مائي گلان جي قبر
مائي گلان جي قبر ڪلهوڙا دور جي پراڻي تختگاهه محمد آباد وٽ
آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙو جڏهن سنڌ جو والي هو،
تڏهن هن ايراني حملن کان بچاءُ جي خيال کان ميان
جان محمد ڏاهري کان هڪ هزار ايڪڙ زمين خريد ڪري
محمد آباد جو شهر ٻَڌايو. ميان نور محمد پنجٽيهه
سال حڪومت ڪئي. جنهن مان هن تختگاهه ۾ ويهي چار
سال سنڌ جي قسمت جا فيصلا ڪيا. هن جڏهن جيسلمير ۾
وفات ڪئي ته سندس وصيت موجب کيس محمد آباد ۾ آڻي
دفن ڪيو ويو. ان بعد هي شهر تختگاهه مان ڦري مدفن
گاهه بڻجي ويو. هن چوهٺ ايڪڙن ۾ ڦهليل قبرستان ۾
ميان نور محمد ۽ سندس گهر واري بيگم گلان جي مقبري
سميت سندن اميرن، وزيرن ۽ سپهه سالارن جا مقبرا
آهن.
گلان جي قبر ميان نور محمد جي مقبري جي اُتر- اولهه ڪُنڊ تي ٽين
فٽن جي فاصلي تي هڪ تجر اندر آهي. تجر جي ڊيگهه
سورهن فوٽ، ويڪر ويهه فوٽ ۽ اوچائي تيرهن فوٽ کن
ٿيندي. تجر کي اوڀر پاسي محرابي در ٺهيل آهي ۽
سندس اُتر ۽ ڏکڻ ۾ پڻ محرابي دريون آهن. تجر جي
ڀتين جي ٿولهه ٽي فوٽ آهي، مزار جي بناوٽ ۾ سنهيون
خوبصورت سرون استعمال ڪيل آهن. جن تي پلستر مٿان
چُن جو رنگ ڏنل آهي. تجر مٿان چئن ڪُنڊن تي ۽ تجر
جي ڇت جي وچينءَ ڪُنڊ تي به ٻه نيليون بيهاريون
ويون آهن.
تجر جون ڀتيون اندران توڙي ٻاهران پينلن ۾ ورهايل آهن. جن تي
رنگن سان سهڻا گل ۽ گلدان نقش ٿيل آهن. ان گلڪاري
۾ ڳاڙهو رنگ گهڻو استعمال ٿيل آهي. تجر جي اندر وچ
تي فرش کان ڏيڍ فوٽ کن مٿي بيگم گلان جي اڪيلي قبر
آهي. اها سادي قبر ڏيڍ فوٽ ويڪري ۽ ساڍا پنج فوٽ
ڊگهي ٿيندي. جنهن تي لسو پلستر ٿيل آهي.
ڪوٽ گلان
هالا شهر کان ٽي ڪلوميٽر اُتر پاسي آهي. ڪوٽ جا آثار درياهه سنڌ
جي کاٻي ڪپر تي ٻاهرين بچاءَ بند وٽ ديهه ڪيريا ۾
ڦهليل آهن. کنڊر اٺ- ڏهه ايڪڙن جيتري جاءِ والارين
ٿا.
گلان جو ڪوٽ ڪچي مٽيءَ سان ٺهيل آهي. ان اوڏڪي چورس اڏاوت ۾ ڪٿي
ڪچيون سرون به لڳل آهن. ڪجهه اهم ۽ نازڪ حصن ۾
پڪين سرن جو استعمال به نظر اچي ٿو. پڪيون سرون
گهڻو ڪري برجن وٽ ڪتب آنديون ويون آهن. ڪوٽ ۾ اندر
ڪن هنڌن تي عمارتن جا اهڃاڻ ملن ٿا. ڪوٽ جي اندرين
سطح آسپاس جي زميني سطح کان ڪجه فوٽ بلند آهي. خاص
ڪري ڪوٽ جي اوڀر ۽ اتر پاسي واري ٻاهرين زميني سطح
وڌيڪ هيٺائين تي آهي. انهي مان اندازو ڪري سگهجي
ٿو ته ڪوٽ ڪنهن ننڍڙي دڙي تي جوڙيو ويو آهي يا
اڏاوت وقت هٿرادو ڀراءُ ڪيوويو آهي. انهي ڳالهه جو
به امڪان آهي ته ڪوٽ اندر ٺهيل ماڙين ۽ محلاتن جو
ڀَنجُو ڪوٽ جو پيٽ اُڀارڻ ۾ ڪارائتو ٿيو هجي.
ڪوٽ تي حملا
اسان کي تاريخ جي پردي تي ڪلهوڙن جي هن تختگاهه جي ڪوٽ تي ڪيترا
حملا ٿيل نظر اچن ٿا. جن مان ظاهر آهي ته هي
ڪلهوڙن جو ڪوٽ پنهنجي دور ۾ دفاعي اهميت جي خيال
کان سنڌ ۾ اهم مقام والاريندوهو. ان لاءِ ڀيرومل
مهرچند لکي ٿو ته: ان جي اُتر ڏي ڪلهوڙن جو قلعو
آهي، جنهن ۾ مير بهرام ۽ مير صوبدار سان غضب ٿيو.
ڪلهوڙن جي حڪومتي دور ۾ ٽالپرن کي وڏي اهميت هئي. غلام رسول مهر
ٽالپرن جي حيثيت هن ريت بيان ڪئي آهي: محمد سرفراز
جي حڪومت جو سلسلو خوشگوار نموني هلندڙ هو. مير
بهرام ٽالپر پنهنجي تدبر، جوانمردي، وفاداري ۽
عزيزن ۽ ملازمن جي گهڻائي ڪري غلام شاهه جي وقت
کان وٺي ممتاز حيثيت رکندڙ هو. ميان سرفراز خان جو
به مخلص صلاحڪار هو. ’راجا ليکي‘ ميان صاحب تي
وڌيڪ حاوي هو. هن کي ٽالپرن جو اقتدار پسند نه هو
۽ ڪوڙيون ڳالهيون جوڙي مير بهرام جي خلاف ميان جي
دل ۾ بدگمانيون پيدا ڪرڻ لڳو. نيٺ انهيءَ بدگماني
رنگ لاٿو، ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جا سالن جا تعلقات
دشمنيءَ جو روپ وٺڻ لڳا، جيڪي اڳتي هلي جنگاڻ جو
سبب بڻيا، جنهن ۾ مير بهرام ۽ ٻيا سردار مارجي
ويا.
بهرحال سرفراز خان، راجا ليکي جي چُرچ تي مير بهرام ۽ سندس پٽ
کي قتل ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. فتحنامي جو بيان آهي:
مير بهرام خان خاص ڪچهري ۾ آيو..... فريب خورده
سرفراز ريشم جي ڪپڙي ۾ ويڙهيل هڪ خط ڪڍي مير بهرام
جي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيو ته هي بجار جو خط آهي. بهرام خط
هٿ ۾ وٺي عينڪ لڳائي پڙهڻ لڳو. ته حُسين هرڙاڻي
نالي هڪ شخص پٺيان اچي کيس تلوار هنئي ۽ هن سياسي
ميدان جي بهادر جو ڪنڌ ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائين.
مير بجار جو پٽ مير صوبدار خان ان وقت بيمار هو. اُهو به درٻار
۾ پهچي ويو ۽ اُتي وڙهندي شهيد ٿيو. مير بهرام جي
شهادت ربيع الاول 1189هه (مئي 1775ع) ۾ ٿي. مير کي
خدا آباد نئين ۾ دفن ڪيو ويو. جتي اڄ به ان مٿان
ٺهيل چوڪنڊي جي چِٽسالي ڏسڻ جوڳي آهي.
مير بهرام جي قتل واري واقعي تي هر ماڻهو ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
مير جا گهڻگهرا توڙي مائٽ هر طرف کان سرفراز
ڪلهوڙي تي ڪاهي آيا. انهن جي اڳواڻي مير بهرام جي
چاچي جو پٽ مير فتح خان ڪري رهيو هو. هن ويڙهاڪن
جي هڪ جمعيت ساڻ ڪري خدا آباد جي قلعي تي ڇاپو
هنيو ۽ چوڪيدارن کي قتل ڪري قلعي ۾ داخل ٿي
ويو...... سرفراز خان ميدان تي وڙهڻ وارو مڙس نه
هيو، سو بهادرن جي حملي ڪندي ئي ڀڄي نڪتو ۽ دري جي
رستي قلعي کان ٻاهر هليو ويو. ساڻس ڇهه خدمتگار گڏ
هئا. مٿو ۽ پير اگهاڙا، رڳو جان سلامت کڻي ٻاهر
نڪري سگهيو. جهنگل مان ٿيندو درياهه جو رخ ڪيائين
۽ مهاڻن جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي حيدرآباد جو رستو
ورتائين.......
افغانن جو حملو
ميان سرفراز جڏهن خدا آباد جو قلعو ڇڏي ڀڳو ته راجا ليکي ۽ سندس
ساٿي غداري ڪري مير فتح سان وڃي مليا. سرفراز
پنهنجي ننڍي ڀاءُ محمود خان کي خدا آباد جي تخت تي
ويهاري پاڻ حيدرآباد طرف روانو ٿيو. حيدرآباد ۾
جنگي سامان جي موجودگي هوندي به سرفراز خان مقابلو
نه ڪيو ۽ ستن ڏينهن ۾ قلعو فتح ٿي ويو. پاڻ قيد
ٿيو. سرفراز جي معزولي تي سنڌ ۾ گهرو ويڙهه جي
باهه ڀڙڪي، عزت يار خان پنهنجي لاءِ حڪومت جي
پرواني وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. عزت يار خان کي سنڌ
حڪومت جو پروانو ڏنو. مير بجار ۽ عبدالنبي ارڙهن
هزار فوج وٺي افغانن کي روڪڻ لاءِ خدا آباد نئين
کان روانا ٿيا. منزلون ڪندا روهڙي پهچي، اُتي به
سئو ٻيڙين جي پُل تيار ڪرايائون. لکي ۽ شڪارپور جي
وچ ۾ جنگ لڳي. افغانن شڪست کاڌي، ٽيهه هزار افعاني
فوج جو ارڙهن هزار سنڌين سان مقابلي ۾ شڪست کائڻ
معمولي ڳالهه نه هئي.........
رهائش
ڪلهوڙا خدا آباد نئين جي اُن ڪوٽ کي ئي پنهنجي درٻار سان گڏ
رهائش طور به ڪتب آڻيندا هئا. باقي ٻيو راڄ ڀاڳ
ڪوٽ کان ٻاهر رهندو هو. اهوئي سبب آهي جو اسان کي
ڪوٽ جي اندر مختلف هنڌن تي ڪيترن ئي رهائشي جاين
جا اهڃاڻ ملن ٿا. ڪوٽ اندر اوڀر – ڏکڻ ڪُنڊ وٽ اڄ
به هڪ وڏو دڙو ڦهليل آهي. ان هنڌ تي ويهه فٽ کن
اونهي کاهي کوٽائي ڪري ٽيوب ويل لڳايو ويو آهي،
جيڪو ڪوٽ اندر پوک کي پاڻي ڏئي ٿو.
اسان جڏهن اُن کوٽيل کوهه ۾ جهاتي پايون ٿا، ته کوهه جي ڪنارن
کان ٽي فوٽ هيٺ ڪچي مٽي جو تهه ملي ٿو. ان جي
هيٺان ڇهه فوٽ کن پڪين سرن جي ڀرائي آهي، جنهن ۾
ڪجهه فوٽ ڊٺل جاين جو ڀَنجُو به شامل آهي. بهرحال،
سرن جو اُهو انگ ڪنهن عاليشان عمارت جي نشاندهي
ڪري ٿو. مڪاني ماڻهو اُن ٿلهي کي ”ڪلهوڙن جي
ڪچهري“ چون ٿا. ان هنڌ تي ڪلهوڙا حڪمران درٻار
هڻندا هئا. ان درٻار ۾ ئي مير بهرام ۽ مير صوبدار
خان قتل ٿيا هئا، جنهن جو ڀيرومل مهرچند ذڪر ڪيو
آهي، ته اُن جي اُتر ڏي ڪلهوڙن جو قلعو آهي، جنهن
۾ مير بهرام ۽ مير صوبدار سان غضب ٿيو. مير بهرام
۽ صوبدار خان جي قتل ٿيڻ بعد ٽالپرن جو لشڪر
انتقام وٺڻ لاءِ مير فتح علي جي مهنداري ۾ خدا
آباد نئين تي ڪاهه ڪئي. ان وقت ميان سرفراز ان ڪوٽ
اندر ترسيل هو. ٽالپرن جي خبر ٻُڌي هو گهيرو ٽوڙي
قلعي مان فرار ٿيو. هو پيرين ۽ مٿين اگهاڙي درياهه
تي پهچي ٻيڙي رستي حيدرآباد پهتو.
ڪوٽ جي اولهه- ڏکڻ پاسي تي هڪ وسيع رهائشي حصو ملي ٿو. جنهن کي
تازو ٽريڪٽر جي بليڊ سان سڌو ڪيو ويو آهي. ان
رهائشي حصي جو ڊگهو پاسو اولهائين ڀت سان پُورو
وڇوٽ ٺاهي ٿو. ان ٽڪري تي ڪافي گهرائي تائين سرن
جا ٽوٽا پوريل آهن. ڪوششون ڪندي به ان حصي کي پوکي
لائق نه بڻائجي سگهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان جي
ڪجهه گهري کوٽائيءَ سان ڪنهن عمارت جا واضح اُهڃاڻ
ملن.
هالا جي پسگردائي ۾ رهندڙ ماڻهن جي خيال مطابق ڪوٽ جو اُهو حصو
ڪلهوڙن اميرن جي رهائش طور ڪم ايندو هو. ان محل
مان سرفرار فرار ٿي ڪوٽ جي ديوار ٽپي پنهنجي ڇهن
خدمتگارن سان حيدرآباد پهتو هو. گڏوگڏ ڪوٽ جي ڏکڻ
ديوار جي وچ وٽ ڀت سان گڏ سرن ۽ سروٽن جو وڏو انگ
اها چغلي پيو هڻي ته ان هنڌ تي به ڪا وڏي ماڙي
هوندي. ڪوٽ جي چوڦير وسندڙ بزرگ ٻُڌائين ٿا هت
قديم زماني کان وٺي سڄي ڪوٽ اندر ننڍڙا ننڍڙا دڙا
هئا. دڙا مٽي، سرن ۽ ٺڪراٽي سان ڍڪيل هئا. بعد ۾
هتان جي ماڻهن ان ٺڪراٽي ۽ ٽوٽن مان جان ڇڏائي ڪوٽ
کي زراعت لائق بڻايو. هڪ اسي سالن جي جهوني ٻڌايو
ته: ڪوٽ جي چوڦير ديوار سان اندرين پاسي کان
ننڍيون ڪوٺيون پڻ ٺهيل هيون. جن مان ڳوٺاڻن سرون
وغيره ڪڍي پنهنجا گهرڙا جوڙيا آهن.
قبرستان
گلان ڪوٽ جي اوڀر- ڏکڻ ڪُنڊ کان سڏ پنڌ هڪ وڏو قبرستان آهي. خدا
آباد جي ان قبرستان ۾ مير فتح علي خان جي مقبري
سميت ڪجهه تجر ۽ چوکنڊي ڍنگ جون قبرون ۽ ڇَٽيون
آهن.
مير فتح علي خان جو مقبرو
مير فتح علي خان جو مقبرو پري کان ئي ڪَر کنيو قبرستان جو ڏس
ڏئي ٿو. ڪنهن زماني ۾ اهو مقبرو ڪچي ڪوٽ جي ديوارن
سان گهيريل هو، پر هاڻي ڪوٽ جا آثار نٿا لڀن. مير
فتح علي خان جي چوڪور مقبري مٿان چئن ڪُنڊن تي چار
گنبڙيون ۽ وچ تي هڪ ڳورو گول گنبذ رکيل آهي، جن
مٿان ڪاشيءَ جون نيليون نظر اچن ٿيون. ان مقبري تي
ڪاشيءَ جو تمام گهڻو ڪم ٿيل هو، پر هينئر ڪاشيءَ
جي ڪاريگري جا باقي وڃي نشان بچيا آهن.........
اسان دورازي مان جيئن ئي اندر داخل ٿيون ٿا ته سامهون هڪ ٿلهي
تي پٿر جون پنج گهاڙيون آهن. سڀ کان پهرين قبر مير
غلام علي خان ولد مير صوبدار خان جي آهي. جنهن جي
وفات جي تاريخ 6 جمادي الثاني 1227هه آهي. انهيءَ
قبر سان لڳ ٻي قبر مير فتح علي ولد مير غلام علي
جي آهي، جيڪو 10 محرم الحرام 1217هه تي لاڏاڻو ڪري
ويو. ٽين گهاڙي مير صوبدار خان ولد مير فتح علي جي
آهي، جنهن 14 رجب 1262هه تي چالاڻو ڪيو. چوٿين قبر
تي ڪنهن جو به نالو لکيل نه آهي، پر ان جي پيراندي
تي 1264هه لکيل آهي. چيو وڃي ٿو ته اها قبر ڪنهن
عورت جي آهي. پنجين قبر مير محمد علي ولد مير
صوبدار خان جي آهي، جيڪو رجب 1278هه ۾ گذاري ويو.
تجر
مير فتح علي خان جي مقبري ۽ ٽنهي چوکنڊين جي اُتر ۾ هڪ تجر ٺهيل
آهي. جنهن ۾ مائي خيري پوريل آهي. مائي خيري، مير
فتح علي خان جي ماءُ هئي. هي مائي وڏي عاقل ۽ سخي
ٿي گذري آهي. حيدرآباد جي فقير جي پڙ ۾ هڪ مسجد
”مائي خيري“ جي نالي سان منسوب آهي.
چوکنڊيون
مير فتح علي خان جي مقبري جي سامهون ٿورڙو اوڀر طرف هڪ ٻئي سان
گڏ ٽي چوکنڊيون ٺهيل آهن. پهرين چوکنڊي ۾ ڪنهن
ڪتبي بنا ٻه قبرون جُڙيل آهن. ٻي چوکنڊي ۾ به ٻه
قبرون آهن. جن مان هڪ قبر نالي بنا آهي. جڏهن ته
ٻي قبر مير بهرام ولد مير عبدالله خان جي آهي،
جيڪو 29 محرم 1242هه تي لاڏاڻو ڪري ويو. ٽين
چوکنڊي ۾ ٻه قبرون آهن. جن مان هڪ اڻڄاتل آهي. ٻي
قبر مير بجار ولد مير غلام حسين جي آهي، جيڪو
1220هه ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
هوڏانهن مير فتح علي خان جي وڏي قبي پويان ڪجهه
قدمن تي اولهه پاسي ٽي چوکنڊيون/ ڇتيون ٺهيل آهن.
اوڀر پاسي واري چوکنڊي هيٺان ٻه گهاڙيون آهن.
منجهانئن هڪ قبر مير صوبدار فقير ٽالپر جي آهي.
جنهن جي شهادت 15 جمادالثاني 1189هه ۾ ٿي. جڏهن ته
انهيءَ قبر جي اولهه ۾ ٻي قبر مير بهرام فقير
ٽالپر جي آهي، جنهن جي شهادت 15 جمادالثاني 1189هه
تي ٿي. ان چوکنڊي جي اولهه ۾ هڪ ٻي چوکنڊي قبر مير
بجار فقير ٽالپر جي آهي، جنهن جي شهادت واري تاريخ
ذي القعده 1194هه ڄاڻايل آهي. گڏوگڏ قبرستان ۾
مٿين قبرن. چوکنڊين ۽ ڇٽين سميت هڪ مسجد ۽ ڪجهه
ڪتبي بنا گهاڙيون ٽُٽل ڦُٽل حالت ۾ آهن.(10) |