سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :61

 ٽنڊو يوسف ميرن جي خاص خادم يوسف خدمتگار جي نالي تي آباد آهي. هتي يوسف خدمتگار جي حويلي پڻ هوندي هئي. جڏهن ميرن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو، تڏهن ميرن جي گهروارين يوسف جي حويلي ۾ پناهه ورتي هئي. ٽنڊو مير محمود شاهه جي اوڀر طرف ٽنڊي يوسف ۽ ٽنڊي آغا جي وچ ۾ آهي. هن ٽنڊي جو بنياد ٽالپر حڪمرانن جي چاچي مير محمود خان وڌو، جتي هو پنهنجي ٻن پٽن علي احمد ۽ جهان خان سميت اچي آباد ٿيو. ساڻس ٻيا خدمتگار جن ۾ شيدي، خاصخيلي ۽ حجام وغيره به شامل هئا. اڄ ڏينهن تائين هي ”ٽنڊو مير محمود خان“ جي اولاد سان آباد آهي، جنهن ۾ ٻه مشهور شخصيتون پيدا ٿيون؛ هڪ مير علي احمد خان ٽالپر ۽ ٻيو مير رسول بخش خان ٽالپر عوامي اڳواڻ آهي، ان سان گڏ سنڌ جو چيف ايڊوائيزر، تنهن بعد گورنر رهيو. گورنري ڇڏڻ کان پوءِ ڪجهه عرصو آرام ڪري وري سنڌ جو سنيئر وزير بڻيو. مير رسول بخش خان جو وڏو ڀاءُ مير علي احمد خان ٽالپر پڻ مرڪزي حڪومت ۾ وزير دفاع ضياءَ الحق جي وقت ۾ رهيو.

ٽنڊو آغا اسماعيل شاهه، مير محمود جي ٽنڊي جي ڀر ۾ واقع آهي. هي هڪ نهايت ننڍڙو پاڙو آهي، جنهن ۾ ڪجهه گهر آغا اسماعيل شاهه جي اولاد جا آهن. هي ٽنڊو مير فتح علي خان پنهنجي وزير آغا اسماعيل شاهه کي جوڙائي ڏنو هو. آغا اسماعيل شاهه ميرن جو وزير ٿي گذريو آهي. سندس اولاد اڃا تائين ٽنڊي آغا ۾ آباد آهي.

شهر جي ڀر ۾ ٽنڊي آغا لڳ چغتائي مرزائن جو پاڙو آهي. هي مغلن جي پاڙي جي نالي سان مشهور آهي. هنن مرزائن جو وڏو باوا عزيز خان شڪو، سنڌ ۾ شاهه لطيف سائين سان ملڻ آيو هو. هي اهو زمانو هو جڏهن شاهه صاحب ضعيف ٿي چڪا هئا. ستت ئي شاهه صاحب وفات ڪئي. باوا عزيز خان شاهه صاحب سان تمام گهڻي عقيدتمندي هئي. انهيءَ ڪري هو به سنڌ کي هميشه لاءِ پنهنجو آشيانو بڻائي ويهي رهيو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني ۾ باوا عزيز خان شڪو حيدرآباد جي اوڀر ۾ ڦليلي لڳ پنهنجو پاڙو جوڙائي اچي سڪونت پذير ٿيو. ان وقت تائين اڃان تائين ٽنڊي آغا جو بنياد نه پيو هو. اڄ تائين باوا عزيز خان شڪي جو اولاد اتي آباد آهي ۽ پنهنجي خانداني رک رکاءُ جو مظهر آهي.

ٽنڊي آغا واري ايراضي ۾ چغتائي مرزائن جي پاڙي لڳ مرزا ٻُڍل بيگ جو ويڙهو آهي. هي مرزا اصل ۾ خيرپور جي ميرن جا مصاحب هئا. پڇاڙي ۾ انگريزن ميرن جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ۽ کين قيد ڪري ڪلڪتي ۾ رکيائون. ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن ميرن کي قيد مان رهائي ملي تڏهن مير حسن علي خان خيرپور جي مير علي مراد خان کان اجازت وٺي مرزا فتح علي بيگ ۽ سندن اولاد اڄ ڏينهن تائين ٽنڊي آغا ۾ رهندڙ آهن. هنن حيدرآباد ۾ رهندي به خيرپور سان ناتا نه ٽوڙيا ۽ خيرپور ۾ مجلسون پڙهندا هئا.

ٽنڊو ٺوڙهو شهر جي اوڀر طرف ڦليليءَ جي پرينءَ ڀر واقع آهي. اوائل ۾ هي ٽنڊو ميرن جي سردار نواب محمد خان ٺوڙهي جي نالي ميرن جوڙايو هو، پر نواب ڪجهه سال هتي گذاري ڳوٺ تبديل ڪري ڇڏيو. پوءِ ميرن پنهنجي وڻندڙ صلاحڪار مرزا خسرو بيگ کي هن ٽنڊي ۾ آباد ڪرايو ۽ پوءِ مرزائن جو خاندان اتي وڌيو ويجهيو. هنن مرزائن مان هڪ مشهور شخصيت مرزا قليچ بيگ ٿي گذريو آهي، جنهن جو نالو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ قابل ذڪر آهي.

ٽنڊو مير غلام حسين شهر جي الهندي طرف واقع آهي. هن ٽنڊي جو بنياد مير عبدالله خان شهيد جي پٽ مير غلام حسين وڌو هو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن مير فتح علي خان سنڌ فتح ڪري شهر ۾ اچي رهيو هو، تڏهن سندس ننڍڙي ڀاڻيجي ۽ مير عبدالله شهيد جي پٽ مير غلام حسين به مير فتح علي خان کان حڪومت مان حصو وٺڻ چاهيو ۽ هڪڙي ڀيري مير فتح عل خان تي بندوق جو فائر به ڪيائين، پر اهو گُسي ويو. مير صاحب هن کي قلعي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ هن وڃي ٽنڊي غلام حسين نالي ڌار ڳوٺ ٻَڌو. اڄ ڏينهن تائين مير غلام حسين جو اولاد اتي آباد آهي. ٽنڊو مير نور محمد شهر جي اولهندي طرف هاڻوڪي لطيف آباد جي يونٽ نمبر چوٿين ۾ واقع آهي. هن ٽنڊي جو بنياد ميرن جي حڪومت جي پڄاڻي کان پوءِ پيو. جڏهن ميرن کي قيد مان آزادي ملي. تڏهن مير حسن علي خان جي چاچي اچي هتي ڳوٺ ٻڌايو، جو هزهائينس مير نور محمد خان جي نالي سان سڏجڻ لڳو. (21)

 

حيدرآباد جي برطانوي ڇانوڻيءَ تي حملو

 

ميجر آئوٽرام جو 15- فيبروري 1843ع تي حيدرآباد کان مٿي پندرهن ميل مٿي ’پلينيٽ‘ آگبوٽ تان شام ڇهين وڳي، سر چارلس نيپيئر ڏانهن لکيل خط جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

 

مون سنڌ جي اميرن سان دوستاڻي ٺاهه ڪرڻ واسطي دل ۽ جان سان نماڻيون ڪوششون ڪيون آهن. نهايت ڏک جي ڳالهه اها آهي ته آئون هن ڏس ۾ ناڪام ٿيو آهيان. هاڻي آئون اوهان کي هي اطلاع ڏيڻ چاهيان ٿو ته سنڌ جي اميرن اڄ ريزيڊنسي تي حملو ڪرائي ڏچي جي شروعات ڪئي آهي. ٽالپرن طرفان ڏنل اعزازي پهريدارن ۽ 22- ريجمينٽ جي فوجين جي بهادراڻي ڪوشش، ريزيڊنسي کي بچائي ورتو. جنهن جي مهنداري ڪئپٽن ڪون وي ڪري رهيو هو ۽ بارود جي کُٽي پوڻ ڪري مون کي ريزيڊنسي خالي ڪري ڪيڏانهن نڪري وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو.

اڄ صبح جو نائين وڳي ڌاري گهوڙي سوارن ۽ پيادل فوج جي وڏي انگ بچاءَ واسطي ريزيڊنسي جي ٽن پاسن کان ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي. چوٿين ڏينهن کان ’پلينيٽ آگبوٽ‘ بيٺو آهي، جيڪو هن هنڌ کان پنج سو گز پري آهي. ريزيڊنسي جو بچاءَ هيترن سارن ماڻهن کان سواءِ ممڪن ئي ڪونه هو. دشمن پاسي کان گولين جو مينهن وسڻ لڳو هو،جيڪو بنا ساهي جي چار ڪلاڪ لڳاتار جاري رهيو. سندن ارادو ريزيڊنسي اندر گهڙي اچڻ جو هو، پر ان جي چوڌاري هڪ ته پنج ڇهه فٽ اوچو ڪوٽ نڪتل هو، ٻيو ته ڪئپٽن ڪون وي پنهنجي مختصر جٿي کي ڏاڍي اٽڪل سان پکيڙي بيهاريو هو. هن کان علاوه هرهڪ ماڻهو جهڙوڪ -22ريجمينٽ جي ليفٽيننٽ هارڊنچ ۽ پيني فادر، هندستاني فوج جي -21 ريجمينٽ جي ڪئپٽن گرين ۽ -15   ريجمينٽ جي ڪئپٽن ويلس پنهنجن پنهنجن جايت تي نهايت ايمانداري ۽ خبرداري سان فرض نڀائي رهيا هئا.

اوهان جي اسسٽنٽ برائون پڻ پنهنجو پاڻ موکيو آهي، جنهن جو تعلق بنگال انجنيئرس سان آهي. هيءُ جان جوکي ۾ وجهي آگبوٽ ۾ ويٺل فوجين ڏانهن منهنجا حڪم پهچائيندو هو ۽ منجهس رکيل توبن جا رخ ٺيڪ ڪري پاسن تي گولاباري ڪرائيندو رهيو.

اسان وٽ رکيل بارود تمام ٿورو هو ۽ هرهڪ ماڻهوءَ کي رڳو چاليهه گوليون ڏنيون ويون هيون. فوجي عملدار هن ڳالهه ڏانهن سختيءَ سان ڌيان ڏئي رهيا هئا ته ڪن خاص نازڪ موقعن کان سواءِ فائز نه ڪيا وڃن. پنهنجن ماڻهن کي سختي ءَ سان هدايت ڪئي وئي هئي، ته اڙ جهلي لڪي بيهن ۽ رڳو ان وقت ظاهر ٿين ۽ فائر ڪن جڏهن دشمن گهڻي انگ ۾ ويجهو اچي پون ۽ ريزيڊنسيءَ اندر ٽپڻ جي ڪوشش ڪن. اهڙين احتياطي تدبيرن اختيار ڪرڻ ڪري پنهنجي گولين ۽ ماڻهن جو نقصان گهٽ ٿيو.

اسان کي سيٽلائيٽ آگبوٽ وسيلي بارود ۽ اضافي اچڻ جو ڏاڍو اوسيئڙو هو. جڏهن اهو  پهتو ته نه ساڻن بارود هو ۽ نه اضافي فوج جو ڪو ماڻهو، تنهنڪري ڏاڍو نراس ٿي پياسون. اٽڪل ٻارهين وڳي صبح جو آگبوٽ ۾ پناهه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان وقت تائين ٽي ڪلاڪ ساندهه گولين جي مينهن جو وسڪارو ٿيندو رهيو. اسان وٽ اڃان به ايترو بارود هو جو پنهنجو بچاءُ ڪري آگبوٽ تائين پهچي پئي سگهياسين. انهي لاءِ مون ڪئپٽن ڪون وي کي گذارش ڪئي ته دشمن فوج کي هڪ ڪلاڪ تائين ريزيڊنسيءَ کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪري. اسان کي ريزيڊنسي جو سامان کڻڻو هو ۽ اهڙي ڪم لاءِ هڪ ڪلاڪ به گهڻو هو. اسان جي ماڻهن ريزيڊنسي جو سامان کڻي آگبوٽن ۾ پهرين ڦيرو مس رکيو ته دشمن جي جوابي ڪاروائي طور مينهن جيان وسندڙ گولين کين هيسائي ۽ ڪنبائي ڇڏيو. انهي جو ڪارڻ اهو هو ته ريزيڊنسي واري جاءِ کان آگبوٽ تائين هڪ کليل ميدان هو. اهڙي ڀيانڪ وايو منڊل ۾ فوجي عملدارن ۽ نوڪرن چاڪرن کي وڌيڪ سامان کڻي اچڻ لاءِ مناسب ڪونه ٿي لڳو. جيڪڏهن کين چيو به وڃي ها ته هن ٿوري وقت اندر ريزيڊنسي جو ايترو گهڻو سامان آگبوٽ ۾ لڏڻ ممڪن ئي ڪونه هو.

ڏک جي اها ڳالهه آهي ته ريزيڊنسي جو گهڻو سامان پوئتي ڇڏي آياسين. اهو شايد انهي ڪري ٿيو جو گهڻا عملدار ۽ سپاهي ريزيڊنسي جي بچاءَ واسطي مقرر ڪيا ويا هئا، جيڪي سامان کڻڻ ۾ حصو وٺي ڪونه سگهيا ۽ ڪمپني بهادر جي مفادن جي تحفظ واسطي پنهنجو سامان کڻڻ ۾ حصو وٺي ڪونه سگهيا ۽ ڪمپني بهادر جي مفادن جي تحفظ واسطي پنهنجو سامان وڃائي ويٺا. هڪ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ وايو منڊل وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويو. دشمن کي جڏهن محسوس ٿيو ته اُهي پنهنجن ارادن ۾ ايترا سوڀارا ڪونه ٿيا آهن، ته اسان جي مقابلي لاءِ ڇهه توبون ڪاهي آيا. اسان جلدي جلدي ريزيڊنسي جي جاءِ خالي ڪرڻ کي لڳي وياسين.

ڪئپٽن ڪون وي پنهنجي اصلي فرض کي سنڀاليو. فوجي تربيت موجب صفبندي ڪري اڳتي روانا ٿياسون ۽ چوڌاري پهريدار مقرر ڪيا ويا، جيڪي فوجي چرپر مطابق هلي پيشقدمي ڪري رهيا هئا. اها فوجي چرپر اهڙي طريقي سان ٿي رهي هئي ڄڻ ڪا فوجي پريڊ هئي. هن حملي ۾ جن عملدارن يا جوانن پنهنجون زندگيون قربان ڪيون هيون يا جيڪي ڦٽجي پيا هئا، تن کي کڻي آگبوٽن تائين پهچايو ويو. جڏهن آگبوٽن مان جوابي ڪاروائي ڪئي وئي ته دشمن پوئتي هٽڻ لڳا. جڏهن سڀئي ماڻهو آگبوٽ ۾ سوار ٿيا ته ’سيٽلائيٽ‘ آگبوٽ جي ڪمانڊر ملر کي ٻيلي واري فوجي ڇانوڻي ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو ويو، جيڪا هتان کي ٽي ميل مٿي ٻئي ڪناري سان موجود هئي. هيءُ عملدار ان وقت قائم مقام ڪمانڊر طور  پنهنجو فرض سرانجام ڏئي رهيو هو. کيس اهو به حڪم ڪيو ويو هو ته آگبوٽن جي ٻارڻ جو وڃي تحفظ ڪري، ڇو ته اُڊڪو هو ته متان دشمنن کي ناس ڪري ڇڏي.

آئون ’پلينيٽ‘ آگبوٽ ۾ هن ارادي سان ترسي پيس ته جيئن سنڌوءَ جي ڪناري سان بيٺل جهمٽيءَ کي سلامتي سان روانو ڪري سگهجي. مذڪوره ٻيڙيءَ جي رواني ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت گهربل هو. ان عرصي دوران دشمنن ٽن ٽوبن وسيلي آگبوٽن تي سخت گولاباري شروع ڪري ڏني. دشمنن کي ٻيا ننڍا هٿيار به ساڻ هئا. هنن ڳنڀير حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ منهنجو شخصي طور موجود رهڻ به لازمي هو. اهو پڻ ضروري سمجهيو ويو ته ’پلينيٽ‘ جو ڪمانڊر مسٽر ڪول به هتي حاضر هجي. اُهو منهنجو فرض آهي ته هنن ماڻهن جنهن ڏکئي مهل ۾ سر ترين تي رکي پنهنجو فرض نڀاهيو آهي، تن بابت سائين جن کي ڄاڻ ڏيان.

هن کان علاوه مسٽر ملر ۽ ڪول سان هن آئي ويل ۾ گڏ رهڻ به منهنجو فرض هو. هنن مٿير مڙسن،ايجنسيءَ جي پاسن تي گولاباري ڪري دشمنن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو هو. ان سان گڏ فوجين کي ايجنسي کان آگبوٽ پهچڻ ۽ سوار ٿيڻ تائين تحفظ فراهم ڪيو هو. اها به حقيقت آهي ته سيٽلائيٽ آگبوٽ ٻيلن ۽ فوجي ڇانوڻيءَ تائين پهچڻ دوران سڄو فاصلو غير محفوظ به هو ۽ امڪان هو ته متان دشمن جون آندل ٽي توبون ان کي نقصان پهچائين. دشمن جو وڏو انگ انهي آگبوٽ ۽ ساڻس گڏ ٻين ٻيڙين جو ٽن ميلن تائين پيڇو ڪندو ويو. ايڪڙ ٻيڪڙ اسان مٿان به گولاباري ٿيندي رهي. ان کان پوءِ اسان وجهه وٺي سنڌوءَ سان پندرهن ميل مٿي هاڪاري، سڀاڻي صبح جو مٽيارين واري ماڳ وٽ پهچنداسين. اميد آهي ته اوهان جي فوجي وانڍ به اُتي هوندي ۽ پنهنجا ڀاڳ ڀلا ٿيندا جو اوهان سان ملاقات ٿيندي.هن واقعي ۾ 22- ريجمينٽ جا ٻه ماڻهو ۽ هڪ پهريدار مارجي ويو آهي. مسٽر ڪنڊڪٽر ڪئلي ۽ ايجنسيءَ جو ڪلارڪ ڪارلي سلي، آگبوٽ جا ٻه خلاصي، 22- ريجمينٽ جا چار ماڻهو ڪئمپ جا ٻه پهريدار گهائجي پيا آهن ۽ چار پهريدار لاپتا آهن. (15)

 

 

مياڻي ۽ دُٻي جي جنگ – چارلس نيپيئر

جي خطن جي روشنيءَ ۾

 

سنڌ بلوچستان جي فوجي ڪمانڊر ميجر جنرل سر چارلس نيپيئر طرفان 18- فيبروري 1843ع ۽ 24- مارچ 1843ع تي، هندستان جي گورنر لارڊ ايلنبرو ڏانهن، مياڻيءَ جي جنگي ميدان ۽ حيدرآباد کان چار ميل پري دُٻي واري ماڳ وٽان موڪليل خط، جيڪو پنهنجي اصلي صورت ۾ هيٺ ڏجن ٿا:

 

مياڻيءَ جي جنگ

منهنجي مهنداريءَ هيٺ وڙهندڙ فوج اتر ۽ لاڙ وارن ميرن جي گڏيل لشڪر کي سخت شڪست ڏني آهي. هن اهم جنگ جو تفصيلي احوال جيڪڏهن ٿورو تڪڙ ڪري ڏبو ته صحيح ڪونه آهي. مان به جنگ جي ڪن اهم واقعن تائين پاڻ کي محدود رکڻ چاهيان ٿو. 14- فيبروري تي سنڌ جا سڀئي امير درٻار ۾ ڪٺا ٿيا ۽ تحرير ٿيل عهدنامي تي پنهنجون صحيحون ڪيائون.

سڄي معاملي کي اُڪلائي جڏهن ميجر آئوٽرام درٻار کان  ٻاهر نڪتو ته هيءَ پاڻ ۽ سندس ساٿي موت جي منهن ۾ اچي ويا. هتان جي ماڻهن انهن سڀني کي قتل ڪرڻ جو هڪ منصوبو جوڙيو هو، اميرن جا ماڻهو ساڻن گڏ هئا. جن اهڙي قاتلاڻي حملي کان کين بچائي ورتو هو. مٿيئن حملي سان لاڳاپيل رپورٽ هن خط سان شامل ڪجي ٿي. اهڙي حملي جي خبر مون کي هالا وٽ پئي. هن ماڳ تي ميجر آئوٽرام ۽ سندس بهادر ساٿي اچي مون سان مليا هئا. ساڻن ڇهه توبون گڏ هيون. سندن حوصلا نهايت بلند هئا. هنن پنهنجي رهائشگاهه کي هر طريقي سان بچائڻ جو پڪو پهه ڪيو هو.

16- فيبروري تي مون مٽيارين ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. اُتي پهچڻ کان پوءِ ڄاڻ ملي ته مير پنهنجي فوج وٺي مياڻيءَ جي ميدان ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺا آهن. جيڪو هتان کان ڏهن ملين جي مفاصلي تي آهي. سندن فوج ٻاويهه هزار جوانن تي مشتمل هئي. مان ڄاڻان ٿو ته وڌيڪ فوج اچڻ لاءِ جيڪڏهن ترسي پيس ته دشمنن جا حوصلا بلند ٿي ويندا. گڏوگڏ اُهي وڌيڪ فوج آڻائي وٺندا ۽ حالتون وڌيڪ ڳنڀير ٿيڻ جو ڊڄ هو، ڇو ته هاڻي به جيڪا فوج وٽن آهي، سا به اسان جي فوج کان ڳڻ ۾ ستوڻ تي گهڻي آهي. مان مٿن جُلهه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو.

تنهنڪري 17- فوج جو هر اول دستو صبح جو اٺين وڳي دشمنن کي ڳولهي لهڻ ۾ سوڀارو ٿيو. صبح جو نائين وڳي پنهنجي 2800 جوانن کي فوجي تربيت ڏني. اسان سان ٻارهن توبن تي مشتمل هڪ بهتر توبخانو گڏ هو. ان وقت انگريزي فوج دشمنن جي توبن جي مار واري حدن اندر هئي ۽ پندرهن توبن جا منهن اسان ڏانهن کولي ڇڏيائون. جواب ۾ اسان به پنهنجي توبن وسيلي گولا وسائڻ شروع ڪيا. دشمن، جنگي نقشي جي حڪمت عمليءَ موجب وڌيڪ مضبوط هئا. سندن پاسن کان ٻيلن جو بچاءُ هو. اُهي ٻئي ٻيلا ڦليلي درياهه جي پراڻي پيٽ سان مليا پئي، جنهن جي ويڪر ٻارهن سئو گز هئي ۽ ڪناري سان واريءَ جون اوچيون ڀٽون هيون. دشمن فوج هن پراڻي ٻيٽ جي پٺيان ٻنهي ٻيلن ۾ وانڍ هنيو ويٺي هئي. ٻيلي جي وٽ سان ساڄي پاسي هڪ ڳوٺ هو.

ٿوري وقت اندر دشمن فوج جي سنڀاليل مورچن جو چڱي ريت جائزو ورتو ويو، مناسب ايئن سمجهيو ويو ته توبخاني کي ساڄي طرف بيهارجي. ان کان پوءِ سنڌ- اريگيولر گهوڙي سوار دستي ۽ ڪجهه پيادل فوج کي، دشمن لشڪر جي سامهون اچي ڏيکاءُ ڏيڻ جو حڪم ڪيو ويو. ان کان پوءِ اسان ساڄي طرف کان هڪ خاص فوجي تربيت ۾ اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. کاٻي پاسي واري فوج کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو ويو هو ۽ ان پاسي واري لشڪر کي ڳوٺ واري پاسي کان گولاباريءَ لاءِ خبردار ڪيو ويو هو.

9- بنگال نيم مسلح گهوڙي سوار دستا کاٻيءَ کان ٻانهينءَ جي پُٺين پاسي بيهاريا ويا هئا. پونا گهوڙي سوار دستن ۽ چئن ڪمپنين کي فوجي ڇانوڻي جي بچاءُ خاطر بيهاريو ويو هو. هن فوجي رٿا موجب اسان ان ميداني علائقي مان پيش قدمي شروع ڪئي. جنهن تي ٿورو وقت اڳ دشمن فوج جي گولاباري ٿي چڪي هئي. اڳتي وڌندڙ انگريزي فوج جي اڳواڻي 22 ريجمينٽ ۽ پيادل فوج ڪري رهي هئي. ان کان پوءِ 25 انڊين نيوي، ان جي پٺيان 12 انڊين نيوي ۽ صفا پُٺئين فرسٽ گرينڊيئر انڊين نيوي جا فوجي جوان هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org