سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :106

 سرندي وارا ماڻهو نوڪريون ماستري وٺرائي ڏيندا هئا ۽ اُهي سندن ايستائين ماستر به سندن خوشامد ڪندا هئا. تنهن دور ۾ تپيداريءَ ۾ چونڊائڻ وڏي ڳالهه سمجهيو ويندو هو........ اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ ۽ ماهر ليکجندڙ ماستر کي ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهائڻو پوندو هو ۽ اوستائين جو اُهي وڃي ريٽائرڊ ٿيندا هئا.

بنيادي يا پهرين ڪلاس جي شروعات پٽيءَ سان ڪئي ويندي هئي. ابتداءَ ۾ شاگرد کي سنڌيءَ صورتخطي مان ٻه ٽي اکر – ا، ب، ٻ، ڀ – لکي ڏنا ويندا هئا. پٽيون ميسارڻ لاءِ اسڪول جي اڱڻ ۾ هڪ وڏي ٺڪر جي ڪونڊي پاڻيءَ سان ڀريل زمين ۾ کُتل موجود هوندي هئي. ميٽ جو ذرو ذرو سڀئي ٻار گهران کڻي ايندا هئا. ميٽ سُڪڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته پٽيءَ کي هٿ ۾ کڻي اس تي لوڏا ڏيندا هئا ته جلدي سُڪي ويندي هئي..... ماسترن وٽ پٿر جي مس ڪپڙي هوندي هئي، جنهن ۾ ڏامر، جهڙي چلڪڻي ڪاري مس پيل هوندي هئي. ٻارن هٿان مس هارجڻ پوڻ جي ڊپ کان مس ۾ کونڌا (سُٽ جا منجهيل ڌاڳا) وجهي ڇڏبا هئا ۽ ماستر پنهنجي ڪلڪ ان مان ٻوڙي جلي خط ۾ عاليشان ڪارا حرف لکي ڏيندا هئا، ۽ هرهڪ کان حرف چوائيندا، سبق ڏيندا ويندا هئا.

ماستر شاگردن کي انب، بلا، ٻڪري ۽ ڀولڙي جون نشانيون چارٽ تان ڏيکاريندو هو. حرفن کي برزبان ياد ڪرڻ کان پوءِ ڪلاس ۾ جيڪي واريءَ سان ڀريل ڪونڊيون رکيل هونديون هيون ۽ ڪتل ۽ گدامڙي جي ککي جا تس ڀريا رکيا هوندا هئا. تن جي مدد سان پڙهيل حرف لکن سيکاريندا هئا. انهيءَ استعمال کان پوءِ بورڊ تي چاڪ سان لکائڻ جو استعمال به ٿيندو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انڊا ڀرائڻ جي منزل تي پهچائبو هو. آلي پٽي تي انڊا ڪڍي ڏبا هئا ۽ جي گهران ڀري اچبا هئا. جنهن لاءِ شاگردن مان هرهڪ کي گهر ۾ مس ڪپڙي رکڻي پوندي هئي ۽ ڪلڪ استاد صاحب سڀ ڪنهن کي پاڻ گهڙي ڏيندو هو. الف بي پوري ڪري، باب يا ڪڪ شروع ڪئي ويندي هئي ۽ گڏوگڏ ڳڻڻ ۽ انگ به سيکاريا ويندا هئا. فيروزي موتين جون مالهائون ۽ ارٿيميٽيڪل ان ڪم لاءِ استعمال ڪيون وينديون هيون. اٽڪل چار پنج مهينا ان ۾ لڳي ويندا هئا ۽ پوءِ ٻاراڻو ڪتاب جيڪو ٽڪي يا ٽن پئسن ۾ ملندو هو، سو وٺايو ويندو هو ۽ ان جي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪانه لڳندي هئي. ڪڪ سکڻ کان پوءِ هجي ڪرڻ ۾ ڏکيائي ڪانه ٿيندي هئي. نُون غنه جي سکيا هن طريقي سان ڏني ويندي هئي، جيڪا بيمثال ليکبي هئي.

کنگهه گهڻي هجڻ تي پيرسن ڪراڙا ماڻهو مڇيءَ جو تيل (ڪاڊ لور آئل) استعمال ڪندا هئا ۽ دوا جي شيشي سدائين گڏ هوندي هين........ ڪي استاد سياري ۾ ڪاري کٿي ڪُلهن ۾ پائي ايندا هئا ۽ اونهاري ۾ ململ جو پهراڻ ڍڪيندا هئا، جنهن جي ڳچيءَ جي پاسي کان ٻيڙي لاهي ڇڏيندا هئا. ڪن ماڻهن کي اونهاري ۾ اڪثر مٿي تي اسپنگر جي چپڙي چڙهيل هوندي هيس ۽ گاهي گاهي مکڻ جي چپڙي به رکندا هئا، جيڪا وٽڙندي هئي ته ڳچيءَ تائين ريڳاڙا پيا ڳڙندا هئس.

اسڪولن ۾ استاد جا چاڪ، پنو، پين، پينسل، رجسٽر، ڪلڪ ۽ مس ڪپڙي ۽ بورڊ اگهڻ جو ڪپڙو (ڊسٽر)، صبح جو خاني مان ڪڍي ميز تي رکڻ ۽ موڪل مهل وري سنڀالي خاني ۾ رکڻ، بورڊ اُگهڻ، تصويرن ۽ ٻين ڪلاس جي شين جي سنڀال ڪرڻ هوشيار شاگردن جي فرض ۾ داخل هوندا هئا. جيتوڻيڪ ٻاراڻي ڪلاس ۾ ڪوبه مانيٽر نه هوندو هو.

ٻاراڻي ڪلاس جي مُدي پوري ٿيڻ تي اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر ساليانو امتحان وٺڻ ايندا هئا، پهرين نمبر پاس ٿيڻ وارن شاگردن ۾ ڪتاب ۽ سليٽ پين سميت انعام ملندا هئا.......... ٻار جي پاس ٿيڻ تي والدين استادن جا ٿورا مڃيندي کين سوکڙيون ڏيندا هئا. ٻه پڙي اجرڪ ڍڪائيندا هئا........ سرندي وارا ماڻهو استادن کي ڪلاس مٽرائيندا هئا ۽ وڻندڙ ماستر کي پنهنجي ٻارن لاءِ مقرر ڪرائيندا هئا. هيڊماسٽر چوڻ تي هوندا هئا........ غريب والدين جو پٽ جيڪڏهن ورنيڪيولر فائنل پاس ڪندو هو ته وڏي ڳالهه سمجهي ويندي هئي....... نون استادن کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي – ٻار پاس ٿيڻ تي – پڪو ڪيو ويندو هو........... سرندي وارا ٻار اڪثر پهريون نمبر ايندا هئا.

اسڪولن ۾ ماستر – هندو توڙي مسلمان هوندا هئا – ڪو مذهبي مت ڀيد نه هوندو هو، ٻارن کي هڪجيترو ڀائيندا هئا ۽ کين تعليم ڏيندا هئا. هندو ماستر ٿورڙو هوشيار هوندا هئا....... ڪي ٻار، خاص ڪري سرنديءَ وارا ٻار سڀني ڪلاسن ۾ سئو مان سئو مارڪون کڻندا هئا....... ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هوشيار ٻارن جي اسڪالرشپ لاءِ سفارشون ڪندا هئا، ڏهه رپيا ماهوار اسڪالرشپ ملندي هئي، پر انهيءَ شرط سان ته اُهي انگريزي ڪلاس ۾ داخلا وٺندا........... هاڻوڪي نورمحمد اسڪول کي تڏهن گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد سڏيو ويندو هو.

انهيءَ زماني ۾ ڪتابن تي ايترو خرچ ڪونه هوندو هو. ٻاراڻي ڪلاس ۾ پهرئين درجي ۾ رڳو پٽي، ڪتاب ۽ سليٽ وٺائي ويندي هئي. ٻئين ۽ ٽئين درجي ۾ رڳو مشق ڪاپيءَ جو اضافو ڪيو ويندو هو، جيڪا ڇپيل نه هوندي هئي. پر پنن کي سبي پاڻ تيار ڪبي هئي. هڪ بندي پڻ ٺهرائي ويندي هئي، جنهن تي ٻئي درجي ۾ تعلقي جي ۽ ٽيئن ۾ ضلعي جي جاگرافي لکائي ويندي هئي ۽ هڪ ٻئي بندي تي ڏکين جي لفظن جي معنيٰ. ٽئين درجي ۾ پٽي جو استعمال ختم ٿي ويندو هو. چوٿين درجي ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڇپايل ’سنڌ جي تاريخ‘ وٺائي ويندي هئي ۽ رياضيءَ جو ڪم، سڄو سليٽ تي ڪرايو ويندو هو، جنهن لاءِ ڪوبه انگي حساب ڪونه وٺايو ويندو هو. گهر جو ڪم، حساب، صورتخطي ۽ خط لکڻ وغيره سليٽ تي ڪرايو ويندو هو. ڪتابن جون قيمتون نالي ماتر هيون. ٻاراڻي ڪتاب جي قيمت ٽڪو، پهريون ڇهه پئسا، ٻيو اڍائي، آنا، ٽيون ٽي آنا ۽ چوٿون چار آنا، پٿر جي سليٽ ٻه آنا، پٽي ٻه آنا ۽ اڇا پنا پائيءَ هڪ، ڪلڪ پائيءَ هڪ، پينون پائي ٻه هونديون هيون......... سالياني امتحان جي پڄاڻي تي اسڪول ۾ ساليانو جلسو ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ درستي ڪتابن جي سبقن تي ننڍا ننڍا ڊائلاگ ننڍن ٻارن کان ڪرايا ويندا هئا. جنهن لاءِ شاگردن کي صاحب کان انعام وٺڻ ۽ سلام ڪرڻ جو طريقو اڳواٽ سيکاريو ويندو هو.

ٻارن کي جادوءَ جون حرفتون ۽ ڏيهي رانديون به سيکاربيون هيون. راندين تي موزون راڳ جوڙيل هوندا هئا. ٻاراڻي کان ٻئي درجي تائين شاگردن کي دستڪاريءَ جو ڪم به سيکاربو هو. پنو ويڙهڻ، پنو ڪترڻ، مٽيءَ مان رانديڪا ٺاهڻ ۽ جوئر جي تيلن، جن کي ڪُتلا چئبو هو، تن مان چوڙا، ڪنگڻ، ميز، ڪرسي، کٽ ۽ نٿ بولو ۽ ٻيا ڪيترا رانديڪا ٺهرائبا هئا. پني مان ٻيڙيون، جهاز، ٻٽون وغيره ۽ مٽيءَ مان اُٺ، ڍڳا، چتون، جهرڪيون، سيٽي وڄائڻ جا بوڙيندا ۽ جاميٽريءَ جون شڪليون، جاگرافيءَ جا ماڊل جهڙوڪ ڍنڍ، ٻيٽ، نار، راس، جبل ندي وغيره ۽ ٻيون به قسمين قسمين شيون ٺاهڻ سيکاربيون هيون. ٽئين ۽ چوٿين درجي ۾ اچڻ کان پوءِ دستڪاريءَ جو ڪم گهٽ ٿي ويندو هو ۽ ڊرائنگ سيکاربي هئي. شروعات ۾ سليٽ تي پوءِ چار درجي ۾ ڊرائنگ پنن تي رنگ ڏيڻ سان سيکاربي هئي. ڊرائنگ ۾ ميوا جهڙوڪ ڏاڙهون، زيتون، صوف، ليمون وغيره ۽ ڀاڄين ۾ موري، توري، ڀينڊي، سائو ۽ ڳاڙهو مرچ ۽ واڱڻ سيکاربا هئا ۽ کين رنگين چاڪن سان قدرتي رنگ ڏيڻ جو استعمال ڏبو هو...........لائبريريءَ به هاءِ اسڪولن ۾ هوندي هئي، جتي ٻاراڻي کان ننڍيون مزيدار آکاڻين جا ڪتاب هوندا هئا. هفتي ۾ ٽن ڏينهن تائين ٽائيم ٽيبل ۾ آکاڻين جو پيرڊ هوندو هو، ٻارن کي اهڙيون آکاڻيون سيکاريون وينديون هيون، جن ۾ لفظن جو تڪرار هوندو هو. پهرئين ۽ ٻئي ڪتاب ۾ ڏنل آکاڻيون ۽ گڏوگڏ جنن، پرين، ديون، راجا راڻين ۽ بادشاهن جون آکاڻيون ٻڌائبيون هيون.

ٽئين ۽ چوٿين درجي ۾ ننڍڙا ننڍڙا ڪتاب پڙهڻ جي هير وڌي ويندي هئي. تنهن زماني ۾ ميشرس پوڪرداس وارن وٽ ٻارن جي پڙهڻ جهڙا گهڻا ئي ڪتاب هوندا هئا، جيڪي اسڪولن جي لائبريرين لاءِ سرڪاري طرح خريد ڪيا ويندا هئا. ننڍڙا قصا ۽ ڪهاڻيون نثر توڙي نظم ۾ شاگردن کي پڙهڻ لاءِ اشو ڪري ڏنا ويندا هئا. انهن ڪتابن ۾ دلپسند قصا، دل بهار، ڏهه قصا گڏ، جن ۾ زليخان جا بيت، ٻُڍاپڻ، ڇلڙو، ڪوئو ٻلي، ٽوپي پڳ، ٻيڙي چلم وغيره هوندا هئا. گڏوگڏ لوڪ ڪهاڻيون جهڙوڪ عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻو ۽ پرين جون آکاڻيون ۽ مزاحي آکاڻيون جهڙوڪ موالين ۽ ڏاهرين جا لٽڪا چٽڪا هوندا هئا. ناتال ۾ ڪتاب رعايتي اڌ قيمت ۾ ملندا هئا، تڏهن امير حمزه، چار درويش، حاتم طائي، جان عالم، سيف الملوڪ وغيره جهڙا ڪتاب ٻار پڙهندا هئا.

1911ع ۾ جارج پنجم تخت نشين ٿيو ۽ سڀني اسڪولن ۾ جشن ملهايا ويا. هالا ۾ شاگردن کي به منزل گاهه ميدان تي استاد قطار ۾ وٺي هليا، جتي ٻارن کي نڪل جو هڪ هڪ ٻلو مليو، جنهن تي شهنشاهه جارج پنجم ۽ سندس مهاراڻي جي تصوير اڪريل هئي. اهو ٻلو شاگردن مان هرهڪ جي قميص تي ربين ۽ ڪانٽي سا لڳايو ويو ۽ هڪ هڪ پُڙو مٺائيءَ جو مليو.

تڏهن حيدرآباد شهر ۾ (1912ع) ۾ انگريزي اسڪول رڳو چار هئا، جيڪي چارئي هاءِ اسڪول هئا؛ گورنمينٽ هاءِ اسڪول هو، جيڪو هاڻوڪي نورمحمد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج واريءَ ايراضيءَ تي پکڙيل هو. ٻيو نولراءِ هيرانند اڪيڊمي هو، جيڪو هاڻوڪي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ سنڌ لا ڪاليج واري هنڌ تي هو. ٽيون نئون وديالا هاءِ اسڪول هو، جنهن ۾ هينئر سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس آهي. زنانو هاءِ اسڪول رڳو هڪڙو ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول هو، جتي هينئر جامعه عربيه هاءِ اسڪول آهي. گڏوگڏ ڪرسچن ايسوسيئيشن وارن جو هڪ پگٽ گرلس اسڪول به هو، جيڪو ٽريننگ ڪاليج فار مين جي سامهون پنهنجي جاءِ تي اڄ به موجود آهي. پراڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جون اڳيون جايون ڊاهي بلڪل نيون ٺهرايون ويون آهن. ۽ رڳو ميٺارام هال پنهنجي اڳوڻي شڪل ۾ قائم رهندو اچي. اين. ايڇ. ائڪڊمي ۽ وديالا هاءِ اسڪول جو وجود راءِ بهادر پرڀداس جي ڪوشش جو نتيجو هو. ائڪڊمي ساڌو هيرانند ۽ سندس ڀاءُ ساڌو نولراءِ جي ڪوشش جو نتيجو هو. هرهڪ هاءِ اسڪول کي پنهنجي هڪ هاسٽل به هئي........... اسڪول جي اُترئين بلاڪ وٽ اڳوڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جون پندرهن ويهه ڪوٺيون ٺهيل هيون، جن ۾ ٻهراڙيءَ جا ڇوڪرا رهندا هئا. ائڪڊمي کي پوهو کياڻي بلڊنگ ۾ سنڌ جو وينائيل (ايس. جي. ڪو آپريٽو سوسائٽي) جي پُٺين پاسي کان چار گهر مسواڙ تي هئا، جن ۾ هاسٽل قائم ڪيل هئي. وديالا هاءِ اسڪول کي هاسٽل لاءِ ڪافي ڪوٺيون هيون، جي پوءِ ڊهرائي اتي يونيورسٽي ملازمن جا ڪوارٽر ٺهرايا ويا. وديالا هاءِ اسڪول کي پنج پرائمري اسڪولن جون برانچون هيون ۽ اڪيڊميءَ کي چار. اُهي برانچون انهن هاءِ اسڪولن جا ڀرتي ڪندڙ (فيڊر) اسڪول هئا. حيدرآبادي عاملن جا پٽ انهن هاءِ اسڪولن مان ۽ ڌيئرون ڪُندن مل گرلس اسڪول مان تعليم کان لاڀائتيون ٿينديون هيون.

شاگردن کان ملندڙ اسڪالرشپ ۾ کين رٿيل اسڪولن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ويندو هو. تڏهن گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي پهرين درجي جي في ڏيڍ رپيو ۽ راند جي في چار آنا هئا. هڪ ماهه جي في جيترا پئسا داخلا في هئي ۽ اٺ آنا سال جا ڊرائنگ في بابت ڏيڻا پوندا هئا. ڪُل ٽي رپيا ٻارهن آنا في ڀري اسڪول ۾ داخل ٿبو هو. هاءِ اسڪولن ۾ مسلمان ماستر ٿورا رڳو ٻه هئا. باقي ٻيا سڀ ماستر هندو هوندا هئا، جن مان به اڪثر حيدرآباد عامل هوندا هئا........ هيڊ ماسٽر ديوان ڪشنچند سفيد ريش هو، جيڪو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ گلي بند ڪوٽ زيب تن ڪندو هو. هيڊماستر کي سرڪاري بنگلو مليل هوندو هو. ڪي استاد مٿي تي ڪاري پلش جي ٽوپي ۽ پڻئي جو اڇو پاجامو ۽ پيرن ۾ سليپر پائيندا هئا. ڪلاس ۾ عام رواجي طور چاليهه پنجاهه شاگرد هوندا هئا. ڪي شاگرد شالورو جو پٽڪو، ريشمي رنگين شلوار ۽ قميص پائيندا هئا ۽ جنهن ڪارڻ شهري ڇوڪرا چيڙائيندا هئا. مسلمان ڇوڪرا اسڪول کان گهڻو گُسائيندا به هئا............. ڪي مسلمان شاگرد مذهبي تنظيمن جا ميمبر پڻ هوندا هئا. ڪي شاگرد پٽڪو ٻڌي ايندا هئا، سنڌي جتي پائيندا هئا. روز ٻه ميل پنڌ جا هڻي اسڪول ۾ پهچندا هئا. ڪتابن جي پوتڙي ڪڏهن مٿي تي ڪڏهن ڪڇ ۾ کڻي ايندا هئا. ڪڏهن صدري پائيندا هئا ته اڳٺ پيو لڙڪندو هُون. شهري ڇوڪرا مٿن کلندا هئا.

حيدرآباد ۾ مسافرخانو اسڪول به هو، جنهن کي هاڻي قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول چيو وڃي ٿو....... تڏهن لازمي تعليم (زوري تعليم) شروع ڪئي وئي هئي، سو جڏهن شاگرد اسڪول نه ايندا هئا ته مٿن ڪيس ڪيا ويندا هئا. تن کي ڇڏائڻ لاءِ ماڻهو استادن کي سفارشون ڪندا هئا. ۽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب، جن کي لازمي تعليم جا ڪيس هلائي سزا ڏيڻ جا اختيار مليل هوندا هئا، سي ڪنهن حد تائين خوشيءِ سان مڃيندا به هئس.

اسان سان گڏ پڙهندڙ غلام علي شيدي، جيڪو ٽنڊي ولي محمد ۾ رهندڙ هو، سو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ ڪنن ۾ چانديءَ جون ڪيوٽيون (مُرڪيون) پيل هونديون هئس. اڪثر پن جون ٻيڙيون پئيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيڊرو يا سن فلاور سگريٽن سان به شوق ڪندو هئو. هن جو ڏهن سگريٽن جو پاڪيٽ ڏهين پئسي ملندو هو. ملهه چڱي طرح ڄاڻندو هو، تنهڪري ڪنهن کي ڦڙتي، ڪنهن کي مونڙي، ڪنهن کي اندريون، ڪنهن کي ٻاهريون، ڪنهن کي ڍاڪ تي کڻڻ، ڪنهن کي وارو، ڪنهن کي جانٺو، مطلب ته سڀ ڪنهن سان ٻکين پيو پوندو هو. محمد صديق مسافر (حبشي) جيڪو پرئڪٽسنگ اسڪول ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ نائب ماستر هو، ۽ ٽنڊي ولي محمد ۾ رهندو هو، سو غلام علي شيدي جي پرگھور لهندو هو. ۽ غلام علي شام وقت مرحوم مسافر جي ڀنگ گھوٽيندو هو ۽ اڌ جمني پاڻ به نوش ڪندو هو.

اسڪولن ۾ ڪوٽ ۽ ٽوپي سان اچڻ جو تاڪيد ڪيل هوندو هو. پر اڪثر مسلمان شاگرد تاڪيد هوندي به ڪوٽ اصل نه پائيندا هئا ۽ پٽڪو مٽائي ٽوپي پائيندا هئا. آرهڙ ۾ ته خير پر سياري ۾ اجرڪ ويڙهي ايندا هئا. ڪي مسلمان ڇوڪرا پلس جي ڪاري ٽوپي ۽ ڪوٽ پائي ايندا هئاهندو ڇوڪرن ۽ مسلمان شاگردن جي پوشاڪ ۾ فرق رڳو پاجامي ۽ شلوار جو هوندو هو.

سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ سرڪاري زبان (سليس) چار درجي کان شروع ڪرائي ويندي هئي....... شاگردن کي جيڪي ڪتاب وٺرايا ويندا هئا، اهي سڀ مئڪملين ڪمپني جا هوندا هئا. انگريزي پرائمري ۽ ريڊر کانسواءِ باقي ڪتاب جھڙوڪ سائنس، تاريخ ۽ جاگرافي انگريزي ڪتابن جا ترجما هوندا هئا، جيڪي سڀ مئڪملين ڪمپني جا هوندا هئا. تاريخ جاگرافي انگريزي سولين آکاڻين جي نوع ۾ لکيل هونديون هيون، جيڪي پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ نهايت آسان هونديون هيون.

سڀئي ڪم هڪڙو استاد سيکاريندو هو، سواءِ ڊرائنگ ۽ مشق ڪاپي جي......... ڪاپي به مئڪملين ڪمپني جي هوندي هئي ۽ او ”O“ نب سان لکائي ويندي هئي. رانديون تنهن وقت لازمي هيون، يعني روز شام جو اسڪول ۾ گڏ ٿبو هو ۽ اتان قطار يعني فائيل جي صورت گرائونڊ تي وڃبو هو ۽ واپس به قطار ۾ ئي موٽبو هو ۽ اچي اسڪول جي احاطي ۾ ڇڙوڇڙ ٿبو هو. جيڪي شاگرد راند ۾ حصو وٺڻ کان نٽائڻ لاءِ ڪو بهانو ڪندا هئا ته کين ڊاڪٽر کان سرٽيفڪيٽ وٺي ڏيڻو پوندو هو ۽ پوءِ ئي کين راندين کان آجو ڪيو ويندو هو.

پهرين درجي جو ساليانو امتحان پيپرن وسيلي ورتو ويندو هو. جيڪي شهر ۾ رهندڙ شاگرد هوندا هئا، تن جي انگريزي سٺي هوندي هئي. ۽ ڪلاس ۾ سٺيون مارڪون کڻندا هئا. سندن مائٽ به پڙهيل هوندا هئا، جنهن ڪري کين اسڪول ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ انگريزي لفظ ۽ جملا ايندا هئا، ۽ اي، بي ،سي ۽ انگريزي گرامر گھران ئي پڙهي پورو ڪري ايندا هئا........ پهرين جون کان ٻه مهينا وئڪيشن ٿيندي هئي.

حيدآباد جا رستا ڪشادا هوندا هئا،رستا پٿر جا هوندا هئا. ڏامر جا ڪارا رستا ان وقت وهم ۽ گمان ۾ ڪين هئا. ٽانگن جي ڦيٿن جا پٽا لوهي هوندا هئا ۽ رستن تي وڏا وڏا پٿر نڪتل بيٺا هوندا هئا، جنهن ڪري ٽانگن ۾ خوب جھاڪا ايندا هئا، ۽ اڪثر ڪري ماڻهو ڇڪي آڍائيندا ڏسبا هئا. وڪٽوريا گاڏيون اڪثر هندو سيٺين جون هونديون هيون، جيڪي شام جو سير لاءِ گدو بندر وڃي درياءِ جو درشن ڪري ايندا هئا. ڪي وڪٽوريا ڀاڙي ته به هيون. حيدرآباد ۾ روشني  (اليڪٽرڪ لائيٽ) جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ شهر ۾ شمعدان يا قنڌيل ٻاريندا هئا. صبح جو ٺيڪيدارن جا ماڻهو هر هڪ شمعدان ۾ گاسليٽ ذرو وجھي ويندا هئا. هوٽلون ٿوريون هونديون هيون. رڳو نانوين جا دڪان هوندا هئا، جتي ٻاهريان ماڻهو جيڪي شهر ۾ ڪمن ڪارين سان ايندا هئا، سي اچي ماني کائيندا هئا. چڪلي روڊ تي رڳو آغا جي هوٽل هوندي هئي، جتي لوهه جون ڪرسيون ۽ ڪاٺ جو ٽپايون هونديون هيون. باقي سوڍا ليمن  ۽ ڪيڪ بسڪوٽن جا دڪان ڪافي هوندا هئا.

مياڻي روڊ هاڻوڪو پرنس علي روڊ تي حسن علي وونري (بوري) جو ٻاٽلين ڀرڻ جو سانچو هوندو هو ۽ ٻاٽليون سڀ گولي سان هونديون هيون. تڏهن ٻاٽلين جا نمونا هيٺيان هوندا هئا. (1) کاري سوڍا هڪ پئسي ملندي هئي. (2) ليمن ٽڪي. (3) رنگ واريون ٻاٽليون ٽين پئسي ملنديون هيون، جن ۾ لائم جوس جنجريٽ (جنجر) راس بيري شامل هونديون هيون. حسن علي جو پاڻي (ايئريٽيڊ واٽر)  مشهور هوندو هو. چانهه جو رواج بلڪل نالي ماتر هوندو هو. البت ٿاڌل جو عمدو گلاس آني آني ملندو هو ۽ برف پئسي پن (پائونڊ) هوندي هئي. ڇڻڪار لاءِ گاڏيون هونديون هيون، جيڪي ڏاند (ڍڳا) ڪاهيندا هئا ۽ پٺيان ڇڻڪار ٿيندو ويندو هو.

سيٺ ڪريم خوجو، شايد 1912ع ۾ ڌاري پهريون شخص هو، جنهن ولايت مان هڪ موٽر خريد ڪري حيدرآباد آندي هئي، جيڪا جڏهن ڪنهن به رستي تان لنگهندي هارن جو آواز ڪندي هئي، ته سڀ ماڻهو ان کي عجوبئه روزگار سمجھي ڏسڻ لاءِ ڪمن ڪارين مان هٿ کڻي ڪڍندا هئا ۽ اچرج وچان ان کي ڏسندا هئا. شهر ۾ سٺي جاءَ  ۽ عاليشان باغ به هن صاحب ئي ٺهرايو هو. سندس جاءِ جيڪا نولراءِ مارڪيٽ وٽ آهي سا ڪيترا ڏينهن کليل رکي وئي هئي ۽ عام ماڻهن جا حشام ان جو ديدار ڪندا رهندا هئا. سيٺ ڪريم جو باغ به ڏسڻ وٽان هو ۽ تفريح لاءِ شام جي وقت عام ماڻهن جو سُک هو.

ڪراچي هوٽل صدر جو مالڪ مرحوم شفيع محمد ميمڻ هوندو هو، جيڪو حافظ يعقوب ميمڻ جو پٽ هو........ تڏهن ماڻهو ننڍن شهرن مان لڏي حيدر آباد شهر ۾ اچي رهڻ لڳا.

وڏن ماڻهن جا ڪمدار وڪيلن کي ڪيس وٺرائي ڏيندا هئا، تنهن ڪري سندن واسطا وڪيلن سان گھاٽا هوندا هئا. وڪيلن جڏهن هالا ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ ايندا هئا ته اهي شاندار اسٽيشن تي لهندا هئا، جتان کين کڻڻ لاءِ اصيل وسيلي سواري لاءِ اٺ به موڪلبا هئا. وڪيل جيڪو به ويلو رهندو هو، تنهن جو سمورو خرچ اصيل کي ڀوڳڻو پوندو هو. نه ته ورلي ڪنهن دوست وٽ پڻ ماني کائيندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org