مڇيون
مڇين جا ڪئين قسم هوندا هئا، جن کي ڳڻڻ به مشڪل هوندو هو. مڇي
جا سورهن کان به وڌيڪ قسم هوندا هئا. سڀني قسمن ۾
وڌيڪ مشهور جنس پلو هوندو هو. جيڪو ڏاڍو ساءَ سواد
وارو ٿيندو هو. کڳو، سينگاري ۽ ٻي مڇي به ڏاڍي
مزيدار ٿيندي هئي. باقي ٻين ۾ ڪنڊا گهڻا ٿيندا
هئا......... سنڌوءَ ۾ سيسر به ٿيندو هو، سندس
سونڊ ڊگهي ٿيندي هئي. لڌڙي جو هڪ قسم بيجر
(انگريزي) ٿيندو هو، جنهن جي کل ڏاڍي قيمتي سمجهي
ويندي هئي ۽ ان کي هٿ ڪرڻ لاءِ سندس شڪار ڪيو
ويندوهو. هتي هن ساهدار جي کل جو تاثر ٿڌو سمجهيو
ويندو هو ۽ گرم ڪپڙن پائڻ وقت هي کل ڪتب آندي
ويندي هئي. هتان جا ماڻهو هي ساهدار پاليندا هئا
جيڪي جلد ئي هري مري ويندا هئا....... ڳوٺاڻا
ڪيترن ئي قسمن جا پکي ڌاريندا هئا، جيڪي ملندا به
ڏاڍا سستا هئا. مسلمان انهن کي کائڻ ۾ ڪتب آڻيندا
هئا.......... چؤماسي جو مينهن هتي گهڻو ڪونه
پوندو هو.
مقامي قبيلا، پوشاڪ ۽ رسم رواج
هتي سيءُ به گهڻو ٿيندو هو. سرنديءَ وارا ماڻهو انگريزي گرم
ڪپڙا، تهه دار ريشمي اوڇڻ، ڪشميري شالون، ڇيٽ
نموني تي گرم ڪپڙا ۽ ملتان جون گرم لويون ڍڪيندا
هئا ۽ مٿان ڪابل جي ٺهيل پوستين پائي ڇڏيندا هئا.
ڪي وري پشم وارا ڊگها ڪوٽ به پائيندا هئا، جن مٿان
ڪمايل کل لڳل هوندي هئي. مٿن ڀرت جو نازڪ نفيس ڪم
به ٿيل ڏسبو هو، جيڪي ماڻهو ڊگها ڪوٽ ڳنهي ڪونه
سگهندا هئا، ته ساڳئي قسم جا ننڍا ڪوٽ پهريندا
هئا، اڻ هوند وارا وري اوني کٿن مان ڪم ڪڍندا
هئا..... مٿئين طبقي جا امير مٿي تي ڪيمخواب جي
ڊگهي سنڌي ٽوپي ۽ ڪُلهن تي لُنگي پائيندا هئا.
مردن جو ويس جهولدار سُٿڻ ۽ گهگهو هو، جيڪو پنين تائين پهچندو
هو ۽ ترڪن جي پراڻي دؤر واري لباس جيان پيو ڀانئبو
هو. جڏهن هو پورا ويس وڳا پهريندو هو ته کيس چيلهه
ان پٽ جو پٽو يا ”بيٺ“ ٻڌل ضرور هوندي هئي. ڪڏهن
اها بيٺ سوٽي ۽ گهڻ رنگائين پڻ هوندي هئي ۽
استعمال ٿيل رنگ تکا هوندا هئا. سفر دوران سندن
ٽوپين تي به اهڙي بيٺ وڪوڙيل هوندي هئي. سندن وار
ڪُلهن کان هيٺ پيا لڙڪندا هئا. کين وارن جي ڏاڍي
هورا کورا لڳل هوندي هئي. ڊگها تلهر وار ويڙهي
سڙهي چوٽو ٺاهي ٽڪڻ تي اُڻبي ڇڏيندا هئا. اُهي
پنهنجن وارن کي اڇا ٿيڻ ئي ڪونه ڏيندا هئا. گهوڙا
ول (سنا) ۽ نير پُسائي ڪيس ٺاهيندا هئا ۽ وار
رنگين، ڄمار جي ڪنهن اوسٿا ۾ سيد ۽ ڪي بزرگ قسم جا
ٻيا ماڻهو پنهنجين سُنهارين کي رنگي ڳاڙهسرو ڪندا
هئا. سيد هونئن به سائي ويس پائڻ ڪري سڀني کان الڳ
۽ نرالا پيا نظر ايندا هئا. سندن چوڻ هوندو هو ته
اهو رنگ سندن نبي سڳورو ﷺ گهڻو پسند ڪندو هو.
ٽالپر امير جيڪو لباس پائيندا هئا، سو عام رعيت کان انهي ڪري
نرالو هوندو هو، جو اهو ملندو مهانگو هو. عام
موقعن تي ميرن کي به اهو ساڳيو لباس پاتل هوندو
هو، جيڪو سندس اڙد اٽالي کي پاتل ڏسبو هو ۽ اُهي
گڊي ۽ ٽوپي ايرانين وارا، گهگها ۽ شلوارون ترڪن
جيان پائيندا هئا. اُهي قيمتي لونگيون، ڪشميري شال
يا ٻي اهڙي قيمتي شيءِ چيلهه سان سندرو ڪري ٻڌندا
هئا، ٻي خاص شيءِ ميرن جي ٽوپي هئي، جيڪا گجرات جي
ڪيمخواب ڪپڙي جي ٺهيل هوندي هئي. ۽ منجهس سون ۽ يا
چاندي جي تند ڪتب آندل هوندي هئي. ٽين اهم شيءِ
تلوار ۽ تلوار وارو پٽو هوندو هو. مٿن سون جو نازڪ
ڪم ٿيل هوندو هو. سندس ڍالون به ڏاڍيون سهڻيون
هونديون هيون، جن تي به سون جو سنجٽ ۽ سينگار ٿيل
هوندو هو. حڪمران چيچ ۾ مُنڊي جهڙو ڳُهه نه پر
مُهرون پائيندا هئا ۽ مسلمانن ۾ چيچن منجهه مُهرن
پائڻ جو عام رواج هو. سياري جي مُند ۾ زرهه جهڙو
ڪوٽ پائيندا هئا، جيڪو تکن رنگن ۾ هوندو هو يا
ڊگهي گدي پائيندا هئا، جنهن تي ڀرت جو نهايت سُهڻو
ڪم ٿيل هوندو هو. شڪار ڪرڻ مهل اڇا ڊگها ڪپڙا ۽
ڇرڪائيندڙ رنگن واريون ٽوپيون ڪونه پائيندا هئا.
انهن بدران گهاٽي سائي رنگ جا ڪپڙا اوڍيندا هئا،
جيڪي گهڻو ڪري وڻن جي سائي رنگ سان هڪجهڙائي رکندڙ
هوندا هئا. سفر ڪرڻ مهل ڦاڙهي جي کل مان ايراني
نموني تي ٺهيل ڊگها بُوٽ استعمال ڪندا هئا.
حڪمران يا امير ٽوپين کان وڌيڪ پٽڪو پائيندا هئا. ماڻهو ايئن
ڏسڻ ۾ ايندا هئا ڄڻ ڪو انگريز ٽوپلو اندر ئي
جُهڪيل هجي. شڪل صورت ۾ ايرانين جي مٿي جي اوڇڻ
جيان لڳندو هو. اهڙي قسم جي اڇي رنگ جي پٽ جا يا
زربفت جا هوندا هئا. ٻروچ رنگ جا سانورا ۽ مُنهن
مهانڊي جا سهڻا ۽ ٺاهوڪا نظر ايندا هئا. اکيون
ميگهه ملهار. حڪمران يا امير ٿولهه کي سونهن جي
نشاني سمجهندا هئا. سنڌ جو اڳيون حڪمران مير نصير
خان سڄي ملڪ ۾ سونهن جو صاحب سمجهيو ويندو هو.
ڇاڪاڻ ته هو ايترو ٿلهو هوندو هو جو چُرڻ پُرڻ ۾
لاچار هوندو هو.
هتي پٽ جا قيمتي ڪپڙا اوڍيا ويندا هئا، سي سڀ ملتان ۽ بهاولپور
جا جوڙيل هوندا هئا. هتان جي ڪنهن به ماڻهوءَ جو
تيستائين لباس ئي پورو نه سمجهبو هو جيستائين
چيلهه سان پٽ جو پٽو ٻڌو نه ويندوهو، جيڪو مختلف
رنگن جو ۽ ويڪرو هوندو هو.... يورپ جي تيار ڪيل
ڌاڳي مان ٺهيل ڪپڙو شاهوڪار پائيندا هئا ۽ جوڙي
وارو ڪپڙو غريب غربو اوڍيندو هو ۽ اهي ويچارا انهي
ڪپڙي جا هميشه هيراڪ هوندا هئا. هتان جو هر ماڻهو
نير جا ٻُڏل ڪپڙا پسند ڪندو هو. ڏاس مان کُرڙ
جوڙيا ويندا هئا، جيڪي سين ۾ ڪم ايندا هئا.
عورتن جو عام ويس هڪ انگي هوندي هئي، جيڪا چيلهه تائين مس
پهچندي هئي. هيٺ سٿڻ، هڪ ڪپڙو ڳچيءَ سان ٻڌل هوندو
هو، جيڪو ٻانهن کان هيٺان اچي ڇاتي ڍڪيندو هو ۽
پُٺي کليل هوندي هئي. مٿي تي هڪ ڊگهي پوتي اوڍي
ويندي هئي. جنهن سان سارو تن ڍڪجي ويندو هو. ٻروچ
گهڻو ڪري ڪپڙا ڪونه بدلائيندا هئا. ميراڻ ۽ گدلاڻ
کي لڪائڻ لاءِ نير مان ٻوڙائيندا هئا.
ٻروچ قبيلن ۾ هڪڙي رسم هئي، جيڪا هوبهو يهودين ۾ آهي: جڏهن ڪنهن
عورت جو مڙس مري ويندو هو ته ان عورت سان پنهنجو
ڏير پرڻجڻ لاءِ ٻڌل هوندو هو ۽ فوت ٿيل جا وارث ان
جا ٻار هوندا هئا. جيڪڏهن پرڻيل عورت ڪنهن سان ڀڄي
ويندي هئي. انهيءَ مقصد سان ته جيئن ”شر“ جي پاڙ
پٽي سگهجي ۽ پاپ جي پراسچت ايئن ئي ڪري سگهجي ٿي.
قد ڪاٺ ۾ ٻروچ ڊگهو جانٺو ٿيندو هو. ڪڻڪ رنگو، سانورو، نڪ آمي
جي ڦار جهڙو، اکيون وڏيون، منهن مهانڊن ۾ سهڻو
سگهارو، سدائين ڪُڌي ڪرت جو پيو سوچيندو. وار ڊگها
۽ گهنڊيدار جيڪي ڪُلهن تائين پيا ڏسبا. ڪڏهن وري
وارن کي ويڙهي سيڙهي چوٽا ٺاهي ٽڪڻ مٿان اُڻبي
ڇڏين. مٿي سان وڏو پٽڪو ٻڌن. سندن عام لباس اڇو ۽
جوڙي جو هوندو هو. اهو گهڻي پائڻ ڪري پورو ڏسبو
هو. چيلهه وٽ سوڙهو، ساريءَ جان تي ڦهڪي بيهندو ۽
مٿان واري پيٽي ڪوٽ، رواج موجب سياري جو کرڙ مان
ٺهيل چوغا ڍڪيندا هئا. لباس مٿان پٽي جو سندرو
ٻڌندا هئا، جنهن سان هر قسم جا هٿيار پنهوار
جهڙوڪ، بندوق، تلوار، ڍال، بارود جون ڳوٿريون
وغيره ٻُڌل نظر ايندا هئا. اهي پٽا، بارود واريون
ڳوٿريون ۽ ٻيون اهڙيون شيون رنگين ۽ ڏاڍيون سهڻيون
لڳنديون هيون. ڇاڪاڻ ته اهي ڌار ڌار رنگن جون
هونديون هيون، جن تي مختلف رنگن جي پٽ جو ڀرت ڀريل
ڏسبو هو. وٽين سان جهالر پئي جهرڪندي ته ٽئونر به
پيا ٽلندا ۽ لمندا هئا.
شهرن ۾ هندو گهڻا نظر ايندا هئا، جيڪي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل هوندا
هئا. منجهان ڪي ٻاهران لڏي به آيل هئا. وڻج واپار
کين ڇڪي هتي اچي آباد ٿيڻ تي مجبور ڪيو هو........
جڏهن ڏرت ۽ ڏڪار پوندو هو ته پوءِ عام ماڻهو اميرن
۽ جاگيردارن جو ٻني ٻارو ڪندا هئا ۽ کين اجورو جنس
جي صورت ۾ ڏنو ويندو هو........... هندو مهانڊن ۾
موڪلڙا ٿين. سرنديءَ وارا وڏن شهرن ۾ شاندار ۽
آرامده جاين ۾ رهندا هئا. باقي هٽ واڻين جا حال
اٻالا هئا. بس آڻيون ۽ چاڙهيون وارو حال. يهودين
جيان پيا هيري ڦيري ڪندا هئا. سڀئي هندو پراڻا
ڦاٽل ڪپڙا پائي پنهنجي ڌن کي لڪائڻ جا جتن ڪندا
هئا. هندو عورتون به ڏاڍيون سهڻيون ٿينديون هيون.
پر گهڻيون ميريون ۽ گدليون هونديون هيون. هتان جي
مسلمان عورتن کان به وڌيڪ ڇيڳريون. گهر به گند جا
ڍير مسلمانن جي گهرن کان به ويل.
مهاڻو الله تي رکي هُتي هتي مهراڻ ۾ ڪاهي پوندو هو ۽ پنهنجو پيٽ
دلي تي اهي سُرت ۽ سچيتائي سان رکندو هو جو
درياهه جو پاڻي دلي پئجي نه سگهي. پوءِ ڄنگهن ۽
ٻانهن سان پاڻي ۾ ترندو اڳتي وڌندو ويندو هو.
سندس هٿن ۾ ٻه سانگيو پنڌرهن فوٽ ڊگهو لڪڙو هوندو
هو، جنهن ۾ ڄار ٻڌل هوندو هو سندن چيلهه سان ٻڌل
سدري ۾ سوئو به هوندو. ڄار سان اٽڪايل ڏوري به
سندس هٿ ۾ جهليل هوندي هئي، جنهن وسيلي کيس ڦاٿل
پلي جو پتو پئجي ويندو هو ۽ پوءِ ان کي سوئو هڻي
دلي ۾ سوگهو ڪيو ويندو هو، پلي کي گنگا واري
پاسي هلسه چيو ويندو هو، هن سئبل مڇي جي قسم سان
تلق رکي ٿو. مهاڻا انگ ۾ گهڻا هئا، پر نڌر ،
ڪنگال ۽ اٻالي طبقي سان لاڳاپيل هئا. مهاڻا ڳائڻ
وڄائڻ جي ڌنڌي سان لاڳاپيل عورتون به هنن جا ڪڙم
سان واڳيل هيون، جيڪي راهه ويندي مسافرن جي ڌياڻ
ڇڪائڻ لاءِ پيون لاڏ ڪوڏ ۽ نٽ ناٽ ڪنديون هيون .هي
نهايت سانوري ٿئي. مهاڻا کارين، تڏن، تؤنرين جا
به واهه جا ڪاريگر هئا، جيڪي درياهه جي وٽن پاسن
تي ڦٽل ٻوڙن ڏير، پن ۽ ٻي ڪنهن پڪي گاهه مان
ٺاهيندا هئا. سنڌوءَ وسيلي واپاري مال لڏڻ ۽
پهچائڻ مهاڻن وسيلي ٿيندو هو.
جيڏانهن درياهه جو وهڪرو مٽبو هو ته مهاڻا پاڻ به لڏي پلاڻي وڃي
سندس پاسو وٺندا هئا ۽ اوڏو ئي پنهنجا اباڻا اڏي
وانڍين ۾ ٿي ويهندا هئا. جنهن سان سندن پيٽ
گذارو به ڏاڍي سولائي سان ٿي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن
ته کين ڏاڍو هاڃو به رسندو هو، ڇاڪاڻ ته درياهه
اٿل ڪري سندن وسنديون ۽ وانڍيون لوڙهي کڻي ويندو
هو. ٻوڏن ۽ اٿل دوران رستا ۽ خشڪي وارا تجارتي گهر
به اٿل جي مند ۾ بلڪ بند ٿي ويندا هئا ۽ غريب غربا
جيڪڏهن مٿان کان هيٺ سفر ڪندا هئا ته گهڙو کڻي
دريا هه ۾ گهڙي پوندا هئا. چاڙهه جو ڪيڏو به زور
هوندو هو پر سنڌي دلي جي آڌار تي تري ويندا هئا.
هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين هلندا رهندا هئا. ٻوڏ
واري رت ۾ ماڻهو جهوپڙيون، دڙي تي جوڙيندا هئا،
جيڪي ويهارو کن فوٽ ڌرتي کان مٿي هوندا هئا. ڪانن
مان ٺهيل ان جون پليون به اتي رکندا هئا. جنهن سان
ٻيا اناج به بچائي سگهبا هئا....... سنڌوءَ جي
ڪنڌيءِ سان آباد ڳوٺاڻن جي ڄمار سنڌوءِ ۾ گذرندي
هئي. صبح کان سانجهي تائين سڄو ڏينهن مڇي ڪاڻ آباد
ڳوٺاڻن جي ڄمار سنڌوءِ جو جر جهاڳيندا هئا.
گهرڌياڻيون وري ڌوتي پوتي ۽ سانجڻ ڪڍ هونديون
هيون. باقي ڪتا ۽ ٻار سڄو ڏينهن راند بلي هوندا
هئا. لٿيءِ اڀري کان بي خبر هوندا هئا.
هتي ماڻهن کي ڏاڍو نيچ سمجهيو ويندو هو، هي ڏاڍا چست ۽ ڦڙت
هوندا هئا، پاڻي ۾ ترڻ ۽ تڙڳڻ جا ڪوڏيا، ڀوڳائي
چرچائي به اهڙا جو چئي کڻي چپ ڪر. هنن جهڙي کلمک
ته ٻي ذات ٿي ئي ڪانه سگهندي. عورت پنهنجي مرد سان
ٻِٽ ڄڻ جمع سان گڏ خميس. ڪڏهن سُکاڻي ٿي پئي ٻيڙي
هلائيندي، ڪڏهن اولي سان پئي اوليندي. سندس مرد
پيو ڄار اُڇلائيندو ۽ مڇي ڦاسائيندو. وري ننڍڙو
ٻار وري ٻيڙيءَ جي شيڪلي يا کوهي ۽ سڙهه وارن رسن
۾ ٻڌل ڄار جي هندوري ۾ پيو لڏندو لمندو.
سنڌوءَ جو پاڻي
مقامي ماڻهو سنڌو جي پاڻي کي صحت بخش سمجهندا هئا. ان کي پيئڻ
کان اڳ آٺرائڻ ضروري هوندو هو. ڪي ماڻهو انکي ڦٽڪي
سان ته ڪي بادامن سان آٺرائيندا هئا. انهن شين کان
سواءِ به جيڪڏهن پاڻي کي ڪجهه وقت ڇڏي ڏبو هو ته
پاڻ ئي آٺرجي ويندو هو ۽ مٽي تر ۾ ويهي ويندي هئي
۽ پاڻي اڇو ٻُنگ ٿي پوندو هو. سنڌي پاڻي کي آٺرائي
پيئندا ئي ڪونه هئا. سمجهندا هئا ته سنڌو جو پاڻي
جيتو ميرو اوترو ڀلو ۽ ساءُ وارو..... سنڌوءَ جو
پاڻي عام طور تي ميرو ۽ ٿورو اڇو ٿيندو هو. پاڻي
جي ڪيمائي جزن بابت ڊاڪٽر لارڊ گهڻو ڪجهه لکيو هو.
سندس چوڻ هو ته: ”پاڻي ۾ چُن ۽ مٽيءَ جو وڏو حصو
موجود هجي ٿو. نيل جي پاڻي ۾ لوهه جا جزا ٿين ٿا،
پر سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ اها ڳالهه ڪانهي ۽ لوهه نه
هجڻ ڪري نيرو نظر اچي ٿو.“
سنڌوءَ جي پوڄا
سنڌي هندو، سنڌو درياهه جي نربلن، گنگا ۽ ڪرشنا جيتري عزت ۽
سندس پوڄا به ڪندا هئا. مسلمان جن جو جياپو سنڌوءَ
جي پاڻيءَ تي هوندو هو، سي سارين جي ٻيجي سان ڀريل
ڏيو ٻڌي سنڌوءَ کي ارپيندا هئا. انهي لاءِ ته جيئن
پاڻي چاڙهه ڪري، سُڪر ۽ سڻائي ٿئي. گڏوگڏ مهاڻا به
سنڌوءَ جي سلامي ڏيندا هئا ۽ هاڪارڻ کان اڳ سنڌوءَ
مان جَلَ ٻُڪ..... ڀري پنهنجي بتيلي تي هاريندا
هئا. (هتي اڳي ڪو به ڌنڌو شروع ڪرڻ کان اڳ
دڪاندار، واپاري توڙي طوائفون پڻ دڪانداريءَ کان
اڳ ڪوٺين توڙي دڪانن اڳيان پاڻي جي ڇڻڪار ڪنديون
هيون: سهڙيندڙ) سنڌوءَ ۾ جڏهن پهريون لڙهو ايندو
هو ته هندو وڏو ڏڻ سمجهي ڏاڍيون خوشيون ڪندا هئا.
شهري ماڻهو به هندو خاص ڪري سنڌوءَ جي پاڻي جي وڏي
عزت ڪندا هئا.... هتي سنڌو درياهه مختلف ديوتائن
مان هڪ ديوتا جي حيثيت رکندو هو. جهڙي ريت مصر
وارا نيل ديوتا کي مڃيندا هئا. جيڪو آئسنس وارو
غريباڻو ويس ڍڪي مصر جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ گهميو
هو.......
مهمان نوازي
هتي هڪٻئي کي کيڪارڻ جو طريقو به پنهنجو ۽ منفرد هوندو هو، جنهن
مان لڳندو هو ته ماڻهو سادا سودا ۽ سٻاجها آهن.
ملڻ وقت، ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کان هٺ سجائي جو
پُڇنديون. پوءِ گهر ڀاتين، گهر ۽ مال ملڪيت جي خبر
خيريت جي پڇا ڪندا هئا. خيريت ايئن پڇندا هئا.
”خوش آهين؟“، ”چڱو ڀلو؟“، ”ڀڙ؟“، ”متارو؟“، ”مهوڙ؟“، ”گهڻي
کان گهڻو خوش؟“ ۽ ”پڪ اٿئي ته چڱو ڀلو آهين؟“ هڪ
ڌر اهڙو سوال ڪندي ۽ ٻي ڌر اُن جا ٺهڪي ايندڙ جواب
ڏيندي هئي. ساڳيءَ ريت ٻي ڌُر سوال ڪندي ۽ پهرين
ڌر انهن سوالن جا ڏاڍي نماڻائي سان جواب ڏيندي.
کيڪار ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو هو. ڪچهريءَ ۾ ماڻهن
جو چڱو موچارو ميڙاڪو هوندو هو ۽ هر ماڻهو ٻئي جو
ايئن آڌرڀاءُ ڪندو هو. رواج اهو هو ته ڪچهري ۾
جيڪو پريو مڙس هوندو هو، کيڪار جي شروعات به اهوئي
ڪندو هو. هر سنڌي راهه ويندي مسافر يا درياهه
وسيلي مٽيندڙ ماڻهو جي کيڪار آجيان ان ريت ڪندو ۽
آڌرڀاءُ کان پهرين کيس وڃڻ ئي ڪونه ڏيندو. هڪٻئي
جي گهرڀاتيءَ جي صحت بابت پڇا ڳاڇا ڪندا هئا.
ٽالپرن جي مهمان نوازي به ٺاهوڪي هوندي هئي. سندن مهمان کي مانُ
۽ مهت ڏيڻ وارو طريقو دل لڀائيندڙ هو. وري جڏهن
کين ڪا شيءِ ڏبي هئي ته سندن ٿورائتي ٿيڻ جو نمونو
ڏاڍو ملوڪ لڳندو هو. برطانيا سرڪار جا خاص ڪري اهي
عملدار، جن جو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سنڌ جي ميرن
سان دوستاڻو لاڳاپو رهيو هو، تن سان انهن هڪ قسم
جا وڏا وڙ ڪيا هئا. انگريز جنهن مقصد سان ميرن سان
ملڻ واسطي ويندا هئا، ته مير سندن مقصد جون
ڳالهيون ٻڌي کانئن شڪ شبها ڪندا هئا. ۽ سندس سڀاءُ
مان ئي پتو پئجي ويندو هو ته اُهي انگريزن کي
ڌڪارين ٿا ۽ مٿن ويساهه نه آهي.
ناچ ۽ راڳ رنگ
سنڌين جو راڳ نيارو هوندو هو. راڳ جي مُنڍ واري ”الو ميان“ به
اهڙي ڪندا هئا، ڄڻ ڪنهن ذهني طور گهايل ۽ جسمي
ڦٽيل ماڻهو سخت سُور کان رڙ ڪئي هجي ۽ هر راڳ جي
مُنڍ وارو آلاپ اهڙي درديلي دانهن سان ڪندا هئا.
سندن اهو آلاپ هر قسم جي ٻئي مٺي سُر کي مات ڏئي
ڇڏيندو هو. راڳ ۾ اها رمز ۽ جادو جُڙيل هوندو هو،
جو ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿي ويندا هئا ۽ رات ڏينهن
سانده پيا راڳ ٻُڌندا هئا: وڄت ۾ ٽم ٽم، چپڙيون ۽
يڪتارو ڪم ايندو هو. ناچ جو رواج تمام گهڻو هوندو
هو. هر وڏي شهر ۾ هن ڌنڌي سان واڳيل ڪيترائي ماڻهو
هوندا هئا. ان کان سواءِ هر وندر اڻپوري هوندي
هئي. ناچڻيون ناچ هلندي مڌ جو چُڪو به چاڙهينديون
هيون، جنهن ڪري سندن انگن ۽ اُڌمن ۾ نئين سگهه
اوتجي ويندي هئي ۽ سندن لڱ لڱ جي لونءَ لونءَ نچڻ
۽ ڦڙڪڻ لڳندي هئي. هن قسم جو شراب ڪمند ۽ کارڪن
مان جُڙندو هيون. منجهس کيپ ۽ خمار به گهڻو ٿيندو
هو. اُهي ناچڻيون پيئنديون به تمام گهڻو هو، پر
ڏسبو هو ته مٿن نشي جو اثر ئي ڪونه ٿيندو هو. ناچو
ڇوڪريون ڏاڍيون سهڻيون هونديون هيون. عام طور کين
ڪڃريون ڪوٺيو ويندو هو. منجهانئن ڪي شاهوڪار پڻ
هونديون هيون. اهڙي قسم جون عورتون جتي ڪٿي ڏسڻ ۾
اينديون هيون.
درٻار ۾ ناچ دوران هڪڙي ڏينهن سڄي درٻار سپاهين، اميرن، نوابن
سان ڀريل هئي جو تر ڇٽڻ جي جاءِ به نه هئي. مٿان
وري آڪڙيل پٺاڻن جو ميڙاڪو به هو. ان سان گڏ
هٿياربند درٻاري عملي جي ڪُلهي گيهه جيڪي ٺونٺيون
هڻي هڪٻئي کي ڌڪا پئي ڏنائون. حڪمران جي موجودگيءَ
جو کين ڪو احساس ئي ڪونه پئي ٿيو. پتو پيو ته ناچ
هلي رهيو هو. درٻار ۾ ڪنهن فارسي راڳ جا ٻول ٻُري
رهيا هئا ۽ ناچو عورتون ديوان عام ۾ پري ڪٿي ڳائي
رهيون هيون.
تور ماپ جو نظام
تور ماپ جو پنهنجو نمونو هوندو هو، جنهن کي خرار سڏبو هو. مڻ جي
حساب سان مذڪوره خرار کي وري ڪاسن ۽ ٽوين ۾ ونڊبو
هو. جنهن جو جنس موجب اگهه به ڦرندڙ گهرندڙ هو.
پٽڙيون شيون وري تور جي حساب سان ڏبيون هيون، جنهن
ڪري خرار به گهٽجي وڃي 600 پائونڊ بيهندو هو. زمين
جي ماپ پُرهن، گهُنٽن، ۽ جريبن ۾ ٿيندي هئي: پنج
پُرهه =
هڪ گهُنٽو: 20 گهُنٽا
=
هڪ جريب؛ ۽ ٻه جريب
=
هڪ ايڪڙ.
هڪڙو جريب 150 فوٽ هم چورس ماپ جو هو، جنهن جي ڪُل
ماپ 22500 فوٽ ٿيندي. هتي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو
رائج ڪيل سڪو چالو هو ۽ ان جي جاري ڪيل رپئي کي
ڪلدار ڪوٺبو هو. لاڙ ۾ ڪورا ۽ ڪاشاني رپيا به
هلندا هئا، جڏهن ته اُتر سنڌ ۾ سهراب شجاولي رپئي
جو رواج هو. (15) |