سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :39

سماجي ۽ مذهبي حالت

مذهبي نقطي نگاهه کان ٽالپر ڪٽر قسم جا شيعا هئا. ميرن جا مرشد به هئا، جن وٽ ٽالپر عام جام پيا ايندا ويندا هئا. حيدرآباد وارن ميرن جو مکيه مرشد فدا محي الدين هو. جيڪو ڪابل جو رهاڪو هو. تنهن هتي وڏي ملڪيت ٺاهي ورتي هئي. جيڪا ڪنهن به ٻروچ سردار کان گهٽ ڪانه هئي. پنج هزار مريد سدائين سندس آڳي پيڇي هوندا هئا ۽ هر حڪم مڃڻ لاءِ تيار هوندا هئا. هر مير کي پنهنجو جدا مرشد هو. سندس ڪم ٿورو ۽ ننڍڙو هوندو هو. پر سدائين اثر رسوخ تمام گهڻو هوندو هو.... پوئين دور جي ٽالپرن ۾ اهي مذهبي ساڙ ڪونه هو، اڳوڻن جيان جيڪڏهن ڪو واپاري حڪمرانن کي ناراض ڪندو هو يا سندن خلاف ڪي شڪايتون هونديون هيون ته مٿس ڏنڊ وجهبو هو، جيڪو واپاري جون پيڙهيون ياد رکنديون هيون.

حڪمران ٽالپرن جي پنهنجي مرشدن جي مزارن تي عقيدت طور ريشمي پُڙ اچي چاڙهيندا هئا ۽ مزارن جي مجاورن کي  به نذر نياز ۽ بخششون ڏيبدا هئا.........پير، سيد ،ملان موراڻا به هئا، جن هن ڌرتي کي ڏکايو هو. هي طبقو ميرن کان وٺي عام ماڻهن مٿان ڇانيل هو. ڏسڻ ۾ ڪورا ڄٽ، مذهب جي عام ڄاڻ به وٽن مس هوندي هئي. انهن جو بزرگن جي روحاني تقدس ۽ عقيدي جي قوت ۾ انڌو ويساھ هوندو هو. نتيجو اهو نڪتو جو سست سيد، جيڪي چارئي پهر ڄنگھ ڄنگهه تي چاڙهيون اوتارن ۾ پيا اوٻاسيون ڏيندا هئا، ۽ مُلان موراڻا جيڪي ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ گناهه ۾ سمجهندا هئا، تن مفت خورن کي ايترو ته مٿي چاڙهيو ويو، جنهن جو ٻين ملڪن ۾ ڪم مثال ئي ڪونه ٿو ملي.

سيد هڪڙو اهڙو طبقو هو، جيڪي گهڻو ڪري حڪمرانن جا صلاحڪار هئا. اهي حڪمران، جيڪي نالي ماتر بادشاهه هئا، سي پنهنجي ۽ سيدن جي ذاتي خوشيءَ ۾ مگن هئا...... ٻاهران آيل مسلمان ڪنهن معاوضي بدلي فوج ۾ ڀرتي ٿيندا هئا. ۽ فتح ڪيل ملڪ جي ماڻهن جو الهه تلهه ٻهاري کڻي ويندا هئا... ڀليون زمينون، واندن سيدن کي انعام جي صورت ۾ سندن حوالي ڪيون ويون. عام طور هتي هر قبيلي ۽ سردار جو پنهنجو الڳ پير مرشد هوندو هو، جيڪو يارهين مهيني کانئن ڏن اوڳاڙي ويندو هو. ڪي پير مرشد هن ڌنڌي مان ڏاڍا شاهوڪار ٿي ويا هئا. انهن پيرن مرشدن مان ڪي ته اهڙا اثر وارا به هئا، جو اهي بنا موڪل جي ٽالپر ميرن جي حرمن ۾ اندر هليا ويندا هئا. اهڙو حق قبيلن جي لٺ سردارن کي به ڪونه هوندو هو.

ماڻهو ايڏا اڀاڳا هئا جو مٿان پير مرشد ڇانئجي ويا هئا. ڪنهن مصنف سنڌين جي ورتاءُ بابت هن ريت لکيو هو: ” سنڌين کي سيد کي کارائڻ پيارڻ کان سواءِ ٻي آزادي ڪانهي. پنهنجي دين وڌائڻ کان سواءِ منجهن ٻيو ڪو اُمنگ ۽ اُتساهه نظر ئي ڪونه ايندو. عيدن ملهائڻ کان سواءِ ٻئي هر جذبي کان خالي ڪورا نظر ايندا ۽ پيرن جي قديم قبن کي سينگارڻ کان علاوه کين ٻيو ڪو شوق ڪونه آهي.“............. هتي هر قسم جي بزرگن جي مقبرن کي ڏاڍو سينگاريو ۽ سنواريو ويندو هو ۽ ٻين جڳهن کان وڌيڪ انهن کي پڪو ۽ مضبوط جوڙيو ويندو هو. پري واري جا عقيدتمند ڪَهي اچي زيارت ڪندا هئا....... ملڪ ۾ اهڙيءَ ڇتي پِن جو به آزار هو، جو ڪيترا مذهبي ماڻهو پنڻ ڪاڻ سفر تي نڪري پوندا ها. اهڙي پڻ ۾ انڌا، منڊا، چريا، چرٻٽ پنهنجي وت آهر ڀرپور حصو وٺندا هئا. هتي اهي سڀئي عام ڳالهيون هيون، ڪي ماڻهو ته ڀلن وهٽن تي سوار، هر شيءِ سان گڏ هوندي هئي ته به هڪ غريب هاريءَ کي ماني ڳڀي جو سوال ضرور ڪندا. ڪي اشارن ۾ گهرندا  ڪي وڏي وات سوال ڪندا. لڳندو ايئن هو، ”جو جِن ڇڏي، ڀوت ڇڏي پر پينو نه ڇڏي.“

عام ماڻهو کي پنهنجي مذهب جي گهٽ ڄاڻ هوندي هئي. ۽ جذباتي به گهڻا هوندا هئا. پر ماڻهو دل جا کُليل هوندا هئا ۽ مهمان کي مان ۽ مرجائتا ڏئي ڄاڻندا هئا. جيڪڏهن اڻ پويون اوپرو ماڻهو تڏي تي لنگهي ويندو هو ته نُنهن نيڻ ٺري ويندا هئس. رات ٽِڪائڻ کان سواءِ پچر ڪونه ڇڏيندا هئا، جيڪو پُڇ پاڻي هوندو هو سو کارائبو دل سان هو. سياري جي رُت هوندي هئي ته باهه جا مچ مچي ويندا هئا. گهر ۾ پاڙي جا مرد ڪانڀون ڪڍي مچ جي چوڌاري ويهي ويندا هئا. ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ۽ ڳالهين جا ڳهير هوندا هئا. اوڀاريون لهواريون ڪري پيا مهمان کي وندرائيندا هئا. ڪچو ڦڪو راڳ ايندو هون ته مهمان کي ضرور ٻڌائيندا هئا. جيڪڏهن ٻيون ڳالهيون کُٽي وينديون هيون ته چورن توڙي ڌاڙن جون ڳالهيون ٻڌائي پيا مهمان سان روح رهاڻ ڪندا هئا. عام ماڻهو سست هئا. جيڪڏهن کين حُقو هٿ چڙهي ويندو هو ته اُٿڻ جي ئي ڪونه ڪندا هئا..... حڪمران پنهنجن ابن ڏاڏن جي ساراهڻ واسطي درٻار ۾ ڀٽ ۽ ڀان رکندا هئا............ عام ماڻهو اڻيهيئي اوجهريل ۽ ڳهريل، چارئي پهر حقي جي بڙ بڙ، ڏاڍي ڀنگ پي نشن ۾ کُپيل هوندا هئا........ ماڻهو آفيم ۽ کارڪن جي شراب (تاڙي) جا شوقين هوندا هئا...........

ماڻهو جي زندگي رحم جوڳي هئي. نڌر، ڪنگال ۽ وسوڙل ڄڻ ڪنهن پراچين سمي جا رهاڪو هجن. ڳوٺن جي حالت اهڙي هوندي هئي جو اهڙا غليظ ڳوٺ هندستان ۾ نه هوندا. حيدرآباد جي حالت به ٽين چوٿين درجي جي هوندي هئي. هتان جو ماڻهو ايترو هراسيل هوندو هو، جو هر شيءِ کان اياڻو ۽ ويڳاڻو پيو لڳندو هو........... مسلمانن جي گهڻائي سُني فرقي سان واڳيل هئي. پر حڪمران ٽالپر شيعا هئا.  سندن مذهب جو قانون قرآن هوندو هو. قسم ڏيڻ مهل ڌُر جي مٿي تي قرآن رکي ڳالهه پُڇي ويندي هئي. هن پاڪ ڪتاب کي رڳو سيد يا ملوي هٿ سان ڇُهي سگهندو هو. جڏهن قرآن شريف ڪچهري ۾ کڄي ايندو هو ته گڏ ٿيل ماڻهو اُن جي مانُ ۾ اُٿي بيهندا هئا. قرآن جي حافظن جو گهڻو مانُ هوندو هو، جن جي هتي گهڻائي نظر ايندي هئي.

ماڻهو جڏهن ڪنهن بزرگ جي مقبري جي زيارت وقت مولويءَ جي واتان قرآن شريف جي رڪوع جي تلاوت ٻڌندا هئا ته پاڻ کي ڀاڳوند ڀانئيندا هئا. سج لٿي واري نماز تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو. پر اوڏيءَ مهل ٻيڙائت جي ٻيڙيءَ جو اولو ماٺ ٿي ويندو هو. مهاڻو مڇي مارڻ مان هٿ ڪڍي ويندو هو. هر ڪاريگر پنهنجي ڪم کي اُتي جو اُتي ڇڏي ڏيندو هو. ڪو چور يا ڌاڙيل پڻ پنهنجي ڪرت ڇڏي اڳ ۾ هيءَ نماز پڙهندو هو، پوءِ ڌاڙي جي ڌنڌي کي لڳي ويندو هو. راهه ويندڙ مسافر به پنهنجن اُٺن گهوڙن تان لهي مُصلو وڇائي سج لٿي جي نماز پڙهندا هئا.

هندن ۾ ڪي اهڙا به هئا، جيڪي ملتان، امرتسر ۽ ٻين اترين علائقن مان لڏي هتي آيا هئا ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن وارن شهرن ۾ آباد ٿيا هئا. واپاري ڏيتي ليتي جي کين وڏي ڄاڻ هوندي هئي. ساڳئي مذهب جو نه هوندي به کين مان مرجاتا ڏني ويندي هئي ۽ انهن کي سهپ سان سَٺو ويندو هو..... ڳجهين سازشن جو هتي نه نڪو سنڌو نه ڪو سيڙهو. جيڪڏهن عورت زناڪاريءَ جي ڏوهه ۾ جهلجي پوندي هئي ته ان جي سزا قتل هوندي هئي. هندو عورتون به پنهنجي لوئي لڄ ۽ ست سيل جي بچاءَ ڪاڻ ڪجهه ڳنڀير ڪونه هونديون هيون.

ماڻهو لوڙ نه هوندن ته پير پساريون ويٺا اوٻاسيون ڏيندا. کلمک، ڀوڳائي ۽ چرچائي به ڏاڍا، سياڻا ايڏا جو منجهن ويساهه ڪري ئي ڪونه ٿو سگهجي. وري ٻٽاڪي ۽ هوڏي به گهڻا. ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ ڳالهين جا ڳهير، رهاڻ ۾ ويٺا ته لٿي اڀري جي ڪل ڪانه پوندي هئي. حُقي جو بڙڪو به هلندو هو، ڳالهه مان ڳالهه پئي نڪرندي هئي، ڀنگڙيءَ جا چڪا به پيا چاڙهيندا هئا. هندو عورتن جا مڙس واپار سانگي ديس پرڏيهه نڪري ويندا هئا ۽ ڪيترن سالن تائين پنهنجي ونين کان وڇڙيل رهندا هئا.

هندو هجي يا مسلمان تماڪ ڇڪڻ جو هڪ جهڙو شوقين هوندو هو. جيڪڏهن سنڌي سفر ڪندو ته حُقو سندس گهوڙي تي رکيل خرزين ۾ پيو هوندو هو. واڻيو به هٽ جي  دروٽ ويهي چلم مان بُڙ بُڙ پيو ڪندو هو. چلم جو نڙ جيڪڏهن پندرهن فوٽ ڊگهو هوندو ته اڍنگو لڳندو هو. تنهنڪري هو ٻارهن فوٽ ڊگهي رٻڙ جي نلي ڪتب آڻيندا هئا. کيس چلم کي هٽ کان ٻاهر رکڻ جي عادت هوندي هئي. مردن جيان عورتون به حقي جون موالي هونديون هيون............ غريب غربو ڀنگ پيئندو هو، ڇاڪاڻ ته اها وڌيڪ سستي هوندي هئي. انکي ڌوئي پوئي ڪونڊي ۾ وجهي گهرڙ گهوٽ لائي ڏيندا هئا. گهوٽي ڇاڻڻ کان پوءِ سائي رنگ جي پڇان جهڙي شيءَ بڻجي پوندي هئي. ان کي وڏي شوق سان پيئندا هئا. انگريز وري شراب سان پاڻي گڏائي وڏي چاهه سان چسڪڙا چاڙهيندو هو، ٻنهي جي شوق جي معيار ۾ فرق هو. هتي ڪمند ۽ کارڪن مان به شراب ٺهندو هو، جيڪو سرنديءَ وارا پيئندا هئا. شاهي گهراڻي جا ماڻهو ڪيورا ڪوئا يا فرانس جو ڪو ٻيو شراب واپرائيندا هئا.

سنڌوءَ جي ڪناري سان انگريزن جي فوجي ڇانوڻين ڀرسان ايرانين جا شراب جا گُتا هوندا هئا. ٽالپر ميرن جي شوق جي پورائي ڪرڻ لاءِ هنن پنهنجا گُتا شراب سان ڀري ڇڏيا هئا. هتان جا حڪمران اهڙي قسم جي شراب جا گهڻا شوقين هوندا هئا. هندو، مسلمانن جيان اهڙي ڪنيءَ هير جا هيراڪ نه هوندا هئا. اهڙين ڳالهين هوندي ڪو نشئي ماڻهو اک تي ڪونه چڙهندو هو ۽ اها سُٺي ڳالهه هوندي هئي. سنڌي ڪنهن ڪم شروع ڪرڻ کان پهرين ڀنگ جون ٻه ٽي پياليون پي پُرباش ٿي ويندو هو. نشي سهڻ جي منجهس سگهه ڪانه هوندي هئي. گهڙيءَ پل کان پوءِ پيو وڦلندو ۽ بڪندو هو.

هتي آفيم جو استعمال عام هو..... ڪمند مان ڳڙ ٺاهي ويندي هئي. ڪمند مان رس ڪڍڻ لاءِ جيڪو چيچڙو ڪم آندو ويندو هو، سو بناوت ۾ جڏو سڏو هوندو هو. ڳڙ مٺائي ٺاهڻ لاءِ ڪمند جي رس چڪائيندا هئا..... ڀنگ ته سنڌ جي هر علائقي ۾ پوکي ويندي هئي. جنهن جي ٻج کي گهوٽي پاڻي جي شڪل ۾ نشي لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. ڪڏهن وري ان کي چرس ٺاهڻ لاءِ ڪم آندو ويندو هو. ڀنگ نشي کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڪم نه ايندي  هئي... سڀ ماڻهو حڪمران کان وٺي ڪمي ڪاسبي تائين تماڪ ڇڪيندا هو...... عام ماڻهن ۾ ميرن کانئن حڪومت ڦري ساڻن بيوفائي ڪئي آهي.

مقامي صنعت ۽ هٿ جا هُنر

آڏاڻن تي هر قسم جو ڪپڙو اُڄندو هو. ڪي ڪپڙا اهڙا به اُڄندا هئا، جن ۾ پٽ ۽ سوٽي سڳو ڪتب آندو ويندو هو. هن ڪپڙي ڪري سنڌ، هنڌين ماڳين مشهور ۽ ناليري هوندي هئي. لُنگيون ته سڄي هندستان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيون... پر تڏهن ڪپڙي جي اها شهرت ڪانه رهي هئي. ملتان ۽ بهاولپور جي ڪپڙي جو گهڻو چلتو نظر ايندو هو. مقامي ڪپڙي جي صنعت هاڻي بلڪل ختم ٿي وئي هئي. ڪوچينل جيت ۽ روناس مان ٺهيل رنگ اُتر- اولهه وارن ملڪن مان گهرايا ويندا هئا، جيڪي وڙ ۾ گهٽ هئا، منجهن چلڪو ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندو، نه ته اڳي اهڙا رنگ سنڌ ٻاهر موڪليندي هئي.

ٽوپيون به ساڳئي قسم (يعني پَٽ ۽ سوٽي سڳو) جي ڪپڙي جون ٺهيل هونديون هيون. جن جي هيٺئين پاسي ڇيٽ جو سوٽي ڪپڙو ڪتب آندو ويندو هو. مقامي ڪپهه تنهن وقت رڳو جوڙي جو ڪپڙو اڻڻ لاءِ ڪتب آندي ويندي هئي. سُٺي ڪپڙي لاءِ يورپ جو تيار ڪيل ڌاڳو ڪم آندو ويندو هو...... مال جا رسا ۽ اُن لاءِ گوٽيون به ڏاس مان ٺاهيون وينديون هيون. ۽ ان کي آلو ڪري سٽي ڪُٽي گهوڙن جا تل ۽ ٿڙا به جوڙيا ويندا هئا. غاليچا به اُن مان ٺاهيا ويندا هئا........ ماڻهو گهڻ- رنگائيون ٽوپيون به پائيندا هئا، جيڪي پڻ اُن جون ٺهيل هونديون هيون ۽ هتان جي گهرو هنر سان ناتو رکنديون هيون. اُن ۾ سوٽي سڳي کي ملائي هڪ اعليٰ قسم جو ڪپڙ تيار ڪبو هو، جيڪو گهڻ- رنگائون ۽ قيمتي هوندو هو.

ٺِڪر جا ٿانوَ به شاندا هوندا هئا. دلا ۽ مٽ ته ڏاڍا ٺاهوڪا جوڙيا ويندا هئا. مسجدن ۽ ممبرن جي سونهن سنجٽ لاءِ ڪاشيءَ جي سرن جا به ڪاريگر هوندا هئا. مقبرن ۾ سهڻيون سرون چٽسالي ڪيل سرون استعمال ڪيون وينديون هيون. سرون پڪل ۽ اهڙي طريقي سان اوساريل هونديون هيون جو انهن پراڻين جڳهن جون ڪُنڊون ۽ ڪناريون سالن پڄاڻان به نيون ڏسڻ ۾ اينديون هيون........ چمڙي ۽ ڪپڙي تي پٺاڻ به سُٺو ڀرت ڀري سگهندا هئا، پر هن قسم جي ڀرت ۾ سنڌي وڌيڪ ڪاريگر هوندا هئا ۽ اهڙي قسم جو مال ڏيساوري بازارن ۾ موڪليو ويندو هو. هن قسم جي فن ۾ حيدرآباد تمام گهڻي مشهور هئي.... ڏيساوري واپار ۾ چمڙو وڏي اهميت رکندو هو، جنهن مان چيلهه سان ٻڌڻ لاءِ پٽا، تلوارن جي مياڻ وغيره ۽ سفر ۾ ڪم ايندڙ وڏا بوٽ ٺهندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري مسلمان پائيندا هئا. سهڻن بوٽن لاءِ ڦاڙهي جي کل ڪم ايندي هئي. پاڻيءَ جي سانداري، ٻڪريءَ جي کل مان جوڙي ويندي هئي ۽ ٻين ڪمن لاءِ ڍڳي جو چم ڪم ايندو هو. چم رڱڻ ۾ ٻٻر جو ڇوڏو ڪم آڻبو هو. مقامي رڱيل کل ڏاڍي سهڻي، نرم ۽ گهوڙ چوڙ ڏيندي هئي. هتي پاڻي لاءِ رڍ ۽ ٻڪري جي کل مان جوڙيل سانداريون ڪم اينديون هيون...... سنڌوءَ جي ڪٺار سان رهندڙ ماڻهو هن قسم جي کلن مان ترڻ لاءِ سيڻهه ٺاهيندا هئا ۽ سنڌوءَ جي تار تري وڃي پار پوندا هئا. سيڻهه کي ڪتب آڻڻ مهل ڌيان سان ڪم وٺبو هو. ترڻ واري ماڻهو کي پنهنجو پيٽ سيڻهه جي وچ تي رکڻو پوندو هو. جانور جي ڄنگهن وارو پاسو مٿي ۽ هڪ پاسو ڪلهن سان ۽ ٻيو پاسو سٿرن سان سوگهڻ گهرجي. ٿورو به ويسلائي ڪبي هئي ته اونڌو ٿي پئبو هو. جيڪي ماڻهو سيڻهه جي اٽڪل ڄاڻيندا هئا سي ئي تري سگهندا هئا. پاڻيءَ جي سانداريءَ کي ڇاڳل، کلي به چيو ويندو هو. سنڌي هن جي سونهن ۽ سنجٽ لاءِ ڪونه گهٽائيندا هئا.

ڪاريگري ۽ هنرمند

ڪپڙي اُڻڻ ۽ جنڊيءَ ڪاٺ جي مشين تي رنگ ڪرڻ جا مهان ڪاريگر ۽ سڄي هندستان ۾ مشهور هئا. حيدرآباد ۾ ٺهيل اهڙين شين جو ته انگلينڊ ۾ ڏاڍو قدر هو. سمجهه ۾ ائين پئي آيو ته هن قسم جو هنر رڳو سنڌ سان تعلق ٿو رکي. پر زماني جي ناقدريءَ سبب ماڻهو هن ڌنڌي کي ڇڏيندا پئي ويا. سنڌ جي راڄڌاني حيدرآباد ۾ اهڙي رڳو هڪڙي آڪهه هئي، جيڪا هن خاص هنر سان واڳيل نظر آئي. پر ڏک جي ڳالهه اها به هئي ته هن فن جا ڪلاونت ڪاريگر، ڏاها ۽ ڏات ڌڻي پنهنجو ملڪ ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن لڏي پئي ويا. اهڙي ريت اهي ماڻهو بمبئي ۽ ڪيترن ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا هئا. سنڌي ڪاريگر ڪاٺ ۽ عاج تي اُڪر جو اهڙو سهڻو ڪم ڪندا هئا، جو چين جا ڪوَويسر به مات کائي وڃن ها.

حڪمران ۽ تعليم

تعليم گهڻي گهٽ هوندي هئي. ڪجهه ماڻهو ئي مس پڙهي ڄاڻندا هئا. پر لکڻ سندن وس کان وڏو هوندو هو. سرڪاري لکپڙهه فارسي ۾ هلندي هئي. سڀني ڳالهين سان لاڳاپيل ڪاغذ پٽ به هن ٻوليءَ ۾ لکيا ويندا هئا....... سنڌي ٻولي هندو اصليت سان ناتو رکي ٿي. هن جي بگڙيل شڪل صورت ۾ لڳي ٿو ته اها سنسڪرت کان وڌيڪ گجراتي ٻوليءَ جي ويجهو آهي. هندو، هٽن جو کروڙو ۽ ڏهاڙيءَ ۽ ان سان لاڳاپيل هر لکپڙهه هن لپيءَ ۾ ڪندو هو. جنهن کي خدا وادي لپي سڏيو ويندو هو. شاهي درٻار ۾ ڪاڳر پٽ ۽ درخواستون وغيره جڏي سڏي فارسيءَ ۾ هوندا هئا. باقي عام گفتگو ۾ سنڌي ٻولي ڪم ايندي هئي. سرائيڪي به ڳالهائي ويندي هئي. هت پنجابي واپاري ۽ ٻيڙائت به ايندا هئا ۽ پنجابي ڳالهائيندا هئا.

ٽالپرن جي دور ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم ملن مولوين حوالي هو. هن طبقي جو خاص ڪري ايران، هندستان ۽ اوڀر جي ٻين ملڪن ۾ قدر ڪبو هو. اهي گهڻو ڪري سماج جي هيٺئين طبقي سان واسطو رکندا هئا. جيڪي شاهي درٻار ۾ اثر رسوخ حاصل ڪرڻ کان پوءِ مٿاهين مقام تي وڃي رسندا هئا. ٽالپر شهزادن ۾ تعليم جو تجربو ڪونه هو. تنهنڪري سڀاءُ ۾ ڪجهه هيڻا هئا ۽ هر ماڻهوءَ جي ڳالهه تي وهمي ٿي ويندا هئا. حيدرآباد واري درٻار ۾ اهڙيون وهمي ڪيتريون ڳالهيون نظر اينديون هيون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org