جسماني طور امير ماسيرا وچولي قاد ڪاٺ وارا ماڻهو آهن. انهن مان
سڀني کان وڏو، مير غلام علي پنجتياليهن سالن کان
وڏو نه پئي معلوم ٿيو، ۽ هن جا ٻه ڀائر جن جا نالا
مير مراد علي ۽ مير ڪرم علي آهن، هن کان ڪيئي سال
ننڍا آهن. سڀني کان ننڍو مير ڪرم علي وڻندڙ ۽ کليل
پيشاني جو مالڪ آهي ۽ سندس چهري تي دائمي مُرڪ
آهي، جنهن مان تمام وڻندڙ طبيعت ۽ مزاج جو سرُاغ
ملي ٿو. جڏهن ته ٻيئي وڏا ڀائر زود رنج ۽ درگذر نه
ڪندڙ طبيعت جا مالڪ چيا وڃن ٿا، پر ساڳئي وقت هو
ڪنهن به طرح ظالم نه آهن.
ٽيئي ڀائر ڪپڙن جي فقط سينگار وارن حصن کان سواءِ سنهي ململ جي
پهراڻن ۽ تمام قيمتي لونگين ۾ ساڳين پوشاڪن ۾
ملبوس هئا، جيڪي سندن چيلهين جي چوڌاري ٻڌل هيون.
سندن پٽڪا سنهي ۽ شفاف ڄاري جا هئا ۽ ڦهلاءُ ۾ اهي
ايڏا ته وڏا هئا، پٽڪن جو گهيرو ٻن کان وٺي اڍائي
فوٽن تائين هو ۽ ان جي باوجود اُهي اهڙي ته صفائي
سان ٻڌل هئا، جو اُهي ڪنهن به ريت سان ڳرا يا
اڻوڻندڙ ڦيرن جي ڏيک نه ڏيئي رهيا هئا. جنهن ڄاري
جهڙي ڪپڙي جا پٽڪا ٻڌا ويندا آهن، سا ڊيگهه ۾ اسي
فوٽن کان به مٿي هوندي آهي. عام طور سان ان جي
ويڪرائي اٺن کان وٺي ٻارهن انچن تائين هوندي آهي.
ڦليلي، انهيءَ ٻيٽ کي چوڌاري وڪوڙي بيٺي آهي، جنهن تي گاديءَ
وارو شهر حيدرآباد جوڙيل آهي، هيءَ شاخ انهن سڀني
کان وڌيڪ وڏي آهي، ان جو سبب بلڪل واضح آهي، ڇو ته
شاخ جي ڦٽڻ واري هنڌ کان هڪدم مٿڀرو اُها ٽڪرين جي
دامن وٽان وڪڙ کائي وهي ٿي ۽ الهندي ڪپ تي سوڙهي
رستي هئڻ ڪري ان جي پاڻي جي وهڪري جي رفتار ايتري
ته تيز ٿي وڃي ٿي، جو جنهن هنڌ تي اُن کي اوڀر طرف
ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، اُتي اها پنهنجو سڄو
واڌو ۽ اجايو پاڻي ان ۾ کڻيو ٿي اُڇلائي. ڦليلي،
پنهنجي درياهه جي پاڻي سان حيدرآباد کان ڏهه ميل
ڏکڻ- اولهه طرف وري وڃي گڏجي ٿي، حالانڪ ان جي
پاڻيءَ جي وهڪري جي ورن وڪڙن ڪري اهو مفاصلو، اصلي
مفاصلي کان ذري گهٽ ٻيڻو آهي. ڦليليءَ جي انتهائي
اُڀرندي نقطي وٽان ان مان گوني ڦُٽي نڪري ٿي، جيڪا
ڪنهن زماني ۾ سنڌو نديءَ جي اٿاهه ڇوڙ کان اٽڪل هڪ
ڊگري اوڀر طرف سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.
ڦليلي جي دستوري ويڪر ٻن سون کان وٺي چئن سون فوٽن تائين آهي ۽
ان جي پاڻي جي عميق ٻن کان وٺي ڇهن گزن تائين آهي.
جڏهن ته گوني گهڻي قدر سوڙهي ۽ وڌيڪ تراکڙي آهي.
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها هر نئين سال خشڪ
ٿيندي پئي وڃي، ۽ اها هڪ اهڙي دعويٰ ته سڄي سال جي
دوران وڌ ۾ وڌ چار مهينا اهڙا آهن، جن جي دوران
ڪنهن به وزن واريون ٻيڙيون حيدرآباد ۽ علي بندر جي
وچ ۾ هلي سگهنديون هيون. حالانڪ ڪجهه سال اڳي انهن
هنڌن جي وچ ۾ سڄي سال دوران آمدرفت جو اڻ کٽ سلسلو
جاري رهندو هو. ۽ اُڀرندي ڪناري وارن حصن ڏانهن
ڪافي مقدار ۾ وڻج واپار ٿيندو هو.
جڏهن بمبئي سرڪار طرفان سنڌ ڏانهن موڪليل مهم سيپٽمبر 1808ع ۾
واپس موٽي، تڏهن ان جي ٻيڙن کي گوني جي گپ وچان
ڪيترن ميلن تائين گهلي ڪڍڻو پيو هو. اسان جي ڀاري
سامان جو ڪجهه حصو پڻ ساڳئي رستي کان اسان کي ڪڇ ۾
ملڻ لاءِ روانو ڪيو ويو هو، پر جيئن ته اهو هڪ
مهينو اڳڀرو موڪليل هو، ان ڪري انهن ماڻهن کي ان
قسم جون ڏکيائون پيش نه آيون.
اسان حيدرآباد ۾ جيترو عرصو رهياسون، تنهن جي دوران انتهائي سخت
برسات وٺي ۽ ڦليلي درياهه ڦوڪجي، پنهنجن ڪپن کان
ٻاهر نڪري آيو ۽ اسان جي ڇانوڻيءَ ۾ ذري گهٽ سيلاب
اچي ويو، پر پاڻي جي واهن ۾ نيڪال لاءِ، جيڪي
سمورن علائقن ۾ هيڏانهن هوڏانهن وهي رهيا هئا،
ڪجهه ناليون کوٽڻ سان اسان پنهنجي جاءِ تي رهي
سگهڻ جهڙا ٿياسون، جيڪا ڳالهه ڪجهه ڪلاڪن لاءِ
ڏاڍي مشڪوڪ نظر پئي آئي. برسات کان پوءِ آبهوا جي
گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ زمين مان نڪرندڙ اُٻ تمام گهڻو
اضافو ڪيو هو. پوءِ وفد ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن مان ڪيترن
کي بخار ۽ ٻيون بيماريون ٿي پيون. وفد جا آفيسر
البت باقاعدگي سان ورزش ڪرڻ ۽ ضروري حفاظتي تدبيرن
سان بچي ويا. گرمي ۾ ايتري ته شدت اچي وئي هئي جو
ٿرماميٽر جو پارو مشڪل سان ئي ڪڏهن 102 ڊگرين کان
هيٺ پئي ڪريو ۽ ماحول خاص طور تي راتين جو ايتري
قدر ته حبس وارو هو، جو مون ان جهڙو حبس هندستان ۾
ٻئي ڪنهن هنڌ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو.
ٻئي صبح جو هندستان کان اميرن لاءِ آندل سوکڙيون پاکڙيون هرهڪ
امير جي مختلف محلات ڏانهن وفد جي چوبدارن جي
حفاظت ۾ موڪليون ويون. انهن ۾ ڪافي وڏي قيمت جون
وڏيون آرسيون، سونيون گهڙيون، گهڙيال، ڇريدار
بندوقون، دوربينيون، پستول، بخمل ۽ چينيءَ جون
سرون شامل هيون ۽ اُهي فقط آخري ذڪر ڪيل شيءَ کان
سواءِ جنهن کي انهن قبول ڪرڻ سندن شان کان گهٽ
سمجهي واپس ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، ٻيون سڀ شيون شڪر
گذاريءَ سان وصول ڪيون ويون. اميرن، چيني سرن
(پليٽن) کي پنهنجي شان وٽان نه سمجهيو. انهن کين
قيمتي نه پئي سمجهيو، ۽ هنن ان کي وٺڻ کان انڪار
جو بهانو ڪيو. پر ايلچي انهن جي اعتراض جي سخت
مخالفت ڪئي ۽ هن ميرن کي چيو ته چينيءَ جون سرون
ٻين سڀني شين سان گڏ، برطانوي حڪومت جي دوستيءَ جي
علامت هيون. جنهن جي هو نمائندگي ڪري ٿو ۽ اهي
شيون مختلف صنعتن جا نمونا آهن، جيڪي انگلينڊ جي
ڪارخانن ۾ ٺهن ٿيون. موٽ ۾ ميرن، عالي حڪومت لاءِ
گهوڙا موڪليا، ۽ ايلچي کي، هر هڪ ڀاءُ طرفان هڪ هڪ
گهوڙو ۽ هڪ سهڻي ترار موڪلي وئي، ۽ اسان جي جماعت
جي ٻين ماڻهن کي سنڌ ۾ ٺهندڙ گهٽ قيمت واريون
مختلف شيون ڏنيون ويون.
ٻئي ڀيري درٻار ۾ موجود هئڻ وقت، ميرن واري وٽيءَ سان اسانکي
پنهنجون تراريون مياڻن مان ڪڍي، کين ڏيارڻ لاءِ
چيو، ته جيئن هو انهن جي ڌاتوءَ ۽ فنڪاريءَ جو
اندازو لڳائي سگهن. ان کان پوءِ هنن پنهنجون
تراريون ۽ انهن کان پوءِ خنجر به ڪڍي ڏيکاريا، جن
مان هر هڪ نهايت اعليٰ درجي جي فولاد مان ٺهيل هئا
۽ هنن اسان کي ٻڌايو ته اُهي شيون خريد ڪرڻ لاءِ
هر سال پنهنجي عيوضي ايران ۽ ايشيا مائنر ڏانهن
موڪليندا هئا، ۽ تراريون ۽ خنجر هٿ ڪرڻ ۾ خرچ جو
خيال نٿا ڪن. هو هٿيارن ۽ ترارن جي شوق پوري ڪرڻ
لاءِ فضول خرچي ڪندا هئا، ۽ هڪٻئي سان ريس ڪندا
هئا. حيدرآباد ۾ هٿيار سازن جي وڏي انگ لاءِ
روزگار ۽ ساڻ ئي گڏ انهيءَ دستڪاريءَ جي اعليٰ
نموني ۾ نفاست جا موقعا پيدا ٿيا هئا.
ميرن جي وڏي ڀاءُ جي ڳچيءَ ۾ سچن موتين جا ڪجهه تمام ڊگها هار
پيل هوندا هئا ۽ هڪ ٻيو سندس هٿ ۾ هو، جنهن کي هو
تسبيح وانگر استعمال ڪندا هئا. جڏهن ته ننڍن
شهزادن جي ڪمرپٽي ۾ هڪ خنجر لڳل هو، جنهن جي دستي
وٽان هڪ اهڙو مڪمل ريت گول زمرد لٽي رهيو هو، جيڪو
هڪ ڪبوتر جي آني کان به وڏو هو.
ميرن جا نمائندا؛ ولي محمد لغاري، آخوند بقاخان ۽ هڪ مشتاق رام
هو. کين پنهنجي آقائن جو پورو ويساهه هو. سنڌ جي
ميرن، حاڪماڻي برتريءَ جو اهو رويو ترڪ ڪري ڇڏيو،
جنهن اسان جي سندن ملڪ ۾ آمد جي شروعات ۾ هنن جي
مذاڪرات جي رهنمائي ڪئي هئي. ڳالهين جو نتيجو
هندستان جي اعليٰ ترين برطانوي اختياريءَ لاءِ
انتهائي درجي تائين اطمينان بخش هو ۽ ايلچي پختگي،
وقار ۽ فيصلائتي قوت جو مظاهرو ڪرڻ تي کيس آفرين
نامو ڏنو ويو. ميرن طرفان گورنر جنرل ڏانهن وڃڻ
لاءِ هڪ ايلچي مقرر ڪيو ويو، جنهن کي اسان جي وفد
سان گڏ هلي، ان عهدنامي جو تصديق ٿيل نقل واپس
وٺڻو هو، جيڪو اسان جي وچ ۾ طئي ٿيو هو، برٽش
حڪومت طرفان وفد موڪلڻ جو وڏو مقصد حملي ۽ بچاءُ
لاءِ اتحاد واري عهدنامي کي منسوخ ڪرڻ هو، جيڪو
گذريل سال جي دوران بمبئي کان موڪليل ايلچي طرفان
سندس هدايتن کي غلط سمجهڻ جي نتيجي ۾ ڪيو ويو هو.
فرينچن جي ايجنٽن جي سنڌ ۾ داخلا کي روڪڻ ۽
انگريزي ۽ سنڌي حڪومتن جي ٻيهر درجي بندي ڪرڻ،
جيتوڻيڪ اهميت وارا مامرا هئا.
اميرن سان الوداعي ملاقات ڪرڻ کان پوءِ سندن طرفان مهيا ڪيل ٽن
”جهمٽين“ يعني سرڪاري ٻيڙين تي 25 آگسٽ جي صبح جو
سوار ٿياسون، ۽ اسان جو سامان ڀاڙي تي حاصل ڪيل
ٻيڙين تي چاڙهيو ويو ۽ اسان ڦليليءَ ۾ اچي داخل
ٿياسون، تان جو اچي گوني جي مُنهن ۾ گهڙياسون،
تنهن کانپوءِ اسان ٽئين ڏينهن شام جو ڪَڍڻ واري
ڳوٺ ۾ پهتاسون.
هتي جا ماڻهو رنگ جا پڪا آهن، پر کين مجموعي طور تي ڏاڍو سهڻو
چئي سگجي ٿو، قد ڪاٺ ۾ اُهي ٻين ايشيائي قومن جي
وچولي قد کان مٿڀرا آهن ۽ شڪل شبيهه توڙي بدن جي
عضون جي بناوت سُٺي آهي. سندن زالن جي سونهن پهاڪي
چڙهيل آهي ۽ ساراهه جوڳيون آهن. اعليٰ طبقي جون ڪي
عورتون انگريزن کي ڏسڻ جي شوق لاءِ ڇڪجي اچن ٿيون،
پر ناچو ڇوڪرين جي مختلف ٽولين ۾، جيڪي اسان جي
اڳيان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ مختلف موقعن
تي اينديون هيون، مون ڪا هڪ به اهڙي ڪانه ڏٺي،
جيڪا پنهنجي شڪل ۽ صورت جي سهڻي يا پنهنجي بدن جي
ڊول ڊيل کان نمايان نه هئي ۽ اڪثر حالتن ۾، هنن ۾
سونهن جون اُهي ٻيئي خوبيون حيرت انگيز حد تائين
گڏيل موجود هيون.
مردن جي پوشاڪ ڍلو پهراڻ، مُرن وٽ جهُل هڻندڙ شلوار ۽ چورسين
اڳڙين کي ڳنڍي ٺاهيل يا ڪپڙي جي لسي ٽوپيءَ تي
مشتمل آهي، جنهن جي شڪل انگريزي ٽوپلي جي مٿئين
حصي جيان آهي ۽ انهن کي هيٺين ڪناري وٽ سهڻي ريشمي
يا زريءَ جي گلن ۽ ٻوٽن سان سينگاريو وڃي ٿو. زالن
جو لباس، ٽوپيءَ کان علاوه، ذري گهٽ ساڳيو آهي، ان
کان سواءِ هو ٻاهرين لباس جي هيٺان ريشمي چولي
پائين ٿيون، جيڪا سندن بدن تي پوريءَ ريت لڳي بيهي
ٿي ۽ پٺيئن طرف کان ٻڌي مضبوط ڪجي ٿي ۽ اُهي جڏهن
ٻاهر نڪرن ٿيون، تڏهن ساڙهي يا وڏي چادر بدن کي
ويڙهين ٿيون ۽ جڏهن به اُهي ڪنهن نامحرم جي منهن
چڙهن ٿيون ته انهي چادر جي هڪ ڪناري کي پٺيان کان
مٿي تان ورائي، مُنهن تي پردي وجهڻ جو ڪم وٺن
ٿيون.
مير غلام علي 1812ع ۾ شڪار دوران هڪ نر هرڻ جي حملي ۾ مارجي
ويو. جيڪو انهن ٽنهي ڀائرن کان وڏو هو، جيڪي ان
وقت مسند تي ويهندا هئا. جڏهن اسان جو وفد درٻار
۾ حاضر ٿيو تهs سندس سڀني کان وڏو پٽ، ان ٽه –
مورتيءَ ۾ سڀني کان هيٺيئن جاءِ تي ويٺل هو ۽ سندس
ٻه ڀائر هڪ ڏاڪو مٿي چڙهي ويٺا هئا. تنهن وقت اهو
ڏاڍي مضبوطي سان قائم ٿيل نظر پئي آيو ۽ پر ان جو
بنياد هر اهڙي خيال جي عين مخالفت ۾ هو، جنهن جي
تشڪيل اسان کي ايشيائي حڪومتن جي ايامن جي تجربي
سيکاري آهي. اهو گهڻو وقت تائين نه هلي سگهندو، ۽
جنهن جي دل ۾ پنهنجي اقتدار واسطي ٻين ڀائيوارن جي
بيوقوفي سببان ملڪ جي غيرمشروط اقتدار کي ڦٻائڻ جي
لالچ پيدا ٿي سگهي ٿي.
سنڌ حڪمرانن جي آمدنيءَ جي ڪُل رقم، سڀني شاخن جي آمدني سميت،
ايڪهٺ لک رپيا سالياني آهي ۽ ان ۾ 1809ع جي ڀيٽ ۾
ارڙهن لکن رپين جو اضافو ٿيو آهي. ڇو ته انهن جي
ان وقت صافي آمدني ٻائيتاليهه لک اٺهتر هزار هئي.
ڪابل ڏانهن تيرنهن لک رپيا ڏن موڪليو ويندو هو.
اميرن کي وڏن خزانن جمع ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ ۾
غيرمعمولي ڊگهي عرصي کان وٺي ڪنهن داخلي نوعيت جي
افراتفري جي بند ٿي وڃڻ، گذريل ڪجهه عرصي کان ايڏو
طاقتور بنايو، جو انهن مير سهراب جي انتقال جو
فائدو وٺي سندس وسيع علائقن کي پنهنجي رقبي سان
ملائي ڇڏيو آهي ۽ هن جي ٻارن مڪمل تباهه ٿيڻ ڪري
ڪابل جي بادشاهه محمود شاهه وٽ پناهه ورتي هئي.
1813ع ۾ هنن پوئين حصي ۾ هنن عمرڪوٽ جي قلعي تي
قبضي ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي فوج رواني ڪئي، جنهن تي
گذريل ڪجهه نسلن کان وٺي جوڌپور جي راجائن جو قبضو
رهندو آيو هو. هو ڪامياب ٿيا ۽ هنن ڏکڻ- اوڀر ۾ ڪڇ
ڀڄ تي حملي جون تياريون ڪيون، پر جيڪڏهن انگريزن
جي حڪومت کين پنهنجي هن مضبوط ارادي کان واقف نه
ڪري ها ته اُهي قبضو ڪري وٺن ها. جڏهن اسان جو وفد
1809ع ۾ هڪ مقامي نمائندي کي پٺيان ڇڏيو.
ميرن جي دلين ۾ جيڪو خوف ۽ جيڪا عزت هن وقت موجود آهي، تنهن جي
درجي ۾ آهستي آهستي ڪمي اچي ويندي، جنهن جو اضافو
ڪرڻ اسان جي مفاد ۾ آهي، ان ڪري منهنجي راءِ ۾
انتهائي سخت ۽ فيصلائتو قدم کڻڻ گهرجي. جيڪڏهن
اميرن کي، آنربل ڪمپني جي تجارتي عيوضي جي سنڌ مان
ڏنل نيڪالي وڏي مقدار ۾ سرڪاري جائداد ۽ ملڪيت جي
ضبطيءَ جي موقعي تي سندن ئي علائقن ۾ اسان جي
هٿيارن جي طاقت جو زور ان موقعي تي محسوس ڪرايو
وڃي ها ته انهن جو درٻار ڏي موڪليل وفد ڏانهن رويو
ٻيو هجي ها. مٿيون واقعو 02- 1801ع ۾ ٿي گذريو.
آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپني اٽڪل هڪ لک رپيا کان وڌيڪ
ماليت جيتري ملڪيت وڃائي ۽ سنڌين طرفان انهيءَ
عملدار کي قتل ڪرائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي.(11)
ڊاڪٽر جيمس برنس
ميراڻي درٻار
23- آڪٽوبر تي ڪڇ جي سفير کي ميرن وٽان هڪ دوستاڻو خط پهتو،
جنهن ۾ گذارش ڪئي وئي هئي ته مير مراد علي بيمار
هو، ۽ هن جي علاج لاءِ ڊاڪٽر جي گهُرج هئي. پر
جاسوسن ٻڌايو ته مير جي ايڏي حالت خراب نه آهي،
تنهنڪري عملدارن کي شڪ پوڻ لڳا. ڪن جو خيال هو ته
ڀرتپور جي قلعي جي قبضي ۽ برما جي لڙائي پوري ٿيڻ
ڪري، هندستان ۾ صلح ۽ سانت ٿي ويئي آهي ۽ روسي
فوجون ايران ۾ داخل ٿي چڪيون هيون. تنهنڪري ميرن
برطانيا سان دوستاڻا ناتا رکڻ لاءِ هي طريقو
اختيار ڪيو آهي.
25- تاريخ تي شام جو، ڀُڄ ۾ مقرر ٿيل سنڌي وڪيل گوپالداس سان گڏ
روانو ٿيس، جيڪو منهنجي مزاج ۽ ڪاروائين جاچڻ لاءِ
مقرر ڪيو ويو هو. هن هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته مون کي
صحيح خبرون نه ملن. وڪيلن ۾ ميرن کي ايڏو ته
ويساهه هو، جو هنن کيس ڪابل جي وزير جي چالبازين
ڄاڻڻ لاءِ پڻ موڪليو هو. هو سياست ۾ ماهرهو.
گوپالداس وڪيل جيڪي ٻڌندو هو، سو سندن وزير مير
اسماعيل شاهه کي وڃي ٻڌائيندو هو. هن هڪڙي ڀيري
مونکي دڙڪو پڻ ڏنو هو ته: جيستائين حيدرآباد مان
حڪم نه ايندو، تيستائين کيس سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي
مجال نه آهي.
حيدرآباد جا واپاري لکپت ۾ واپار جي سلسلي ۾ ويندا هئا........
1819ع ۾ زلزلو آيو، جنهن ڪري ٿرپارڪر واري علائقي
۾ ڪافي نقصان ٿيڻ سميت حيدرآباد ۽ ڀرپاسي پڻ ٿورڙو
نقصان ٿيو.
حيدرآباد جي ڀرسان، هڪ عظيم الشان مقبرو آهي، جيڪو غلام شاهه جي
ڪارنامن جي ياد تازي ڪري ٿو. مقبري ۾ هڪ سنگ مرمر
جي قبر آهي، جنهن تي عربي آيتون اُڪريل آهن. سنڌ
جا ماڻهو هن کي هڪ بهادر ۽ سوڀارو حاڪم ڪري
سمجهندا آهن. 1771ع ۾ هو بيمار ٿي پيو ۽ ٻن ٽن
ڪلاڪن اندر ساهه ڏنائين. ديندار مسلمانن جو چوڻ
آهي ته غلام شاهه هڪ فقير جي پٽ پاراتي ڪري مري
ويو، جنهن جي جهوپڙي هن حيدرآباد جي قلعي جي اڏاوت
وقت ڊهرائي هئي.
ايلفنسٽن جي درو ۾ هڪڙو وڪيل حيدرآباد اماڻيو ويو هو، تنهن جي
پوري آجيان نه ڪئي وئي، تنهن هوندي به هو گورنر
جنرل جي مقصد ۾ ڪجهه قدر سوڀارو ٿيو. مير برطانوي
عملدارن کي رڳو ”هٽ- واڻيو“ڪري سڏيندا ۽ سمجهندا
هئا.
سنڌي سپاهي چوڪين تي مقرر ٿيل سُنگ وصول ڪندا هئا. کين انگريزي
مزورن جهڙيون ٿلهي سوٽي نيري رنگ جي ڪپڙن جون
صدريون، ساڳئي ڪپڙي جون ڪانچون، ۽ رنگين ڪپڙي جون
گول اٺ انچ ڊگهيون ڏيهي ٽوپيون پيل هونديون هيون.
ملڪ جي ٻين ماڻهن جيان هنن جون ڊگهيون ڏاڙهيون ۽
مڇون هونديون هيون، ۽ هٿن ۾ تلوارون، خنجر،
جامڪيدار بندوقون ۽ ڍالون هونديون هيون. سندن رهڻ
لاءِ ڪاٺ جو لانڍيون ٺهيل هين.
سنڌ کان ڪجهه عرصو پري رهندڙ سنڌي ماڻهو خاص ڪري
واڻيا ڏسندي درياهه جي پوڄا ۽ بندگي ڪرڻ شروع ڪندا
آهن. سندن نگاهه ۾ سندس پوتر پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏيڻ سان
آنند حاصل ٿئي ٿو. ائين چئجي ته پاڻي ۽ پاڻي جي
ديوتائن جي پوڄا تي ڪنهن کي به ڪنهن قسم جو اعتراض
ٿيڻ نه کپي. |