”مير شهداد خان جي گهر جي هڪ ڪمري ۾ راجا رنجيت
سنگهه ۽ لارڊ ليڪ جي ملاقات جي چترڪاري ٿيل آهي.
اُتي ميجر آئوٽرام کي سندس زال سان گڏ شراب پيئندي
پڻ ڏيکاريو ويو آهي. اندرئين پاسي جو هلڪو رنگ
حبشي رنگ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. تمام سُٺن گهرن ۽ ڇت
۾ وڌ ڪاٺ جون ڪامون وارنش لڳل ۽ چمڪندڙ آهن ۽ مٿن
رَنبي سان بهترين ٽُڪ جو ڪم ٿيل آهي. هن ڪمري ۾
هالا ۽ ملتان جي ڪاشيءَ جي سرن سان لهريدار
چترڪاري ڪئي وئي آهي. هي ڄڻ کير ولوڙڻ وارا ڪمرا
ٿا محسوس ٿين. اندرين ڀتين ۾ ڪيترا جارا، مشرقي
نموني جا ڪٻٽ ۽ ٽجوڙيون ٺهيل آهن. جڏهن مون انهن
کي 1845ع ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو ته ايتري گهڻي خراب
حالت ۾ ڪونه هيون. اميرن ۽ سندن درٻارين مياڻي ۽
دواٻي جنگين کانپوءِ، ايشيا جي رسم ۽ رواج مطابق،
سون جون ڏٽيون، سونا زيور ۽ ڳهه ڳٽا درن جي چانئٺن
وٽ ۽ اندر ڀتين جي پاڙن ۾ ۽ ٻئي هنڌ صندوقن ۾ وجهي
پوري ڇڏيا هئا، جيئن انگريز مشڪل سان پهچي ڳولهي
سگهن.
” هيءُ راز عام ٿي ويو، ته فاتح انگريزن ۾ هڪ اتساهه به جاڳيو،
پوءِ يورپين ۽ مقامي ماڻهن ان لالچ ۾ فرش جو چپو
چپو کوٽي ڏٺو. مٿان ڌڪ هڻي آواز جاچي ڏٺو، ته
اندر پڪو آهي يا پورو، کوٽائي جي لائق آهي به يا
نه. مون کي پڪ آهي ته ڪي ٿوريون شيون لڌيون ويون
هيون، پر اُهي مقرر ماڻهن جي هٿن تائين ڪونه
پهتيون.“
هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته اهو سينگاريل ڪمرو سرڪاري جيل خانو بڻجي
ويو، جنهن جي هڪ ڀاڱي ۾ سيد سليم مسقطيءَ کي رکيو
ويو هو ۽ ٻي جاءِ کي به اهڙِ مقصد لاءِ ڪتب آندو
ويو هو.
هو قلعي بابت ٻڌائي ٿو ته: ”اُهو نهايت ڪمزور آهي ۽ گولاباري جا
ڪجهه ڌڪ ئي ان کي ڪيرائي ڇڏيندا. حقيقت ۾ ميرن
جيان هي قلعو به دغاباز آهي، ۽ ايشيا جي هن ڪُنڊ ۾
ڪمزور ترين قلعو هجي، جيڪي ظاهر ۾ ڏاڍا مضبوط ڏسڻ
۾ ايندا آهن.
قلعي جي ڦاٽڪ جي ٿورو ٻاهران چوديواري اندر چاليهه فوٽ ڇهه انچن
جي هڪ ڊگهي قبر آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته ڪنهن
اصحابي پير يا نوۡ گزي پير جي قبر هجي. اهڙي قسم
جون قبرون اُتر هندستان ۾ عام جام ڏٺيون وڃن ٿيون.
ڪننگهام اسان کي ٻڌائي ٿو ته هُن سئو قسم جون ڏهن
کان پنجاهه فوٽ ڊيگهه واريون قبرون به ڏٺيون هيون.
هتي جي پراڻي تعمير ميان غلام شاهه جو مقبرو آهي، جنهن 1772ع
(1186هه) ۾ هن قلعي جي تعمير پوري ڪرائي، ته سندس
وفات ٿي. ڪجهه سال ٿيا ته سندس مقبرو ڪري پيو هو.
شايد ان جي پيڙهه ويهي وئي هئي... اها هڪ ڪشادي
پيڙهه واري عمارت آهي، جيڪا اُتاهين ٿلهي تي بيٺل
آهي، جنهن جو هڪ لنگهه اوڀر طرف کان آهي، ٻاهريون
ڀتيون چمڪندڙ ڪاشي جي سرن سان ڍڪيل هيون، جن مٿان
ول ٻوٽي ۽ جاميٽري نموني واري نقش نگار ٿيل هئي.
پر اهي هاڻي بربادي جو شڪار بڻيل آهن، ڪجهه عرصو
اڳ انهن جي مرمت ڪرائي وئي هئي، پر اڃا به ڪجهه ڪم
رهيو پيو آهي. 1896ع ۾ جڏهن اڃان ان جي مرمت نه ٿي
هئي، سا حالت ڪڍيل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي.
ڪاشي جون سرون ڇهه انچ پٽي واري ماپ سان پيڙهه کان مٿي ڀت جي
سرن سان گچ گاري وسيلي هنيل آهن. ڳورين ڀتين جي
ناهموار ويهي وڃڻ ڪري، جن جي مٿان رهندو قُبي جو
وڏو بار به هو، ڪاشي جون هي سنهڙيون پٽيون اُکڙي
ٻاهر نڪري آيون ۽ ڀتين کان ڌار ٿي هيٺ ڪري ڍير ٿي
ويون. ٿلهي جي پٿرن واري پيڙهه مان معلوم ٿئي ٿو،
جيڪا ان عمارت جي چوڦير لڳل آهي. انهن ڏارن سبب
مقبرو غير محفوظ ٿي ويو آهي. اهو ئي هن عمارت جي
تباهي جو مکيه ڪارڻ آهي. ان جي ڪرڻ ڪري مقبري جي
اندر سنگ مر مر واري پٿر ۽ لڙهين کي پڻ گهڻو نقصان
پهتو آهي. اها لڙهه يا سهڻي پٽي ڀڄي ڀورا ٿي پئي ۽
سنواريل سهڻين قبرن جون خوبصورت بُٺيون ڊهي تباهه
ٿي ويون.
عمارت جو اندريون پاسو ڏاڍو خوبصورتي سان رنگيو ويو آهي. رنگين
ڪاشي جي سرن جي پٽي جو سلسلو ڀتين تي چوڦير ڦري
آيو آهي. مٿاڇري نقش نگار جو وڏو حصو گول چڪرن ۽
ٻارن ۾ پارسي بيتن تي مشتمل آهي، جن جا اکر پاڻ ۾
ڳتي لکيا ويا آهن. هڪ ونگ تي ڪي شعر لکيل آهن،
انهن کي سنڌي- پارسي شعر سڏي سگهجي ٿو، جن کي (ٿي
سگهي ٿو ته) سندس وڏي پٽ سرفراز خان 1771ع ۾ ٺاهيو
هجي، جنهن ۾ ميان غلام شاهه جي وفات جو سن ڏنل
آهي. پر عجب آهي ته اهو اڃان تائين محفوظ آهي.
ڀِت ٿُلهائي ۾ ئي ڏاڪڻ هنيل آهي، جيڪا مٿي ٿَلهي ڏانهن وڃي ٿي ۽
اُهو ٿلهو گنبذ جي چوڦير آهي. ٿلهي جي ڪناري سان
چوڌاري، ڇاتي کان ننڍو ڪٽهڙو ڏنل آهي. اهو ڪٽهڙو
پٿر جي هلڪين سرن سان جڙيل آهي. ٿوري ٿوري وٿي تي
پٿر جا ٺُلهه لڳل آهن ۽ انهن ٺُلهن جي وچ تي
خانيدار پٿر لڳل آهن. پٿرن تي عاليشان ٽڪ ٿيل آهي.
مقبري ۾ اندر ٿيل ڪم فتح پور سيڪريءَ جي ياد تازي
ڪري ٿو ڇڏي، جيڪو اڳ ۾ مرزا عيسيٰ ترخان جي مقبري
۾ جهجهي انداز ۾ ڏسون ٿا. مقبرو ۽ اڱڻ چؤڌاري مٽي
جو ڪُنگرن سان گهيريل آهن، ان ڪري هيءَ جاءِ ڄڻ
ننڍو ڪچو قلعو بڻجي پئي آهي.
ٿلهي واري ڀت ۾ لڳل پٿرن ۾ گهڻن قسمن جا رازڪا نشان ٿيل آهن،
جيڪي ڪنهن شڪ شبهي بنا پورهئي جي اُجرت واسطي ڪم
جي ماپ لاءِ مختلف ماڻهن جا نشان آهن. انهن نشانين
۽ علامتن بجاءِ هندن جي مندرن ۾ هن مقصد لاءِ لکيل
نالا به مليا آهن.
غلام شاهه جي مقبري جي ڏکڻ ۾ ٿوري پنڌ تي سندس ڀاءُ ميان غلام
نبي خان جو مقبرو آهي، جنهن سرفراز جي راڄڌاني مان
ڀڄي نڪرڻ کانپوءِ سنگهاسن تي قبضو ڪيو هو. اها به
اڳين جڳهه جيان ڏاڍي وزني عمارت آهي. ٻه چار سال
اڳ زبون حالت ۾ هئي. اڳين عمارت کان ان ڪري مختلف
آهي، جو سندس اڏاوت اٺ ڪُنڊي آهي ۽ اندريون پاسو
شڪل شبيهه ۾ چورس آهي.
اڌ ميل کن ڏکڻ طرف خالي ٽڪري هيٺان سرفراز خان جو مقبرو آهي،
جنهن جي حالت ڪجهه مڙئي چڱي آهي، ڇاڪاڻ ته کيس پير
۽ صوفي فقير سمجهيو وڃي ٿو. هيءُ پنهنجن ٻين مٽن
مائٽن سان گڏ، پنهنجي چاچي ميان غلام نبي جي حُڪم
سان ڪُٺو ويو هو. تعميراتي نقطي نگاهه کان هن جاءِ
جي اڏاوت يا نقشو ڪنهن اهميت جي لائق ڪونهي، ڇو ته
بلڪل سادو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پيرن فقيرن جا
مقبرا شهنشاهن ۽ بادشاهن جي ڀيٽ ۾ مسلمان مريدن ۽
معتقدن لاءِ وڌيڪ عزت ۽ احترام جوڳا هوندا آهن.
بادشاهه پاڻ پنهنجي زندگي ۾ مقبرو تعمير ڪرائيندو
ته واهه، نه ته ٻيو ڪو سندس مقبرو ٺهرائي، اهو
تمام گهٽ ممڪن آهي. يا وري سندس اولاد مان
دولتمند هوندا ته ان مقبري جي سنڀال ڪندا، نه ته
ٻي حالت ۾ ان جي مرمت ڪرڻ به مشڪل آهي.
انهن ٻنهي مقربن ۾ ٽالپرن جي مقبرن کان وڌيڪ ٺٺ ۽ ٺانگر آهي.
اُهي وري وڌيڪ زبون حالي جو شڪار به آهن. وقت گذرڻ
جي ڪري، جيڪي ڀت جي مٿان سونهن خاطر ڪاشيءَ جون
سرون هنيون ويون هيون، سي به هاڻي لهي ويون آهن.
پر پوءِ به گهڻو ڪجهه رهيل آهي، جنهن ۾ دل موهي
سگهڻ جي قوت اڃا باقي آهي. ٻين فني هنرن جيان هن
کي به وقت آهر مڌر ۽ ملايم جاذبيت جو اثر آهي. اهي
قبرون، هوڏي ۽ مغرور ڪلهوڙا خاندان جو مرڪ آهن.
ٽالپرن جي مقبرن جا ٻه ڌار ڌار جهڳٽا پوئين دور جون عمارتون
آهن. انهن جي سار سنڀال به لڌي وڃي ٿي ۽ چڱي حالت
۾ آهن. سنڌ جي ميرن مان اهي هتي پوريل آهن، جيڪي
حڪمراني ۾ ڪلهوڙن جا جانشين ٿيا، سي آهن: مير ڪرم
علي، پهريون ٽالپر هو، جنهن کي 1826ع ۾ حيدرآباد ۾
دفن ڪيو ويو، مراد علي، نورمحمد، نصير خان،
شهدادخان ۽ غلام شاهه. انهن کان سواءِ سندن عورتون
۽ ٻيا ماڻهو به هتي پوريل آهن. عمارتون چمڪندڙ ۽
رنگين ڪاشي جي سرن سان سينگاريل آهن. هنن جي
جيڪڏهن ٺٽي جي ڪاريگرن سان ڀيٽ ڪجي، ته هي انهن جي
ڀيٽ ۾ گهٽ ڪاريگر آهن. انهن مان گهڻا رنگ ۽ نمونا
اڳ ۾ استعمال ڪونه ٿيا آهن. جهڙوڪ گهاٽو سائو،
ڦِڪو، ڀورو؛ جيڪڏهن انهن سڀني کي ملائجي ٿو ته رنگ
ڪجهه شيرو ٿي بيهي ٿو. انهن مان ڪي نمونا سُٺا ۽
سونهن ڀريا به آهن، جيڪي فرش کي ڍڪڻ لاءِ ڏاڍا
سستا پوندا آهن. اهي حقيقت ۾ ڄڻ ته اکٽ ۽ ناياب
رنگن جا اثر مهيا ڪن ٿا، جن کي ڪاريگر پنهنجي ڏات
۽ ڏانوَ سان ملائيندا ۽ جوڙيندا آهن. هن دور ۾ عام
عمارتن جو ڪم ڪلهوڙا دور جي مقبرن کان وڌيڪ بهتر
آهي ۽ ڪاشي جي سرن کي پنهنجي جاءِ تي ٿوري ڦيرڦار
سان رکيو ويو آهي. تعميري هنر ۽ محنت جي لحاظ سان
هي عمارتون گهٽ ڪاريگري واريون آهن ۽ ڏسڻ ۾ گهڻيون
ساديون ۽ سستيون لڳن ٿيون، جيڪو تعميراتي فن جو
وڏو زوال آهي.
اُتر واري جهڳٽي ۾، مير ڪرم علي جو مقبرو هڪ وڏي چورس عمارت
آهي، جنهن جي مٿان گنبذ آهي ۽ هرهڪ ڪُنڊ تي ننڍڙا
منارا آهن. ان کي سنگ مرمر جي ٽُڪ ۽ ڪاشي جي سرن
سان سينگاريو ويو آهي. انومان آهي ته اهو 1812ع ۾
تعمير ٿيو هو. ان مقبري ۾ ٻه قبرون آهن. ٻيءَ مير
حاجي محمد خان جي آهي. ان جي پويان ساڳي قسم جي هڪ
ننڍي جاءِ آهي، جنهن ۾ سندس ٻن زالن جون قبرون،
مير عبدالله خان جي زال ۽ هڪ ننڍڙي ٽالپر ٻار جي
قبر آهي. ميرڪرم علي جو اُتر طرف هڪ مقبرو آهي،
جنهن ۾ پنجن ٽالپرن جون قبرون آهن، جيڪي اوڀر طرف
کان هن ريت آهن: مير نصير خان، مير نورمحمد خان،
مير شهدادخان، مير مراد علي خان ۽ مير محمد حسين
علي خان، سنگ مرمر جي قبرن مٿان سندن سرداري
واريون پڳون رکيل آهن. هن آخري عمارت جي سامهون،
اوڀر طرف واري مقبري ۾ مير نور محمد جي گهر واري
هڪ ننڍڙو ٻار ۽ مير حسين علي جي گهر واري دفن آهي.
ٻين ٻن سردارن جون گهرواريون ۽ سندن جوان ٻار اوڀر
– اُتر طرف هڪ مقبري ۾ دفن آهن. ٻيا مير، مير ڪرم
علي جي مقبري جي اولهه – ڏکڻ ڪنڊ تي ننڍين قبرن ۾
دفن آهن. باقي رهيل عمارتن ۾ انهن ميرن جون
گهرواريون، ڌيئر ۽ ٻار دفن آهن. ڏکڻ واري قبرن جي
جهڳٽي جي مکيه قبرن ۾، جيڪا لنگهه جي ڀرسان اوڀر
طرف آهي ۽ ٻي اُن جي بلڪل پٺيان آهي، انهن ۾ چئن
ميرن جون قبرون آهن ۽ باقي ٻيون سندن گهروارين ۽
ٻارن جون آهن.
سُڏيرڻ جو ٺُلهه
هيءُ سنڌ جي گهڻن اسٽوپائن مان هڪ آهي، جيڪي ٻُڌ واري دور ۾ هتي
ٺهرايا ويا هئا. هي ڀڙو مٽي جو هڪ دڙو آهي، جنهن
جي وچ تان ڪچين سرن ۽ گاري سان جڙيل اسٽوپا نظر
اچي ٿو. گهڻي وقت کان بربادي ۽ سندس اڻ سڃاتل
حالتن، هن کنڊرن بابت وسوسن ۽ خيالي ڏند ڪٿائن جو
مهاڄار اُڻيل آهي. جهونا ڳڙهه واري جوڙيا اسٽوپا
جيان، جنهن جي کوٽائي ٽيهارو سال کن اڳ ٿي هئي، ان
سان به اها ڳالهه منسوب ٿي وئي هئي، ته اُن دڙي ۾
دفن ٿيل دولت مٿان ڪو ڪارو نانگ پهرو ڏئي رهيو
آهي. اهو خيال پاڙي ۾ رهندڙ ماڻهن جي دلين ۾ ايترو
ته پڪو ٿي ويو هو، جڏهن مسٽر ڀنڊارڪر ان دڙي کي
کوٽايو پئي، ماڻهن کي کوٽائي ڏانهن آماده ڪرڻ لاءِ
کيس ڏاڍي مشڪلات آڏو آئي، تمام وڏي مزدوري ۽ اُن
جي هڪدم ادائيگي پورهيتن کي هرکائي وجهندي آهي.
جڏهن کين پتو پوي ٿو، ته هتي ڪوبه نانگ ناهي، ته
پوءِ اُهي گُسائڻ بنا ڪم ڪرڻ لاءِ دل ٻَڌن ٿا.
سُڏيرڻ جو نالو هڪ ڏند ڪٿائي ڪهاڻي سان وابسته ڪيو وڃي ٿو. چيو
وڃي ٿو ته نيرو نالي هڪ هندو راجا هو، جيڪو
حيدرآباد تي راڄ ڪندو هو، ان ڪري سندس نالو نيرون
ڪوٽ آهي. هيءَ وهم وسوسن تي ٻڌل عام عشقيه ڪهاڻي
هيئن آهي ته: سڏيرڻ نالي بادشاهه جو هڪ ڀائيٽو هو،
جيڪو بادشاهه جي راڻي سان محبت ڪندو هو. جڏهن اها
ڳالهه پڌري ٿي پئي، ته شهزادي سڏيرڻ محلات ڇڏي ڀڄي
اچي هن جڳهه ۾ پناهه ورتي. پوءِ زمين جو دڙو هن
مٿان وري ويو ۽ سڏيرڻ جو دڙو مشهور ٿي ويو. وقت
گذرڻ کانپوءِ هي دڙو ماڻهن جو عام زيارتگاهه بڻجي
ويو. راڻي جنهن کان اهو گناهه ٿيو هو، سا به ان
دڙي جي ڀرسان هڪ ننڍڙي دڙي ۾ دفن ڪئي وئي. هن دڙي
جي حيثيت يروشلم جي ڀرسان ابوسلم جي ٺُلهه جيان
هئي، جنهن کي زيارتي روزانو ڀترن ۽ پٿرن سان
چٽيندا هئا، سچي ڳالهه جي ثابتي اهو دڙو آهي.
سنڌ جي ٻڌ ڌرمي آرائشي تعمير تي بمبئي شاخ جي رايل ايشياٽڪ
سوسائٽيءَ 1857ع جي جرنل جي لکت آهي، جيڪا مٽيءَ
جي پڪل مهاتما ٻُڌ جي آرائشي مورتي سان واسطو رکي
ٿي، سا سنڌ طرفان سوسائٽي ڏانهن موڪلي وئي هئي.
اها لکت ٻُڌائي ٿي، ته انهن ڀڳل مٽي جا پڪل ٽُڪر،
جيڪي عجائب گهرن ڏانهن موڪليا، سي گوتم ٻڌ جون
مورتيون آهن، جن ۾ هن کي ويٺل ۽ سندس ڄنگهون
اُڀيون (اُڀا گوڏا) ڪري ڏيکاريل آهن. مهاتما ٻڌ جي
آرائشي ٺڪر جي موتي جا ٽڪرا حيدرآباد سنڌ (گنجي
ٽڪر جي ٻي ڇاڙهه) مان مليا آهن. اُهي ٽڪرا جهرڪ
مان لڌل ٽڪرن جهڙا ساڳيا آهن. سندس مٿي تي
گهنڊيدار وارن جيان ڪنهن ٽوپيءَ جو احساس ٿئي ٿو.
ساڳئي نموني واريون مورتيون هاٿي غارن مان پڻ هاٿي
جي مٿي، ڪنول گل جي شڪلين ۽ ڪارنسن جي ٽُڪرن سميت
لڌيون ويون آهن.
مسٽر فريئر انهن آرائشي ٽڪرن بابت لکي ٿو، ته اسان اُهي
ملاڪاتيار ۽ ٽنڊي محمد خان جي وچ تي سعيدپور جي
ڀرپاسي جي ماڳن تان جهجهي انداز ۾ لڌا. انهن
آرائشي باقيات بابت مسٽر فريئر هيٺين ريت چيو
آهي:
(Sindh Soodemu) وٽ به کنڊر آهن، ۽ ڪچين سرن جو ٺهيل هڪ ٺُلهه آهي، جنهن جي
مهاڙي پڪي آهي ۽ ان جون سرون وڏي ماپ واريون آهن،
اها جاءِ ٽنڊي محمد خان کان ڇهه ميل پري اُتر طرف
گونيءَ ۾ ڦليليءَ جي ميلاپ يا ٻيگهوءَ وٽ (ديهه
پَکڙ، يونين ڪائونسل سعيدپور ۾ ۽ ڏُڏا واهه جي
مُهاڙيءَ وٽ: سهڙيندڙ) آهي. اسان کي ٻُڌايو ويو ته
اهو ’روشني جي مناري جو کنڊر‘ آهي. جڏهن سمنڊ
گونيءَ تائين هو ۽ سامونڊي ٻيڙا هيستائين ايندا
هئا. اهو مسلمان بادشاهن جي دور کان اڳ ۾، بني
اسرائيل نبين جي وقت بني اسرائيل جوڙايو هو.
هن جاءِ جي پسگردائي بابت ريورٽي لکي ٿو ته: ميدان ۾ جتي سنڌو
درياهه جا ٻه ڦاٽ ڦليلي ۽ گوني پاڻ ۾ مليا ٿي، تن
جي ڀرپاسي ميلن جي ايراضي ۾ سروٽا ۽ وڏين جاين جا
کنڊر پکڙيل آهن. روايتن ۾ اُهو ٻڌايو وڃي ٿو ته
ڪنهن زماني ۾ هتي سکيو ستابو ۽ وڏو شهر آباد هو.
جيڪو اُتر طرف پهاڙين ڏانهن ۽ ارڙهن ميل حيدرآباد
تائين وڌيل هو.
هن دڪي جي کوٽائي کان اڳ ماپ ويهه فوٽ ۽ اوچائي 137فوٽ هئي .
جتان هيءُ موسم جو ماريل پر مضبوط نشان ، مٽي جو
منارو، جيڪو سرن واري اصلي جوڙجڪ کان پوءِ ٿورو
ڪجهه وڃي بچيو آهي سو ٻين اسٽوپائن جيان ڪچين سرن
مان بڻيل ڪٿي ڪٿي پڪيون آرائشي سرون هڻي کيس
سينگاريو ويو آهي پر مٿيون اصلي دڙو هاڻي گم ٿي
ويو آهي. ان جو وڏو حصو آهي شايد ڀر ۾ وهندڙ واهه
۾ تعمير جي اچي ڪتب ويو هجي ۽ اندازو اهو ٿئي ٿو
ته اصلي ٺُلهه هاڻوڪي کان ماپ ۾ ٽيڻو هوندو.
هن اسٽوپا جي اڏاوت ڪا ڌار ۽ اڪيلي جاءِ ناهي، پر
اولهه ۽ اُتر طرف ميل سوا ۾ سڄو ميدان ننڍڙن دڙن
سروٽن ۽ ٺڪراٺن سان ڀريو پيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته
يه ڪا شمنين جي وستي هجي يا ريورٽي جي قول مطابق،
اها ڪنهن وڏي شهر جي ڀرپاسي واري ننڍي وڏي آبادي
هجي. ان ٺُلهه جي ڀرسان ننڍڙي دڙي لاءِ، چيو وڃي
ٿو ته نيرونءَ جي راڻي اُن ۾ پوريل آهي. سا
ظاهرظهور اها جاءِ آهي. جتي لاش ساڙيا ويندا هئا.
ڇاڪاڻ ته رک جا تهن مٿان تهه هئا ۽ انهن ۾ مٽي جي
ٿانون جون ٺڪريون به مليل هيون. |