سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :49

 سر رچرڊ برٽن

 

حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون

 

قديم زماني کان وٺي سنڌ ٽن ضلعن ۾ ورهائي ويندي آهي: (1) لاڙ يا ڏاکڻي سنڌ، جنهن ۾ حيدرآباد جي ڏکڻ وارو ملڪ اچي وڃي ٿو. (2) وچولو يا سنڌ جو وچ، يعني حيدرآباد جي ڀرپاسي وارو علائقو ۽ (3) سرو يا اُتر سنڌ.

ٺٽي کي غلطي کان قديم ”پٽالا“ سڏيو ويو آهي........ پر اصل ۾ پٽالا، حيدرآباد وارو ماڳ آهي........ حيدرآباد جا پراڻا هندڪا نالا- نيرون ڪوٽ ۽ سيتلپور آهن............ وچولي ۾ حيدرآباد جو شهر آهي، جيڪو گاديءَ جو هنڌ آهي.......... هي شهر ڪلهوڙن حاڪمن، هندن جي پراڻي ڦٽل شهر جي مٿان اڏيو هو. هيءُ سنڌو نديءَ جي اُڀرندي ڪناري تي، چوني جي ٿر وارين ٽڪرن جي مٿان ٺهيل آهي. شهر ۾ پڻ  جهوپڙين ۽ جاين جا جهڳٽا، بازاريون، مسجدون ۽ هڪ قلعو آهي. قلعو ڏسڻ ۾ سگهارو آهي، پر اندران کوکو آهي. اڳي شاهي خاندان جي رهائش لاءِ ڪتب آندو ويندو هو.

حيدرآباد شهر سوڙهن رستن ۽ گهٽين جو جهڳٽو آهي ۽ جايون جڳهيون ڪچين سرن جون  ٺهيل آهن. انهن جي ڀتين ۾ ٻٻر جا ڪاٺ جا بُنڊ پيل آهن، جن جي مٿان ڪهگل پيل هوندو آهي. ڪهگل، گهاٽو گارو، ڪُتر ٿيل بوُسي ۽ ٻين شين سان مليل، جيڪو جاين لنبڻ جي ڪم آندو ويندو آهي. ماڙيون اوچيون، در دريون ننڍيون، ڇتيون سنهيون ۽ انهن جي مٿان وچ- ايشيا جي  ملڪن جيان اڪثر ڪري مَنگهه ٺهيل آهن. حيدرآباد جا ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ واهڻ به ڏسڻ وٽان آهن. انهن ۾ ڪکن ۽ ڪانن جا پکا آهن، جن کي چوڌاري پناهه لاءِ ڪنڊن جا ننڍا لوڙها ۽ گنب جون ڀتيون ڏنل آهن...... شهر جي آدمشماري بابت ڪيترا رايا ڏنا ويا آهن، پر سمجهيو وڃي ٿو ته اها هاڻي ڪراچيءَ جيتري ٿيندي. تپاوليءَ ۽ ٻين بيمارين ۽ گاديءَ جي بدلائڻ ڪري شهر ڦٽڻ شروع ٿيو آهي ۽ هاڻي آبادي وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن گهٽبي.

آبڪلاڻيءَ ۾ ڦليلي ڦاٽ، جيڪا سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ آهي، حيدرآباد جي چوڌاري ڦري ايندي آهي. ان جي ڪپرن تي زيتون، کجين، ليمن، ڄموئن، صوفن، ڏاڙهن، انبن ۽ ٻين وڻن جا سندر باغ آهن. شهر کان هڪ رستو اسان جي مورچي واريءَ ڇانوڻي ڏانهن وڃي ٿو، جيڪا درياهه جي ڪپ تي آهي. اُها مشهور جاءِ آهي، جتي سنڌ جي حاڪمن ميرن جي لشڪر، انگريزن جي سفارتخاني تي حملو ڪيو آهي. درياهه جي هن ڀر ڪوٽڙي آهي، جتي آگبوٽن جو پتڻ آهي. حيدرآباد جي اولهه  ۾ ڪي عجيب غريب مقبرا ۽ روضا آهن، جي ڪلهوڙن حاڪمن ۽ ٽالپر اميرن جي تربتن مٿان يادگار طور اڏيل آهن. نصرپور، حيدرآباد ڀرسان آهي. ڊي ائنول جي خيال موجب اهو عربن جو مشهور شهر منصوره آهي.

حيدرآباد ۾ سمنڊ جون هوائون پهچن ٿيون. هتان جو اونهارو لاڳيتو پنج ڇهه مهينا هلندو آهي. ڇٺي ڇهه ماهي ڪو جهُڙ ٿيندو آهي ۽ اتفاق سان مينهن جو وسڪارو پوندو آهي. جهڪ، طوفان ۽ زوردار هوائون عام آهن. گرمي جو درجو اُتر سنڌ کان گهٽ هجي ٿو. ۽ سياري ۾ سيءَ به گهٽ ٿو پوي......... حيدرآباد وٽ سنڌوءَ ندي جي سراسري موڪر اٽڪل منو ميل آهي، پر حيدرآباد کان مٿي ۽ هيٺ ان کان به وڌيڪ آهي. سير جي وهڪري جي وڌ ۾ وڌ رفتار اٽڪل ست ميل ۽ اڌ فرلانگ ڪلاڪ ۾ آهي. آبڪلاڻي ۾، پاڻي تيرهن کان سورهن فوٽن تائين چڙهي ٿو.

سنڌوءَ ندي جي ڪپن وارا علائقا عمدا ۽ زرخيز آهن، جن ۾ باغ، آباديون ۽ شڪارگاهه آهن. پرڀرو لين  جا گهاٽا جهُڳٽا، واريءَ جون ڊٻون اٿن. ڳوٺن ۾ جهوپڙن کي اڪثر ڪانهن ۽ سرن جي پترن جون ڇتيون هنيون وڃن ٿيون، جيڪي رواجي ڪاٺيءَ جي پڃرن ۽ ٿوڻين تي بيٺل هونديون آهن. وڏين وسندين کي بچاءَ لاءِ گنب جي مٽي جا ڪوٽ ڏنل آهن، جنهن مان ڀائنبو آهي ته ملڪ ۾ سلامتي گهٽ آهي.

ويس وڳا

اڪثر ماڻهو هندستان جي رهاڪن جهڙي سهڻي پوشاڪ ڪونه پائيندا آهن. مسلمان سواءِ ڪنهن مُنڊي يا مهر جي، سون اصل ڪونه پائين. وڏي عمر جا ماڻهو اسلامي رواج مطابق، مٿي جا وار ڪوڙائيندا هئا، پر نوجوان پنهنجي ڊگھن وارن تي ناز ڪندا آهن ۽ اڪثر وچ تي ڦڻي ڏئي، وارن کي وٽي، ڪلهن تي لٽڪائي يا ڳنڍ ٻڌي ٽوپي يا پٽڪي هيٺيان ڍڪي ڇڏيندا آهن. اڇي ڏاڙهي کي ميندي لائيندا آهن ۽ ميندي جو رنگ گھاٽو ڪرڻ جي لاءِ ان ۾ ٿوري ڦٽڪي ملائي ويندي آهي. جوان بعضي بعضي هٿن ۽ پيرن کي ميندي لائيندا آهن. اهي سرها تيل، سرمو، مسي به ڪم آڻيندا آهن.ملڪ ۾ حمام ڪونه آهن. تنهنڪري وارن کي صفا لاهڻ جون دوائون استعمال ڪونه ڪيون وينديون هيون. بدن جا وار پاڪي سان لاٿا ويندا هئا.

ٽوپي جي شڪل ابتيءِ يورپي ٽوپي جيتري آهي. اها ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪانه پائي ويندي هئي. ان جو عام رواج ميرن جي صاحبي ۾ پيو. هينئر مذهبي پيشوائن کان سواءِ جيڪي دستار پسند ڪندا آهن_ ٻيا سڀ ماڻهو اهي ٽوپي پائيندا آهن. امير ۽ شاهوڪار ماڻهو ڪاري ڪپڙي يا ڪيمخواب جي چورسي ٽوپي پائين، جنهن کي مرغوب ٽوپ ڪوٺيندا آهن. دستار جا ٽي مختلف نمونا آهن: (1) پڳ، سوٽي ڪپڙي جو هڪ ڊگهو ٽڪر، اڪثر اڇو ۽ بعضي رنگين، (2) پٽڪو، پڳ جھڙو، پر ان کان ٿورو ننڍو ۽ (3) ڦينٽيو، سوٽي ڪپڙي جو ٽڪر، جو مٿي کي ويڙهي ڇڏيندا آهن.غريب ماڻهو اڇن ڪپڙن بدران نير- ٻڏل ڪپڙا گھڻو پسند ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته اڇا ڪپڙا جھٽ ميرا ٿي ويندا آهن. ڪي ماڻهو خاص ڪري فقير، ڍڪيندا آهن: پُٺيو يا ڪرتو، سوٽي ڪپڙي جي صدري، هندستان جي مرزائن جھڙي ڪائنچ ويڪرن پانچن سان، يا سٿڻ چيلهه وٽ موڪري ۽ پانچن وٽ سوڙهي، گندي يا چادر يا ٽوپي، جا ڪلهن تي وجھبي آهي، بوڇڻ ۽ ڪمربند يا جتي . شاهوڪار ماڻهو ٻانهن سان پهرياڻ ۽ جبا پائيندا آهن، جو يورپي ماڻهن جي ننڊ ڪرڻ جي جامي جيان هوندو آهي ۽ سوٽي ڪپڙي جو ٺهيل هوندو اٿن.

هندستاني پهرياڻ جو به هتي تازو رواج پيو آهي، پر اهو چيلهه کان ڊگھو هوندو آهي، قيمتي ۽ رنگيين ڪپڙي جي صدري يا ڪڙتي جو رواج به هاڻي پيو آهي. سردي ۾ هو قبا جھڙي ڪپهه سان ڀريل ڪڙتي يا ٺونٺ تائين نمناڻو پائيندا آهن. شاهوڪار ماڻهو کي عمدين کلن (پوستينن) پائڻ جو شوق آهي. غريب ماڻهو، افغاني پوستين يا ماشي يا چوغي تي راضي رهن ٿا. چوغو اڪثر  ڪري ٻڪري يا اٺ جي وارن مان ٺهيل هوندو آهي.

ماڻهو جتيون ٻن قسمن جون پائيندا آهن: (1) ڳاڙهي يا پيلي چمڙي جي، جھڙي مصر جا ماڻهو پائيندا آهن، ۽ (2) گھيتلو، چمڙي جو،  سُٽ يا پَٽ سان ڀريل. دولت وارا ماڻهو مسافري ۾ ڊگھا چمڙي جا موزا پائيندا آهن، سٺا موزا افغانستان مان ملندا آهن. پر هتي هڪ به قسم جا سستا ۽ هلڪا موزا ٺهندا آهن. جابلو ماڻهو رڳو پيش جو ٺهيل ترو پيرن ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن. جيڪو اسپين جي پرنيز جبل جي رهاڪن جي چپل جھڙو هوندو آهي.

عورتون:

هتي زنا جي ڏوهه لاءِ جيڪا سخت سزا ڏني وڃي ٿي، تنهنجو مکيه ڪارڻ هي آهي ته سنڌ جي ماڻهن جون جسماني حالتون نراليون هونديون  آهن..... هتي زالون مردن کان وڌيڪ جنسي خواهش رکن ٿيون. تنهنڪري هتي جي ڪيترن ئي ڏيهي ڪتابن ۾ عورتن کي گھٽ وڌ ڳالهايل آهي....... جيتوڻيڪ سنڌ جون زالون، حقيقت ۾ سڀاءُ، چال چلت ۾ شريف آهن.... پر ٽالپرن جي دور ۾ جيڪو ماڻهو پنهنجي زال کي زنا جي حالت ۾ ماريندو هو،  تنهن کي هميشه ساراهيندا هئا. جيڪڏهن مڙس زالن جي خطا در گذر ڪندو هو ته هن جي يار تي سرڪاري ڏنڊ پوندو هو. ان کان سواءِ جيڪڏهن هو گھٽ ذات وارو هوندو هو ته کيس چهبڪ هڻندا هئا يا ٻئي نموني جي سزا ڏيندا هئا. جڏهن ته ڪاري کي ماريو ويندو هو، تڏهن ڪاري  کان سندس ڀيڻ، ڌي يا ٻي مائٽياڻِي جي  گهر ڪندا هئا، ”ڪاري  ڪاريءَ“ کي ورلي ڇڏبو هو،۽ انهي حالت ۾ ڪاري کي هميشه  سڱ ڏيڻو پوندو.

سونهن جي نقطي نگاهه کان، هتي جون زالون رنگ، روش، جسم ۾ اولهه هندستان جي زالن کان سرس آهن. افسوس اهو آهي ته زالن جي تعليم تي گهڻو ڌيان ڪونه ڏنو ويندو آهي.ٿوريون زالون پنهنجيون زبانون پڙهي سگهنديون آهن ، لکڻ ته انهي کان گهٽ ڄاڻنديون آهن.سمجهڻ کان قرآن يا گيتا پڙهڻ هڪ وڏي ڳالهه  سمجهي ويندي آهي. وڏن شهرن ۾ چار يا پنج زالون مس ملنديون، جيڪي فارسي جوڪو خط هجي ڪري پڙهي سگهن،تنهن هوندي به ڪي اهڙيون زالون آهن جيڪي ڇوڪرين کي تعليم ڏينديون آهن.اڪثر ماڻهو ان راءِ جا آهن ته زالون اهڙيون مڪريل آهن، جو سندن خيالن جي دائري کي  وسيع ڪرڻ ۽ سندن هٿ ۾ قلم جهڙو هٿيار ڏيڻ خطري کان خالي نه آهي، زالن ۾ هندستاني زالن جهڙي نزاڪت نه آهي ۽ نه وري افغاني ۽ ايراني زالن واري ڇترائي. سنڌي زالن جي اُٿڻ- ويهڻ جو نمونو سنجيدگيءَ ۽ فضيلت وارو آهي. هن ملڪ ۾ حمامن جو رواج ڪونه آهي ۽ زالن جو مردن سان ميل گهٽ ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري سنڌي زال آزاد طبع نه آهي. هوءَ گفتي جي به پڪي ڪانه آهي. ڪيتريون مونڌي زالون ناس ڏينديون آهن ۽ ڪي حقي ۾ تماڪ وجهي ڇڪينديون آهن. عورتن جو ٻيون مشغوليون هي آهن: سبڻ، سينگار ڪرڻ، هڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ.

عورتن اُچن ۽ قيمتي ڪپڙن جون شوقين آهن. شاهوڪار طبقي جي عورتن کي ڪيمخواب سوني ۽ روپي، زريءَ سان ڀريل ڪپڙا، عمدي مخمل، ڦولدار ريشم ۽ ساٽين جا وڳا ۽ ٻيو اهڙو سينگار جو سامان هوندو آهي: ڪنواريون ڇوڪريون گهڻو ڪري ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پهرينديون آهن ۽ ڪُراڙيون ۽ بيوهه عورتون اڇا. رواج آهي ته عورت کي بدن تي جيئن گهڻا ڪپڙا هوندا، تيئن وڌيڪ معتبر سمجهي ويندي آهي. زالن جي لباس ۾ هيٺيون شيون هونديون آهن: مٿي تي هڪ ريشمي يا سوٽي چادر پائبي آهي. انهي چادر جا به ڪئين قسم آهن؛ مثال چُني ۽ پوتي. انهن ۾ فقط ڊيگهه ۾ تفاوت هوندو آهي ۽ رنگ ڀل ته ڪهڙو به هجي. چُني ۽ پوتيءَ جي شڪل ۾ به تفاوت ڪونه هوندو آهي. بدن تي جيڪو چولو پائينديون  آهن، تنهن جي ڳچي اڳيان کُليل هوندي آهي ۽ ٻانهون ٺُونٺ تائين هونديون آهن. بلوچن جون زالون چولي جي بدران گهڻو ڪري گهگهو پائينديون آهن، جيڪو انگريزن جي رات جي پائڻ جي قميص جهڙو هوندو آهي ۽ پُٺيان ڪُلهن جي وچ تي کُلندو آهي ۽ اڌ ٻانهون هونديون آهن. اُهو گهڻو ڪري ڳاڙهي يا اڇي ڪپڙي جو ٺهيل هوندو آهي ۽ پيرن جي مُرن سان وڃي لڳندو آهي. چولو پٽ، سُٽ، ململ يا اهڙي ڪنهن ٻئي ڪپڙي جو ٺهيل هوندو آهي. اڇا، ڳاڙها ۽ نيرا رنگ گهڻو پسند ڪيا ويندا آهن. ڳچيءَ جي اندران هڪڙي ڪپڙي جي ٽُڪر سان ڇاتي بند ٿيل هوندي آهي. ان کي ڪنجري، چولي يا گج سڏيندا آهن. بعضي ان کي انگيءَ جيان پاسن کان ڦيرائي، پُٺيان ٻڌندا آهن. ان حالت ۾ اُن کي ”پُٺي“ چئبو آهي. سنڌ جون زالون اها معقول چيز به گهٽ پائينديون آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو زالن جون ڇاتيون پهرئين يا ٻئي ويم کان پوءِ لڙڪي پونديون آهن. ڪمي ماڻهن جهڙوڪ مهاڻن جون زالون وغيره هميشه چولي کان سواءِ گج پائينديون آهن.

هاڻي هڪ نئون طبقو پيدا ٿيو آهي، انهن مان اڌ مغز زالون آهن ۽ اڌ ڪسبياڻيون. اُهي يورپي لوڪن ۽ سپاهين جي بلي هونديون آهن. حيدرآباد ۾ ڪسبياڻين انگريزن کي درخواست ڪئي آهي ته شريف عورتن جي بدچاليءَ ڪارڻ سندن پيشو بند ٿي ويو آهي.

زالن جي سُٿڻ جو نمونو ۽ ڪپڙو، مرد جي سُٿڻ جهڙو هوندو آهي. زالن جي سُٿڻ جا پانچا اهڙا سوڙها هوندا آهن، جو انهن جو پائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. شاهوڪار عورتون قيمتي ريشم جو اڳٽ يا ناڙو پائينديون آهن، جنهن ۾ موتي ۽ جواهر جُڙيل هوندا آهن. جُتي چمڙي جي هوندي آهي، جنهن جي مٿان رنگين پٽ جا ٽونئر لڳل هوندا آهن. اُها جُتي پائڻ ڏاڍي اَهنجي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي هيٺان فقط تري جو ٽُڪر هوندو آهي ۽ پٻ اهڙو سوڙهو هوندو آهي جو آڱريون به پوريون نه ڍڪبيون آهن، تنهن ڪري اها هلڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ڏيندي آهي. جڏهن ڪنهن چڱي خاندان جون زالون ٻاهر نڪرنديون آهن، تڏهن هو سُٿڻ جي مٿان هڪ ويڪرو پڙو پيشگير پائينديون آهن، جيڪو چيلهه کان مُرن تائين سڄي بدن کي ڍڪي ڇڏيندو آهي. هو بدن جي مٿئين حصي تي رئو يا سالور، يعني وڏي شال وجهنديون آهن. سيدن جون زالون خاص ڪري عربي يا ايراني نموني جو برقعو پائينديون آهن. برقعو پائڻ جي اصل مراد اها آهي ته زالون حياءَ واريون نظر اچن.

هندواڻين جو پڙو مسلمان زالن جي پڙي کان ويڪرو ۽ وڏو هوندو آهي. هو گهڻو ڪري بنا گج جو چولو پائينديون آهن ۽ مٿي تي اڇو رئو وجهنديون آهن. هنن جي زيورن ۽ مڻين ۾ باريڪ تفاوت هوندو آهي، پر ان جي لکا آزمودگار ماڻهن کان سواءِ ٻئي کي ڪانه پئجي سگهندي آهي.

زالن کي گهڻن زيورن پائڻ جو شوق هوندو آهي، پر اُهي هروڀرو فضول سينگار ڪونه ڪنديون آهن. هتي شيشي يا ميڻ جي ٺهيل ڪنگڻين پائڻ جو رواج ڪونهي. زالون ٻانهن ۾ ٺُونٺ تائين ڪاج جا وڏا چوڙا پائينديون آهن. انهن چوڙن جو رواج هر طبقي جي ماڻهن ۾ آهي. سنڌ ۾ جن ۾ مَڻين ۽ زيورن جو رواج آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org