سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :97

 حيدرآباد ۾ اسان جي گهر ڀرسان ديوان گدومل سنسڪرت پاٺشالا هئي. غريب ۽ ٿورو پڙهيل براهمڻن کي پنڊت وشنو پاڙهيندو هو. ڏاڍو ودوا پر پڙهڻ وارا ڪي لڀن. جڏهن آئون لنگهي ويس ته خوش ٿيو ته هڪ عامل جوان ۽ ايم. اي پڙهيل وديارٿي مليو اٿم. ڀنڊارڪر وياڪرڻ جو ڀاڱو پهريون پاڙهيائين، پر پراڻي نموني ۽ ڏکئي نموني. سنسڪرت جي پاڙ مون ۾ وڌائين، باقي وڌيڪ پڙهڻ مون تي ڇڏيائين.........

جڏهن آءٌ ويهن ورهين جو هوس، ته شاديءَ لاءِ مائٽيون اچڻ لڳيون. تن ڏينهن ۾ ڇوڪرن جي شاديءَ لاءِ اها عمر ٺيڪ سمجهبي هئي. ڏاج ته گهُربو هو ۽ ايم. اي پڙهيل لاءِ چار هزار گهربا ۽ ملندا هئا. پر منهنجو پتا پاڻ کي سُڌريل سمجهندو هو، تنهن ڪري ڏاج کانسواءِ ڇوڪريءَ جي سونهن جو به ڳولهائو هو. تن ڏينهن ۾ ڇوڪريون سڀ گهڻو ڪري اڻ پڙهيل يا الو ٻلو پڙهيل هونديون هيون. ڪهڙي خاندان جي هئي سا ڪا ورلي کوج ڪندو هو......... منهنجي ڏينهن ۾ پردو به چالو هو، مطلب ته ڌُڪي تي شادي ٿي.

1927ع ڌاري حيدرآباد جي سنڌ نئشنل ڪاليج نالي ماتر نئشنل هئي. ٻين جيان رواجي ڪاليج هئي. رڳو ان جو پرنسپال ڪجهه آزاد سڀاوَ جو هو ۽ زماني کي ڦريل ڏسي هليو چليو ٿي. جڏهن آئون ڪاليج ويس تڏهن مون کي ڏسي مون سان ڦريل ورتاءُ ڪيائين ۽ سهولت به ڏنائين......... آئون ڪاليج ۾ اچڪن ۽ چوڙيدار سُٿڻ پائي ويندو هوس. لئبريريءَ ۾ ڊيسڪ رکي آسڻ وڇائي ويهندو هوس ۽ سانجهي جو ميدان ۾ سمهي آسڻ ڪندو هوس. اُهي سڀ نوان نمونا هئا ۽ شاگردن لاءِ ڪجهه چهچٽو ڪجهه سکيا هئي.......... ڪي شاگرد مون ڏانهن ڇڪيا جن مان ٻه ڄڻا ڀائي پرتاب ڏيئلداس ۽ حشمتراءِ ملڪاڻي (پرنسپال) پوءِ دوست ٿي ويا. هڪ جوان چلتو پرزو آتو آڏواڻي سو به دوست ٿي ويو. ڪاليج ۾ تڏهن پروفيسر موٽومل تولاڻي به هو، جو پوءِ راجسٿان ۾ پرنسپال ٿيو. ڪاليج ڦليلي واهه جي ڪپ تي هئي ۽ مون هڪ پارٽي ٺاهي، جيڪا شام جو ٻيڙي ڪاهي ميل ٻه اوڀر ويندي هئي، ۽ پوءِ واهه ۾ گهڙندي لاهارو تر تي تري ايندي هئي. وقتي ٻه ٻيڙيون کڻي وڏي پارٽي ٺاهي چار ميل اوڀارو ڄامشوري يا پنج ڇهه ميل لاهارو کٿڙ ڳوٺ تي پڪنڪ لاءِ ويندا هئاسين.

قدرت سان ٻن مهينن کانپوءِ ٿرپارڪر ضلعي جي ساماري تعلقي ۾ آگسٽ ۾ سخت مينهن پيا ۽ سکر بئراج جي واهن جا بند ٽُٽي پيا ۽ ٻوڏ ٿي. جڳهين ۽ فصلن جو چڱو نقصان ٿيو............. شاگردن جي هڪ ٽولي ٺاهيم، جيڪا مون جيان ڳوٺن جا سئر ڪري بُکون ڪڍي سهائتا ڏيڻ لڳي. هنن لاءِ هي مزيدار ۽ وڻندڙ آزمودو هو. سنڌ ۾ اڳ ڪڏهن هيڏي پيماني تي پبلڪ رليف ڪم شايد ڪونه ٿيو هو...........

فيبروري 1928ع ۾ گانڌيجي سنڌ جي دوري تي آيو، ته حيدرآباد مان پڻ پير گهُمائي ويو. انهيءَ سفر ۾ آچاريا ڪرپلاڻي ۽ جوهر مل منسکاڻي (سوامي گووند آنند) به شامل هئا. انهيءَ سال سنڌ ۾ سيارو سخت ٿيو ۽ اُتر سنڌ ۾ جهڙي گرمي تهڙي سردي سخت ٿين. ٻئي سهڻ کان ٻاهر ٿيندا آهن.!

منهنجي نياڻي هاڻي اٽڪل سترهن ورهين جي هئي........... منهنجي مرضي هئي ته آشرم ۾ وڃڻ کان اڳ ئي سندس ونواهه ڪري ڇڏيان........ مائٽي ته جلد ٿي ۽ شادي ڊسمبر 1928ع ۾ تڪڙي ٿيڻي هئي، پر ڏاج ڏيڻ جو سوال البت پيچيده هو. مون ڪپڙي ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪين باسيو هو. سو شاديءَ لاءِ کاڌي ۽ ڪجهه سوديشي ڪپڙا خريد ڪيم. سمجهيم ته اٽڪل ٻه هزار رپيا خرچ ٿي ويندو...... پر جڏهن شاديءَ جي ڏينهن ڄڃ گهر وٽ اچي پهتي، تڏهن ديوان پرڀداس، گهوٽ پيءُ کي کلي عرض ڪيو ته هن غريبڙي ڪنوار پيءُ کان ڇا ٿا وٺو؟ ڪجهه نه وٺو. هن به هڪدم قبول ڪيو، ڇو جو سُکيو گهر هو. ٻئي ڏينهن ڪپڙن جو ڏاج کاڌي ڀنڊار ۽ سوديشي ڀنڊار وارن موٽائي ورتو. منهنجي ماءُ ۽ استري کي اُهو بڇڙو سؤڻ لڳو. تڏهن به ست سئو رپيا خرچ اچي ويو..... اها ڳالهه جڏهن مهاتما کي ٻڌائي وئي ته هن وڏو ٽهڪ ڏنو..... پوءِ جڏهن سنڌ ۾ گانڌي جي فيبروري 1929ع ۾ پنهنجي دوري تي آيو، تڏهن گهوٽيتن جي گهر وڃي گهوٽ پيءُ ديوان حشمتراءِ کي آشيرواد ڏيئي آيو.

منهنجو من اصل کان وٺي جوڙجڪي ڪم ڏانهن مائل هو ۽ هڪدم حيدرآباد شهر ۾ کاڌي ڀنڊار کوليم ۽ ڪاڪي اُتمچند کي مئنيجر ڪري رکيم. شهر ۾ هڪ ئي ڀنڊار هو ۽ شهر واسين ۾ سياسي سجاڳي چڱي هئڻ ڪري وڪرو موچارو ٿيندو هو.

هاڻي خيال هو ته ڳوٺن ۾ چرخو هلائي کاڌي پيدا ڪجي. پر ڳوٺن ۾ آڏاڻا ۽ هوشيار ڪوري هئا. هالن ۽ نصرپور جا کيس مشهور هئا. سستا ۽ جٽائون رنگابرنگي پر سُٽ بنهه ڪارخانن جو ڪم آڻيندا هئا. ڳوٺ ۾ چرخو هوندو ئي ڪونه هو، جيتوڻيڪ سنڌ جي ڪپهه مشهور هئي. نرم ۽ وڏي ريشي واري، بلڪ مصري ڪپهه جي به پيدائش مئو ٿيندي هئي. درياهه ۽ بئراج جي واهن جي ڪري نهري پوک جا ٻه فصل ٿيندا هئا ۽ ڪڙمي ساوا ستابا هئا. ڳوٺن ۾ ايتري بيروزگاري نه هئي، جو سُٽ ڪَتي روزانو اٺ آنا مس ڪمائين. تنهنڪري گڊڙي اسٽيشن کان ٿورو پري گڊڙي ڳوٺ ۾ زمين سستي خريد ڪري هڪ آشرم کوليو ويو، جتي کٿا ٺاهيا ويندا هئا.

1921ع جي اسهڪار جي هلچل ۾ گانڌيجيءَ چار بهشڪار رکيا هئا: (1) اسڪولن ڪاليجن ۾ بهشڪار (بائيڪاٽ) ۽ قومي اسڪول وغيره کولڻ: (2) ڪورٽن جو بهشڪار ۽ پئنچائتي فيصلا ڪرڻ؛ (3) لقبن جو بهشڪار ۽ (4) ولايتي ڪپڙي جو بهشڪار ۽ کاڌي پهرڻ ۽ سُٽ ڪتڻ، هتي کاڌي اُتپن ڪانه ٿي، پر ٿورڙو اوني ڪپڙو تيار ٿيو. هڪڙو قومي اسڪول حيدرآباد ۾ نڪتو، جنهن جو هيڊ ماستر مسٽر لڌارام هو. قومي اسڪول پوءِ ٻين شهرن ۾ به کُليا. ڪورٽون هلنديون رهيون ۽ لقب ڪنهن کي ڪونه هو جو ترڪ ڪري....... مون هتي کاڌي ڀنڊار کوليا ۽ اوني کاڌي جي پئدائش ڪجهه وڌائي ۽ سُڌاري.......... جڏهن اک ڀارت راشٽر ڀاشا (مقامي ٻولي) جو زور ورتو، ته شهري هندو مردن کان وڌيڪ استريون سنسڪرت سکڻ لاءِ تيار ٿيون..........

ڳوٺن جون جڳهيون اڪثر ڪري ڪچيون ۽ ننڍيون هونديون هيون. هوا ۽ روشني ڄڻ ڪا وٽ ڪانه هئي. پاڻيءَ جي نيڪال جو خيال گهٽ، ڪاڪوس ڪچا ۽ چُلهن وارا، ڳوٺ ۽ خاص ڪري بازار ۾ مکين جا ميڙ، ڪن هنڌ ڏاڍا قهر مڇر هوندا هئا. ڳوٺ ڏسڻ ۾ ڪچو ۽ رهڻ ۾ ميرو ۽ گندو. رئيس جو اوتارو البت وڏو، پر وڏي صفحي ۾ رڳو کٽون ۽ تڏا. باقي پٽ تي يا ڀت تي ٿُڪون ۽ کانگهارا، يعني ڳوٺ ڀتين ڀونگين ۽ جهُريل جڳهن جا ڍير هئا.......

1927ع ڌاري ڪانگريس کي اولهندي ڪچي ۾ ٻه منزلي شهر جي وچ ۾ هڪ پڪي جڳهه هئي. هيٺ ٻه دوڪان هئا. ”چرخا سنگهه“ هڪ دڪان ۾ کاڌي ڀنڊار کوليو هو. مٿي به ٻه ٽي جوڙجڪ ڪم ڪندڙ هرهڪ آرتوار تي گڏجي ڪُلهن تي کاڌي کڻي نڪرندا هئاسين ۽ ٻارهين بجي ڌرتتيءَ جو گهر موٽندا هئاسين، ڊاڪٽر چمنداس شهر جي صفائيءَ جو ڪم کنيو. ته وري به گڏجي ٻُهاريون ۽ ٽوڪريون کڻي گندن پاڙن ۾ وڃي گهٽيون ۽ ڪسيون صاف ڪندا هئاسين. ڪانگريس ڪو عام ميڙ ”هومسٽيڊ هال“ ۾ ڪندي هئي، ته اسين جوڙجڪي ڪم ڪندڙ به ميڙ ۾ شامل ٿيندا هئاسون. گڏجاڻين ۾ وڏي واقعي زبردست تقريرون ڪندا هئاسون. چوئٿرام قد جو ننڍو ۽ بت جو هيڻو، پر لڪڻ هٿ ۾ جهلي منچ تي شينهن جيان وات ڦاڙي گُجندو هو. سنڌي موچاري، آواز کڙاڪيدار، هوش ۽ گهڻي جوش سان ڳالهائيندو هو........

1931ع ڌاري سڄي هندستان مان ڪانگريسن کي ٽن مهينن لاءِ کڻي بي گناهه جيل اندر بند رکيائون. مون کي ۽ ٻين پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڌار وارڊ جي جدا جدا ڪمرن ۾ رکيائون........ ملڪ ۾ روز روز گرفتاريون ٿينديون رهيون ۽ تان جو حيدرآباد جو سينٽرل جيل به قيدين سان سٿجي پيو. سو هڪڙي ڏينهن حُڪم ٿيو ته اسان کي ڪوٺين وارو وارڊ ڇڏي هڪ شاهي بئرڪ ۾ ٻين سان گڏوگڏ رکيو وڃي. رات ٿي ته ٻيا نوان همراهه گڏيا جن تازيون ٻاهر جون خبرون سُڻايون........ جڏهن ڇُٽس ته مئجسٽريٽ شرط وڌو ته، ”حيدرآباد جي حدن کان ٻاهر نه ويندس.“ ڀانءِ ته سڄو شهر منهنجو جيل بڻجي پيو.............

نيٺ، هڪ ڏينهن مون کي نياپو آيو، ته دهليءَ ۾ ڪانگريس جي ڳجهي اجلاس ۾ سنڌ طرفان رڳو آئون ڊيليگيٽ ٿي ويندس. ڳجهه ڳُوهه ۾ تياريون ٿيون ۽ مان سنڀري گهران نڪتس ته رات جو اٽڪل ڏهين بجي ڪراچي – لاهور ميل ۾ سفر ڪندس. اسٽيشن تي ڪن همراهن خفيه پوليس (سي. آءِ .ڊي) کي وڃي ڪنهن گفتگو ۾ مشغول ڪيو ۽ آئون اسٽيشن جي جهنگلي ٻاهران سڙاڪو پائي پهرين ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾ چڙهي، سامان هيٺان لڪائي، اُمالڪ سمهي پيس.

مون کي دهليءَ ۾ وري گرفتار ڪيو ويو... پوءِ حيدرآباد سينٽرل جيل ڏي موڪليو ويو. اڌ ڪلاڪ مس ڪيس هليو. هڪ سال هلڪو جيل ۽ اڍائي سئو رپيا ڏنڊ يا ته ٽي مهينا وڌيڪ قيد....... منهنجي ٻارهن مهينن جي سزا حيدرآباد جيل ۾ اپريل 1933ع ۾ خيرن سان پوري ٿي. پر اڍائي سو رپين جو ڏنڊ ڏيڻو پيو. يا ته ٽي مهينا وڌيڪ سزا. ڇو ته قسمت سان منهنجي هڪ جهوني دوست اچي ڌيءَ جي شادي به اپريل ۾ ٿيڻي هئي. سو پُڇڻ ڳاڇڻ بنا ڏنڊ جا پئسا پياري مون کي آزاد ڪرايائين. ۽ مون به شاديءَ جون خوشيون ماڻيون.

ڳوٺن ۾ وائکائي ۽ قدرت جي اس، هوا جي ڪافي بخشش آهي. ڳوٺاڻا ۽ خاص ڪري ڪُڙمي سڀاءَ جا سرل ۽ بازن جا پورهيت ٿين ٿا. سو هڪدم ”ڳوٺاڻي جماعت“ ٺاهيم، جنهن ۾ پندرهن ويهه خدمتگار هئا. اڪثر ڪري ڪم ڪندڙ به ڳوٺاڻا هئا. مئٽرڪ پاس ۽ عمر جا جوان. سندن واجبي گهرُجون ماهوار هڪ سئو رپين جي اندر تڏهن پوريون ٿي سگهيون ٿي. حيدرآباد ۾ سندن هڪ يونيفارم به ٺاهرايم ۽ ٻن ٽن هفتن جي ڪئمپ به ڪيم. ڪن کي پنهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر بولچند جي اسپتال ۾ هڪ مهيني جي اوائلي علاج جي سکيا به ڏياريم، پوءِ ٽڙي پکڙي وڃي پنهنجن ضلعن جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ سُڌار کي لڳا.

پر جيئن لڙائي ڇڙندي ۽ وڌندي آسام تائين آئي، تيسين حُرن جون ڪارروايون به سنڌ ۾ ڦهلبيون ويون. تان جو چئني طرفن کان دانهون ۽ ڪُوڪون ٿيون...... حيدرآباد شهر جي ڀرسان به ڪي ڌاڙا ۽ خون ٿيا هئا. ماڻهن ڀانيو ته اجهو شهر جو به وارو آيو ڪي آيو.

تن ڏينهن ۾ مون حيدرآباد شهر ۾ هڪڙو والنٽيئر جماعت ٺاهي هئي، جنهن ۾ هڪ سئو جوان – مسلمان توڙي هندو - ۽ اٽڪل پنجاهه ڪُماريون هيون، جن جو باقاعدي لٺين جو روز قاعدو هيرآباد وارڊ ۾ ٿيندو هو. تنهن کان سواءِ ڏهه سک ۽ پنجويهه چوڪيدار، رات ڏينهن پهرو ڏيندا هئا. سڄي شهر ۾ ڊپ جو وايومنڊل هو. شڪارپور شهر مان ڏهه هزار ماڻهو ڀڄي نڪتا ۽ ڪئين ڳوٺ خالي ٿي ويا هئا. هي ڪو هندو مسلم جهيڙو نه هو، پر سنڌ ۾ بدامنيءَ جو ڳرو مسئلو هو. پوليس بيوس هئي. فوج ۾ هار ڪري ٽاڪوڙو پئجي ويو هو.

......... تنهن وقت ٻه واقعا ٿيا، جنهن ڪري حالتون ڪجهه سڌريون. هڪ ته 1941ع جي پڇاڙيءَ ۾ پير پاڳارو گرفتار ٿيو. ٻيو ته سنڌ ۾ راشٽريه سئيم شيوڪ جي شاخ برپا ٿي ۽ جڏهن اسين ڪانگريسي آگسٽ 1942ع ۾ گرفتار ٿياسي، تڏهن ميدان ۾ ٻه پارٽيون وڃي رهيون هيون؛ مسلم ليگ ۽ راشٽيه سيوڪ سنگهه. ٻنهي پاڪستان آڻڻ جا نمونا اختيار ڪيا........

حُرن جي هڪ ٽوليءَ اُڏيرو لال اسٽيشن (حيدرآباد کان ٽيهارو ميل پري) وٽ ڪراچي – لاهور ميل کي تيز رفتار اندر هيٺ ڪرائي وڌو ۽ پوءِ بندوقن سان چاليهارو مسافرن کي ماري وڌو. انهن ۾ سر غلام حسين وزير جو پُٽ به هو. پوءِ سڀ حُر رفوچڪر ٿي ويا. صبح جو اچي سر غلام حسين، پٽ جو لاش کڻائي ڪراچي ويو. پر ڪليڪٽر مسٽر اڌارام ميرچنداڻي ۽ آئون گڏجي هڪ اسپيشل ٽرين (ٻن گاڏن جي) ۾ چڙهي واردات تي وياسين. پوءِ ٻن چئن کي همراهه ڪري مون پاڻ اُهي لاش گاڏن ۾ ڊوئيا. سانجهيءَ جو حيدرآباد جي مساڻي ۾ سڀني لاشن کي چکيا جي ڀنڀٽ ۾ جلايو ويو.

هن کانپوءِ سرڪار هيسجي ويئي. پير پاڳاري ۽ ٻين ڪيترن حُرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 1942ع جي پڇاڙيءَ ۾ ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. جڏهن آئون وري حيدرآباد جيل ۾ 1943ع ڌاري هوس، تڏهن خود نائب جيلر مسٽر لانگمين ٻُڌايو ته مون کيس (پير صاحب کي) ڦاسيءَ تي چاڙهيو ۽ جيل اندر اهڙيءَ جڳهه ۾ دفن ڪيو. جنهن جي ڪنهن کي سُڌ ناهي. منهنجي وارڊ ۾ ڪي حُر چوڪيدار هئا ۽ انهن ليکي پير صاحب جيئرو هو. پر ڪنهن لڪل هنڌ، وقت ڏسي پڌرو ٿيندو ۽ وري راڄ ڪندو........

آئون جيئن يورپ کان 1938ع ۾ موٽيس تيئن ڳوٺ سُڌار جي ڪم کي لڳي ويس ۽ ”ڳوٺاڻي جماعت“ ٺاهيم. پر ڳوٺاڻو ڪم ڪو سولو نه هو. اهڙو ڪم اڳ ڄڻ ٿيو ئي ڪونه هو. هتي جا هاري نهري کيتي ۽ عمدي مال سو مويشيءَ جو پالڻ سکيا هئا ۽ ڪتڻ ٻتڻ هڪ تڇ ۽ زنانو ڪم ٿي سمجهيائون. ٻهراڙي ۾ اڪثريت مسلمانن جي هئي، جيڪي گهڻو ڪري اڻ پڙهيل ۽ پراڻن خيالن جا هئا. 1937ع کان پوءِ جيئن هند ۾ تيئن هتي به مٿن مسلم ليگي اثر زور وٺندو ويو...... هوڏانهن جڏهن 1939ع ۾ سکر منزل گاهه جا فساد ٿيا، تڏهن 1940ع کان وٺي هندو مسلم ويڇو وڌيو؛ پوءِ 41-1940ع ۾ وري پيرپاڳاري ۽ حُرن جي جماعت ساري سنڌ ۾ واويلا مچائي ڏني، ته ملڪ ۾ بدامني وڌي. هاڻي هندو ڳوٺ ڇڏي شهرن ۾ اچي ڳاهٽ ٿيا.......

1942ع ڌاري وري اسان کي گرفتار ڪيو ويو....... هڪ ڏينهن اسان کي حيدرآباد جيل ڏي کڻي ويا ۽ اسين خوش ٿياسين. هڪ ئي سُٺي وارڊ ۾ ڇهه ڪمرا هئا ۽ اسان ڇهن ”ڪيو“ ڪلاس وارن کي انهن ۾ رکيائون. سري جئرامداس، پروفيسر گهنشام، ڊاڪٽر چمنداس، مسٽر وشنداس، مهراج وشنو شرما ۽ آئون. ڪڏهن ڪڏهن گهنشام کي منجهند جو ۽ چمنداس کي سانجهيءَ جو ۽ ٻين کي گهران ماني ايندي هئي. پر مٺاين ۽ ٽولن ۽ ميون جي به ڪا ڪمي ڪانه هئي. جيلر صاحب پڃري وارو هڪ ڪٻٽ به ڏنو جو جئرامداس جي چارج ۾ هو. سو سائين جڏهن ميز تي ويهبو هو ته ٽيهن قسمن جا طعام حاضر. گهر وارا به دل ۾ چوندا هئا ته ويچارو جيل ۾ آهي، سو پڊنگ يا ڪيڪ يا ٽافي ڏياري موڪليونس. ڪم ٿورو، سنگت سُٺي، کاڌو مليدو ۽ جڳهه عمدي. اهو هو اسان جو ”ڪيو“ لاس حيدرآباد جيل جو. خوب وارڊرن به ڍؤ ڪيا پر اسان ٻليون کڻي پاليون، جن به خود ڍؤ ڪيا. منهنجي ٻليءَ جو نالو رکيائون ”سرلا“ جو منهنجي هڪ دوست جو نالو آهي. جئرامداس وري هڪ منڊي ٻليءَ پالي، جنهن جو احوال کانئس پُڇو. ڪُنڊ ۾ ڳوڻ وڇائي ڏنائينس، پوءِ ڪمري اندر پونگڙن جو ڪيم ڪيائين ته ٻليءَ لاءِ پردو ڍڪيائين، جيئن ڳجهه ڳوهه ۾ ويم ڪري........ عجب ته پونگڙن جو گونهه به ماءُ چٽي چٽي صفا ڪري......... آئون وري پنهنجي ڪمري ۾ ماڪوڙن کي جاچيندو هوس. جيل ۾ ضرور ڪانه ڪا وندر کپي، جيتوڻيڪ رولن موجب منع آهي.

جيل ۾ حد صفائي ٿيندي آهي. ڪوٺيءَ جي، جڳهه جي، بارڊ جي، رستن جي، سومر ڏينهن ته رڳو سڄي جيل جي پر بستري ۽ ٿانون جي به، هڪ ڀيري اسان مان ٻن ضد ڪري جست جا ٻه ٽِي ٿانو صاف ته ڪيا، پر ڄاڻي واڻي اگهي چمڪايا نه. هڪدم ”پيشي“ ٿي ته ٿانو ٺيڪ نه آهن. اسان وري ٻئي سومر تي به ايئن ڪيو. هڪدم پيشي ٿي ته ٻنهي کي ٻئي يارڊ ۾ انڌاري ڪوٺيءَ ۾ چار ڏينهن بند ڪيو وڃي. جيل ۾ شيون بلڪل ٿورڙيون. ڄڻ ته ٻه ڏندڻ ٽئين تڏي. ڀانءِ ته گهر جو سامان سدائين تنهنجي ڪُلهي تي آهي. سو ٿوري شيءِ پر سجائتي ۽ تانئيڪي رکي هوندي. شيءِ ڪا ڳولهڻي ته پوندي هئي. پر هڪ ٽئين خوبي به هئي. سڄو ڏينهن ٽِم تي گذرندو. ڏينهن رات گهنڊ پيا وڄن. هي گهنڊ اٿڻ سمهڻ جو. هي کاڌي جو، هي ڪم ڪرڻ ۽ بند ڪرڻ جو، هي جيل ۾ گوڙ ٿيڻ جو وغيره.

جڏهن 1945ع جي شروعات ۾ اٽڪل اڍائي سالن جي بند کانپوءِ مان آزاد ٿيس ته هڪدم پنهنجي جوڙجڪي ڪم ۾ لڳي ويس. کاڌي ڀنڊار ۽ ڪارخانو ته هلندا هئا. هنديءَ جو پرچار اڳي کان به وڌيڪ زور سان هليو. پر ڳوٺاڻو ڪم قريب قريب بند ٿي ويو. منزل گاهه جي فسادن کان پوءِ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ وڻاءُ وڌندو ويو ۽ حُرن جي ڪارنامن کان پوءِ ڳوٺن ۾ جان جي سلامتي نه رهي. ٻنهي سببن ڪري سڄي سنڌ ۾ هندن جو ڄڻ ڳوٺن مان شهر ڏي وڃڻ جو قافلو ٺهي ويو. شهرن جو آدم وڌيو ۽ مسواڙون به چوٽ چڙهڻ لڳيون. سنڌ جي ٻين شهرن جيان حيدرآباد ۾ صلح سانت جون ڪاميٽيون ٺهيون ۽ مون اُهي ٺاهي ۽ هلائڻ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو.

پر ٻيو به هڪ ننڍڙو ڪم پاڻ تي رکيم. ڪيترن ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا هيم. اُهي ڪتاب ڇپائڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ هڪ ساهتيه سڀا به ٺاهيم ۽ ڪي جوان دوست هن ڪم ۾ ساٿي مليم. پر لڙائي جي حالتن ڪري پنو نٿي مليو. گانڌيجيءَ جي ٽن چئن ڪتابن مان رڳو هڪ ’چرخي جو راز‘ ڇپجي تيار ٿيو..... جواهر لال جو ڪتاب ڇپائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ڇپڻ لاءِ ڪاغذ ملڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو......... جڏهن ڪاغذ هٿ ڪيو ويو ته تڏهن هندو – مسلم ڇڪتاڻ ايتري وڌي ويئي هئي، جو پاڪستان جون ڳالهيون ڇتيون ٿي هليون، ڄڻ پاڪستان آيو، سو به ڪانگريس جي ۽ جواهر لال جي قبوليت سان. هتي انهيءَ وقت جواهر لال، ته ڇا گانڌيجيءَ جو نالو سراپ مثل هو؛ سندن ڪتاب وٺي پڙهڻ سو ته پري ٿيو.........

سنڌ جي ڦريل ۽ مُنجهيل حالتن ڪري آئون ڏينهون ڏينهن سياسي مامرن ۽ خاص ڪري هندو – مسلم جهيڙن ڏي گهلبو ويس. 1946ع جي شروعات ۾ سنڌ اسيمبلي جون چونڊو ٿيڻون هيون........... مون کي ڪانگريس طرفان  ٽڪيٽ ملي .........  مون کي هڪ ٻهراڙي  جو تڪ ڏنو  ويو، جنهن ۾ ڌار چونڊن  ڪري سـ‎ڄا سارا ٽي وڏا تعلقا هئا:  هالا، ٽنڊو الهيار ۽ ماتلي . منهنجي سامهون ويٺل ميمبر سو اميدوار هو ڀائي گنو مل واپاري هو، پوءِ ٿيو زميندار ، آخر اسميبلي  ميمبر،  جوناڻي وارو هو. ٻهراڙي ۾ رهندڙ  هو  ۽ اتي  سڱ ۽ برادريون به هيس.  مون وٽ  هڪ به  اهڙي  سهوليت نه هئي .......... منهنجي ڳوٺن جي ٻارن جھجھي  مدد ڪئي  ۽ ڪانگريس  جي نالي  سان ڳوٺن جون ڀتيون رڱي وڌائون  ۽ ڪانگريس جي جيءُ ۽ ڪانگريس جي اميدوار  جي جيءُ  سان گھٽيون ۽ بازاريون  وڄائي ڇڏيائون. اڌ لڙائي انهن کٽي، باقي  هو ڪانگريس پارٽي  جو انتظام ،  ٽن تعلقن  ۾ ٻه مهينا ٽي آفيسون، جي پوءِ مهمان گھر به ٿي پيا. پبلڪ ميٽنگن جي ڌم مچي ويئي  ۽ ڄڻ کاڌو  پيتو آرام  سڀ وسري ويو......... هڪ پراڻي  موٽر خريد ڪري ڳوٺن  ۾ سير ڪندو  هوس. رستا ڪچا ۽ ڌڌڙ جا ڍڳ، تان جو موٽر ۽ موٽر  ۾ ويٺل ماڻهو  نه پر ڌڌڙ ۾ ڀريل ماڻهو ويٺل هئا. هڪ تعلقي آفيس ۾ پروفيسر گھنشيام سڄو سارو مهينو ڌرڻو  ماري ويٺو . جئرامداس جو بيمار هو سو به ٽنهي تعلقن مان چڪر ڏيئي آيو  ۽ جڏهن  آخر ۾  جواهر لال سنڌ  ۾ آيو، ته  مون  سان  گڏ ٽنهي تعلقن ۾  هو به  هليو، مطلب ته چونڊ  نه هئي،  پر حشر هو . چونڊن  ڪري  سڄو  ملڪ ڦٿڪي ۾ اچي ويو. نيٺ مون  کٽيو ۽ اٽڪل ٽن هزارن  ووٽرن تان جيت جڳ ڦهڪو  سڄي سنڌ ۾ پيو. حيدرآباد ۾ مون کي هارن سان جھنجھي، بئنڊ وڄائي سرگس ۾ گهر وٺي آيا، ڄڻ ڪو شادي ڪري ميمبريءَ جي ڪنوار وٺي آيو هئس.چونڊ ۾ منهنجو خرچ اٽڪل پنجيتاليهه هزار رپيا ۽ گنومل جو شايد به ٽي لک ٿيو. سڄو خرچ ڪانگريس ڀريو جو مون ۾ ناڻي جي سگھ نه هئي........ هيڏو خرچ گھڻي قدرن موٽرن ۽ ٽرڪن ۾  ووٽرن کي ڳوٺن مان آڻڻ ۽ موٽائڻ ۽ ٽن آفيسن تي ٿيو. تعلقا ٽي ۽ وڏا، ووٽ ڏيڻ جا اڏا (بوٿ)  ٿورا  ۽ ڳوٺن کان ڏور ............. هتي جات پات جا لڳ لاڳاپا  هلڪا پر شهر ۽ ڳوٺن جا ويڇا هئا.......

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org