هيرانند 1891ع ۾ موتيرام ڏانهن لکيل خط ۾ ڄاڻايو؛ ”ويجهڙائي ۾
منهنجو خيال زناني تعليم ڏانهن تمام گهڻو ڇڪجي
رهيو آهي. خاص ڪري وڏور زالن جي تعليم ڏانهن. خيال
پئي ڪيو اٿم ته پرڻيل ۽ وڏور زالون، جن جي پنگتي
ڳالهين ۽ شهر ۾ هلندي آهي، ۽ جيڪي پنگتي سڌاري جي
آڏو پيون اچن، تن جو هڪ ڪلاس کوليان. پر اڃان ته
ايئن ڪري نه سگهيو آهيان. هن وقت اسان کي گهٽ ۾
گهٽ هڪ يا ٻه زالون کپن، جن جي اوچي سکيا ورتل هجي
۽ جن ۾ پراُپڪار جو انگ هجي ۽ جن جا خيال سڌريل
زماني جا هجن، ته اهي پنهنجي جيون جو مثال ٻين
زالن اڳيان رکي منجهن سڌاري جو ڪم ڪن. خبر نه آهي
ته اسين ڪڏهن نصيب وارا ٿينداسين، جو اهڙيون زالون
ڪم ڪرڻ لاءِ اسان کي ملنديون. هن وقت ته سڄي شهر ۾
هڪ به اهڙي سنڌي زال ڪانه ٿي سُجهي، جنهن کي اهو
ڪم سپرد ڪري سگهون. اڪثر ائين پئي چاهيو اٿم ته ڪا
انگلينڊ مان اعليٰ دماغ عورت اچي اهو ڪم ڪري؛ پر
سمجهان ٿو ته اها چاهنا پوري ٿيڻي نه آهي. تون
ڀانئين ٿو ته اتي ڪو آهي، جو جيڪر زناني تعليم ۽
سڌاري جو ڪم ڪري سگهي؟ بمبئي ۽ پوني ۾ مرهٽن ۾
هينئر ڇوڪرين کي اوچي تعليم ڏيڻ جو شوق جاڳيو آهي،
۽ اهي ان ڏس ۾ تکو واڌارو پيا ڪن. پر سنڌ ۾ اسين
ان ڳالهه ۾ گهڻو پوئتي پيل آهيون. مون کي اميد آهي
ته تون انگلينڊ کان موٽي ڪجهه وقت ضرور هن ڪم کي
ڏيندين. وقت مليئي ته اتي ڇوڪرين ۽ زالن جي ڀلي
لاءِ جيڪي به سنسٿائون هجن سي ڏسج، جيئن موٽي اچين
ته هتي اهڙين سنسٿائن جاري ڪرڻ ۽ انهن کي سڌارڻ ۾
تنهنجا خيال ڪارائتا ٿين.“
ٻئي خط ۾ ڄاڻايو ته: ”مسٽر جيمس، نئين ڪمشنر جي چوڻ تي هتي جي
ڪليڪٽر ميونسپالٽيءَ تي هائوس ٽئڪس جاري ڪرڻ لاءِ
زور ٻڌو آهي، شهر جا ماڻهو توڙي ميونسپل مشير
مڙيئي انهي سڌي ٽئڪس جي خلاف آهن، پر ڪمشنر
پنهنجيءَ تي ٿي بيٺو آهي، ڪليڪٽر اهو به دڙڪو ڏنو
آهي. ته جيڪڏهن ڪمشنر جي حڪم جي تعميل نه ٿيندي ته
ميونسپالٽي ڪجهه وقت لاءِ رد ڪئي ويندي ۽ مڪاني
خود حڪومت جو سرشتو بند ڪيو ويندو. پر شهر جا آيا
به مڙڻ وارا نه آهن. ڇڪ ڇڪان لڳي پيئي آهي، ۽ ان
چڪري جو نتيجو نيٺ ڪهڙو ٿو ٿئي، سو ٻئي خط ۾
لکندوسانءِ.
اڳتي موڪليل خط ۾ ٻڌايو ته؛ ”اڄ ڪلهه هن سانتيڪي شهر ۾ هائوس
ٽئڪس جي ئي وائي ماڻهن جي وات آهي. نئون ڪمشنر
مسٽر جيمس سڌي ڍل وجهڻ جي فائدي ۾ آهي ۽ حيدرآباد
ميونسپالٽي تي زور رکيو اٿس ته آڪٽراءِ جو بوجو
ماڻهن تان هلڪو ڪريو ۽ هائوس ٽئڪس جو سڌو محصول
وجهو. شهرواسي ۽ ميونسپل مشير هن محصول جي بلڪل
خلاف آهن. مسٽرووڊبرن نئون ڪچو ڪليڪٽر به ڪمشنر جي
حڪمن جي تعميل ڪرائڻ تي ضد ٻڌي بيٺو آهي. اڳيون
مهينو سڄو هن مشيرن کي ان ڏس ۾ باز آڻڻ جي ڪوشش
پئي ڪئي آهي. خوشي جي ڳالهه آهي، جو سرڪاري
عملدارن جي زبردست ست ستاءَ هوندي به اڪثر مشير
پنهنجي مخالفت تي پختا رهيا آهن. ڪالهه ته مڙسي
ڪري جواب ڏنائون ته اسان کان زوري مڃتا ٿي ورتي
وڃي. سا اسين پنهنجي وويڪ کي نظر انداز ڪري مور نه
ڏينداسين. عملدار هنن کي هيسائي کانئن آڻ مڃائڻ
ٿان گهرن، پر اهي مڙس ٿيو بيٺا آهن. عملدار
ميونسپالٽيءَ کي ڪجهه عرصي لاءِ رد ڪرائڻ جون
ڳالهيون پيا ڪن. ڏسجي ته هاڻي ڇا ٿا ڪن.“
مسٽر اُڌارام شيوڪرام جي ڀيڻ چتر کي ايشور نور جي نوازش کان
نرهه رکيو هو، هن ڇوڪريءَ کي علم جي اڃ هئي،
تنهنڪري هيرانند هن لاءِ انگلينڊ مان خاص ڪتاب
گهرايا.............. هڪڙي سٻاجهيءَ پرچارڪا هن کي
بِريل اکرن ۾ شروعاتي ڪتاب (پرمو) هٿ ڪري ڏنو ۽
هوءَ جلد ئي انهن اکرن ۾ انگريزي پڙهڻ ۽ لکڻ سکي.
هيرانند هن جي تعليم جو ڪم باقاعدي هٿ ۾ کنيو ۽ هن
چتر ۽ پنهنجي هڪڙي مائٽياڻي کي روز رات جو ڪلاڪ
بلڪ وڌيڪ وقت ويهي پاڙهيندو هو. هن ولايت جي
”سورداسن جي سڀا“ سان لکپڙهه هلائي ۽ ٻه خاص مخزن
گهرايا. عامل آڪهه ۾ ان وقت اهي ئي ٻه ڄڻيون هيون،
جيڪي انگريزي ڪجهه ڳالهائي سگهيون ٿي، ٻئي
هارمونيم تي ڳائڻ وڄائڻ سکيون، ۽ وڏي آتمڪ ڀاو
سان پرُ هيون. هنن کي ٻيو رايل ريڊر، اوائلي سائنس
پرمر ۽ فزيالاجي پرمر پورا ڪرايا ويا. جتر سبي،
ڀري ۽ رڌي به سگهندي هئي. هن سنڌي آوازن لاءِ
پنهنجا اکر ٺاهيا ۽ پوءِ ته سنسڪرت ۾ سڄي گيتا ۽
لگهُوڪومدي به لکي ويئي جي کيس هڪ برهمڻ پاڙهيندو
هو.
هيرانند پنهنجي هڪڙي خط ۾ لکي ٿو ته: ”هينئر اسڪول ۾ اسان کي
ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ڪن ماڻهن
کي اسان جي اسڪول جي سوڀ تي ساڙ ٿيو آهي، ۽ اهي
اسان وٽان ڇوڪرا ڀڄائڻ ۾ وسان نٿا گهٽائين. ٻي
ڏکيائي آهي ماسترن جي باري ۾.ڪيترن کي ته رڳو پئسي
جو خيال آهي. اهي اسڪول ۾ مٿن ڪو ڳرو ڪم يا ڪا
جوابداري ٿي پوي ته ڪرڪن ٿا. اسان جن ماڻهن ۾ يورپ
جي ماڻهن جو ست ڪٿي! سندن ارادا سٺا، پر ڏکئي ڪم
لاءِ منجهن اورچائي جو انگ ڪونهي. وڏي ڳڻتي مون کي
هن وقت اها ئي آهي ته اسڪول جو انتظام اهڙو رکان
جيئن مان ڇڏيان ته پٺيان ڪم سڌو سنواٽو هلي سگهي.
مون کي اميد آهي ته ايشور اسان کي اهڙا ساٿي
ڏيندو، جهڙا اسان کي کپن. جيتوڻيڪ اهڙن ماڻهن جي
ملڻ جو آسرو اکئين ڪونه ٿو ڏسجي، تڏهن به آئون
اميد نٿو لاهيان.
نولراءِ يارنهن مارچ 1890ع تي حيدرآباد دفتر دار ٿي آيو ، ۽
پهرين جون 1890ع حضور ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ماجسٽريٽ مقرر
ڪيو ويو. سترهن اپريل 1891ع تي هو آدمشماري جي ڪم
لاءِ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو ۽ اهو ڪم پورو ڪري
اوڻيهه سيپٽمبر 1891ع تي اچي پنهنجي اڳئين پڪي
عهدي جي چارج ورتائين. سترهن آڪٽوبر 1891ع کان
سورهن جنوري 1892ع تائين حقي موڪل ورتاتين ۽
پرڀداس سان گڏجي هندستان جي سير تي نڪتو ۽ ڪئين
مشهور هنڌ ڏسي ماڳ موٽيو............ نولراءِ
پنجويهه جنوري 1892 تي سکر جي ڪليڪٽر جو دفتردار
ٿي ويو، اڃان اتي مهينو ئي ڪين ٿيس ته پندرهن
فيبروري 1892ع تي موٽي حيدرآباد ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ
ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ماجسٽريٽ ٿي آيو. ڪرنل ٽريور ارڙهن
مارچ 1892ع تي انگلينڊ مان لکي موڪليس ته مان
سمجهي نٿو سگهان ته سنڌ ۾ عملدارن جون بدليون
اهڙيون جلد جلد ڇو ٿيون ڪيون وڃن. شايد هن ٿوري
وقت ۾ ٻه ڀيرا سندس بدلي ڪافي نه هئي، سو ٻه مئي
1892ع تي وري ٽيون ڀيرو بدلي ٿيس.
ان وقت حيدرآباد مٿان سرڪار هائوس ٽئڪس مڙهڻ تي ضد ٻڌو هو، پر
شهر سڄو ان جي خلاف هو. نولراءِ به هائوس ٽئڪس پوڻ
جا فائدي ۾ نه هو. ان وقت ايڊوڪيش سوسائٽي کي
اڪئڊمي لاءِ ميونسپالٽيءَ کان پٽ ٽُڪر مليو هو، سو
نولراءِ تي ’پايونير‘ اخبار ۾ گرديءَ
(Jobbery)
جو الزام ڌريو ويو ۽ هيرانند تي گرديءَ ۾ مدد ڪرڻ
جو. مسٽر ايڇ. پي جيڪب جيڪو هنن ڀائرن کي چڱي طرح
سڃاڻندو هو، تنهن کي ڏاڍي مٺيان لڳي. تنهن ساڳئي
اخبار ۾ سموري قصي جي حقيقتن جو اُپٽار ڪري، جنهن
شخص ’پايونيئر‘ اخبار وارن کي ورغلايو هو، تنهن کي
اهڙا ڦٽڪا وڄايا، جو اُميد ته جيڪڏهن انسان هوندو
ته آئيندي اهڙو ڪم سنڀالي ڪندو.
هيرانند کي هنن جملن جي پرواهه ڪانه هئي. سندس جهوني هيڊ ماستر
مسٽر ڪيشوراءِ جي يادگيري قائم رکڻ لاءِ فنڊ کڙو
ڪيو ويو هو؛ سو هن خاطوءَ جي بيخبري سبب اخبار ۾
زهر هاريو هو، تنهن تي ويچار ڪرڻ بدران هو هن فنڊ
۾ وڌيڪ چاهه وٺڻ لڳو.
ٿورن ئي مهينن اندر يعني آگسٽ ۽ سيپٽمبر 1892ع ۾، هيرانند کي هن
گلاخور کي شرمندي ڪرڻ جو موقعو مليو. حيدرآباد ۾
اچي سخت ڪالرا پئي. مريضن کي هر قسم جي مدد ڏيڻ
لاءِ هيرانند جوانن جي هڪ ننڍي ٽولي ٺاهي، جنهن ۾
پرڀداس ۽ ڪي ٻيا به هئا. هنن کي مس فلورينس
نائيٽنگيل جي هدايتن پٽاندر صاف هوا، روشني،
گرمائش، صفائي، سانت ۽ مريض جي کاڌي بابت سکيا
ڏنائين ته اهي ڪيئن ڪتب آڻجن، جيئن مريض جي جيون
شڪتي اجائي ضايع نه ٿئي. ڊاڪٽر ريني جو ڪافور ۽
هوميوپئٿڪ دوائون وڏي انداز ۾ گهرائي ورتائين، ۽
هڪ ننڍي آفيس کوليائين، جتي هڪڙو نه ٻيو ڪم ڪندڙ،
ڪالرا جي مريضن جي علاج لاءِ جيڪي دوائون ۽ اوزار
ضروري هئا، تن سوڌو، ضرور حاضر رهڻو هو. هن جو
هوميوپئٿي ۽ طبي وگيان جو اڀياس اجايو نه ويو.
سندس عزيزن ۽ دوستن جو ڊاڪٽرن جي علاج کان به وڌيڪ
هن جي علاج ۾ ايمان هو، جو هن جي مفيد علاجن جو
اثر هنن وبا جي اچڻ کان اڳ ئي ڏٺو هو. هن جي دوا
دعا سان ڳنڍيل هوندي هئي ۽ ماڻهن جو به اڪثر ايمان
دوا ۽ دُعا ۾ هو ۽ نه اڪيلي دوا ۾.
حيدرآباد واسين کي 1892ع ۾ اهڙي پرش کي ڏسڻ جو لاڀ پراپت ٿيو،
جنهن انساني آدرش هيٺ ڪم ٿي ڪيو، جنهن وٽ اوير
سوير ڪوبه بي ڌڙڪ لنگهي وڃي ٿي سگهيو، ڀل رات جو
هڪ وڳو هجي، جنهن انهن جي به شيوا ٿي ڪئي، جن کي
مٽ مائٽ ڇڏي ڦٽو ڪري ٿي ويا ۽ جنهن مريضن جون
اهڙيون اهڙيون شيون پنهنجن هٿن سان پاڻ ٿي کنيو،
جن جي اوڏو هوند مريضن جا مٽ مائٽ يا يار دوست به
نه وڃن، سکيل ٽهلڻيون
(Nurses)
تن ڏينهن هيون ئي ڪين. تنهنڪري کيس ۽ سندس رفيقن
کي مريضن جي ٽهل ٽڪور جو ڪم پاڻ ڪرڻو ٿي پيو.
نصيبن سان، اختياريءَ وارن جي هٿچراند ڪانه هئي
جهڙي پوءِ پليگ جي ڀيري ٿي. ۽ ماڻهن کي رڳو ڪالرا
سان منهن ڏيڻو ٿي پيو ۽ نه سخت قاعدن سان، جن تي
ڪٺور پوليس ۽ ننڍن ڪامورن پليگ جي وقت عمل ڪيو.
1892ع جو عاليشان مثال پوءِ پليگ جي وقت ڏاڍو
ڪارائتو ٿيو. خانگي پليگ اسپتال ۾ انتظام هيٺ اهڙو
ئي رکيو ويو، البت خرچ ان تي جيترو رواجي حالت ۾
اچي ها، تنهن کان سوڻو اچي ويو، جو ان وقت سرڪار
جي پليگ جي باري ۾ نيتي اهڙي هئي، جا هينئر سرڪار
ڇڏي ڏني آهي.
حيدرآباد ۾ هيرانند جي يادگيري قائم رکڻ لاءِ جيڪو چوٿون ميڙ
ڪٺو ٿيو، اتي مسٽر هيرانند کيم سنگ هڪ واقعي جي
حقيقت ٻُڌائي. چيائين: ”1892ع ۾ ڪالرا جو مهلڪ مرض
حيدرآباد ۾ گهڻو زور هو. هيرانند، هڪ رات، ڪالرا
مريضن جي ٽهل ٽڪور ڪري ٻي بجي ڌاري گهر موٽيو. رات
جي روٽي اڃا پرڇي آڻي اڳيان رکيائونس ته سڏ ٿيس ته
هلي تازو ڪيس ڏسو، نه ماني جي ڳٽي کنيائين ۽ نه
پاڻيءَ ڍُڪ پيتائين، ائين ئي اُٿي هلڻ لڳو. ديوان
نولراءِ چيس ته سکڻي پيٽ سان مريض وٽ وڃڻ ڪري مرض
پرائڻ جو انديشو آهي، تنهنڪري بهتر آهي ته ڪجهه
کائي پيئي وڃ، ته هي ايشور جو پيارو ٿو چوي: ڪهڙي
خبر ته ڪن منٽن جي دير ڪري مريض جي حالت نراسيءَ
جهڙي ٿي پوي......“
24- مئي 1893 هيرانند پنهنجي حياتيءَ ۾ اڪئڊمي جي انعامي جلسي ۾
آخرين ڀيرو شامل ٿيو........ مسٽر جيڪب جي موڪل تي
اُسهڻ کان اڳ، 27- اپريل 1893ع تي اڪئڊميءَ جي
عملي سندس مهماني ڪئي هئي. 24- مئي 1893ع تي پاڻ
جلسي تي اچي نه گهيو. تنهنڪري سندس غير حاضري ڪري
مسٽر واٽسن ڪليڪٽر جلسي جي ڪارروائي هلائي ۽ انعام
ورهائي ڏنا. جلسي ۾ پراٽيسٽنٽ ۽ ڪئٿولڪ پادري،
ريورينڊ مسٽر ڪاپڪنس ۽ شهر جا معزز ماڻهو حاضر
هئا. هيرانند جيڪا رپورٽ اُن وقت پڙهي، تنهن ۾
ڄاڻايل آهي ته:
”يونين اڪئڊمي جو هينئر پنجون سال ٿو هلي. هن جو واڌارو پختو ۽
پاڻمرادو ٿيو آهي. شروع ۾ اوڻيتاليهه شاگرد هئا.
پهريئن سال جي پڇاڙيءَ ۾ سئو ٿيا، ٻئي سال جي آخر
۾ 275، ٽيئن سال جي پڇاڙي ۾ 517، چوٿين سال ۾ 665
۽ هن وقت ست سئو آهن.
”اسان کي پنهنجي جڳهه جي گهُرج آهي ۽ چار هزار چورس وال پٽ
ميونسپالٽي منظور ڪيو آهي، پر اڃا هٿ ۾ مليو ڪونه
اٿئون، جيتر دستاويز لکي ڏيون. اسين سمجهون ٿا ته
اهو پٽ اسڪول لاءِ ڪافي نه ٿيندو ۽ جلد اسان کي
هومسٽيڊ هال لاءِ، جيڪو اوائلي پٽ رٿيل هو، تنهن
سموري پٽ ملڻ لاءِ ميونسپالٽي کي عرض ڪرڻو پوندو.
”اڳين رپورٽ ۾ اسان ٽي مرادو ڏيکاريون هيون، جن مان هڪ هئي
سنسڪرت جي اڀياس کي همٿائڻ جي. ان ڏس ۾ اسان جي
ڪوشش ساب نه پيئي آهي، جو سنسڪرت پارسيءَ کان گهڻي
ڏکي آهي ۽ ڇوڪرا ان کان ڇرڪن ٿا، تنهن حال سان به
چار ڄڻا مئٽرڪ لاءِ تيار ڪياسين. جن مان ٽي پاس
ٿيا. مائٽن ۾ سنسڪرت لاءِ شوق جاڳي ته هوند اسين
گهڻو ڪجهه ان ڏس ۾ ڪري سگهون.“
”ٻي مراد هئي ٻارن ۾ راندين لاءِ شوق پيدا ڪرڻ جي. ڇوڪرا ڪرڪيٽ
۾ شوق وٺن ٿا. پر ڊول سان چاهه ڪونهين. راندين ۽
ورزش لاءِ به ميدان جي گهُرج آهي. ڪئنٽونمينٽ وارن
عيدگاهه جي ويجهو ميدان تي راند ڪرڻ جي اسان کي
اجازت ڏني آهي، پر اسڪولن کي ڪشادن وندرگاهن ۽
راند جي ميدانن جي گُهرج آهي، جيئن ڪراچي ۾ آهي.“
”ٽيئن مراد هئي ٻارن جي اخلاقي ترقي، ٻارن ۾ ڪيتريون ئي خراب
علتون آهن. اسين گهڻي ڪوشش ٿا ڪريون، پر گهرن ۾
مائٽن جو مٿن ضابطو نه آهي، جنهنڪري اسان جو
ڪوششون به اجايون وڃن ٿيون.“
”اسڪول کولڻ کان وٺي جيڪي عملي ڪم اسڪول ۾ ڪيا ويا آهن، تن ۾
شامل آهي؛ (1) شاگردن ۾ پوشاڪ ۽ عادتن جي سادگيءَ
لاءِ چاهه پيدا ڪيو ويو آهي. (3) ٻٽاڪي روش ۽ بي
ادبي تي روڪ وڌي ويئي آهي؛ (3) ٻار، جيڪي اڳ ڌرم
تي چٿرون ڪندا هئا، تن جو ڌيان فرمانبرداري ۽ خدا
ترسي ڏي ڇڪايو ويو آهي؛ (4) ٻارن جو بدن ڪي قدر
وريو آهي ۽ صحت جا عملي قانون کين سيکاريا وڃن ٿا؛
(5) ٻال وواهه جي خلاف خيال ڦهلايا وڃن ٿا؛ (6)
امتحان ۾ نمبر مٿي مارڻ جي چاهنا جي ڀيٽ ۾ شاگردن
۾ سچي سڀيتا جي اٻلاکا اُتپن ڪئي ويئي آهي؛ (7)
نشي کان پري رهڻ لاءِ ٻارن کي هدايت ڏني وڃي ٿي؛
(8) وات مان گندن لفظن ڪڍڻ کان ٻارن کي روڪيو وڃي
ٿو؛ (9) ٻارن ۾ پيءُ، ماءُ ۽ ديش لاءِ عزت سيکاري
وڃي ٿي.
”ايترو اسان ڪيو آهي، اڃا مرضي اٿئون ته شاگرد برائي ۽ حرڪتبازي
کان باز رهي سچائي ۽ سٺا لڇڻ سکن؛ منجهن سومان جو
انگ پيدا ٿئي؛ پنهنجي قوم، ديش ۽ بادشاهه لاءِ اها
وفاداري سکن، جيڪا نه ٺوڪ تاڙي واري هجي، پر
اسٿرتا واري ۽ وويڪ انوسار هجي ۽ اهي پاڻ قرباني ۽
خود ضابطو پرائين. جيڪڏهن مائٽ اسان کي مدد ڪن ته
اسان جو ڪم سولو ٿي پوي.
”پروڪي مئٽرڪ امتحان ۾ اسان جا تيرهن مان ٻارهن شاگرد پاس
ٿيا........... اسڪول اڃا پاڻ ڀرو نه ٿيو آهي، پر
ٻئي سال سرڪاري گُرانٽ وڌي ملي ته اسين انهيءَ
انتظاري کان آجا ٿينداسين........ عملي تي چوويهه
ماستر آهن. ماهوار آمدني فين مان ست سئو رپيا.
گرانٽ اڍائي سئو رپيا، ۽ چندا ساڍا ٽي سئو رپيا ۽
خرچ ماهوار تيرهن سئو رپيا آهي.“
هيرانند مانيٽرن جو سرشتو جاري ڪيو هو، جن جي وسيلي، اسڪول جي
اندر توڙي ٻاهر ڇوڪرن جي چال چلت تي چوڪسي رکي ٿي
ويئي. ڪو ڇوڪر بدڪار هوندو هو ته ان کي ساڻ گهمائڻ
وٺي ويندو هو ۽ کيس چٽ سان سمجهائيندو هو. هو
تعليم کي لفظن جي ڳالهه ڪري نه سمجهندو هو، پر هو
انهي تعليم کي مڃيندو هو جيڪا لياقتون وڌائي،
عادتون ٺاهي، ڌار ڌار سڀائن سان پنهنجي جاءِ وٺي،
چڱين ورتين کي پڪو ڪري ۽ بڇڙين کي دٻائي. هن چاهيو
ٿي ته منهنجا شاگرد وچن جا سچا، ڪرم ۾ نشڪام ۽ من
جا پوتر ٿين ۽ ايشور جو کين ڊپ رهي ۽ ان کي
پوڄين............
مارچ 1893ع ۾ هيرانند، موتيرام جي چوڻ تي ”اورئينٽل ڪمپنيءَ“ وٽ
پنج هزار رپين ۾ پنهنجي حياتيءَ جو ويمو اُتارايو.
نولراءِ به پنهنجي حياتي جو ويمو اوتري ئي ناڻي ۾
اُتارايو ۽ چندا هيرانند جا ۽ پنهنجا پاڻ
ڀريائين........... هيرانند کي بانڪيپور وارو
ڇوڪرين جو اسڪول ڏاڍو وڻيو هو، تنهنڪري هن پنهنجي
ڌيئن کي اتي پڙهائڻ جو ويچاريو...... ديوان مورجمل
جي نُنهن جي ٻارن جي قبضي جو جڏهن سوال اٿيو هو،
تڏهن هيرانند هن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيٺو هو،
تنهن ڪري هن جي اندر ۾ ٻڏتر هئي، ته پنهنجي زال جي
مڃتا کان سواءِ ٻارن کي ٻاهر وٺي وڃان يا نه. تور
تڪ ڪري نيٺ انهي راءِ تي آيو ته اهو ڪم ڪيم ته
گناهه نه آهي؛ مان ڪو ڪڪين کي ڌارين سان پرڻائڻ
لاءِ ڪو نه ٿو نيان يا اصل لاءِ ڪونه ٿو ڪڍيو
وڃان. عامل آڪهه ۾ شاديءَ جي بازار ۾ ايم.اي جو
مُلهه بي. اي کان وڌ هو ۽ بي. اي جو مئٽرڪ واري
کان وڌ هو . جيڪڏهن ڇوڪرين کي به تعليم جيتري
تعليم نه ملي ته اها ناٺين جي خريد بند ٿي ويندي.
تنهن کان سواءِ هن جو مطلب هو ته منهنجون ڌيئون
گهٽ ۾ گهٽ تعليم جي ڪم ۾ پنهنجي جيوت وتيت ڪن،
تنهنڪري سمجهيائين ٿي ته هنن کي ننڍي کان ئي خاص
تعليم جي گهُرج آهي......... تنهنڪري هيرانند ڌيئن
کي ساڻ ڪري اوڏانهن ويو. (24)
پروفيسر شوارام ڦيرواڻي
حيدرآباد جي پنگتي ۽ شهري حالت
منشي گدو مل جو پتا منشي مينگهراج جاگيرات جو منشي هو ۽ پاڻ به
مير منشي هو. مير منشين جو عهدو ديوانن کان به وڏو
هو. ديوان ڪوٺبو هو انهن کي، جيڪي ڍلون اوڳاڙيندا
هئا ۽ مير منشي هوندا هئا وزيرن جي مثل، جيڪي ميرن
کي حڪومت جي مشڪل سوالن حل ڪرڻ ۾ صلاح مصلحت ڏيندا
هئا......... حيدرآباد جي ڪامياب وڪيلن ۾ ڏيارام
گدو مل جو ڀاءُ ميٺارام شامل هوندو هو........ هڪ
لڱا روهڙي واري پير محراب شاهه جو ڪيس مليس. پير
صاحب تي خون جي تهمت هئي، جنهنڪري کيس ڦاسيءَ جي
سزا جو ڊپ هو، پر ديوان ميٺارام اڇي ڪڇي ڇڏائي
آيس. انهي تي پير صاحب اهڙو گدگد ٿيو جو کيس هڪ لک
رپيا فيءَ طور ڏنائين!
1860ع ڌاري حيدرآباد ۾ اڃا سنڌي اسڪول جاري ڪين ٿيا هئا. آخوند
مڪتب هلائيندا هئا ۽ فارسي پاڙهيندا هئا. خاص زور
هوندو هو فارسي پاڙهڻ تي. ڏيارام گدو مل کي به
انهيءَ طرح هڪڙي هوشيار آخود وٽ ويهاريو ويو. جنهن
جو نالو هو آخوند نور محمد. هو حافظ علي محمد جو
ڀاءُ هو. سندس مڪتب 1880ع کان وٺي 1890ع تائين
هلندو رهيو......... آخوند نور محمد پنهنجو مڪتب
اچي ديوان گدو مل جي جاين ۾ ڪڍيو؛ ۽ اُتي ڏيارام ۽
ٻين کي پاڙهيندو هو.
تنهن دور ۾ هوشيار شاگردن کي انعام ۾ ڪتاب ملندا
هئا......... ڏيارام کي ڪيترائي ڪتاب انعام ۾
مليا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين ديوان شيرو مل جي
لئبريري ۾ موجود آهن........ انهن ڏينهن ۾ مئٽرڪ
جي امتحان بمبئي ۾ ٿيندو هو، پر بمبئي ڏانهن وڃڻ
جو هڪ وڏي ڳالهه هوندي هئي. جن ڏينهن ۾ مس بمبئي
پهچبو هو........... ڏيارام گدو مل 1877ع ۾ بي. اي
جي امتحان لاءِ هال ۾ ويٺو هو ته کيس پنهنجي پوڄ ۽
پياري پتا جي ديهانت جي ڏکاري ڄاڻ ملي........ هو
بي. اي جو امتحان ڏيئي پتا جي قضيئي سبب، هڪدم
حيدرآباد آيو........ ديوان ميٺارام کي پنهنجي
پيءُ جو گورو گنگا جي کڻي وڃڻو هو، تن ڏينهن ۾
گنگا جي وڃڻ ڪو اهڙو سولو نه هو. جهڙو اڄ ڪلهه
آهي. |