ايڇ. ٽي پوسٽنس
حيدرآباد جو مشاهدو (1843ع کان اڳ)
حيدرآباد شهر سنئين سڌي مٿاڇري واري هڪ اهڙي ٽڪري جي چوٽي تي
اڏيل هو، جيڪا اسي فوٽ اوچي سوا ميل کن ڊگهي ست
سئو گز ڊگهي هئي. شهر ۾ قلعو ۽ هن پوٺي جي هڪ ڇيڙي
تي اڏيل هو. ۽ ٻئي ڇيڙي تي حڪمران گهراڻي جي ڪيترن
فردن جا مقبرا اڏيل هئا. هن ماڳ کان سنڌوءَ جو
وهڪرو، نڪ سامهون ٽي ميل پري هو. ان وهڪري ۽
راڄڌاني جي وچ ۾ ڪابه ٽڪري موجود ڪونه هئي. جڏهن
درياهه واري پاسي کان ٿڌڙي هير گهُلندي هئي ته
هنيانءُ پيو ٺرندو هو. هن شهر جي سامهون سنڌوءَ جو
اٺ سئو گز ويڪرو پيٽ هو. اُتان جڏهن هوا گذرندي
هئي ته ٿڌي ٿيندي ٻئي پار حيدرآباد پهچندي هئي.
حيدرآباد جي صاف ۽ صحت واري فضا ان ڪري هئي. جو هي شهر ٽڪريءَ
جي چوٽي تي اڏيل هو ۽ ڀرسان سنڌو جهڙو درياهه به
وهندو هو. شهر جي چوڏس ڍنڍون ۽ ڍورا ڏسڻ ۾ ايندا
هئا. اهڙي ڪني پاڻي جي هواڙ پهريائين ٽڪري جي چوٽي
تي اڏيل هن شهر ۾ پکڙجي پوءِ ٻين علائقن مان
گذرندي هئي اهڙي ڌپ کان بچڻ لاءِ گهرن ۾ منگهه
هنيل هئا جيڪي تازي هوا جي سامهون هوندا هئا.
تنهنڪري گهرن ۾ گندي هوا اچي ڪانه سگهندي هئي. هي
هڪ اهڙي اٽڪل هئي، جنهن سان تازي هوا گهرن ۾ داخل
ٿي سگهندي هئي ۽ دروازن ۽ درين وسيلي داخل ٿيندڙ
ڌُوڙ ٻاهر نڪري ويندي هئي.
انگريزن جي هتي رهيل فوج ۽ هتان جا ماڻهو کوهن جو پاڻي پيئندا
هئا........... حيدرآباد تڏهن زوال جو شڪار هو. هي
شهر ٽڪرين جي هڪ پاسي تي اڏيل هو، جيڪي سنڌوءَ جي
اوڀاريون پاسو ڏئي پور وڇوٽ تي هلندي ملنديون
هيون. ميل کن ڊگهي بازار هئي، جيڪا مٿي ٽڪري تي
جوڙيل هئي، سمنڊ جون ٿڌيون هوائون حيدرآباد تائين
پهچنديون هيون. حيدرآباد شهر سنڌ جي وچ تي هو،.
تنهنڪري هن کي پسند جي راڄڌاني طور چونڊيو ويو هو.
جيڪڏهن سنڌو جي ڪنڌي سان بيهي هن شهر ڏانهن نهاربو
هو ته ڏاڍو سهڻو لڳندو هو. جڏهن ته ڦليلي جي
ڪنڌيءَ سان ڏاڍا سهڻا باغ هئا.
حيدرآباد ڀرسان ننڍين ٽڪرين جو هڪ سلسلو هو، جيڪو سنڌوءَ جي
اولهه ڪناري سان اڳتي هلندو راڄڌاني کان ويهه ميل
هيٺ درياهه سان اچي ملندو هو. ٽڪرين جو اهڙو سلسلو
اوڀر ڪناري سان به ڏسڻ ۾ ايندو هو. جيڪو هلندو
اچي ان ٽڪري وٽ ختم ٿيندو هو، جنهن تي حيدرآباد جو
شهر اڏيل هو. حيدرآباد جي آدم شماري پنجٽيهه هزار
کان وڌيڪ ڪانه هئي. وڏن شهرن ۾ هندو مسلمانن جو
چوٿون حصو هئا. باقي ٻين ننڍن شهرن ۾ هندن جو انگ
اڃا به ٿورو هو.
1809ع ۾ ڦليلي ۾ تمام گهڻو پاڻي آيو هو، جنهن جو واڌو پاڻي
ٽريڪل ڳوٺ وٽان وري وڃي سنڌوءَ سان گڏيو هو ۽
حيدرآباد جي ٻنهي پاسن کان وهي کيس ٻيٽ بنائي ڇڏيو
هئائين......... جڏهن سنڌو جو پاڻي گهڻو چاڙهه
ڪندو هو ته راڄڌاني کي ٻيٽ بڻائي ڇڏيندو هو ۽ ان
هوندي به ننڍيون سنڌي ٻيڙيون هلي ڪونه سگهنديون
هيون. ڦليلي ۽ پنياري ڦاٽ ايڏا وڏا ڪونه هئا.
تنهنڪري بند ٻڌي سندن پاڻي گهڻو ڪري پوکي راهي جي
ڪتب آڻبو هو. پنياري ڦاٽ کي مگربي نالي هڪ ماڳ
وٽان بند ٻڌيو ويو هو. هي ٿاڪ سنڌو ۽ سمنڊ کان هڪ
جيتري مفاصلي تي اڻونجاهه ميل پري هو. ڦليلي تي ،
سُندري ڍنڍ کان اتر ۽ ٻڏي ويل سندري قلعي کان پنج
ميل پري بند ٻڌل نظر ايندو هو. مگربي بند ماڻهن جو
ٻڌل هو ۽ ڦليلي وارو بند سال 1819ع ۾ ڌرتي جي ڌوڏ
جي ڪري ٺهي پيو هو، جنهن کي ’الهه بند‘ ڪري سڏيو
ويندو هو.
قلعو ۽ مقبرا
ٽالپر ۽ سندن مٽ مائٽ قلعي ۾ رهندا هئا..... تنهن ڪري سندن
اٽالي ۾ اڙد وارن ماڻهن سان بازارون ڀريل ڏسڻ ۾
اينديون هيون. ايشيائي جنگين جي ايشائي طريقي ڪار
مطابق حيدرآباد جو قلعو ڄڻ ته فتح ڪرڻ جوڳو ڪونه
هو، پر اهو جيترو ظاهر ۾ مضبوط هو، ايترو حقيقت ۾
ڪمزور هو..........سرڪاري عملو به الڳ رهندو هو.
مير قلعي کي فتح جوڳو ڪونه سمجهندا هئا. قلعي جي
ويڪري ڀتين تي توبون رکيل ڏسڻ ۾ اينديون هيون.
قلعو درياهه جي مکيه وهڪري کان اٽڪل ٽي ميل پري
هو. شهر جي اڏاوت سادي سودي هئي. سمجهبو هو ڄڻ ته
ڪي غريبن جا گهر هئا ۽ اولهه پاسي ٽالپر گهراڻي
جي ڪن سردارن جا خوبصورت مقبرا ڏسڻ ۾ ايندا هئا.
مقبرن جي اندرئين پاسي سنگ مرمر سان پٿر تي اُڪر
جو ڏاڍو نفيس ڪم ٿيل هو.. قلعي واريءَ ٽڪريءَ جي
هڪڙي ڇيڙي تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ مير ڪرم
عليءَ جا مقبرا هئا. مير ڪرم علي جي مزار جي
پرگهور ته ڪئي ويندي هئي، پر ان کان وڌيڪ خوبصورت
غلام شاهه جي مقبري جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪو ڪونه
هو. ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حڪمران عمرڪوٽ ۾ پنهنجو خزانو
لڪائيندا هئا. حڪمرانن جو اهو خيال هو ته ڌارئي
حملي جي صورت ۾ آخري مقابلو هن ماڳ وٽ ڪيو وڃي، ته
صحيح ٿيندو.
تاريخي ماڳ
سنڌوءَ کان حيدرآباد کان مٿان هالا، سيوهڻ به مشهور شهر
هئا........ حيدرآباد کان مٿان خدا آباد جا ٿرڙ
هئا، هيءُ به هڪ قديم ماڳ هو. مقامي برهمڻن جو چوڻ
هو ته اهو برهمڻ آباد جو ٿاڪ هو، جتي ابتدا ۾
ٽالپر سردار رهندا هئا ۽ حيدرآباد سميت سندن سهڻا
مقبرا هتي پڻ هئا.
آبهوا ۽ صحت
حيدرآباد شهر سنڌوءَ جي ڪٺار سان موجود شڪارگاهن جي وچ تي هو ۽
هر شڪار گاهه ڏانهن سولائي سان پهچي سگهبو هو. هتي
جي موسم نهايت خوشگوار هئي. توڙي جو سال جي ڪن
مهينن دوران هتي به لوساٽيندڙ لڪ گهلندي هئي. پر
سنڌوءَ جي ڇوڙ واري گهميل علائقي کان خشڪ هئي.
حيدرآباد واري ڀاڱي ۾ سدائين سمنڊ جي ٿڌڙي هوا
گهلندي رهندي هئي. جيڪا اونهاري جي لُڪ کان ٺاري
سهڻ جوڳو بڻائي ڇڏيندي هئي. تنهن هوندي به گرمي
کان افغانستان ۽ ٻين اترين علائقن جا ماڻهو آبهوا
کان ڏاڍو ڊڄندا هئا ۽ چوندا هئا ته: ”سنڌ جو سج
ڀوري کان ماڻهو کي ڪارو ڪري ڇڏيندو.“ هتي ماڻهو
گرمي کان بچڻ لاءِ هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ هوا ڏيندڙ
پکو هوندو هو. دڪاندارن جي هٽن ۾ جهليون ٽنگيل
هونديون هيون، جن کي دڪاندار ساڄي پير جي پٻ سان
هلائيندا هئا.
ٻوڏ واري رُت ۾ لاڙ واري جُوءِ ڇرون ٿي ويندي هئي، پر ان جي ڀيٽ
۾ هتي ڪجهه بچاءُ ڏسڻ ۾ ايندو هو. سانوڻ واري
مينهوڳيءَ واري موسم ۾ سيوهڻ کان مٿي قهر جي ڪاڙهه
هوندي هئي، پر هتي اهڙي رُگهه ۽ ٻوسٽ جي موسم ٿوري
ٿيندي هئي. هي شهر واپار جي ناتي سان ڪابه اهميت
ڪونه پيو رکي ۽ سنڌ جي راڄڌاني ته لڳي ئي ڪونه
پيو. وڻج واپار ايترو ٿورو هلندو هو، جو هتان جي
ماڻهن کي کاپي جون شيون مس ملنديون هيون.
هتي مهامري ۽ ڪالرا به ڪڏهن اچي ڪڙڪنديون هيون ۽ ماڻهن جو پتيون
ڪڍي ڇڏينديون هيون. اُهي بيماريون پهريائين ڇوڙ
واري علائقي ۾ منهن ڪڍنديون هيون ۽ پوءِ سنڌو جي
ڪنڌين سان مٿي اوڀارو هلنديون وينديون هيون. ٻوڏ
کان پوءِ مهامري جو لڙهو به پنهنجي پوري سگهه اچي
منهن ڪڍندو هو. درياهه ڀرسان وسندڙ ماڻهو پنهنجا
اصلي ڀاڻ ۽ ڀيڻيون ڇڏي ڀڄي جان بچائيندا هئا. هتي
اکين جي بيماري ”اوفٿيليما“ گهڻي ٿيندي هئي. جنهن
۾ اکيون سڄي پونديون هيون. اکين جي اهڙي بيماري جي
شڪايت عام ٿي پوندي هئي.
وڏن شهرن ۾ رهندڙ هندو گهڻا بيمار ڏسڻ ۾ ايندا هئا ۽ سندن پيٽ
به وڌيل ڏسڻ ۾ ايندا هئا انهن جو ڪارڻ ڪاڙهو رُگهه
۽ هوا جي گهُٽ هوندي هو. کين جلنڌر ۽ ٻرهل جي
بيماري لڳي ويندي هئي. اهڙيون بيماريون هروڀرو
آبهوا ڪري ڪونه ٿينديون هيون، پر ماڻهو پاڻ به
ذميوار هئا، جو اهي آرام ۽ صحت جو اڊڪو ۽ اون نه
رکندا هئا. جڏهن ته مينهن ٿورو ۽ غير يقيني پوندو
هو، اهو مينهن نه ڏکڻ- اولهه نه وري اُتر اوڀر
چوماسي سان لاڳاپيل هوندو هو. جڏهن ڏينهن ۽ رات هڪ
جيترا هوندا هئا ته ڌوڙين سان گڏ وسڪارا شروع ٿي
ويندا هئا. اهڙين زوردار انڌارين ۽ ڌوڙين ۾ مٽي
ايتري ته اڏامندي هئي جو سج به مس ڏسبو هو. اهڙا
طوفان گهڻو ڪري سج لهڻ مهل ايندا هئا ۽ مٽي ۾ ساهه
پيو گهُٽبو هو. پر اهو گهڻو وقت ڪونه هلندو هو.
مينهن سان گڏ ڇوها به گهڻا ايندا هئا. حيدرآباد ۽
ڀرپاسي ۾ مينهن کي مولا جي ڪُمهري سمجهيو ويندو
هو. ڇاڪاڻ ته اهو هٺ سڄي لاءِ هاڃيڪار ۽ پوکي راهي
لاءِ ڇيهو سمجهيو ويندو هو.
صحت جي ڏاڍي خراب حالت هئي، اڪثر مينهن کانپوءِ ٻوڏ اچڻ يا ورلي
ٻه ٽي سال مينهن نه پوڻ ڪارڻ پڻ بيماريون منهن
ڪڍنديون هيون. مسجدن ۾ جيڪي مُلا، قاضي يا علاما
هوندا هئا، اُهي ماڻهن جون سُتين ڦَڪين، ڏيهي جڙي
ٻوٽين يا ڌاڳن ڦيڻن تي علاج ڪندا هئا.
کاڌ خوراڪ
ماڻهن جو وڏو انگ رڳو مڇي کائي پيٽ گذر ڪندو هو، جيڪا درياهه ۽
ڍنڍن ڍورن ۾ جام هوندي هئي....... ماڻهو سڀ رهاڪو
گوشت گهڻو پسند ڪندا هئا........ ماڻهو عام طور تي
رات جو کير ۽ ڀت کائيندا هئا....... (جڏهن ته
ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا، سنڌ گزيٽيئر ۽ ٻين ڪتابن
موجب: هر ڪنهن گهر ۾ مينهن، ڍڳي، ٻڪري، رڍ يا ڪڪڙ
ضرور هوندي هئي. کير، مکڻ، گيهه ۽ ڏهي ڪتب آڻبي
هئي. کاڌي ۾ بيضا ۽ گوشت واپرايو ويندو هو. وري ڪي
پورهيت طبقي جا ماڻهو خاص ڪري ٻنپهرن جو بصر،
مرچن، ڇانهين يا گدرن سان به ماني کائيندا هئا-
سهڙيندڙ) امير طبقي جا مسلمان هُلواڻ کائڻ جا
شوقين هوندا هئا. غريب غربي لاءِ مڇي ۽ چانور، هتي
ٻئي شيون اڻ ميون، ڪٿي وري جوار جي ماني جام،
باقي پنهوار ۽ سانگي ماڻهو کير يا لسي لپ سان
ٿلهي اٽي وارو ڍوڍو کائي جياپو ڪندا هئا.
ماڻهو کائڻ جي معاملي ۾ پوءِ اها ڀاڄي هجي يا گوشت گهڻو ڌيان
ڪونه ڏيندا هئا، ۽ جانورن جي آنڊن ۽ اوجهرن مان به
ڪونه مُڙندا هئا ۽ مزي سان پيا کائيندي ڏسبا هئا.
ڪنول جا گل هتي جام نظر ايندا هئا، جيڪي ڍنڍن ڍورن
جي پاڻيءَ کي ڇانئي ڇڏيندا هئا. انهي ٻوٽي جي پاڙ
”بهه“ جا شوقين هوندا هئا. هتي لاهوري گجرون به
گهڻيون ٿينديون هيون ۽ هتان جا ماڻهو ڏاڍي شوق سان
کائيندا هئا........ پلو به ڏاڍو مشهور هو. مڇيءَ
جو هيءُ ورن ڏاڍي ساءَ سان سواد وارو ٿئي. سندن
نالو کڄندو ته وات پيو پاڻي پاڻي ٿيندو. تنهن تي
جيڪڏهن ڌيان نه ڏبو ته ڪاڻيارو ٿي پئبو. هن مڇيءَ
کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ وڏو دلو ڪتب ايندو هو.س
حيدرآباد جا باغ ۽ ڀاڄيون
حيدرآباد جي اتر ۽ اولهه پاسي انبن ۽ ٻين وڻڻ جا گهڻا باغ هئا.
حيدرآباد لڳ رڳو باغ ئي باغ ڏسبا هئا. چيٽ جي پوکي
رُت چڙهڻ سان ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رڳو گل- خاص
ڪري گلاب جا گل- پيا نظر ايندا هئا. هتان جو هرڪو
ماڻهو باغ رکي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. جتي واندڪائي
جون چار گهڙيون گذاري ڏاڍو سرهو ٿبو هو. هندو ۽
مسلمان ٻئي ڌريون باغن جون شوقين هونديون هيون.
هن مقصد لاءِ پيسا به جام خرچ ٿيندا هئا ۽ ڌيان به
جهجهو ڏنو ويندو هو. ماڻهو ڦول واڙين پوکڻ تي پيا
هڪٻئي تي ريسون ڪندا هئا. ۽ منجهن هڪٻئي کان وڌيڪ
سهڻن باغن پوکڻ جي ڄڻ گوءِ رکيل هوندي هئي، جن جا
ميوات وارا باغ وري الڳ هوندا هئا. ڀاڄيون به جام
ٿينديون هيون. ۽ ٻهراڙي جا ماڻهو ٻئي فصل سان گڏ
ڀاڄيون به پوکيندا هئا، جن ۾ بصر، پالڪ جا مختلف
قسم، گوگڙو، گجرون، موريون، سُنڍ، ڪدو، واڱڻ، مرچ،
مٽر، رانهان ۽ ٻيون به کائڻ لائق ڀاڄيون شامل
هيون. هتي پٽاٽا آزمائشي طور پوکيا ويا هئا ۽ ڏٺو
ويو ته انهن جو فصل به ڏاڍو سٺو لٿو.
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۾ اقتداري ڇڪتاڻ
افغان درٻار پهريائين به سنڌ حڪومت جو پروانو عطر خان کي ڏنو
هو. افغان فوج جي اچڻ ۽ عطر خان جي مسند تي ويهڻ
کانپوءِ درٻارين جي ڪن اميرن، نوابن ۽ ڪلهوڙا
گهراڻي جي چڱن مڙسن سنڌ ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ
اهو سوچيو ته سنڌ جا ٻه حصا عطر خان ۽ هڪ حصو غلام
شاهه کي ڏنو وڃي. هوڏانهن غلام شاهه هٿان
دائودپوٽن هارايو، جڏهن هو وٽس هلي آيو ته هن سندس
عزت لائق گذراي لاءِ کيس ڪيتريون جاگيرون ڏنيون.
غلام شاهه 1771ع ۾ وفات ڪئي. پوءِ ڪلهوڙا برادري
جي پرين مڙسن پاڻ ۾ صلاح ڪري سندس وڏي پٽ ميان
سرفراز کي مسند تي ويهاريو. ۽ اهڙو فرمان افغان
شاهي درٻار (حيدرآباد) مان روانو ڪيو ويو. هن
1772ع ۾ مبينه مير بهرام کي قتل ڪرايو. جنهن سان
ماڻهن ۾ گهڻي مايوسي ڇانئجي وئي هئي، ڇو ته عام
ماڻهو مير بهرام کي گهڻو ڀائيندا هئا ۽ سندس ڏاڍي
عزت ڪندا هئا..... پوءِ ميان سرفراز کي حيدرآباد
قلعي ۾ بند ڪيو ويو. ۽ سندس ڀاءُ ميان عبدالنبي کي
تخت تي ويهاريو ويو. پوءِ ميرن ۽ ڪلهوڙن وچ ۾
ويڙهه دوران غلام نبي قتل ٿي ويو پوءِ مير بجار
فاتح فوج سان اڳتي وڌندو اچي حيدرآباد جي قلعي وٽ
پهتو، جتي غلام نبي جو ڀاءُ ميان عبدالنبي خان
موجود هو. کيس جڏهن ميان غلام النبي جي ڪُسي وڃڻ
جي ڪَل پئي ته ميان عطر خان، ميان سرفراز خان ۽
ميان محمد خان ۽ ٻين اهڙن ماڻهن کي مبينه قتل ڪري
ڇڏيو، جيڪي هن پنهنجي مسند نشينيءَ واسطي رنڊڪ ٿي
سمجهيا. پوءِ مير، ڪلهوڙا حڪومت سرڪار جي اهم عهدن
تي فائز رهيا. ميان غلام شاهه جو ڀاءُ ميان
عبدالنبي مسند نشين ۽ درٻار ۾ مير بهرام خان جو پٽ
مير بجار سندس ساڄي هٿ تي ويهندو هو.
ميان عبدالنبي کي ميرن سان وفاداري جو قسم کنئي
اڃا ٽي ڏينهن مس گذريا، ته هن مير عبدالله کي قتل
ڪرائي ڇڏيو. ٽالپر هن واقعي ڪري اچي اوڍاپور ۾ گڏ
ٿيا. مير فتح علي کي پنهنجو سرواڻ چونڊيائون ۽ وڏو
ڪٽڪ ڪري ميان عبدالنبيءَ تي ڪاهي ويا. ميان
عبدالنبي شڪست کائي افغانستان ڀڄي ويو........
ميان عبدالنبي حيدرآباد مان ڀڄي وڃڻ کانپوءِ، مير
بجار خان جي پٽ مير عبدالله خان ۽ مير بهرام خان
جي ڀائيٽي مير فتح علي خان پنهنجي حڪمراني جو
اعلان ڪيو، ۽ مير فتح علي هڪ فاتح جي حيثيت ۾
حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. پوءِ مير سهراب ڊڄي ويو ۽
شڪار جو ڍونگ رچائي حيدرآباد مان نڪري ويو. |