيل ۾ انيڪ حُرن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو، ۽
مٿن هڪ طرفو ڪيس هلائي ڪيترن ئي بيگناهه ماڻهن کي
ڦاسيءَ چاڙهيو ويو.
اپريل 1942ع ۾ سنڌ اسيمبلي قانون منظور ڪيو ته 1890ع جيان حرن
کي ”لوڙهن“ ۾ بند ڪيو وڃي. جنهن تي عمل ڪندي سنڌ
جي ٻين شهرن جيان حيدرآباد ۾ پڻ سوين گرفتار حرن
کي سينٽرل جيل جي اُتر پاسي کُليل ميدان ۾ لوڙهن ۾
بند ڪيو ويو. جنهن تي پوءِ حر ڪيمپ جو نالو پئجي
ويو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، انهيءَ هنڌ حيدرآباد
انتظاميا طرفان عيسائي آبادي کي ورسايو ويو. اها
ڪالوني هينئر به حُر ڪئمپ جي نالي سان مشهور آهي،
۽ يونين ڪائونسل 4- تعلقي قاسم آباد ۾ واقع آهي.
جڏهن ته جن حُرن کي مٿين ڪيمپ ۾ واڙيو ويو هو، تن
کان جيل عملدار واهه کوٽائڻ جا ڪم به وٺندا هئا ۽
کانئن سرڪاري رٿائن جي اڏاوت وارو ڪم پڻ ورتو
ويندو هو.
”انگريزو! هندستان ڇڏي وڃو“ هلچل ۾ حيدرآباد جو حصو
1942ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس ”هندستان ڇڏي وڃو“ جو ٺهراءُ پاس
ڪري سول نافرماني شروع ڪري ڏني. سڄي هندستان ۾ وڏي
پيماني تي گرفتاريون شروع ٿيون، حيدرآباد ۾ به هي
سلسلو شروع ٿيو.......... پوليس جو انچارج
ڪانگريسي ورڪرن تي، جيڪي گهڻو ڪري اسڪول ۽ ڪاليج
جا شاگرد هئا، ڏاڍي مارڪٽ ڪئي، ۽ بيدرديءَ سان
جيئن ٿي آيس، تيئن پئي غريبن کي
ماريائين............ هن سپاهين کي به شاگردن کي
مارڪُٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر هنن اهڙو غيرقانوني حڪم
مڃڻ کان انڪار ڪيو. ڇو ته کين چيل هو ته مئجسٽريٽ
جي حُڪم کانسواءِ ڪنهن به شاگرد کي گرفتار ڪرڻو نه
آهي ۽ نه ئي مٿس تشدد ڪرڻو آهي.
ورهاڱو ۽ حيدرآباد مان لڏپلاڻ
1947ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ، سنڌ جي حڪومت، پنجاب ۽ ڪراچيءَ ۾
جهيڙن ۽ قتل عام ٿيڻ کانپوءِ، هندوئن کي ويساهه
ڏياريو ته صوبي ۾ امن برقرار رکيو ويندو. پر
هنگاما وڌندا ئي ويا ۽ نومبر 1947ع تائين ٻه لک
چوئيتاليهه هزار سنڌي هندستان هليا ويا؛ خاص ڪري
ڀاڙي تي ورتل جهاز ۽ ريل گاڏيون هلايون ويون، پر
منجهن سمورن خواهشمندن لاءِ گنجائش نه هئي.
فيبروري 1948ع ۾ صوبائي حڪومت هڪڙو ضابطو جاري
ڪيو، جنهن مطابق ملڪ ڇڏيندڙن کي انيڪ دستاويز پيش
ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو، جن مان اهو ثابت ٿئي ها
ته انهن وٽ مسلمانن جي گروي رکيل قيمتي شيون، مٿن
بئنڪن جو ۽ نجي قرض نه آهي. زميندارن توڙي هارين
کي وڏا گهريلو جانور پاڻ سان گڏ وٺي اچڻ جي منع
ڪئي وئي، ۽ مقامي ماڻهن کي سنڌي هندوئن جي ڇڏيل
ملڪيتن کي وٺڻ کان منع نامو جاري ڪيو ويو. نيٺ
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾، سنڌي هندوئن جو انگ
پنجويهه سيڪڙو مان گهٽجي چار سيڪڙو رهجي ويو.
ضلعي حيدرآباد جي 1931ع ۾ آدم شماري ڇهه لک ٻاهٺ هزار 924 ماڻهن
تي مشتمل هئي، جنهن ۾ 1941ع تائين اضافو ٿيندي اهو
انگ ست لک اٺونجاهه هزار 748 تي پهتو. ٻئي پاسي،
پنجانوي سيڪڙو گهٽي وڃي ڏهه هزار 135 تي پهتو.
جڏهن ته 1951ع جي آدمشماري مطابق حيدرآباد جي ڪُل
آبادي ٻه لک ايڪتياليهه هزار هئي، جنهن ۾ هندستان
کان لڏي آيل پناهگيرن جو انگ هڪ لک سٺ هزار هو،
يعني انهن جي آبادي ڇاهٺ سيڪڙو وڃي بيٺي. اهڙي
ريت، حيدرآباد جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، ڏهن سالن
جي عرصي ۾ مقامي سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ گهٽجي
ويو ۽ پناهگيرن جو انگ وڌي ويو. هوڏانهن 1947ع ۾
حيدرآباد ۾ کاڌي پيتي جي شين، ڪپڙي، کاڌي، ٿانو
ٺاهڻ، شيشو، مُصلا، رڱائي، ڪاشي، سون، چاندي ۽
جڙاوت توڙي زري جي ڪم جا اٽڪل 151 ڪارخانا قائم
ٿيل هئا، پر 1948ع انهن جو انگ گهٽجي وڃي اُڻهٺ
بيٺو. جنهن ۾ ساندهه گهٽتائي ايندي وئي، نيٺ 1957ع
۾ وڃي اهو انگ چوويهن تي پهتو. جنهن ڪري شهري توڙي
ڳوٺاڻي بازار ۾ کاڌي پيتي جي ڪيترن ئي شين جي
ساندهه کوٽ ۽ سندن قيمتن ۾ واڌارو ٿيندو رهيو.
سنڌ يونيورسٽي ٺاهڻ جي منظوري
1946ع ۾ سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي سنڌ يونيورسٽي جي منظور ڏني.
1947ع ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي. جنهن جو پهريون
وائس چانسلر ڪي. بي. حليم هو. ڪراچي وفاقي حڪومت
حوالي ٿيڻ کان پوءِ، 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي کي
حيدرآباد ۾ هاڻوڪي اولڊ ڪئمپس واري جاءِ تي منتقل
ڪيو ويو، جتان پوءِ 1961ع ڌاري سائنس جا سمورا
شعبا ڄام شوري ۾ منتقل ڪيا ويا، ۽ پوءِ به آرٽس جا
شام وارا ڪلاس هلندا رهيا. پر جڏهن سيد غلام
مصطفيٰ شاهه وائيس چانسلر ٿيو ته هن سمورن شعبن کي
ڄام شوري ۾ منتقل ڪرايو. تنهن هوندي به بي. ايڊ ۽
ايم. ايڊ جا ڪلاس اڃان به اولڊ ڪئمپس ۾ ئي هلن
پيا.
حيدرآباد ۾ پهريون سنڌي – پناهگير جهيڙو
1950ع ۾ ڏهين محرم تي عاشوري ڏينهن تي، ڪن شرارتي ماڻهن هُلايو،
ته سنڌي پناهگيرن جا ٻار اغوا پيا ڪن. جڏهن ماتمي
جلوس پوري شباب تي هو، ۽ بوهري بازار ۽ اسٽيشن روڊ
تان گذري رهيو هو، ته پناهگيرن ٻهراڙيءَ جي ڪجهه
ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي مارڪُٽ ڪئي، جنهن تي
پوليس فساد کي ٽارڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي
حراست ۾ وٺي چاوڙي ٿاڻي تي قابو ڪري ويهاريو.
پناهگيرن چاوڙي ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو. پناهگيرن جو
انگ هوريان هوريان ويو وڌندو، ۽ مطالبو ڪرڻ لڳا،
ته اهي سنڌي ماڻهو اسان جي حوالي ڪريو. پوليس هنن
جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هئي، جو هنن جي جان
جوکي ۾ هئي.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر آغا عبدالنبي،
ايس. پي ۽ ٻيا عملدار به پهچي ويا، جن ٿاڻي تي
پناهگير اڳواڻن کي گهرايو، انهن ۾ فيض محمد صندل ۽
حافظ مبارڪ علي شاهه خاص هئا. هن مامري ۾ انتظاميا
سخت نااهليءَ جو مظاهرو ڪيو، جو پوليس ٿاڻي ڏي
ايندڙ رستا بند ڪونه ڪيا ۽ ماڻهن کي اڳتي اچڻ ڏنو.
پوءِ مظاهرين لائوڊ اسپيڪر هڻي، اڳواڻن کان
تقريرون شروع ڪرائڻ شروع ڪري ڏنيون. مظاهري ۾ پنج
ڇهه هزار ماڻهو گڏ ٿي ويا، ۽ انهن ٿاڻي تي حملو
ڪري ڏنو، جواب ۾ پوليس پهرين لاٺي چارج ڪئي، ۽
پوءِ سڌي سنئين فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ شايد
ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ اٺ ڏهه ماڻهو گهائجي پيا.
پوءِ مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو. جن ۾ الهه بخش
قريشي ۽ مولانا عبدالقيوم ڪانپوري سميت ڏهه ڄڻا
شامل هئا. جن کي پوءِ پبلڪ سيفٽي ائڪٽ تحت چالان
ڪيو ويو. جڏهن ته مٿين واقعي جي سلسلي ۾ غلط
افواهه ۽ خبرون هلائڻ جي ڏوهه ۾ اردو زبان ۾
نڪرندڙ ”طوفان“ اخبار جو ڊڪليئريشن به رد ڪيو ويو.
سينٽرل جيل تي حملو
21 آڪٽوبر 1952ع تي آچر ڏينهن، حُر اڳواڻ محمد رحيم هڱوري جي
زال، پنهنجي هڪ سئو ساٿين جي اڳواڻي ڪندي سينٽرل
جيل حيدرآباد تي صبح سويل حملو ڪيو. هن پنهنجي
باندي مڙس کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام
ٿي رحيم هنڱوري تي ٻن ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو الزام
هو، ۽ ڪيس ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
هو ڦاسي جي انتظار ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ بند
هو، حُرن ۽ جيل انتظاميا وچ ۾ ٽي ڪلاڪ سانده گولين
جي ڏي وٺ ٿي. رحيم هنڱوري هڪ رسيءَ جي مدد سان ڀت
تي چڙهي ويو ۽ بجليءَ واري تار جو جهٽڪو کائي هيٺ
ڪري پيو. پوءِ هن جيل اندر لڪڻ جي ڪوشش ڪئي. پر
کيس گرفتار ڪيو ويو. نيٺ، ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان
پوءِ رحيم هڱوري کي ڦاسي ڏني وئي.
حيدرآباد ۾ ون يونٽ جو بل پاس ٿيڻ
بنگالين طرفان آباديءَ جي حيثيت سان اڪثريت صوبي هئڻ جي نالي
وفاقي حڪومت ۾ وڌيڪ ڀائيواري جي مطالبي کان پوءِ،
اولهه پاڪستان جي چئن صوبن کي ملائي ”ون يونٽ“
ٺاهڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، جيڪو نيٺ 14 آڪٽوبر
1955ع تي ٺاهيو ويو. ون يونٽ جو ٺهراءُ 11 ڊسمبر
1954ع تي سنڌ اسيمبليءَ، حيدرآباد جي درٻار هال ۾
پاس ڪيو ويو. اسيمبلي جي 98 ميمبرن ون يونٽ جي حق
۾ ووٽ ڏنو. جڏهن ته چئن ميمبرن پير الاهي بخش،
غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، شيخ خورشيد احمد ۽ عبدالحميد
جتوئي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. ون يونٽ جي حمايت ڪرڻ
لاءِ ڪهڙا ڪهڙا طريقا استعمال ڪيا ويا، ڪيئن
ميمبرن کي اغوا ڪيو ويو، ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ
جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. سا هڪ ڊگهي وارتا آهي.
بهرحال، سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي ون يونٽ
ٺهراءُ جي حمايت ۾ ڳالهائيندي چيو: اولهه پاڪستان
جي چئن صوبن کي ”ون يونٽ“ ۾ شامل ڪرڻ سان، انصاف ۽
عزت ڀريو ماحول جُڙندو........ اقتصادي ۽ سماجي
ڍانچي ۾ تبديلي ايندي ۽ سڄي قوم ۾ اتحاد توڙي
سلامتي پيدا ٿيندي...... جڏهن ته پير علي محمد
راشدي تقرير ڪندي چيو: جيڪڏهن اسين ونٽ يونٽ جي
مخالفت ڪنداسين، ته اسان کي نقصان پهچندو. ون يونٽ
ٺهڻ ۾ پاڪستان سان گڏ سنڌ جي پڻ ڀلائي آهي. جيڪڏهن
اسان ون يونٽ جي مخالف ٿينداسين، ته پوءِ پنجاب،
بهاولپور ۽ ٻين صوبن سان اهو اعلان جنگ ٿيندو.
هوڏانهن غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ون يونٽ جي مخالفت ۾ ڳالهائيندي چيو:
ون يونٽ جو ٺهراءَ اجايو آهي........ اهو عمل صوبن
جي خود مختياري ختم ڪرڻ برابر آهي........ ڇو ته
جڏهن ون يونٽ ٺهڻ سان سنڌ ئي نه رهندي ته پوءِ
زمين، نوڪرين، حق ۽ انصاف جي ڳالهه ڪيئن ٿي ڪئي
وڃي......... بهرحال، جيڪڏهن اسيمبلي ۾ عوام خلاف
ڪو به تڪڙو قدم کنيو ويو ته عوام ان کي ٺڪرائي
ڇڏيندو.
جڏهن ته پير بخش الاهي پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو: سنڌ جي عوام
جو خيال آهي، ته اڄوڪي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾
سنڌ کي ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويندو.......
پر جيڪڏهن توهان هروڀر پنهنجي ڏنڊي جي زور سان يا
ماڻهن کي جيلن ۾ وجهڻ سان يا پوليس جي زور تي،
جنهن جي پهري هيٺ اسان آهيون، ون يونٽ جو ٺهراءُ
پاس ڪرائيندا ته اهو ٺيڪ نه آهي.
حيدرآباد ۾ گيس
حيدرآباد جي شهرين کي 1956ع ڌاري گيس جي سهوليت ملي. سيپٽمبر
1955ع ۾، ارڙهن مهينن ۾ ٺاهيل 555 ڪلوميٽر ڊگهي
گيس لائين سوئي کان ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر تائين
شروع ٿيڻ کان پوءِ پاور جي ذخيرن ۾ واڌارو ٿيو.
برٽش ڪامن ويلٿ فنانس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن ۽ برما
آئل ڪمپني جي سهڪار سان وفاقي انڊسٽريل ڊيولپمينٽ
ڪارپوريشن انهي رٿا تي ضابطو رکڻ لڳي. حيدرآباد ۾
صارفين کي گئس جي سهوليت ڏيڻ لاءِ ”انڊس گيس
ڪمپني“ قائم ڪئي وئي، جيڪا پوءِ سوئي سڌرن گيس
ڪمپني جي نالي سان مشهور ٿي، جنهن ۾ هينئر
بلوچستان ۽ سنڌ صوبا شامل آهن.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن جو قيام
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ابتداء 1956ع ڌاري هوم اسٽيڊ هال
واري بلڊنگ ۾ ٿي. پوءِ اُن کي اتان کڻي هاڻوڪي
بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح 28 ڊسمبر
1962ع تي تڏهوڪي صدر پاڪستان فيلڊ مارشل محمد ايوب
خان ڪيو. جتي هينئر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي
عمارت اڏيل آهي. اُتي پهرين ميدان هوندو هو، پوءِ
اُتي ميونسپالٽي جي اجازت سان لائبريري کولي وئي.
جڏهن ته هاڻي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ايف. ايم
نشريات پڻ شروع ڪئي وئي آهي. ريڊيو پاڪستان قيام
جي ابتدائي ٻن ٽن سالن تائين ٻين اسٽيشنن کان
ڊرامن جا اسڪرپٽ گهرائي ڪم هلايو، جنهن ۾ عام ڪري
ڪراچي ۽ لاهور جا ڊراما هوندا هئا. پوءِ مقامي
ليکڪن کان ڊراما لکرايا ويا. فنڪارن ۾ سيد صالح
محمد شاهه، عبدالحق ابڙو، محمد علي، مصطفيٰ قريشي،
عبدالڪريم بلوچ، قربان جيلاني، شهزادي، روشن عطا،
اي. آر. بلوچ. منصور بلوچ، فريد نواز ۽ ٻيا شامل
هئا. ريڊيو تان راڳ رنگ، ڊراما، عورتن ۽ ٻارن جا
پروگرام، شاگردن لاءِ پروگرامن سان گڏ زراعتي ۽
ٻيا پروگرام پيش ڪيا وڃن ٿا.
ون يونٽ مخالف جلوس
ايوب خان جي دور ۾ ون يونٽ خلاف سڄي ملڪ – هاڻوڪي
بنگلاديش سميت - ۾ تحريڪ جاري هئي. 4 مارچ 1967ع
واري ڏينهن، سنڌ يونيورسٽي جا سوين ڇوڪرا، ون يونٽ
خلاف شهر ۾ مظّاهرو ڪرڻ لاءِ بسون ڀري، ڄام شوري
کان حيدرآباد آيا پئي، ته رستي تي سيٺ ولي ڀائي
طرفان سماجي شخصيتن کان چندو وٺي، ٺهرايل
راجپوتانا اسپتال ڀرسان ڊڪٽيٽرشپ دور جي ڪامورن،
حيدرآباد اچڻ کان روڪڻ لاءِ مٿن لٺيون وسايون
ويون. جنهن ۾ ڪيترائي شاگرد گهائجي پيا ۽ 207
شاگرد گرفتار ٿي سينٽرل جيل حيدرآباد پهتا. |