ٻار
ڄمڻ
ٻار ڄمڻ کان اڳي دائي مريم ۽ ٻيون دايون اچي گهر ۾ رهي پونديون
هيون ۽ ٻار ڄمڻ مهل، اوڙي پاڙي جون زالون، خصوصا
وڏيءَ عمر واريون اچي گڏ ٿينديون هيون. وڏو گوڙ
مچندو هو، ڇهين ڏينهن ڇٽي ٿيندي هئي، ويايَل زال
کي گهگهو ڍڪائيندا هئا ۽ سندس کٽولي جي چئني پاون
کي تير يا ڪاٺيون ٻڌي، سُٽ ڦيرائي ويندا هئا ۽
ڏارو يا مٺائي ورهائيندا هئا. ٻار جي ڄمڻ وقت پيءَ
يا ڪو ٻيو وڏو مائٽ، انهي جي ڪن ۾ اچي ٻانگ ڏيندو
هو ۽ پوءِ ٻار تي نالي رکندا هئا، يا ته نالو
ڇٽيءَ تي رکندا هئا. ڇٽيءَ تي به گهور پوندي هئي،
جيڪا دايون کڻنديون هيون. جيڪڏهن پُٽ ڄمندو هو ته
دائي، ويايَل زال جي ڪنن مان سونا پنڙا لاهي وٺندي
هئي. جڏهن زال ويم مان اُٿندي هئي تڏهن دائيءَ کي
وڏي رقم ملندي هئي – خاص پُٽ ڄمڻ جي حالت ۾. کيس
وڳو به ملندو هو.
مَرڻو
مرڻي جي رسم هي هوندي هئي ته ماڻهو مرڻ تي هڪدم گهر جا ڀاتي،
زيور يا اُوچا ڪپڙا، جيڪي اوڍيل هوندا هئن، سي
لاهي ڇڏيندا هئا. مڙس مرڻ تي، ويجهيون ۽ وڏي عمر
واريون مائيٽاڻيون، جيڪڏهن زال کي ٻانهين پيل
هوندي هئي ته ڀڃي ڇڏينديون هيون. زالن ۾ پٽڪو مچي
ويندو هو. انهي هُل هنگامي تي اوڙي پاڙي واريون
زالون به اچي گڏ ٿينديون هيون ۽ اهي به هنن سان گڏ
ماتم ۾ شامل ٿينديون هيون. جڏهن فوتيءَ کي غُسل
ڏيئي، جنازو ٺاهي، ڏوليءَ ۾ وجهي کڻندا هئا، تڏهن
ڏوليءَ سان گڏ ماني ۽ قرآن به رکندا هئا، ۽
مٿانئس ڪيمخواب يا اهڙا ٻيا قيمتي ڪپڙا وجهندا
هئا، جنهن کي ’ڇاڙ‘ چوندا هئا. سڀ ويجها عزيز،
ڇاڙون ڏيندا هئا. جڏهن ڪانڌي موٽي واپس ايندا هئا
تڏهن کين پُلاءُ وغيره تيار ڪري، ڪانڌپي جي ماني
کارائيندا هئا. فوتي جي گهر ۾ ٻه ٽي ڏينهن چُلهه
نه ٻرندي هئي ۽ ماني نه پچندي هئي. پاسي وارا
ويجها مائٽ، واري وٽي تي، ماني تيار ڪرائي،
فوتيءَ جي گهر جي ڀاتين ۽ انهي جي ٻارن ٻچن ۽ پٿر
تي آيل ماڻهن کي وڃي هٿ سان کارائيندا هئا. ٽيجهي
تائين يا ٽيجهي کان پوءِ به جيڪي ٻاهران آيل مائٽ
يا ٻيا ماڻهو اچي انهيءَ گهر ۾ رهندا هئا –
پُلاهه، ٻوڙ ۽ ست رڇي، جيڪا گهڻن ماڻهن کي سڏي،
کارائيندا هئا. وري مُئي جي وڏي ماني چاليهي ۽
ٻارهي تي ٿيندي هئي. تيتري ۾ ڏهاڙي، سيدن يا پيرن
فقيرن کي چاليهي تائين ماني پيئي ڏبي هئي، هفتي ۾
ٻه ٽي ڏينهن، وارن تي، پاسي واريون زالون اچي گڏ
ٿينديون هيون ۽ اوسارينديون هيون. انهن ڏينهن ۾
پٽڻ يا پارن ڪڍڻ يا اوسارڻ لاءِ خاص زالون
(روداليون) اينديون هيون، جن کي مقرر پئسا يا ڪپڙا
لٽا ڏبا هئا. چاليهي تي يا ٻارهي تائين گهر جا
ڀاتي سوءَ رکندا هئا، يعني ماتم جي لباس ۾ رهندا
هئا. مڙس ماڻهو، نير رڱيل ڪارا ڪپڙا ۽ ڪاريون سنڌي
ٽوپيون ڍڪيندا هئا ۽ زالون به ڪارا روا يا رڳو
ڪارا پهراڻ ۽ سُوسي جي ڪاري سُٿڻ ڍڪينديون هيون ۽
زيور ڪونه ڍڪينديون هيون. ٽيجهي يا چاليهي ۽ ٻارهي
تي ويجها مائٽ، گهر جي ڀاتين کي، نوڪرن ۽
نوڪرياڻين سميت، وڳا ڏيندا هئا، جنهن کي ”سوءَ
لهرائڻ“ چوندا هئا. ساڳيءَ طرح مڙسن جي به سوءَ
لهرائيندا هئا. گهر جو پريو مڙس مرندو هو ته ٽئي
ڏينهن انهي جي وڏي پٽ کي راڄ جو چڱو مڙس يا ڪو پير
مرد اچي پڳ ٻڌائيندو هو. زال، پنهنجي مڙس لاءِ
عدت ۾ چار مهينا ۽ ڪي ڏينهن ويهندي هئي ۽ نامحرم
ماڻهو جي مُنهن نه پوندي هئي. پوءِ مڙس جي قبر تي
ويند هئي. انهي وچ ۾ ٻيون زالون، قبر تي وڃي،
مٺائي ورهائي اينديون هيون ۽ ويجها مائٽ سڀ، ڪُنو
ڪُنو مٺائيءَ جو آڻيندا هئا يا موڪلي ڏيندا هئا.
ناني مرحوم جي وقت ۾ قبرون، پهڻ جون جوڙائيندا هئا، جيڪي پوءِ
پڪين سرن جون جڙڻ لڳيون ۽ نوڪرن وغيره جون قبرون
وري ڪچين سرن جون جوڙائيندا هئا. پهڻن تي مٿان
قرآن شريف جون آيتون ۽ تاريخون اُڪرائيندا هئا.
ناني مرحوم جي ماده تاريخ، بابي مرحوم جي چيل آهي.
زنانيون قبرون، مٿان سنهيون ٿينديون هيون ۽
مرداڻيون گول – جيئن ميرن جا قبا ٿيندا هئا ۽
بيبين جو تجرون. هاڻي، قبرن جي اڳيان پهڻ جر سر
اُڀي کوڙي، انهي تي تاريخ لکائبي آهي.
مٿين بيان مان ڏسڻ ۾ ايندو ته مرڻي ته به ايترو ئي گهڻو خرچ
ٿيندو هو جيترو پرڻي تي ٿيندو هو؛ پر تفاوت هيءُ
هو ته پرڻي، تي گهر جا ڀاتي سڀ خوش هوندا هئا،
تنهنڪري خوشي سان خرچ پکا ڪندا هئا ۽ مهمانن جي
پرگهور لهندا ۽ مرڻي تي، گهر جا ڀاتي پاڻ ڏک ۽ غم
۾ پنهنجي سنڀال ڪري نه سگهندا هئا. سي ٻين جي ڪٿان
برابر سنڀال ڪري سگهندا هوندا؟.
اڳُوڻي رسم موجب پرڻي توڙي مرڻي تي، ويجها مائٽ يا دوست پئسا
ڏيندا هئا، جنهن کي ”پوئو“ چوندا هئا. مجلس ۾ ڪاغذ
قلم کڻي اچي ويهندا هئا. جيڪو، جيڪي ڪجهه ڏيندو
هو، سو لکي، يادداشت تيار ڪري رکي ڇڏيندا هئا،
انهيءَ لاءِ ته وري جڏهن ٻين جو وارو اچي تڏهن
جيڪي هُنن ڏنو هجي، اهو ئي کين واپس به ڏجي.
اهڙيون يادداشتون، بابي مرحوم جي هٿ جون لکيل، مون
وٽ محفوظ رکيل آهن.
اهي سڀ مٿيون رسمون، مير صاحبن جون هيون، جيڪي پاڻ به ڪندا هئا
۽ اسان ۾ به پيون؛ بلڪه سڀني آبروءَ وارن مسلمانن
۾ هونديون هيون. هندو ماڻهو به مرڻي ۽ پرڻي تي،
مسلمانن کي ڏيندا وٺندا هئا. کاڌي لاءِ هو سيڌو
پاڌو ڏيندا هئا ۽ سيڌو وٺندا هئا. سندن زالون به
مرڻي ۽ پرڻي تي، مسلمانن جي گهرن ۾ اينديون
وينديون هيون – اندر زالون ۽ ٻاهر سندن مڙس ماڻهو.
رسمن ۽ دستورن ۾ سُڌارا
اهي سڀ رسمون هلنديون آيون ۽ ٻين هنڌن تي اڃا به اهي ئي پيون
هلن؛ پر بابي مرحوم پاڻ انهن رسمن جي سڌارڻ جو
جيڪو رستو ورتو، سو هيءُ ته شادي غميءَ جي رسمن تي
گهڻو ۽ فضول خرچ ٿيندو هو ۽ نالي جي لاءِ قرض کڻي
به پورائي ڪرڻي پوندي هئي. سا بنهه بند ڪيائين.
هرڪو وسعت آهر خرچ پکو ڪندو هو. ٻارن جي طُهر تي
به شادي جيترو خرچ ٿيندو هو، سو به بند ڪيائين.
پويان ٽي چار پٽ، بابي مرحوم، ڇٽي تي، ماٺ مٺيءَ ۾
طُهرائي ڇڏيا – نه ڪنهن کي سڏيائون ۽ نه ڪنهن کي
ٻُڌايائون؛ رڳو حجام کي ڪي ڏيئي ڇڏيائون. مرڻ تي
رئڻ، پٽڻ ۽ اوسارڻ جي جيڪا رسم هئي سا به بند ڪري،
گهٽائي ڇڏيائين.
بابي مرحوم جي وفات کان پوءِ انهن سڀني رسمن بند ڪرڻ ۽ سُڌارڻ
لاءِ، ادي جن جي صلاح سان مون رول يا قاعدا ٺاهيا
هئا، جيڪي اڃا منهنجي انگريزي ۾ لکيل ”فيملي بُڪ“
۾ موجود آهن. اهي ڏسي مامي مرزا علي محمد بيگ
مرحوم به اهي پنهنجي ڪٽنب ۾ جاري ڪيا. تنهن کان
پوءِ ادي مرزا صادق علي بيگ مرحوم جي وفات مهل،
پٿر تي اهڙو ذڪر هليو. تنهن تي سڀني گڏجي سُڌريل
رول ٺاهيا ۽ اهي باقاعدي لکيا ويا ۽ انهن تي سڀني
گهرن جي وڏن کان صحيحون ورتيون ويون. ٻاهرين مان
مرزا فيض احمد به هو – رڳو مرزا منوچهر بيگ ۽ مرزا
فرخ بيگ – منهنجا ڀائيٽا ۽ منهنجو پٽ نادر بيگ
ولايت ۾ هئا؛ باقي سڀ موجود هئا. (26)
پوءِ ڪي مکيه ڳالهيون مختصر طرح کڻي ڪاغذ تي اٽڪايائون، جن بابت
شاديءَ جي ڪم ۾ هلت ڪرڻي هئي:
پهرين ڳالهه اها رٿيائون ته مڱڻي کان شادي گهڻا ڏينهن پوءِ نه
ٿئي، هفتي کن ۾ ٿئي، ڇالاءِ جو ڄاتائون ته گهڻن
ڏينهن وچ ۾ پوڻ ڪري هڪڙو ته ڏيتي ليتي جو خرچ به
ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته هڪٻئي جي سنڀال رکڻ به ڏکي ٿي
ٿئي........... مڱڻي ۾ رڳو ڪن ٿورن عزيزن کي سڏي،
مٺائي ورهائي پڌري ڪرائي ۽ ڪنوار کي ويڙهه يا منڊي
نشاني لاءِ وجهجي – ٻيو ڪي ڪين ڪجي..........
شاديءَ جو ڏينهن ٻئي طرف صلاح ڪري اهڙو مقرر ڪن،
جو ٻنهي کي سولو هجي. ڏڻ وار وٺڻ يا مُلي کان
ڏينهن ڪڍائڻ يا ڏساسول جاچڻ، اهو سڀ بند
رکجي............ ڏاج چئن جوڙن ڪپڙن ۽ ضروري زيورن
کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين ٺهرائجي. وڌيڪ جيڪو ڏيڻو
هجي، سو شادي کان پوءِ هڪٻئي کي ڏيئي سگهجي
ٿو........... ڏاج ڏيکارڻ جو ڪوبه ضرور ڪونهي.
زيور وسعت آهر رڳي هيٺيان يا انهن مان ڪي هئڻ گرجن. ڪنن لاءِ هڪ
جُت پَنڙا يا دُرَ، هٿن لاءِ مُنڊي، ٻانهن لاءِ
ڪَنگڻ يا ڪنگڻيون ۽ ڳچي لاءِ دُهري يا اهڙو ڪو ٻيو
زيور، باقي نَڪ ۾ ضروري ڪونهي. جي اصل ننڍي هوندي
کان ٽُنگ نڪتل هجي ته پوءِ لاچار هڪڙي ننڍڙي
ڦلڙي وجهجي. انهي ڪري هنن ڄاتو ته اجاين زيورن تي
پئسا به خرچ نه ٿيندا، نڪ ۽ ڪن به گهڻن ٽنگن ڪڍڻ
۽ گهڻي بار کڻڻ جي عذاب کان ڇُٽي پوندا.........
نڪاح سنجهي جو ڏهين بجي اندر پورو ٿيڻ کپي، جنهن
کان پوءِ گهوٽ ڪنوار پنهنجي جاءِ تي هليا وڃن ۽
نڪاح مهل ڪي ٿورا ويجها عزيز يا گهرا دوست حاضر
هجن، جيڪي نڪاح کان پوءِ مٺائي يا کارڪون وٺي،
پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن؛ نه ايئن جو سڄي رات
اُتي ويٺا پنڪيون کائين ۽ شادي وارن کي دل ۾ پٽين.
ڪنهن به قسم جا سڳڻ ساٺ، سي اڪثر ٻاهر مڙسن ۾ يا اندر زالن ۾
ٿيندا آهن، سي بند رکجن، رڳو گهوٽ نڪاح کان پوءِ
ڪنوار جي گهر اچي، ڪنوار سان گڏ کٽ تي ذري تائين
گڏ ويهي ۽ عزيز انهن کي ڏسن ۽ مبارڪون ڏين، پوءِ
رات جو گاڏيءَ يا ڏولي ۾ يا ڪجائي ۾ هليا
وڃن......... شاديءَ جي ٻئي ڏينهن يا اُن جي اڳيئن
ڏينهن، شاديءَ جي ماني ٿئي، گهوٽيتا ٻاهر ڪن ۽
ڪنواريتا جي اندر جي. پورا پنا ماڻهو، عزيز ۽ دوست
سڏجن، جنهنڪري اجايو خرچ ماني تي به نه ٿئي. ماني
کاڌي کان پوءِ جي پهت جا پئسا وٺڻ ۾ ايندا آهن ۽
وقت بوقت جا گهور ڏيڻ ۾ ايندي آهي، سا اصل بند
ڪجي..... ٻاهر دهلن وڄائڻ يا ڏؤنڪن هڻڻ ۽ اندر
ڍولڪ وڄائڻ جو دستور، جيڪو هلندڙ آهي سو بند ڪجي؛
ڇالاءِ جو شادي جي گوڙ ۽ دُهل مورڳو گڙٻڙ وجهيو
ڏين – تنهن کان سواءِ شرعي به منع آهي. (27)
ٻيون زالون يا شاديون
رسمن جي نظر تي اڳي مير صاحبن جي ڏينهن ۾ مير صاحب، ٽي چار ديرا
رکندا هئا ۽ سُريتيون ته گهڻيون هونديون هُين، جن
۾ رزخريد ٻانهيون به هونديون هيون. مثلا اسان جي
مير ڪرم علي خان کي ٽي ديرا هئا ۽ سئو کن سُريتون
هيون. ناني مرحوم کي ٽي گهر هئا ۽ ٽنهي مان اولاد
هوس. مرزا باقر کي چار گهر هئا؛ ميان ابراهيم کي
ٻه گهر هئا. بابي مرحوم کي هڪڙو ئي گهر هو.
ٻانهيون به هيون – دائي گُلچمن، دائي زعفران
وغيره. سُريتن يا ٻانهين کي ڌيئون ڄمنديون هيون ته
اُهي ڄمڻ سان دايون ماري ڇڏينديون هيون، ته متان
ڪنهن سان پرڻائڻيون پون.
مُڙس جي مرڻ کان پوءِ بيوه زال، جيتوڻيڪ شريعت موجب وري شادي
ڪري سگهي ٿي، پر مير صاحبن ۽ ٻين سکرن جي رسم
موجب، بيوهه زال لاءِ وري شادي ڪرڻ عيب سمجهيل هو.
اهڙيءَ حالت، اسان ۾ ڪانه سُجهي.
پردو
پردي جو دستور، مير صاحبن وٽ سخت هو ۽ انهن جي پيروي ڪري اسان ۾
سخت هو ٻين سکر ماڻهن ۾ به، بلڪ هندن عاملن ۾ به،
جن جو مير صاحبن سان واسطو هوندو هو. پهرين ته ڪوٽ
يا چوڌاري جي اندر رهڻ ۽ دروازي تي ڏيڍيءَ جو
بندوبست ۽ دربان رکڻ ۽ ٻاهر مردن جي ويهڻ لاءِ
اوطاق رکڻ. جڏهن زالن ماڻهن جو اتفاق سان ٻاهر
نڪرڻ جو ضرور ٿيندو هو، تڏهن ويجهي پنڌ تي ڏوليون
ڪم اينديون هين ۽ پري پنڌ تي ڪجاون ۾، اٺن تي،
ڪجاوا به مير صاحبن ۽ ٻين سکر ماڻهن جا ڍڪيل پوش
سان ٿيندا هئا ۽ ٻيا پوش کان سواءِ. ريل جي مسافري
تڏهن ڪانه هئي. اسين به ڍڪيل پوش وارا ڪجاوا ڪم
آڻيندا هئاسين ۽ ڏوليون به. اڳي ٻاهر نڪرڻ مهل،
مُنهن تي برقعو وجهي، مٿان چادر يا اجرڪ وجهندا
هئا ۽ هيٺان پڙو ڍڪيندا هئا. پوءِ برقعي جي بدران
اسين اڇي چادري ڪم آڻڻ لڳاسين، جنهن ۾ سڄو بُت
ڍڪيل رهي ٿو. اهي چادريون هاڻ عام ٿي ويون آهن. پر
خاص مسلمانن لاءِ. هندو عامل اڃا به برقعو يا
چادري ڪم نه آڻيندا آهن. ٻُڪل هڻي زالون هڪڙي اک
ٻاهر ڪڍي هلنديون آهن. شاديءَ مهل، رڳو ڪُنوارين
کي ڏولي، ۾ چاڙهي نيندا آهن، پر هاڻي اسين توڙي
ٻيا ماڻهو، ڏولين يا ڪجاون جي بدران ڍڪيل گهوڙي
گاڏيون ڪم آڻيندا آهيون. گهڻا مسلمان ماڻهو، اڌ
ڍڪيل گاڏيءَ جي باقي کليل اڌ تي ڪپڙو ٻڌندا آهن.
ريل گاڏيءَ ۾ هاڻ، خلاصو گاڏو وٺي، انهيءَ ۾
چڙهندا آهيون. ٿوري پنڌ تي رات جي وقت زالن کي پنڌ
ڪرائي به وٺي ويندا آهيون.
کاڌو پيتو
کاڌي پيتي جي دستور موجب، دايون ۽ نوڪرياڻيون، ماني رڌينديون
هيون. بابو مرحوم، امان مرحومه ۽ ٻيا ڀائر ۽ ڀيڻون
سڀ گڏجي گلم، فراشيءَ يا تڏي تي ويهي ماني کائيندا
هئاسين. بابو مرحوم، جدا پنهنجي جاءِ ۾ رهندو هو ۽
لکندو پڙهندو هو. ڏينهن جو اُتي ئي سمهندو هو ۽
رات جو سڀ گڏ سُمهندا هئاسين – آرڙهه ۾ ٻاهر ٿلهي
تي ۽ سياري ۾ اندر صُفي ۾، جتي بُخاري ۾ باهه
ٻاريندا هئاسين. آئون، بابي مرحوم سان گڏ هڪ کٽولي
تي سُمهندو هوس؛ ننڍو ٻار امان سان ۽ ٻيا وڏا ڌار
سُمهندا هئا. هميشه سمهڻ مهل، آئون بابي مرحوم کي
زور ڏيندو هوس. بابو مرحوم، صبح جو ۽ شام جو ڪو
ڪتاب کڻي ٻاهر ويندو هو ۽ اوطاق ۾ وڃي، ويهي
پڙهندو هو يا ميان عافيت جي اوطاق ۾ شطرنج يا چوپڙ
راند ڪندو هو. انهن ٻنهي راندين ۾ بابو مرحوم تمام
هوشيار هوندو هو. ٻاهر وڃڻ وقت، ٻوڙ ٻاريءَ ۽ مٿ
خرچ وغيره جا پئسا امان مرحومه کي ڏيئي ويندو هو.
اسين سڀ، ماني گڏ کائيندا هئاسين. گهر، ڌار هوندا
هئا ته به سڀ ڀائر، پنهنجي ماني، پنهنجي پنهنجي
گهران کڻائي، گڏ ويهي، ادي مرزا صادق علي بيگ جن
جي گهر ويهي کائيندا هئاسين. پوءِ ڌار ڌار کائڻ
لڳاسين. بابو مرحوم ۽ امان مرحومه حُقو ڇڪيندا
هئا. اسان ننڍن مان ٻيو ڪوبه ڪونه ڇڪيندو هو. تڏهن
چروٽ يا سگار ڪين هوندا هئا. ڀنگ ۽ شراب کي ڪوبه
ڪڏهن ويجهو ڪونه هو. کائيندا هٿ سان هئاسين. ڪڏهن
چانهه سواءِ کير جي پيئندا هئاسين، جيئن ايراني
ڪندا آهن. نانو مرحوم به ايئن ئي چانهه پيئندو هو.
ڪُرسي، جنهن کي ”گاديل“ چوندا هئا. هيڪڙ ٻيڪڙ هئي
– جهڙي اسان جي گهر ۾ تهڙي ناني مرحوم جن وٽ،
انهن جي بدران پُٺار ڪيون منجيون هونديون هيون.
ميز جو نالو نشان به ڪونه هو، انهيءَ جي بدران
صندليون هونديون هيون، سي به ڪاٺ جون، ناني مرحوم
جن وٽ قيمتي ٿر جون صندلون هونديون هيون، ٽيبلون،
ڪُرسيون ۽ ڪانٽن ڇُرين سان کائڻ جو رواج اسان ۾
گهڻو پوءِ پيو ۽ ڏهاڙي چانهه پيئڻ جو رواج به پوءِ
پيو، جڏهن بمبئي وڃڻ لڳاسين ۽ نوڪرين ۾ داخل
ٿياسين. اسان ڀائرن مان، تماڪ ۽ شراب جي ڪنهن کي
به عادت ڪانه هئي. اڳي فرش تي ويهي ماني کائيندا
هئاسين – ميز ۽ ڪُرسي جو رواج پوءِ پيو.
روشنائي
اڳي گهر ۾ روشنائي ڪرڻ لاءِ ڄانڀي جو ڪڙو تيل، ٺڪر
جي ڏيئن ۾ ٻاربو هو. صُفي ۾ هڪڙو ڏيئو ٻاري، ڀت جي
ڄاري ۾ رکبو هو. ٻاهر رکڻ يا نيڻ لاءِ شمعدان ۾
وجهي کڻبو هو. ڏياٽيون به ڪم اينديون هيون. مون کي
ياد آهي ته رات جو فرش تي ويهي، ڪُنو اونڌو ڪري،
انهي جي سوجهري تي پڙهندا هئاسين. گاسليٽ ۽ بتيون
– بجليون، لالٽين وغيره گهڻو پوءِ نڪتيون آهن.
گهڻو اڳي باهه ٻارڻ لاءِ چقمق ڪم آڻيندا هئا. پوءِ
گول تيلين جون دٻليون نڪتيون شمعون يا بتيون به
ڪڏهن ڪڏهن ڪم اينديون هيون. |