سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :115

 ڇا رنگ، ڇا رنگن جا قسم، ڇا رنگن جي ملاوٽ، ڇا ڊيزائن جي خوبي، ڇا گلن ٻوٽن جي نزاڪت، ڇا شين جي ساخت جي مجموعي نفاست – ڪمرا نه لڳندا هئا، ڄڻ گهر اندر باغ بوستان هوندا هئا. تن تي وري رنگا رنگ پٽ ۽ زريءَ جا پوش، جن تي ڪُنڊي جي ڀرت، ڪائن ۽ ٽڪ جو اهڙو ڪم ٿيل جو انهن ڏٺي يورپ جون شاهي ٽيپسٽريون (جن جي واکاڻ ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا ويا آهن) ڦڪيون ۽ ٻُسيون پيون لڳن.

فرنيچر جي آرٽ جي ماهرن کي سنڌ جي فرنيچر جي باري ۾ هڪ ڳالهه ککندي هوندي – يعني هيءَ تي سنڌ جو فرنيچر کڙي ۽ اُڀي شيپ جو هو، جنهن ۾ ويٺي ماڻهو جي ويهڻ جي ڊهي پوڻ جو انتظام ڪونه هوندو هو. مثلا جيئن اڄ ڪلهه جا ڪوچ ۽ صوفا پر کين ٻه ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ گهرجن.

پهرين ان دور جي ماڻهن جي چيلهين سان تراريون ٻڌل رهنديون هيون، جنهن ڪري کين کڙائي سان ويهڻو پوندو هو ۽ ويهڻ جو شيپ کڙو هوندو هو: هو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ تي ويهي ڪونه سگهندا هئا. جو ترار ٻڌي به منجهس ڊهي پون.

ٻي ڳالهه ته هيءَ ان زماني جو يورپي توڙي چيني فرنيچر – به ساڳي طرح کڙي شيپ جو هوندو هو، ڇو ته اُتي به ترار جو مسئلو هوندو هو. ڪوچ ڪونه هوندا هئا. ڪوچن جي شيپ جون شيون رڳو پيشيور عورتن جي عشرتڪدن لاءِ هونديون هيون، جتان جون ضرورتون سمجهه ۾ اچڻ جهڙيون آهن.

سيجن ۽ کٽن تي جيڪي نصرپور ۽ هالن جا ريشمي رنگين ۽ سون جي ڌاڳي مان اُڻيل وڇايا ويندا هئا، تن جي ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر هوندي هئي! منهنجي پنهنجي پوئين زماني ۾ ايوب خان مرحوم اهڙو هڪ کيس سنڌ مان ٺهرائي سوکڙيءَ طور آمريڪا جي صدر ڪينيڊي جي زال کي ڏنو هو، جنهن کي وائٽ هائوس جي سينگار ۾ به سڀ کان مٿاهين ۽ معزز ترين جاءِ ملي. پراڻن کيسن جي مقابلي ۾ اهو کيس اڃان به معمولي هو. ۽ کيسن جي ڪُنڊن تي وري ماشاءالله موڙن سان ميناڪاري ”سيج بند“ ٻڌل ۽ حيدرآباد جي مشهور زردوزن جي هٿن مان نڪتل وهاڻا سجيل!

”ميناڪاري“ سنڌ جو خاص آرٽ هوندو هو. جيڪو افسوس ۽ شرم آهي ته هينئر مري ويو آهي. سنڌ جا ماڻهو سون جي زيورن کان وڌيڪ چانديءَ تي ميناڪاري ٿيل زيورن کي پسند ڪندا هئا، ڇو ته انهن ۾ رنگن جي آميزش ڪري وڌيڪ ڪشش هوندي هئي؛ تنهن کان سواءِ چانديءَ ۾ ڇمڪڻ جي به خاصيت هوندي هئي. جيڪا سون جي زيورن ۾ ڪانه هئي. خود سون به انهن ڏينهن ۾ رڳو ڏهه يا ٻارهن روپيا تولو هوندو هو. حقيقت ۾ سنڌين جي نظر ۾ شين جي قيمت کان وڌيڪ آرٽ جو مانُ هوندو هو. اُٺن ۽ گهوڙن کي به ميناڪاريءَ جي سازن سان سينگاريندا هئا. جن جا ڪيئي قسم ۽ شيپ هوندا هئا.

انهن شين تي ويهڻ ۽ انهن کي ماڻڻ لاءِ ٻوٿيون به کپنديون هيون، جيڪي پڻ الله تعاليٰ جلشانہ ڪثرت سان سنڌ کي فراهم  ڪري ڏنيون هيون. انهن جا قدبُت، شڪليون شبيهون، سُنهاريون ۽ شهپر اڄ اسان پنهنجن حالن سان ڀيٽي ڏسون ٿا، ته ايئن پيو لڳي ڄڻ اسان کير، مکڻ، مهي، تازي هوا ۽ اٺن گهوڙن جي سواري کان محروم، شهري هوٽلن جون چانهيون پيئندڙ، جعلي گيهه کائيندڙ ۽ موٽرن تي پاڻ کڻائيندڙ، ڄامڙا، ڊينڊڙا، لوسي آهيون يا سُڪي ۽ سُسي ويل مصر جون مميون! سنڌ جا پراڻا فوٽو اڄوڪن فوٽن سان ملائي ڏسو، فرق معلوم ٿي ويندو.

ميرن جون جايون

مون حيدرآباد ۾ ميرن جي زماني جون ٺهيل ڪي جايون ڏٺيون. قلعي اندر گهڻو ڪري، سندن دور جون گهڻيون جايون اڳ ۾ ئي ڊهي ويل هيون. جيڪو ٽُڪر بچيل هو تنهن جي ديوارين تي ڪافي نقش نگار هو. سرڪار منجهس سروي آفيس رکي هئي. ٻيون جايون مون هاڻوڪيءَ لطيف آباد جي ڀر ۾ ڏٺيون. هزهائينس مير نور محمد مرحوم جي فرزندن مير محمد بخش خان مرحوم ۽ مير علي بخش خان مرحوم جي حوالي هيون. محمد بخش خان وارو حصو ڦٽي چڪو هو. رڳو ڀتين تي شڪار ٿيل جانورن (سرهن، گڊن، هرڻن، ڦاڙهن) جي سڱن جون قطارون لڳل هيون. البت مير علي بخش خان جي حصي واري عمارت سنڀاليل ۽ چڱي حالت ۾ رکيل هئي. منجهس گهڻو قيمتي ۽ پراڻو سامان موجود هو، جنهن مان اڳوڻن بزرگن جي طرز رهائش جي جهلڪ ملي رهي هئي. ڪي نادر روزگار شيون به اڃا بچيل هيون. مثلا قلمي ڪتابن جا ڪي اڻلڀ نسخا، پر اڳتي هلي انهن جو ڇا حشر ٿيو، تنهن جو پتو ڪونه اٿم. بعد جا گهڻا ئي ڦورو ڪڍ پيل هُون.

مير علي بخش خان مرحوم واقعتا شاهي نسل جو انسان لڳندو هو. مون ان کي ڏسي ئي اڳيئن نسل جي بزرگ متعلق اهي رايا قائم ڪيا، جن جو مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان. مجموعي طرح سندن جاين، توڙي ”ٽنڊي“ تي انتهائي ويراني ۽ مايوسي جي فضا ڇانيل هئي. چوندا آهن ته سج ٻه پاڇا ٿئي ٿو. اُن جو منظر اُتي موجود هو. جنهن جاءِ تي بادشاه ڪري چڪا هئا، اتي رعيتي ٿي غربت ۽ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ رهڻو پيو هُون. سندن حڪومت وڃڻ کان پوءِ، سندن در جي نوڪرن، وزيرن ۽ خدمتگارن به ڊوڙي وڃي انگريز وٽان جاگيرون ورتيون هيون. پر هي پاڻ پنهنجي خودداريءَ سببان، تهي دست رهجي ويل هئا. انگريز ڪجهه روڪ پينشن ضرور مقرر ڪئي هون، پر اها پڻ پيڙهي به پيڙهيءَ گهٽجي ندارد جي حد کي پهچي چڪي هئي. ٻيو ڪو مال ۽ زر انگريزن وٽن ڪونه ڇڏيو هو. مياڻي کان پوءِ انگريزن قلعي ۾ گهڙي جيڪا ڦُرلٽ ڪئي هئي. تنهنجو ذڪر ان دور جي تاريخي ڪتابن ۾ موجود آهي. ظالم ان حد تائين ليڪا لنگهي ويا هئا جو عورتن ۽ معصوم شهزادين جي ڪنن مان ٻُنڊڙا پٽيندي به شرم حياءُ ڪونه آيو هُون. آخر ڦر واري مال جي ورهاڱي تي پاڻ ۾ وڙهي به پيا هئا، ۽ هڪٻئي جا پول پڌرا ڪري انگريز قوم کي ايتريقدر بدنام ڪيو هئائون جو لنڊن ۾ انگريزن کي سرڪاري طرح ”فاتح سنڌ“ نيپيئر جي يادگار ٺهرائڻ جي به جرئت ڪانه ٿي ۽ نيپيئر جي ذاتي دوستن ۽ پراڻن لشڪرين کي خانگي طرح، پنهنجي هڙان چندوڪري لنڊن جي ٽرفلگار چوڪ ۾، سندس بت کڙو ڪرائڻو پوي. نيپيئر کي اُن ڦرلٽ  مان ايترو حصو مليو هو، جو هو ان مان جاءِ به خريد ڪري سگهيو هو ۽ باقي عمر قوتِ گذر به ڪندو رهيو.

حيدرآباد جي ٻاهران ميرن جا ٻيا به ڳوٺ هئا، جن کي ”ٽنڊا“ سڏيندا هئا (۽ اڃان تائين پيا سڏين) اهڙي هڪ ٽنڊي ۾ منهنجا ٻه مرحوم دوست مير حاجي شهدادخان ۽ مير فضل علي خان رهندا هئا، جن جي سنگت مان مستفيض ٿيڻ جا گهڻا موقعا مليا. مير شهدادخان بندوق جو نادر روزگار نشاني باز هوندو هو. مير فضل علي خان کي موسيقي جو ڄاڻو ۽ پڪواز وڄائڻ جو لاثاني استاد ڪري مڃيندا هئا. اهڙا دل وندرائيندڙ دوست هئا، جو انهن جهڙا انسان اڄ ملڻ دشوار پيا نظر اچن. شايد اها انساني جنس ئي ختم ٿي ويئي.

شهري رٿابندي

سنڌ جي فن سازي ۽ ٽائون پلاننگ جي هڪ ٻي خصوصيت به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. شهرن اندر ماڻهو جدا جدا محلن ۾ رهندا هئا ۽ محلن جو نقشو اهڙو رکندا هئا، جو جيڪڏهن ٻاهران ڪو حملو ٿئي، ته هڪ ئي دروازي يا گهٽي جي مُنهن کي بند ڪرڻ سان ساري محلي جا گهر محفوظ ٿي وڃن. انهن ڏينهن ۾ ٻاهرين ملڪن مان ڦرلٽ ۽ مارڌاڙ لاءِ گهلون چڙهي اينديون هيون. مدد خان پٺاڻ واري گهل سنڌ جي تاريخ جو هڪ دردناڪ واقعو آهي. گهٽيون سوڙهيون رکندا هئا ۽ محلن جي چوڌاري گهڻو ڪري ديواريون کڙيون ڪري ڇڏيندا هئا، جيئن حفاظت جي حفاظت به هجي ۽ پردي جو پردو به. گهٽين سوڙهي هجڻ ڪري هر وقت منجهن ڇانو هوندي هئي. مکيه بازارين کي مٿان ڍڪ به هوندا هئا. حيدرآباد جا هندو پنهنجن پاڙن ۾ رهندا هئا ۽ مسلمان ٽنڊن يا پڙن ۾ - ميمڻ، سلاوٽن کي ڌار پاڙا هوندا هئا.

حيدرآباد شهر جو اوائلي نقشو هيءَ هوندو هو، ته سرڪاري مرڪز قلعي اندر هوندو هو. شيءِ اُتان جي دڪانن ۾ موجود هوندي هئي، خاص طرح سان مقامي مصنوعات، جن جون ڪجهه نشايون دل کي ڏاڍو آئڙنديون هيون- مثلا قسما قسم لونگين، سُوسين، گريبن، اجرڪن،کيسن، کُهنبن ۽ ڇُريل چادرن جا ڍير، ڪاشيءَ ۽ ڪٽ جا ٿانو، اُٺن گهوڙن جا سنج ۽ ٻيا سامان، پاٽولڪو ڪم، مقامي ڪاريگرن جون ٺاهيل تراريون مُنهن جي ڀرجڻ واريون بندوقون (جن جي ساري مشرقي دنيا ۾ مشهوري هوندي هئي، ان هنر هتي ايتري ترقي ڪئي هئي جو ٻاهرين ملڪن جي حڪومت به هتان جا ڪاريگر پاڻ وٽ ويهاريا هئا)، سون، چاندي، ۽ ميناڪاريءَ جا زيور جنهن فن جو ڏاڍو رواج هوندو هو (ماڻهو ڊگهي سرائيڪين توڙي ويٺوڙين ٽوپين، صدرين، چولن ۽ شلوارن جي پاچن تي اڪثر زريءَ جو ڪم ڪرائيندا هئا)؛ هيرا، موتي، ۽ ٻيا اهم جواهر، پسار، ناياب جڙي ٻوٽيون، عطر ۽ قسما قسم خوشبو جي سامان جا ذخيره، قلمي ڪتابن جا انبار، سرازڪي هنر جا شهپارا، مٺايون وغيره وغيره.

انگريز آئي کان پوءِ شهرن لڳ جدا ڇانوڻيون پيون، جتي انگريز آفيسرن لاءِ بنگلا ۽ سپاهين لاءِ بيرڪون ٺهيون. انهن ڇانوڻين جي وچ پاسي ۾ دڪانن جو به بندوبست رکيل هوندو هو. حيدرآباد جي ڇانوڻي ۾، جنهن کي ”صدر“ سڏيندا هئا، انگريزن جي لشڪر سان گڏ ٻاهران آيل واپارين، ڪڇي ميمڻن، پارسين، بمبئي جي بوهرين ۽ گجراتي خوجن جا وڏا وڏا دڪان هئا، جن کي مقامي ماڻهو ”ڇاپون“ سڏيندا هئا. انهن دڪانن ۾ گهڻو ڪري ولايت مان گهرايل سامان ملندو هو، جنهن جا خريدار انگريز هوندا هئا.

ادبي چؤياري

ٽالپرن جي چؤياري ته مشهور آهي، پر حيدرآباد ۾ هڪ ٻي به چؤياري هوندي هئي. ان جو تعلق سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب سان هو. پڙهندا هئا، لکندا هئا، کوجنا ڪندا هئا، زير زير تي وڙهندا هئا. ڪتاب ڇپائيندا هئا، رسالا ۽ اخبارون ڪڍندا هئا، مطلب ته سنڌ جي ٻوليءَ کي کڙو تڙو ڪريو ويٺا هوندا هئا، سمهڻ يا مرڻ اُجهامڻ يا هار مڃڻ ڪونه ڏيندا هئس........... هنن جو ڪم باترتيب هلندو هو، تحرير بامقصد هوندي هئي.

نالو ٻُڌو: (1) ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، (2) لعلچند امر ڏنو جڳتياڻي، (3) ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ (4) سوڀراج نرملداس.

سنڌ نِرڄي آهي. هزارن سالن ۾ ڪانه مُئي آهي. شايد هن کان پوءِ به ڪانه مري ۽ جيستائين ڪانه مُئي آهي اوستائين اُهي نالا به وڄندا رهندا. ايترو ڪم ڪري ويا جو پاڻ وقت هٿان به ڪونه ميساربو.

ڏسڻي ۾ به فلاسفر هئا، فلاسفرن جهڙا حال ڪيو وتندا هئا. هردم خيالن ۽ خطبن ۾ غلطان، نون اکرن ۽ اصطلاحن جي عشق ۾ پيچان. ڪپڙا سڀ جوڙيءَ جا پائيندا هئا، پر هڪ پاچو هيٺ ٻيو مٿي، چولي تي مس جا چُٽا، چارئي کيسا ڪاغذن، ڪتابن، قلم ۽ پينسلين سان ڏٽيل، مٿا اگهاڙا، وارن منجهان سرهن جو تيل ڳڙي، ڏاڙهي ڪڏهن وکريل، ڪڏهن ڪٽيل، ڪڏهن ڪوڙيل، اکين تي اڪثر عينڪون، پيرن ۾ چپلون يا چاکڙيون.

ڪاڪو ڀيرومل ڄمار ۾ سڀني کان سينئر ڊگهو، هڏن جو پڃرو هو. آبڪاريءَ مان اُستاديءَ کي پهتو هو. سنڌي گرامر کي سمهوئي ويٺو هو. درسي ٻاراڻا ڪتاب جيڪي لکين ٻارن پئي پڙهيا، سي سندس لکيل هئا. ٻوليءَ جي مسئلن ۾ سندس راءِ آخري حرف هوندي هئي. ٻه خيال تمام پختا هوندا هئس(1) سنڌي ٻولي سندس ٺاهيل گرامر جي ٻڌي ٻانهي رهڻ گهرجي، ۽ (2) ته الله پاڪ هيءَ دنيا رڳو ان لاءِ خلقي جو کيس حيدرآبادي عاملن کي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو کپندو هو.

سرڳواسي لعلچند امر ڏنو مل عملي دنيا جو ماڻهو هو. تحرير وڻندڙ، تقرير گرجدار ۽ عقيدا متواز هئس. علم ۾ اونهائي ۽ تخيل ۾ ضرورت سارو تندي هوس. نيٺ سنڌي هو ملڪ بدر ٿي بمبئي ۾ مُئو ته وصيت ڪندو ويو ته هي هڏا سنڌ جا آهن. سنڌو درياهه جي حوالي ڪجو: پرائي امانت ۾ خيانت نه ڪجو، ٿيو به ايئن. سندس ساري عمر جي علمي ۽ ادبي سرگرداني جو محور سندس اهو جذبو هو. سٺ کن ڪتاب سنڌي ۾ لکي ويو، نه اهو خزانو کٽي نه لعل چند وسري.

ڄيٺمل جون ڪهڙيون ڪهاڻيون ڪجن؟ زبان داني سان گڏ بي انتها محبتي انسان هو. سنڌ جي صوفياڻي ڪلچر جو چرندڙ پرندڙ نمونو هو. انسان دوست، ڀيد ڀاءُ کان ڀڳل هوندو هو. سنڌ گل ته هي ڀؤنر، سنڌ باغ ته هي بلبل.

هندن جي قلم ۾ عام طرح سان قدري خشڪي هوندي هئي. نرم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئس ته نماڻي زالاڻي ٻولي پئي لڳندي هئي. سنسڪرت اکرن جي انجيڪشن سان زور پيدا ڪرڻ جو جتن ڪندا، ته مورڳو پاڻ ئي پڙهي سگھندا هئا. پر ڄيٺمل جي تحرير مختلف هوندي هئي. منجهس رنگ به هوندو هو ۽ زور به. ڪڏهن ڪڏهن شعر شاعري تي به پرٽجي پوندو هو، جنهن ۾ گھڻو ڪري سنڌ جي سونهن بيان ڪندو هو، سندس”ڀارت واسي“ اخبار پڙهڻ جهڙي هوندي هئي.

هڪ ڏينهن اکين ۾ سرمو پائي آيو. مون ٽوڪيس: ”ڪاڪا اڄ عشق کي عملي جامو پهرائڻ نڪتا آهيو.“ چيائين: ”بابل، سنڌڙيءَ جي مٽي اکين ۾ وڌي اٿمانءِ، روهڙيءَ مان ڪنهن سڄڻ موڪلي آهي، چي اُتان جي ٽڪرن مان ڪڍيل آهي.“

سوڀراج نرملداس جا نيڻ مون هيمشه آلا ڏٺا. گڏجاڻين ۾ حاضر پر حقيقت ۾ غير حاضر هوندو هو ڪار تار تن ۾ لڳل هئس، جنهن جي تنوار تي ڪن ۽ من لايو ويٺو هوندو هو. ادبي بورڊ جون گڏجاڻيون هلندي زير زبر جي اختلاف تي عالم پاڻ ۾ ڏند ڏيندا هئا. ايئن سمجهبو هو ته اجهو ٿا هڪٻئي تي هٿن سان حملو ڪن. پر سوڀراج صبر ۾ ٻڏو پيو هوندو هو. آئون چوندو هوسانس: ”ڪاڪا تون هنن کي ڇڏاءِ.“ اکيون پٽڙي پڇندو؛ ”ڇو، ڇا ٿيو آهي؟“ آئون چوندس: ”هيڏو، هيترو هنگامو هليو آهي، تون ڪجهه ڪونه ٻڌو آهي؟“

مُرڪي چوندو: ”پريتم، آئون ڪونه هوس.“ انهي دور ۾ لکڻ پڙهڻ ڇڏي ڏنو هئائين؛ ڪنهن ٻئي طرف طبيعت لڳل هئس.

سيٺ ڪريم بنده علي حيدرآباد جو خواجو هو، تنهن اعليٰ درجي جو باغ رکايو هو، جنهن ۾ پاڻيءَ جا تلاءَ ۽ تفريح لاءِ ڪشاده لان ۽ قسما قسم گُل ٻوٽا هئا. اٽڪل هر شام اتي سرود ۽ سماع جو اهتمام هوندو هو. حيدرآباد جي گهڻو ڪري هر مشهور ڳائڻي ان آستان جو سلام ڀريندي هئي. مهمان جي خدمت مرحوم جي زندگي جو اولين اصول هو......... انگريزن کيس ”خان صاحب“ جو خطاب ڏنو هو، جيڪا انهن ڏينهن ۾ وڏي ڳالهه هوندي هئي....... ڪپڙا لٽا انگريزي ڪٽ جا پهريندو هو؛ اعليٰ درجي جي چائنا سِلڪ جا، قدوقامت، هڏ بُت به موزون هوس. ڇڙڪ جسم، رنگ ڀورور، ڏاڙهي تي استرو، مُڇون سنهڙيون، آواز مٺو، گفتگو جو انداز شريفاڻو بلڪه بزرگانه.

حيدرآباد جي تقريبن گهر گهر ۾ شام وڳڙي سياست جي باري ۾ هندن جون پاڻ ۾ ڪچهريون ۽ ”ڪَن ڳالهيون“ ٿينديون رهنديون هيون، جن ۾........ ماڻهو ڪهي اچي شريڪ ٿيندا هئا. انهن ۾ هڪ مرڪز ڀائي پرتاب ڏيئل داس جي محلات به هئي، جنهن ۾ پاڪستان آئي مرحوم ڊاڪٽر عباسيءَ جي اسپتال کُلي........”پراچين هندو سڀيتا“ جو قائل هو. گهر ۾ پٿر ۽ پتل مان ٺهيل ديوتائن، ديون، ديوين ۽ اپسرائن جون مورتيون رکيو ويٺو هوندو هو. پنهنجي جاءِ به ڪلاسيڪي هندو عمارت سازيءَ جي طرز تي ٺهرائي هئائين، گيلريون، سنگ مرمر جا فرش، پاڻيءَ جا فواره..... ڳالهيون مڙيو ئي ڪانگريسي سياست ۽ انگريزن کي ڀڄائي ڪڍڻ جون هونديون هيون. ڪانگريسين جو سنڌ اندر سيٺ برلا هو.... ٻاهران جيڪو به وڏو اڳواڻ حيدرآباد ايندو هو، سو سندس مهمان ٿيندو هو. سرڳواسي جواهر لعل نهرو سان ته ذاتي رشتو ٿي ڏٺس.........

نوابشاهه ۾ حيدربخش جتوئيءَ تي ڪو مقدمو داخل ٿيو هو، جنهن ڪري پوليس کي سندس ڳولها هئي. هتي سنڌ متحده محاذ جي گڏجاڻي ”حيدر منزل“ گاڏي کاتي ۾ ٿيڻي هئي، جنهن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ بنگال مان شيخ مجيب الرحمان به اچي پهتو هو. گڏجاڻيءَ ڏينهن ساريءَ سنڌ جا اڳواڻ اچي موجود ٿيا هئا، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ جي، جن پڻ ٻاهران ويٺي پنهنجي هم صلاحيءَ جا پيغام پي موڪليا........ گڏجاڻي پوري ٿي ته سڀ ٻاهر نڪتاسين. حيدربخش کي پوليس وڪوڙي ويئي. کيس ان حالت ۾ ڏسي گهڻا ماڻهو سندس چوڌاري گڏ ٿي ويا. انهن ۾ مجيب الرحمان ۽ سندس بنگالي ٽولو به هو. مجيب الرحمان جو مُنهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو هو. مون کي مجمعيس وٽان لنگهندو ڏسي وڏي واڪي سڏ ڪري چيائين: ”هيءُ ڏس؛ اڃان به اُهو پيو چوين،  جيڪو هيستائين بڪندو رهيو آهين؟“

حيدرآباد جون ڪسبياڻيون

انگريزن جي اچڻ کان پوءِ حيدرآباد جي معاشري ۾ هڪ ٻيو عنصر به اچي داخل ٿيو هو- يعني طوائفون جيڪي مارواڙ پاسي کان سنڌ ۾ گهڙي، حيدرآباد ۾ اچي رهڻ لڳيون.

اسلامي دور ۾ سنڌ اندر فحش ڪاري جا اڏا ڪونه هوندا هئا. جنهن عورت جو خدانخواسته پير ترڪيو ٿي تنهن کي ”ڪاري“ ڪري ترار يا ڪهاڙي هيٺان لنگهائي ختم ڪري پئي ڇڏيائون. نيپيئر کي سنڌي معاشري جو اهو پهلو خاص طرح سان نمايان نظر آيو هو، جنهن کي مٽائڻ لاءِ هن گهڻيون ڪوششون ڪيون هيون، پر ڪامياب ڪونه ٿيو هو. اها رسم ٻهراڙيءَ ۾ ٿوري يا گهڻي اڄ تائين هلندي ٿي رهي.

حيدرآباد ۾ انگريزن جي مهربانيءَ سان انهن طوائفن کي خاص محلي کي وسائي ان ۾ ڪوٺا ٺاهي پنهنجي مخصوص ڪاروبار هلائڻ جي اجازت ملي ويئي هئي ۽ سالن گذرندي ترقي ڪري اهو محلو تمام رونقدار بڻجي ويل هو. عام زبان ۾ ان کي ماڙيچڻن جو محلو سڏيندا هئا. وقت جون وڏيون وڏيون نالي واريون حسينائون ۽ ڳائڻيون ٻين صوبن مان هلي اچي اُتي مچٽ مچائي ويهي رهيون هيون.

ميرن وئي شرعي قانون جو نفاذ ختم ٿي ويل هو. هينئر اهڙن ڪمن جي آزادي هئي. تنهنڪري سنڌ جي وڏ وڏيرن ۽ سيٺين ان سهوليت جو خوب فائدو پئي ورتو.

حيدرآباد جي اشراف شهرين ان صورتحال تي ڪو گهڻو اعتراض به ڪونه ٿي ورتو، ڇو ته هنن سمجهيو ٿي ته ان طريقي سان بدڪاريءَ هڪ خاص علائقي تائين محدود ٿي وئي هئي ۽ گهٽيءَ گهٽي بلڪ گهر گهر ڪانه ٿي پکڙي.

پر زردر تماشبينن لاءِ مزو ٿي ويو. فصل وڪيو، پئسا چيلهه سان ٻڌيو، اُتي بيٺا هوندا هئا. گهڻا ويچارا ته پنهنجي دولت کپائي ڪنگال بڻجي ٿي ويا.

ڏاڍيون روايتون ۽ دلچسپ ڪهاڻيون ان پاڙي اندر ٿيندڙ ڪارگذارين بنسبت سنڌ اندر پکڙنديون رهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org