ڊاڪٽر
ايس. پي. ڇٻلاڻي
حيدرآباد جي اقتصادي تاريخ
جڏهن سڪندر اعظم سنڌ مان لنگهندي وطن ڏي ٿي وريو، تڏهن چيو وڃي
ٿو ته هو هڪ ننڍي قديم قلعي ’نيرون‘ ۾ ٿورو وقت
ترسيو هو. انهيءَ قلعي واري هنڌ تي- جنهن قلعي
پهرين پهرين عربن جي آڻ مڃي هئي- ڪلهوڙي گهراڻي جي
حڪمران ميان غلام شاهه 1768ع ۾ حيدرآباد جو شهر
ٻڌايو. ان وقت تائين، ٺٽي جي سموري شان ۽ اهميت
ختم ٿي وئي هئي، ۽ ان جي جاءِ وري حيدرآباد ورتي.
حيدرآباد کي سنڌ جو تختگاهه بنايو ويو، ۽ ڪلهوڙن
کانپوءِ ٽالپرن جي حڪومت جو صدر مقام به حيدرآباد
ئي رهيو، پر تڏهن به حيدرآباد کي ٺٽي جهڙو اوج
ڪنهن به وقت حاصل نه ٿي سگهيو.
هي شهر گنجي ٽڪر تي بيٺل هو، آسپاس زرخيز زمينون هئس- هڪ پاسي
ٽن ميلن جي پنڌ تي درياءُ هوس. ته ٻئي پاسي ۾
مدامي وهندڙ ڦليلي هئس- تنهنڪري جلد ئي صوبي جو
مکيه شهر بڻجي پيو. پر سندس اهميت ٺٽي، لاهري بندر
۽ شڪارپور جي ابتڙ رڳو مقامي هئي. هتان مکيه
صوبائي رستا ڦٽي ٿي نڪتا، ۽ ان ڪري صوبي جي مکيه
واپاري مرڪزن سان خشڪي رستن وسيلي ڳنڍيل هو.
انهيءَ هوندي به شهر صنعتن کان خالي ڪين هو.
هتي شاندار ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو تيار ٿيندو هو، پر خاص ڪري منجهس
هٿيار پنوهار- ٽوٽيءَ واريون بندوقون، تلوارون ۽
خنجر- سُٺا ٺهندا هئا. جيڪي ڪنهن به طرح يورپ جي
ٺهيل هٿيارن کان گهٽ ڪين هئا. شهر جي خاص اهميت
رڳو انهيءَ ڪري هئي، جو وقت جي حڪومت جو صدر مقام
هو، ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مال متاع هتان روانو
ٿيندو هو.
پر حيدرآباد ڏاڍو سوڙهو ۽ گندو شهر هو؛ هينري پاٽنجر ۽ پوسٽنس
جي لکڻ مطابق هي شهر ڪچي مٽيءَ سان ٺهيل جهوپڙين
جو مجموعو هو. ماڻهو غريب ۽ بُرن حالن ۾ هئا. شهر
۾ ميل کن ڊگهي بازار هئي، جيڪا بُڇڙي طرح اڏيل
هئي. پر منجهس وڪري لاءِ مال اسباب ڪافي رکيل هو.
ڪرنيل ڪيٽ ينگ ان لاءِ هينئن ٿو لکي: ” ڪهڙي نه
بُڇڙي جڳهه آهي هيءُ حيدرآباد مون اهڙو بدبودار،
بڇڙو ۽ گندو هنڌ ڪو ورلي ڏٺو آهي. مون کي ماڻهن جي
بيمار ٿيڻ ۽ شهر کي ڌڪارڻ تي ڪو تعجب نه ٿيندو
آهي.“ 1843ع ۾ انگريزن جي فتح وقت، حيدرآباد جي
آدمشماري ٻائيتاليهه هزار هئي.
نصرپور
سلطان فيروز شاهه تغلق، دهلي جي شهنشاهه جڏهن سنڌ کي 62- 1361ع
۾ پوري طرح فتح ڪري ورتو، تڏهن سنڌ جي حڪومت جون
واڳون پنهنجي هڪ نائب نصير خان کي سونپي، پاڻ موٽي
دهليءَ ويو. ڊي ائنول جي چوڻ موجب نصرپور جو شهر
انهيءَ نصير خان، سنڌو درياهه جي هڪ شاخ سانگڙا جي
ڪپ تي ٻڌايو. نصرپور لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي شهر هڪ
سهڻو شهر هو، جنهن جي پسگردائي ۾ عاليشان باغ،
وڻندڙ چمن ۽ تفريح جون ڪيتريون جايون هونديون
هيون. ترخانن انهن کي سُڌارڻ ۽ سينگارڻ ۾ ڪا ڪسر
نه ڇڏي، ۽ انهن جي دور ۾ سندن شان شوڪت ڪافي وڌيو.
نصرپور سترهين صدي ۾ هڪ وڏو ۽ آباد شهر بنجي پيو هو، ۽ ڪپڙي جي
صنعت جو هڪ وڏو مرڪز هو. خاص ڪري هرک، ۽ سُوسين جا
ڪپڙا سٺا تيار ٿيندا هئا. صوبي جي مکيه شهر ٺٽي
سان برابري ڪندڙ شهر هو- ۽ انگريزن جڏهن پهرين
ڪوٺي سنڌ ۾ کولي، تڏهن ان جي هڪ زبردست آفيس
نصرپور ۾ به کوليائون، ۽ اُتي هڪ دائمي ريزيڊنٽ پڻ
مقرر ڪيائون. انگريزي ڪوٺي وارا انهي باري ۾ لکن
ٿا ته؛ ” ٺٽي کي ويجهي ۾ ويجهو ٻيو شهر نصرپور
آهي، جيڪو ڪپڙي تيار ڪرڻ جو اهم ترين مرڪز آهي.
رپورٽن موجب، ”منجهس ٽي هزار ڪورين جا گهراڻا آباد
ٿيل آهن. هي شهر ٺٽي کان وڏو نه آهي، ته سندس
برابر جيڏو بيشڪ آهي.........“ وچولي سنڌ ۾ نصرپور
واپار ۽ صنعت جو وڏو مرڪز هو- ۽ درياءَ جي آمدرفت
رستي ٺٽي سان ڳنڍيل هو. هتان ٻيڙين جي سستي طريقي
سان مال ٺٽي پهچندو هو- جتان وري اُهو دنيا جي
وڏين مارڪيٽن ڏانهن کڄي ويندو هو.
نصرپور جي زوال جي صحيح تاريخ جو پورو پتو نه پيو آهي، پر ڏسڻ ۾
ايئن ٿو اچي ته درياءَ جي وهڪري بدلائڻ ڪري هي شهر
ڦٽي ويو- ۽ انگريزن جي اچڻ وقت، ڦٽي ڦٽي باقي وڃي
هڪ ننڍي ڳوٺ جي شڪل ورتي هئائين.
باغ ۽ باغن جي پيدائش
سنڌ جا بهترين باغ حيدرآباد، نصرپور ۽ ٻين شهر ۾ هوندا هئا.
جيمس برنس لکي ٿو ته، ” درياهه جي اوڀر طرف
حيدرآباد ۾ بهترين قسم جا عاليشان باغ آهن- ۽
اونهاري جي موسم شروع ٿيڻ تي سڄو ملڪ گلن- خاص ڪري
گُلاب جي گلن سان ڍڪجيو وڃي. ملڪ جي هر طبقي جا
ماڻهو باغن تي ڏاڍو ڌيان ڏين ٿا- تفريح جو وقت
انهن باغن ۾ گذاريو وڃي ٿو. هندو ۽ مسلمان، ٻئي
زندگيءَ جي هن پهلوءَ تي گهڻو ڌيان ڏين ٿا ۽ ان تي
ڪافي پيسو خرچين ٿا!“
زراعتي لاڙا
سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو سياسي ۽ واپاري نمائندو ناٿن ڪرو
(1799ع) ۾ لکي ٿو؛ ” مير فتح علي حيدرآباد جي
ڀرسان زرخيز ترين زمين جي ايراضين مان هڪ وڏو حصو
شڪار لاءِ خالي ڪرائي ڇڏيو آهي، ڇوته منجهس هرڻ جو
هڪ قسم’ڪوتا پاچ‘ رهي ٿو، جنهن کي شڪار ڪرڻ هن جي
بهترين وندر آهي- ۽ انهي ڪري خود سندس خزاني کي
اٽڪل ٻن ٽن لک روپين جي ڍل جو نقصان پيو آهي.“
1809ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪپمني جي ايلچيءَ جو سنڌ ۾ آيل پهريون نائب
هينري ايلس به انهي سلسلي ۾ لکي ٿو: ” ٽالپرن
پنهنجي شڪار جي اجائي گهڻي شوق جي ڪري درياءَ جي
ٻنهي پاسن تي زرخيز زمين جون وڏيون ايراضيون شڪار
ڪرڻ ۽ شڪار محفوظ رکڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيون آهن؛
نتيجو اهو ٿيو آهي، جو زرخيز ۽ چڱي طرح پوکيل
علائقا به ويران ۽ سـڃا ميدان ۽ بيڪار ٻيلا بڻجي
پيا آهن.“
1836ع ۾ آيل ڊيل هوسٽ به ساڳئي ڳالهه ٿو لکي: ” ملڪ جو گهڻو حصو
شڪارگاهن ۾ تبديل ٿيل آهي. بدقسمتيءَ سان ملڪ جو
زرخيز ترين ڀاڱو ٻٻرن ۽ لئيءَ جي وڻن سان ڍڪيل
آهي- ۽ باقي ڪو چوٿون حصو زمين جو پوک لائق وڃي
رهيو آهي.“
1832ع ۾ وليم پاٽنجر لکي ٿو: ” سڄي زمين جي ٽئين حصي کان به
گهڻو ڀاڱو شهزادن جي شڪار لاءِ محفوظ ٿيل
آهي......... حيدرآباد ۽ ٺٽي جي وچ ۾ ئي اٽڪل ٽيهه
اهڙا شڪارگاهه آهن؛ جيڪي درياءَ منجهان ستر ميلن
جي مفاصلي تان نظر اچي سگهن ٿا. زمين جو اٽڪل ٽيون
حصو قدرتي طرح غير آباد پيل آهي، يا خود حاڪمن جي
اڍنگي زرعي نيتيءَ ڪري غيرآباد آهي.“
آبپاشي ۽ زراعت
کيتي ۽ آدم شماري جو مکيه بنياد سنڌو ندي مان ڦٽندڙ واهن وسيلي
آبپاشي آهي............ جڏهن درياءَ ٻوڏ واريءَ حد
تي پهچي ٿو، تڏهن واهه به پاڻي سان ڀرجيو وڃن ۽
اُتان پاڻي هيٺ زمينن ڏانهن وهڻ شروع ٿو ڪري- ۽
زمين پوکن هيٺ آندي وڃي ٿي. چوماسي پوري ٿيڻ تي،
پاڻي جي سطح لهڻ شروع ٿئي ٿي- واهن جو وهڻ به بند
ٿيو وڃي- ۽ پوکڻ جي مُند پوري ٿئي ٿي. هميشه وهندڙ
۽ بئريج سرشتي کان اڳ هتي پوکڻ جو عام دستور اهو
ئي پئي رهيو آهي............ مقامي حاڪمن جا
کوٽايل واهه گهڻي ڀاڱي آبڪلاڻي واهه هوندا هئا.
جهونو سنڌي طريقو اهو هو ته درياءَ جون قدرتي
شاخون به استعمال ڪيون وينديون هيون، ته نوان واهه
به کوٽايا ويندا هئا- قديم واهه سڀئي ڪي هٿرادو
کوٽايل ڪينهن- جيتوڻيڪ قدرتي واهن ۽ هٿرادو کوٽايل
واهن ۾ فرق ڳولڻ سولو نه آهي.
ڊيل هوسٽ جي لکڻ موجب سنڌو درياهه جون حيدرآباد وٽان نڪرندڙ
قدرتي شاخون هي آهن: ڦليلي، ڦِٽو، گوني ۽
پنڃاري........... ڏکڻ سنڌ ۾ دوآبي (ڊيلٽا) واري
ڀاڱي ۾ زمين جي سطح گهڻو ڪري ٻين هنڌن جي ڀيٽ ۾
هيٺانهين آهي؛ جتي پراڻن واهن وسيلي آبپاشي ٿي
سگهندي هئي- ۽ باقي ملڪ ۾ رڳو چرخي ذريعي آبپاشي
ئي ممڪن هئي.
اڳين وقتن ۾، سنڌ ۾ آبپاشي هيٺين طريقن سان ٿيندي هئي- يعني
چرخي، موڪي ۽ بوسي. پهرئين طريقي ۾ مٿينءَ سطح تي
پاڻي پهچائڻ لاءِ هڪ اوزار ڪم آندو ويندو هو، جنهن
کي ”هُرلو“ سڏيو ويندو هو. انهي کي ”چاڙهي واري
آبپاشي“ سڏيو ويندو- ڇو ته انهي ۾ هُرلي وسيلي
پاڻي مٿي کڻي زمين ڏانهن نيڻو پوندو هو؛ انهي هرلي
۾ ٺڪر جون ڪنگريون ٻڌيون وينديون هيون. پر جيڪڏهن
زمين هيٺاهين هوندي هئي ۽ ڪنهن ڪڙئي يا شاخ مان
پاڻي زمين ڏانهن وهي ٿي سگهيو- ته انهي قسم جي
آبپاشي جي سرشتي کي ”موڪي“ يا ”وهڪري جي آبپاشي“
سڏيو ويندو هو، انهيءَ سرشتي ۾ ڪنهن به اوزار جي
ضرورت نه پوندي هئي. ڪڏهن ته وري انهن ٻنهي سرشتن
کي ملائي، ڪم ورتو ويندو هو. جڏهن واهه ۾ پاڻي جي
سطح اوچي هوندي هئي، ته قدرتي طرح هيٺ ٻنين ۾ پاڻي
پهچي ٿي سگهيو. آبڪلاڻي جي مند جهڪي ٿيندي ئي هاري
کي هُرلو ڪم آڻڻو ٿي پيو. انهي طريقي کي ”چرخي-
مدد- موڪي“ سڏيو ويندو هو. ٽيئن طريقي کي ”بوسي“
سڏبو هو، جيڪو خشڪ فصلن- ۽ خاص ڪري ڪڻڪ ۽ دالين-
جي فصلن اُپائڻ لاءِ ڪم آندو ويندو هو. ٻوڏن جي
وقت ۾ ٻنيون ٻارا سڀ پاڻي سان تار ٿي ويندا هئا، ۽
جڏهن ٻوڏون هٽي وينديون هيون، ته زمين پوري طرح نه
سُڪندي هئي ۽ اڃا وٽ ۾ نه ايندي هئي، ته زمين کي
دستوري طرح هر ڏيئي، کيڙي پوک ڪئي ويندي هئي-
انهيءَ پوک کي زمين ۾ رچي ويل پاڻي مان کاڄ ملندو
هو. درياءَ جي ٻنهي طرفن تي ڪافي ايراضي تي انهي
نموني زمين پوک هيٺ آندي ويندي هئي.......... جڏهن
ته واهن جي حالت ۾ ته رڳو خريف ئي پوکي سگهبو هو،
ڇو ته واهه ته آبڪلاڻي جي موسم ۾ ئي وهندا هئا.
ڊاڪٽر سورلي چوي ٿو ته، ”انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪلهوڙا جيئن
ته پاڻ به سنڌي هئا، ان ڪري هنن کي انهيءَ سرشتي
کي ترقي وٺرائڻ جي اهميت جو احساس هو، انهي کان
سواءِ انهي حقيقت مڃڻ لاءِ به گهڻا سبب موجود آهن،
ته ڪلهوڙن جي ڏينهن جو آبپاشي سرشتو ٽالپرن جي
سرشتي کان وڌيڪ سُٺو هو. ٽالپرن جي کوٽايل واهن جو
انگ به ايترو گهڻو نه آهي؛ ٻيو آبڪلاڻي واهن ۽
ڪڙين جي ضروري سالياني کاٽي ۽ صفائي تي پيسو خرچ
ڪرڻ ۾ به اُهي سخت ڪنجوس هئا.
زرعي اوزار
زرعي کيتيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ پاهوڙا، هُرلا، هر ۽ ٻيا ننڍا ننڍا
اوزار ڏسڻ سان ثابت ٿئي ٿو ته اهي اوزار پراڻي
وقتن کان ڪم ايندا رهيا آهن. ۽ انهن جو استعمال
حالتن پٽاندر هوريان هوريان ٿيندو هوندو. انهيءَ ۾
ڪوبه شڪ نٿو اُٿي ته هاڻوڪا اوزار ئي اڪبر جي
زماني ۾ به استعمال ٿيندا هئا؛ انهن جي قدامت تي
ڪوبه اختلاف ٿي نٿو سگهي............ پوسٽنس ’هر‘
جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو ڍڳن جي جوڙي يا ڪڏهن ڪڏهن اُٺ
وسيلي ڪاهيو ويندو هو. اهو هر تمام هلڪو هو- ۽ رڳو
ٿوري مٽي کي کيڙي اُٿلائي سگهندو هو- ۽ اڪثر رڳو
زمين جي سطح کي ئي کيڙي سگهندو هو. گُڏ ڪڍڻ لاءِ
رنبو، ۽ هڪ ننڍي ڳن سان ’پاهوڙو‘ استعمال ڪيو
ويندو هو. ٻئي پاسي ايٽڪن پنهنجي گزيٽئر ۾ انهيءَ
کان سواءِ ليٿڻ، سنهرو يا سانهر، ڪيڻ، وٽوڙ،
ڏانداري، ٻيانو، ناڙي، ڪُهاڙي يا ڪُهاڙو ۽ ڏاٽو به
اوزارن ۾ ڄاڻائي ٿو.
جاگيرداري ڍل ۽ محصول جو سرشتو
مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو انتظامي يا حڪومتي سرشتو جاگيرداراڻو
هو. انهي سرشتي هيٺ حاڪم پنهنجي تابعدارن کي
زمينون بخشيندا هئا، جيڪي وري جنگ جي وقت ۾ حاڪم
سان وفادار رهندي، لشڪر مهيا ڪندا هئا. ڪلهوڙن جي
طاقت ۾ اچڻ سان ڌارين جي اختياري مقامي ڪاموريشاهي
۾ تبدل ٿي ويئي. جنهن کي سموري طاقت ماتحت فوجين
کان ملندي هئي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن کي ان طرح ماڻهن
جي هڪ نئين طبقي کي تسليم ڪرڻو پوي، جن کي ڪيترائي
حق جهڙوڪ انعامن ۽ جاگيرن جي بخشش، ڪيترن ئي ڍلن
کان معافي جا حق حاصل هئا، ۽ حقيقتن ان طرح منتقل
ٿيل زمين جي ايراضي، خاص ڪري ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ته
نهايت گهڻي هئي............ ڪئپٽن اسٽئڪ جي لکڻ
مطابق، 1843ع ۾ حيدرآباد ضلعي ۾ جاگيرن هيٺ ايراضي
چاليهه لک بيگهه، يا ويهه لک کن ايڪڙ هئي، جيڪا
پندرهن هزار ماڻهن ۾ ورڇيل هئي.
زمين جي ڍل گهڻو ڪري جنس ۾ وصول ڪئي ويندي هئي. مغلن جي وقت ۾
هاري کان فصل جو ٽيون حصو ورتو ويندو هو، ۽ ٽالپرن
شايد ڪلهوڙن جي پيروي ڪندي، زمين جي درجيواريءَ
مطابق، حڪومت جو حصو ٽين پتي، ٻه ڀاڱي پنجين پتي
يا رڳو پنجين پتي مقرر ڪيو هو. رچرڊ برٽن ٻُڌائي
ٿو ته ڍلن جا اگهه، فصلن جي مُلهه، زمين جي
درجيواري، پاڻي جي سهوليت ۽ ٻين اهڙين ڳالهين کي
خيال ۾ رکي- پيدائش جي چوٿين پتي، ٽين پتي، پنج
دوئي (ٻه ڀاڱي پنج) يا نصف نصف (اڌو اڌ) مقرر ڪيا
ويندا هئا. پر مجموعي طرح زميندار سڄو خرچ ڀري فصل
جو ٽيون حصو پاڻ کڻندا هئا. زمين جا ٽي درجا مقرر
ڪيل هئا. پهريون ”سيلاني“ – يا اها زمين جنهن کي
آبڪلاڻي مان پاڻي پهچندو هو، ۽ جنهن جي آبپاشي
لاءِ ڪابه هٿرادو مدد ڪانه ڏني ويندي هئي؛ ٻيو
”چرخي“ يا اها زمين، جيڪا درياءَ کان ڪجهه فاصلي
تي هوندي هئي جنهن لاءِ واهن يا نار جي ضرورت
هوندي هئي؛ ۽ ٽيون ”باراني“ يا اها زمين، جنهن کي
برسات جي پاڻيءَ تي پوکيو ويندو هو.
هوڏانهن انهي ڳالهه جي تصديق 1847ع ۾- يعني انگريزن جي سنڌ فتح
کان رڳو چئن سالن کان پوءِ هڪ ڪمشنر جي رپورٽ مان
ٿئي ٿو، هو لکي ٿو، ”زمين جي ڍل جو وڏو حصو جنس جي
صورت ۾ وصول ڪيو وڃي ٿو- ۽ انهي جو اگهه پيدائش جي
ٽين پتي کان گهڻو مٿي نه آهي. البت آبپاشي ۽ وصولي
جي خرچن کي خيال ۾ رکي ان اگهه ۾ ڪجهه اضافو ڪيو
وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن مقامي آبپاشي جي خرچن کي خيال ۾
آڻي گهٽ اگهه به مقرر ڪيا ويندا آهن. ڍل جي روڪ
پئسن جي صورت ۾ وصولي رائج آهي، پر تمام ٿوري حد
تائين انهن جا اگهه، زمينن جي زرخيزيءَ کي ڏسي
وچولا مقرر ڪيا وڃن ٿا.“
جاگيردارن ۽ انعامن کان سواءِ، باقي سموري زمين، جنهن مان حڪومت
کي ڍل ملندي هئي، سا حاڪم جي ملڪيت هئي. زمين جي
ڍل، جنهن مان ملڪ جي آمدنيءَ جو گهڻي ۾ گهڻو حصو
گڏ ٿيندو هو، هڪ پيچيده مسئلو هو، لڳي ايئن ٿو ته
زمين جي ڍل جو سرشتو، پنهنجي خاصيتن جي لحاظ کان
مغلن، ڪلهوڙن توڙي سندن جاءِ نشين ٽالپرن جي دور ۾
عملي طرح بلڪل ساڳيو رهيو. پوسٽنس اسان کي ٻڌائي
ٿو ته انهي سرشتي جو خاص پهلو هيءُ هو ته زمين جي
ڍل مقاطعي جي اصول تي وصول ڪئي ويندي هئي؛ جنهن
موجب زميندار کي حاڪم کان پٽي (ٺيڪي)، مقاطعي يا
معاهدي تي زمين ملندي هئي، جنهن موجب زمين جي
پکيڙ، ۽ مقاطعي جا شرط ڄاڻايل هوندا
هئا........... ٺيڪي ملڻ کان پوءِ، زميندار کي
پنهنجي زمين جي ڪنهن به حصي کي ٻئي ڪنهن کاتيدار
(مقاطعيدار) کي ڏيڻ جي آزادي هئي، پر حڪومت کي
سموري ڍل ڀري ڏيڻ جو هو ئي ذميدار هو. جڏهن فصل
لهندو هو، تڏهن هڪ هنڌ سڄو فصل آڻي گڏ ڪندا هئا.
جنهن کي ’خرمان‘ چيو ويندو هو.
حڪومت طرفان هڪ ڪامورو ان جو مقدار ڪٿي، حڪومت جو حصو وصول ڪري
ويندو هو، زمين جو گهڻو حصو ’پٽئي‘ سرشتي کي ڏنو
ويندو هو. جنهن موجب سموري پيداوار جو هڪ مقرر ٿيل
حصو حڪومت کي ملندو هو، آئين اڪبري مان اسان کي
پتو ٿو پوي ته زرعي ڍل پيداوار جو ٽيون حصو هوندي
هئي؛ ۽ ٽالپرن، شايد ڪلهوڙن جي دور ۾ به شاهي حصو،
زمين جي مختلف قسمن جي لحاظ کان ٽين پتي، ٻه ڀاڱي
پنجين پتي يا پنجين پتي هوندو هو. پر جيئن سنڌ جو
ڪمشنر لکي ٿو، زمين جي ڍل پيداوار جو حصو گهڻو ڪري
ٽين پتيءَ جي حساب سان وصول ڪيو ويندو هو. انهي
کان سواءِ آبپاشي لاءِ هر، هُرلي تي به ڍل هوندي
هئي، ۽ ساڳئي وقت هارين مان هرهڪ تي في ڪس (في
ماڻهو) محصول به هوندو هو....... زمين جي ڍل وصول
ڪرڻ جا ٻيا به طريقا هوندا هئا، جهڙوڪ؛ ’محصولي‘،
جيڪا هر جريب (اٽڪل اڌ ايڪڙ) تي روڪڙ ناڻي جي صورت
۾ وصول ڪئي ويندي هئي. ڍل جا اگهه البت زمين جي
پيدائشي قوتن جي بنياد تي مختلف هوندا هئا.
مقاطعي جو طريقو رڳو زمين جي ڍل وصول ڪرڻ لاءِ محدود ڪين هو،
حقيقت ۾ گهڻي ۾ گهڻا محصول انهي ئي سرشتي موجب
وصول ڪيا ويندا هئا- ۽ محصولن جي مقاطعيدارن (يا
ٺيڪيدارن) جو تعداد- جيڪي گهڻو ڪري هندو هوندا
هئا- ڪافي گهڻو هو. جيئن محصول جي انهن مقاطعيدارن
(يا ٺيڪيدارن) جو مقصد رڳو پنهنجي مقاطعي جي مُدي
۾- جيڪو گهڻو ڪري هڪ سال لاءِ هوندو هو. گهڻي ۾
گهڻو محصول گڏ ڪرڻ هو، ان ڪري اهو ڏکيو ۽ پريشان
ڪُن هوندو هو.
رچرڊ برٽن جي لکڻ موجب، ٽالپرن جي ڏينهن ۾ هيٺان محصول هوندا
هئا:
پيش ڪش- مهاجن: هي محصول واڻين تي واپار ڪرڻ جي حق حاصل هجڻ ڪري
مڙهيل هو، ساليانو پنجن کان ڏهن رپين تائين هوندو
هو.
سرشماري: هي محصول گهڻو ڪري دستڪارن جهڙوڪ؛ رنگريزن، واڍن،
لوهارن ۽ رازن تي ماڻهوءَ جي حساب سان هوندو هو، ۽
سال ۾ في ماڻهو ايڪٽيهه رپيا هوندو هو.
دلالي: واپار ۾ دلالي ڪرڻ جي اجازت هئڻ ڪري سڀني دلالن کان
ماهوار وصول ڪئي ويندي هئي.
هوائي: جيڪو سامان، ڪنهن جهاز ٻڏڻ يا تباهه ٿيڻ کان بچايو ويندو
هو، سو حڪومت کي ڏنو ويندو هو.
فروعي: اها آمدني هئي، جيڪا پوکڻ ۽ ڍل ڀُرو زميندارن جي زمين ۾
چرندڙ رولو اُٺن، ٻڪرين ۽ ٻئي چوپائي مال کي وڪڻي
وصول ڪئي ويندي هئي.
چرخي: هُرلن تي محصول هوندو هو.
اجاره ڪولابه: اٿل وارين زمينن يا ڍنڍن تي محصول هوندو هو. هن
محصول جو ٺيڪو يا مقاطعو سرڪاري ڪامورن کي ملندو
هو، اتي پيدا ٿيندڙ سر وڍي تڏا ٺاهڻ، جهنگلي پکي
ڦاسائڻ ۽ کاڌي لائق پاڙن (جيئن لوڙهه، بهه وغيره)
مان پيدا ٿيل آمدنيءَ جون ٽيون حصو، حڪومت کي ڏيڻو
پوندو هون.
اجاره پٽه: پتڻن تان لنگهندڙ ماڻهن کان وصول ڪيو ويندو هو.
سر درختي: انبن، کجين ۽ ٻين وڻن جي پيدائش جو اڌ يا ٽيون حصو
محصول طور وصول ڪيو ويندو هو.
تارازو: بازارين ۾ وڪامندڙ ان، ميوي يا کاڌي جي شين تي محصول
هوندو هو. سراسري اگهه پنجن سيرن تي هڪ پيسو هوندو
هو.
شڪار ماهي: مهاڻن تي محصول هوندو هو، جيڪي مڇيون اُهي ڦاسائيندا
هئا، تن جي ٽين پتي يا اڌ کين محصول طور ڏيڻو
پوندو هو.
سلامتي ڪشتي: ٻيڙي جي صحيح سلامت ڪناري تي پهچڻ تي محصول هوندو
هو، محصول جو ٺيڪيدار چار آنا اهو محصول وٺندو هو،
ڇهه آنا لنگر انداز ٿيڻ تي وٺندو، ۽ سلامتيءَ سان
پهتل هر گهوڙي تي اٺ آنا وصول ڪندو هو.
مويشي: وڪري ٿيڻ وقت هر گهوڙي ، اُٺ، ڳئون، گڏهه يا خچر تي هڪ
آني جي حساب سان هي محصول هوندو هو.
ريزڪي: ريزڪي واپار تي هي محصول هوندو هو. هر ڪنهن
خريدار کي رپئي تي هڪ آنو حڪومت کي ڏيڻو پوندو هو،
جيڪڏهن خريدي سئو رپئي کان مٿي هوندي ته پنج سيڪڙو
ڏيڻو پوندو هو، شاهوڪار کي البت چار سيڪڙو ڏيڻو
پوندو هو. |