سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :25

ليفٽيننٽ هينري پاٽنجر

 

حيدرآباد ۾ گهاريل گهَڙيون

 

حيدرآباد جو شهر ويڪرائي ڦاڪ 22 ۽ 25 اتر، ڊگهائي ڦاڪ 41، 68 اوڀر ۾ سنڌو ندي۽ ڦليليءَجي وچ ۾ ٺهي پيو آهي. سنڌو ندي جو قلعي کان ويجهي کان ويجهو هنڌ چار ميل ڏکڻ-اولهه طرف واقع آهي ۽ ڦليلي نديءَ انهي ٽڪري جي دامن کان، جنهن تي حيدرآباد ٻڌل آهي. اٽڪل هڪ هزار ورانگهن جي مفاصلي وٽان وهي ٿي، پر ان مان هڪ اهڙي شاخ ڦُٽي نڪري ٿي. جيڪا ايتري وڏي آهي، جو قلعي جي فصيلن کان ڪجهه ئي والن جي مفاصلي تائين ان ۾ ٻيڙيون اچي سگهن ٿيون، جڏهن درياهه ۾ پاڻي چڙهيل هوندو آهي.

سنڌين طرفان انهي قلعي کي ايڏو ته مضبوط سمجهيو وڃي ٿو، جو هنن جو اعتقاد آهي ته ان کي فتح ڪرڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون ويندون، تن کي اهي ناڪام بڻائي ڇڏيندا، پر اهو هڪ يورپي دشمن جي باقاعدي حملن خلاف ڪو خاص بچاءُڪري نه سگهندو. فصيلن جي شڪل ۽ صورت بلڪل بيقاعدي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي اهڙي نموني ۾ ٺاهيون ويون آهن، ته جيئن اُهي پهاڙيجي ڪنڊن ۽ ورن وڪڙن سان مشابهت رکن.

قلعي جون ديوارون گهڻو ڪري سرن جون ٺهيل آهن ۽ انهن جي اوچائي پندرهن کان وٺي ٽيهن فوٽن تائين آهي. ان جا بنياد چڱا خاصا ٿلها ۽ مضبوط آهن، پر اهي چوٽيءَ ڏانهن ويندي سنها ٿيندا وڃن ٿا ۽ ديوارن ۾ رکيل نالين ۽ ٻاهر ڏسڻ لاءِڪيل سوراخن سبب ايتري قدر ته ڪمزور ٿيل آهن، جو انهن تي جيڪڏهن مهارت سا ڪي ٿورائي گولا هنيا وڃن ته انهن جو ڪوبه حصو ڊهي پوندو ۽ فصيلن جي پناهه ۾ بيٺل ماڻهو ٻاهران موڪليل بندوقن جي گولين جو آساني سان نشانو بنجي پوندا. مڙني فصيلن جي پاسن کان جيڪي گول برج تعمير ٿيل آهن، سي ڏاڍن مناسب هنڌن تي بيهاريل آهن، ۽ انهن جو هڪٻئي کان مفاصلو ٽن يا چئن سو قدمن جيترو آهي، اهي سڀ تعميرات پهاڙي جي اوچائي سان گڏجي، سڄو قلعو مجموعي طور تي رعبدار نظارو پيش ڪن ٿيون. ان کان علاوه ٽڪري جو پٿر تمام نرم ۽ ڀُرڻو آهي ۽ ان جي سلامي اهڙي آهي، جو ديوار ۾ وڌيل رخني مان ڪرندڙ ڪچرو ان تي بيهي رهي ٿو ۽ حملي آور فوجن کي مضبوطي سان پير ڄمائڻ لاءِ جاءِ مهيا ڪري انهن جي مادي طور مدد ڪندو.

اُتر طرف هڪ سُڪل کڏ آهي، جنهن جي مٿان هڪ پل ٺهيل آهي، جيڪا قلعي جي هڪ دروازي وٽ وڃي کُٽي ٿي. جنهن جي بچاءُ لاءِ ان جي مٿان هڪ زبردست مورچو تعمير ٿيل آهي. حيدرآباد جي قلعي جي فصيلن تي اٽڪل ستر توبون لڳل آهن. پر دورازي جي مٿان اڏيل مورچي ۾ رکيل اٺن يا ڏهن توبن کانسواءِ، جيڪي ڳري ڌاتوءَ مان ٺهيل آهن، باقي ٻيون سڀ توبون ننڍيون ۽ خراب حالت ۾ آهن.

”پيٽاهه“ يا پسگردائي واري بستي قلعي جي اترئين طرف ڌرتي جي هڪ مٿانهين حصي تي واقع آهي  اها ٻن هزار پنج سئو گهرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ اٽڪل ڏهن هزارن جي آبادي آهي. قلعي جي اندرئين حصي ۾ پڻ ذري گهٽ ساڳئي انگ ۾ گهر آهن. پر انهن ۾ ماڻهو اڌ جيترا به نٿا رهن ۽ جيڪي اندر رهن ٿا، سي سڀئي سپاهي آهن. حيدرآباد ۾ ٺهندڙ مکيه شين ۾، مختلف قسمن جا هٿيار جهڙوڪ: توڙيدار بندوقون، نيزا، تراريون،۽ ڀرت ڀريل ڪپڙا شامل آهن. فقط هٿيارن مان ئي ڀرپاسي جي آبادي جي پنجين حصي کي روزگار ملي ٿو ۽ انهن مان ڪن هٿيارن جي بناوت اهڙي آهي، جو انهن کي يورپي ڪاريگرن جي ٺهيل هٿيارن سان ڀيٽائي سگهجي ٿو.

جنهن ڏينهن انگريزي ايلچي حيدرآباد پهتو، تنهن جي ٻئي صبح جو هرهڪ امير ڇانوڻي تي پنهنجو رسمي وفد موڪليو. اسان جي ڇانوڻي ڦليلي درياهه جي ڪناري تي آهي، قلعي کان اٽڪل هڪ ميل ڏکڻ- اوڀر طرف لڳل هئي ۽ اميرن طرفان اهي وفد اسان کي خير ۽ سلامتي سان سفر پورو ڪري اتي پهچڻ لاءِ مبارڪباد ڏيڻ ۽ خير عافيت معلوم ڪرڻ لاءِموڪليا ويا هئا. پر جيئن ته جاچ مان معلوم ٿيو ته جيڪي ماڻهو اسان وٽ اُهي پيغام کڻي آيا هئا، ۽ جن کي اسان وٽ مٺائين جا ڪيترائي ٿالهه پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، تن مان ڪوبه خدمتگارن جي درجي کان مٿانهون نه هو. انهي ڪري مسٽر سمٿ ساڻن پاڻ نه مليو ۽ اهو ڪم مسٽر ايلس ڪيو. ايندڙ خدمتگارن کي انگريزن طرفان انعام ڏنا ويا. خدمتگار، شخصي نوڪر هوندا آهن، سنڌ ۾ اهو لفظ وڌيڪ محدود مفهوم ۾ استعمال ٿئي ٿو، ۽ هيٺئين درجي جا ديوان پڻ ان ۾ شامل هوندا آهن. اُهي ماڻهو بهرحال، پنهنجي آقائن جي خدمت ۾ حاضر رهندا آهن ۽ سندن گهرن گهاٽن اندر نيچ قسم جا ڪم به انجام ڪندا آهن. ايران جا پيش خدمتگار پڻ ساڳئي درجي  جاآهن ۽ مون کي ائين نظر آيو، ته اُهي به ساڳين ئي ڪمن ۽ فرضن انجام ڏيڻ ۾ رُڌل آهن.

مٿين واقعي تي اميرن کي ڪاوڙ لڳي ۽ هنن هڪ ديوان يا منتظم، مشتاق رام وسيلي اسان کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ايلچي سان اميرن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن ظاهري احترام ڪرڻ جو خاص طور خيال رکڻ گهرجي ها. ۽ کانئن ميرن جي خيرعافيت پڻ معلوم نه ڪئي وئي ۽ کين نظرانداز ڪيو ويو.

جنهن تي انگريزن جواب ڏنو ته هنن هڪڙي منشي کي انهي مقصد لاءِ روانو ڪيو هو، جنهن قلعي اندر داخلا جي اجازت حاصل ڪرڻ جون سخت ڪوششون ڪيون هيون، پر هن کي نه ملي سگهي. ۽ هن کي جيڪو به امير مليو تنهن کي هن نياپو ڏنو ته هو اميرن تائين پيغام پهچائي ڇڏي. ديوان کي وڌيڪ اهو به ياد ڏياريو ويو ته حيدرآباد پهچڻ سا اڳ ۾ مسٽر ايلس هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سرڪاري مامرن تي لهه وچڙ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منشي کي اڪثر طور قلعي اندر اچڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار پئي ڪيو ويو، ۽ ٻاهر بازار ۾ بيهي انتظار ڪرايو ويو. تنهنڪري اميرن کي ان ڳالهه تي ناراض ٿيڻ جو ڪوبه سبب نه هو، ته سندن خدمتگارن سان خود ايلچي اچي نه گڏيو هو، جڏهن انهن پاڻ هڪ منشيءَ کي پنهنجي روبرو حاضر ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جيڪو انهن کان گهڻي وڌيڪ رتبي ۽ عزت وارو هو.

اسان جي ماڻهن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ذري گهٽ هڪ خطرناڪ فساد ٿي پيو هو، جنهن مان هڪڙي ماڻهوءَ، سنتريءَ جي پاسي کان نڪري اندر اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن کيس ان کان روڪيو ويو، ته هن سنتريءَ کي ڌڪ هڻي هن جي ٽوپي ڪيرائي وڌي. ڏوهاريءَ کي پڪڙڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي، پر هو ماڻهن جي انبوهه ۾ گم ٿي ويو. تنهن کان پوءِ ايلچيءَ تجويز ڏني ته هاڻي سنترين کي تنبوءَ جي قناتن جي اندرئين پاسي کان بيهاريو ويندو.

اسان جي ڇانوڻي کي انهي وقت ڏسڻ سان ايئن سمجهيو وڃي ها، ته اها ڪنهن ميلي جي وچ ۾ لڳل آهي، جو ان کي ڏسڻ لاءِ هر هڪ طبقي ۽ ڌنڌي وارن ماڻهن جا وڏا انبوهه هر وقت اسان جي چوڌاري گهمندا ڦرندا نظر پئي آيا ۽ اسان کي ڏينهن رات مسلسل صدائن ۽ نعرن سان خوش ڪرڻ لاءِ مسخرن، مدارين، رڇن کي نچائيندڙن ۽ فقيرن طرفان پنهنجا ڪرتب ۽ تماشا ڏيکارياٿي ويا، جن مان فقير انهي سڄي گوڙ گهمسان ۾ پنهنجا ناد ۽ توتاڙا وڄائي نئين ۽ مختلف نوعيت جي لئي پيدا پئي ڪئي. انهن مان گهڻن پنهنجي فن ۾ حيرت انگيز نموني جي اورچائي جو مظاهرو پئي ڪيو، ۽ اُهي ايلچي جي خانگي تنبو جي ايترو ويجهو پئي رهيا، جيترو ٻاهريان پهريدار کين ويجهي اچڻ جي اجازت پئي ڏني، جتي پهچڻ کان پوءِ اُهي ڏينهن جا ڏينهن اُتي موجود پئي رهيا، ۽ وڏا واڪا پئي ڪيائون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڌمڪيون به ڏنائون پئي ته جيڪڏهن وفد طرفان سندن خواهشون پوريون نه ڪيون وينديون ته اهي مٿن قهر ۽ غضب نازل ڪرائيندا. ٻين وري سندن جملو انهي وقت تائين محفوظ پئي رکيو، جڏهن اسان گهوڙن تي سوار ٿي ٻاهر ٿي نڪتاسون، جيڪو ڪم اسين سٺيءَ آبهوا ۾ گهڻو ڪري هر شام جو ڪندا هئاسون. پوءِ اُهي ايلچي جي گهوڙي جي اڳيان اچي کيس خاطري ڏياريندا ڊوڙندا هلندا رهندا هئا، ته جيڪڏهن کين چڱي طرح معاوضو ڏنو ويندو، ته اُهي وفد جي پاران اميرن وٽ سفارش پيش ڪندا. نه ته کين دير بنا هندستان ڏانهن موٽي وڃڻ گهرجي، ڇو ته سندن رضامنديءَ ۽ اتفاق راءِ کان سواءِ ڪين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو انهن ڳالهين ڪارڻ اسان ڏاڍو تنگ ۽ بيزار ٿياسون پر پوءِ اسان جلد ئي سندن رڙين ۽ آواز ٻڌڻ جا عادي بنجي وياسين ۽ پوءِ ته انهن جون دردمنداڻيون آهون ۽ صدائون اسان لاءِ تماشي جو وسيلو بڻجي ويون.

ايلچيءَ جي حيدرآباد پهچڻ جي ٻي ڏينهن تي، درٻار ۾ هن جي پهرين حاضري بابت دستوري رسمن جي ادائيگيءَ جو سوال اٿاريو ويو، جنهن تي ڊگهيون ڳالهيون شروع ٿي ويون، جن ڪري مامرو اينگهجي پيو ۽ آخري انتظامن کي طئي ڪرڻ ۾ هڪ هفتو دير ٿي وئي. ۽ هڪ يا ٻن موقعن تي اسان حڪمرانن  سان روبرو ملاقات ڪرڻ کان سواءِ ئي سنڌ ڇڏي وڃڻ جو خيال پڻ ڪيو.

ائين سمجهيو ويو هو ته مسند يا تخت زمين کان ڪافي گهڻي اوچائي تي رکيل هوندو، جنهن ڪري انگريزن طرفان کيس ايلچيءَ کي ويهڻ لاءِ ڪرسي ملڻ جو شرط رکيو ويو، ته کيس ويهڻ لاءِ ڪرسي ملڻ گهرجي. ۽ وفد جي درٻار ۾ داخل ٿيڻ وقت ٽيئي امير اٿي بيهن. انهي غلطي جو هڪدم ازالو ڪيو ويو ۽ ڪرسي بابت  پيش ڪيل شرط واپس ورتو ويو، جو اهو معلوم ٿيوته امير فرش يا رنگارنگي ٽُڪرين مان ٺهيل گاديلي تي ويهندا آهن، جيڪو کين زمين جي سطح کان ٻه انچ به مٿي نه ڪندو هو. پر ميرن پنهنجي طرفان اُٿي بيهڻ ذريعي وفد جي اهڙي تعظيم جي ڪنهن علامت ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر اها تجويز پيش ڪئي ته انگريزن کان ملاقات واريءَ جاءِ اندر داخل ٿيڻ کان اڳ ۾، سڀ هٿيار لهرايا وڃن ۽ هنن اهو دليل پئي ڏنو ته ڪجهه وقت جئپور جي راجائن جي ٻن وڪيلن طرفان اميرن منجهان هڪ ڄڻي کي، هڪ عام درٻار جي موقعي تي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

مسٽر سمٿ انتهائي فيصلائتي لفظن ۾ ان بيعزتي واري مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هو جنهن حڪومت جي نمائندگي پيو ڪري، تنهن جي شان ۽ مان ۾ ذري برابر به رخنو وجهڻ بدران، سنڌ سرڪار جي علائقن کي هڪدم ڇڏي وڃڻ کي ترجيح ڏيندو.

آخرڪار ميرن، ولي محمد خان کي انگريزن ڏانهن درٻار ۾ داخل ٿيڻ تي، اميرن طرفان اُٿي بيهي سندن آجيان ڪرڻ جي مطالبي تان هيٺ لاهڻ لاءِ موڪليو. پر انگريز نه مڃيو. ۽ نيٺ اهو مامرو ان ريت طئي ٿيو ته امير ايلچي جي درٻار ۾ داخل ٿيڻ تي اُٿي بيهندا ۽ تيسين انهي حالت ۾ بيٺا رهندا، جيسين هو انهي هنڌ تائين پهچي وڃي، جتي کيس اميرن جي ساڄي هٿ کان ويهڻو هو ۽ هو ان وقت پڻ تعظيم جو ساڳيو مظاهرو ڪندا، جيستائين انگريز کانئن اجازت وٺي واپس ويندا.

شام جو اسان کي آخوند محمد بقا خان طرفان اميرن سان متعارف ڪرايو ويو، جيڪو اسان کي درٻار ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ انگريزي ڇانوڻي ۾ آيو، ايلچيءَ سندس وفد  ۾ شامل هر هڪ آفيسر جي عهدي ۽ رتبي  جو جدا جدا اعلان ڪيو.ٽڪري جي اها چوٽي، جنهن تي حيدرآباد جي قلعي جو اُڀرندو رخ تعمير ٿيل آهي گهرن جا ڪوٺا ۽ خود قلعي جون فصيلون، ٻنهي جنسن جي بيشمار ماڻهن سان سٿيل هيون، جن اسان لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار نعرن ۽ تعريفي لفظن ادا ڪرڻ ذريعي ڪيو.پهرين دروازي کان وٺي، جنهن مان اسان قلعي ۾ داخل ٿياسون، هڪ اوچي چاڙهي مٿي پئي ويئي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان بندوقچي سپاهين جو قطارون بيٺل هيون، تان جو اسان ٻئي برچ وٽ پهتاسون، جنهن جي هيٺيان ور وڪڙ کائيندڙ رستو پئي ويو. جتان کان وٺي محل تائين گهٽيون ايتري قدر ته ماڻهن سان ڀريل هيون، جو اسان وڏي دشواريءَ  ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجن گهوڙن جي سنبن هيٺان ڇيٿاڙڻ جي خطري سان، انهن جي وچان لنگهي سگهياسون. آخر اسان هڪ اهڙي هنڌ پهتاسون جتي اسان کي گهوڙن تان هيٺ لهڻو هو ۽ اُتي اسان جو استقبال ولي محمد خان ۽ ٻين ڪيترن ئي اعليٰ رتبي وارن آفيسرن طرفان ڪيو ويو، جيڪي اسان جي اڳيان هڪ وڏي کليل ٿلهي طرف هليا، جنهن جي ڇيڙي وٽ ٽيئي امير ويٺا هئا.

حيدرآباد جا امير ڏاڍي نفيس قسم جي اڇي ڪپڙي جي قميص پهريندا هئا، چيلهه جي چوڌاري اعليٰ ترين قسم جي قيمتي لونگي ڪمرپٽي وانگر ويڙهيل هوندي هئي ۽ ٻي وڌيڪ نفيس ۽ سنهي ڪپڙي جي لونگيءَ جو مٿي تي پٽڪو ٻندا هئا. لونگيون، سنڌ ۾ ڪمرپٽن، پٽڪن وغيره لاءِ ٺاهيون وينديون هيون. ڪي سڄيون ريشمي هونديون هيون ته ڪي ريشم ۽ سٽ ٻنهي مان گڏي ٺاهي وينديون هيون. انهن مان گهڻيون قيمتي ۽ مهانگيون هونديون هيون ۽ منجهن زري جي ڌاڳي سدان تمام گهڻا گل ۽ ٻوٽا اُڻيل هوندا هئا. ٿلهي تي انتهائي قيمتي ايراني غاليچا وڇايل هئا، جيئن اسان اُتي پهچي پنهنجا بوٽ لاٿا ۽ اُن گهڙي ايلچي شهزادن طرفان وڌڻ خاطر پنهنجو پهريون قدم اڳتي کنيو ته اُهي سڀ اُٿي کڙا  ٿيا، جيسين هو پنهنجي مقرر جاءِ تي پهتو،  جنهن جي مٿان ڀرت ڀريل ڪپڙو وجهي ان کي باقي جماعت جي ويهڻ واري جاءِ کان الڳ ظاهر ڪيو ويو هو.

اوڏي مهل بندوقچين، نوڪرن ۽ تراربازن جو هڪ وڏو هجوم هڪدم اندار داخل ٿيو، جنهن پنهنجي دٻاءَ سان اسان کي ذري گهٽ ٻوساٽي رکيو، انهن مان جيڪي سڀني کان اڳتي بيٺا هئا، تن ته اسان جي ترارين جي مياڻن ۽ ڪوٽن جي دامن تي به پنهنجا پير کڻي رکيا، جيڪي اسان جي غاليچي تي ويهڻ  جي خاص ڍنگ جي ڪري غاليچي تي ڦهليا پيا هئا. شهزادن، هڪ هڪ ٿي نرمي سان اسان سڀني جي چڱ ڀلائي پڇا ڪئي. جيئن ته هيءَ رسمي ملاقات هئي، انهي ڪري ان ۾ رڳو مهذب نموني هڪٻئي سان عليڪ سليڪ ڪئي وئي ۽ اسان جي روانگي سان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو. جنهن بابت سڀني هندستاني درٻارن ۾ پان سوپاري ۽ عطر يا گلاب جي گلن جي تيل آڻڻ سان اشارو ڏنو ويندو آهي، پر سنڌ ۾ اهڙي ڪابه رسم ڪانهي، ۽ نه وري اُتي ايران وارن جي ڪلياڻ ۽ قهو پيش ڪرڻ وارو ڪو رواج آهي.

 اميرن کي سندن ترارين جي دستن ۽ خنجرن جي مياڻن ۾ لڳل هيرن جواهرن کان علاوه، تمام گهڻي انگ ۾ هيرا جواهر بدن تي پيل هئا. ان علاوه سندن ڪمرپٽن ۾ ڪي انتهائي غيرمعمولي طور وڏا زمرد ۽ ياقوت لڳل هئا. ٽيئي امير سندن عمرين جي حساب سان ويٺل هئا. يعني سڀني کا وڏو وچ ۾، ان کان پوءِ ٻيو نمبر سندس ساڄي هٿ تي ۽ ننڍا سندس ڏائي هٿ تي هڪ سنهي نمدي تي ويٺا هئا، جيڪو چوڌاريءَ سڄي گولائي ۾ وڇايل هو ۽ جنهن جي مٿان فقط سندن ويهڻ واريءَ جاءِ تي اٽڪل هڪ انچ ٿلهو هڪ رشمي گاديلو رکيل هو، جنهن جي مٿان هڪ نفيس ململ جو ڪپڙو پيل هو، جنهن تي زريءَ ۽ چاندي جي سُرمي ۽ ستارن سان ڏاڍا سهڻا ۽ وڻندڙ گل ۽ ٻوٽا ڀريل هئا. هنن جي پٺي وٽ ٽي وڏا طول وهاڻا رکيل هئا. جن تي اهڙا گل ۽ ٻوٽا ڀريل هئا، جهڙا سندن هيٺان رکيل ڪپڙي تي ها، ۽ اُهي سڀ شيون سندن هيرن جواهرن جي نمائش سان گڏجي سڄي رات درٻار تي نهايت شاندار اثر وجهي رهيون هيون. حڪومت جي عملدارن مان پڻ ڪن کي نهايت سٺي طرز جون پوشاڪون پهريل هيون ۽ اهي سڀ شيون گڏجي انهي منظر جي چمڪ ڌمڪ ۽ دولتمنديءَ جو هڪ اهڙو مجموعي نظارو پيش ڪري رهيون هيون، جنهنجو اسان حيدرآباد جي درٻار جي سلسلي ۾ تصور به نه ڪيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org