نوڪر چاڪر
بابي مرحوم وٽ پهرين ٻاهر هڪڙو ٻه ٻانهو شيدي هوندو هو، پوءِ
نوڪر رکڻ لڳو. مون کي ياد آهي ته هڪڙو نوڪر، جمعون
قريشي، اسان سان گڏجي اسڪول ۾ هلندو هو. سارو
ڏينهن اُتي ويٺو هوندو هو. شام جو گڏجي اسان سان
ايندو هو. جمعي کان پوءِ خميسو آيو، جنهن کان پوءِ
يوسف نوڪر هو، جيڪو اڃان جيئرو آهي. يوسف، ادي جن
سان ممبئي به ويو هو. مون سان امام بخش جلباڻي هو؛
ڀلو، يعقوب جو ڀاءُ به نوڪر هو، جنهن کي ”انار“
سڏيندا هئاسين ۽ مٺو ڀٽي به نوڪر هوندو هو، جنهن
کي ”رُستم“ سڏيندا هئاسين، جيڪو هاڻي ڪمدار آهي.
عبدالحسين شيرازي به پوئين ڏينهن ۾ نوڪر هو. اندر
گهر ۾ نوڪرياڻيون ۽ دايون هونديون هيون، جيڪي رڌ
پچاءَ ۽ ٻي گهر جي هاج ڪنديون هيون. مُنشي ڀوڄراج،
ڏهاڙي شام جو ناني مرحوم ۽ بابي مرحوم وٽ ايندو
هو. حساب ڪتاب ۽ لکپڙهه جو سڄو ڪم اڪثر اهو ڪندو
هو. چون ٿا ته انهيءَ جو پيءَ منشي هو. کانئس
پوءِ، سندس پُٽ مُنشي چندن مل اسان جو منشي هوندو
هو. انهيءَ کان پوءِ سندس سئوٽ، منشي هاسو مل،
هينئر رڳو مون وٽ ڪم ڪندو آهي.
رانديون
ننڍي هوندي اسين گهر ۾ توڙي ٻاهر رانديون ڪندا هئاسين. گهر ۾
ڪنگر ڪلوٽو ۽ لڪ لڪوٽي راند – ڌيئون، چيڪليون
پائينديون هيون. ٻاهر کينهوڙي جي راند، گلي ڏڪر،
ٻارين ۽ ٻلهاڙي راند ڪبي هئي. وڻن ۾، ڏاڪ چُمڻ جي
راند ڪندا هئا. لغڙيون ۽ تُڪلون به اڏيندا هئاسين.
تُڪل، سرڻ جي شڪل تي جوڙيندا هئا. ڀرڪڻ به
اُڏائيندا هئا. بابو مرحوم، تُڪلون تمام عمديون
ٺاهيندو هو. هڪڙي تُڪل تي، رنگين ڪاغذن جا گُل
قينچيءَ سان ڪتري، مير حسن علي خان کي، سندس ننڍڙي
پُٽ مير نور محمد خان لاءِ ڏني هئائين، جيڪا ڏينهن
جا ڏينهن سندس بنگلي ۾ رکي هوندي هئي ۽ ماڻهو اها
ڏسندا هئا. ميان ابراهيم ۽ ميان امام علي جن به
تُڪلون ۽ ڀرڪڻيون چڱيون ٺاهيندا هئا ۽ اُڏائيندا
به هئا. بابي مرحوم جن ۽ ٻيا وڏا، چوپڙ ۽ شطرنج
جي راند جام ڪندا هئا. پري پري جا ماڻهو اچي اُهي
رانديون ڏسندا ۽ ساڻن ڪڏندا هئا. آغا صاحب وارا
ايندا هئا ۽ پاڻ هنن وٽ ويندا هئا. پتن جي راند به
هئي پر ٿوري، چدن جي راند، پوءِ اسڪول ۾ وڃڻ
کانپوءِ پيئي. اسڪول ۾ جمنيشن ۽ ڪرڪيٽ جي راند
هاڻي ٿورن ورهين کان پيئي آهي. ٻي ننڍي هوندي جي
راند ڳُجهارتن ۽ پرولين جي هئي. بيت بازي به گهڻي
هوندي هئي، جنهن ۾ آئون ۽ ادو مرزا علي قُلي بيگ
هوشيار هوندا هئاسين.
هُنر
پڙهڻ سان گڏ ٻيا ڪي هُنر به سکندا هئاسين. بابو مرحوم، ڳائي
وڄائي ڄاڻندو هو. اسان سڀني کي اهو شوق هوندو هو.
ننڍي هوندي آئون ۽ ادو علي قلي بيگ، سُرندائيءَ کي
پيسا ڏيئي سُرندو وڄائڻ سکندا هئاسين. وڏي هوندي
ادو مرزا صادق علي بيگ، جڏهن شڪارپور ۾ هوندو هو
تڏهن احمد خان گويو پگهار تي رکي، انهيءَ کان ستار
وڄائڻ سکندو هو. پوءِ اسين به سکياسين. ادو مرزا
جعفر قلي بيگ ۽ ادو مرزا علي قلي بيگ به چڱي ستار
وڄائيندا هئا. جڏهن آئون ڪاليج ۾ پڙهندو هوس تڏهن
ستار پاڻ ساڻ آڻيندو نيندو هوس. اسان جا ٻار، اڃا
تائين اهو ڳائڻ وڄائڻ جو شوق به رکندا اچن. ادو
مرزا غلام رضا بيگ ۽ ادو مرزا صادق علي بيگ،
ڪافيون چوندا هئا ۽ شادي خان توڙي ٻيا گهڻا ڳائڻا
اڪثر رات جو اوطاق ۾ گڏ ٿي ڳائيندا هئا. قادر بخش
۽ نُورو فقير، بهاول جي ٽنڊي يا حيدر جي ٽنڊي مان
اچي ڳائيندا هئا. بابو مرحوم به ٻُڌندو هو. ساري
رات پيا ڳائيندا هئا. انهيءَ ڳائڻ جي شوق تي اڪثر،
شعر ٺاهڻ جو شوق به رهندو هو. بابو مرحوم، فارسي
شعر عمدو لکندو هو. ادو مرزا غلام رضا بيگ به
ڪافيون ٻيو شعر چوندو هو. آئون ته ننڍي هوندي کان
ئي شعر چوندو هوس ۽ بابو مرحوم درستگي ڪندو هو.
ناني مرحوم کي وڃي پنهنجا شعر ٻڌائيندو هوس. نانو
مرحوم، دائي قدم کي چوندو هو ته کاڌي جون شيون –
پستا، باداميون وغيره مون کي آڻي ڏي.
بابي مرحوم کي سبڻ جو ڪم ۽ نقاشيءَ جو ڪم به تمام عُمدو ايندو
هو. ٽوپيون، پاڻ هٿ سان جوڙي سگهندو هو. واڍڪو ۽
جنڊيءَ جو ڪم به عمدو ڄاڻندو هو. ادي غلام رضا بيگ
جن ۽ اسين به هاءِ اسڪول ۾ پڙهندي، ايندي ويندي،
عيسيٰ ۽ دوست علي جن جي دُڪان ۾ ويهي، جنڊيءَ جو
ڪم سکندا هئاسين. پوءِ اوزار آڻي، گهر ۾ ڪم ڪرڻ
لڳاسين، جتي بابو مرحوم به ڪم ڪندو هو. هينئر به
اسان جي اولاد ۾، خاص منهنجن پُٽن کي هنر جو شُوق
گهڻو آهي ۽ گهڻا هُنر هُو ڄاڻندا آهن. بابو مرحوم،
خوش خط هوندو هو. عربي ۽ فارسي اکر، تمام عمدا
لکندو هو. مرحوم، مون کي به مشق ڪرائيندو هو، جنهن
ڪري آئون به چڱا اکر لکندو آهيان.
ڌنڌو ۽ نوڪري
اسانجو خانداني ڌنڌو سواءِ علم ۽ لکڻ پڙهڻ جي ٻيو ڪونه هو. نانو
مرحوم ۽ بابو مرحوم، مير صاحبن وٽ توڙي پوءِ
پنهنجي مُنهن، اهو ئي شُغل رکندا آيا ۽ طب جو کين
شوق هوندو هو. نانو مرحوم ته خيراتي دوائون ڪندو
هو ۽ پري پري کان دوائون گهرائي پاڻ وٽ رکندو هو ۽
ماڻهن کي ڏيندو هو....... مير صاحبن وٽ به نانو
مرحوم ۽ بابو مرحوم نوڪري نه ڪندا هئا، پر سندس
خدمت ۽ صحبت ۾ رهندا هئا. ناني مرحوم کي باغ معافي
مليل هئا. ٻين ماڻهن کي مير صاحبن کان، سفارشون
ڪري جاگيرون وٺارائي ڏيندو هو، پر پاڻ پنهنجي لاءِ
جاگيرون ۽ زمينون هٿ نه ڪيائين. مير صاحب جي وفات
کان پوءِ، ٻين مير صاحبن گهڻو ئي مٿو هنيو ۽ ڪوشش
ڪئي ته هو وٽن اچي وڃي ۽ سندن نوڪري ڪري، پر ناني
مرحوم ايئن نه ڪيو ۽ نه وري بابي مرحوم کي ٿي
نوڪري ڪرڻ ڏنائين. مير ڪرم علي خان جي ديرن جي
سنڀال ڪندو هو. انگريز سرڪار به کيس نوڪري لاءِ
گهڻو ئي زور ڪيو ۽ حيلا هلايا، پر ٻنهي ڄڻن نوڪري
ڪرڻ کان نابري واري. البته ناني مرحوم پنهنجي پُٽ،
مامي مرزا علي محمد بيگ جي ٻانهن کين ڏني، جيڪو
هڪدم ڊپٽي ٿيو. پوءِ مامي مرزا محمد رحيم بيگ به
مختيارڪاري ڪئي.............. مرزا بنده علي خان
مختيارڪار ٿيو...... ادي مرزا غلام رضا بيگ، بابي
مرحوم جي وفات کان پوءِ پهرين ڪاليج جو پڙهڻ ڇڏي،
وڃي نوڪري ڪئي ۽ پارسي پڙهائيندو هو ۽ پوءِ تعليم
کاتي ۾ اضافو مليو........ مطلب ته اسان مان گهڻا،
سرڪاري نوڪريءَ جو ڌنڌو ڪندڙ هئا. ڪيترا زمينن رکڻ
۽ زمينن ملڻ ڪري، زمينداري ڪم به ڪندا هئا ۽ اڃا
به ڪندا پيا اچن.............
گُذران جو رستو ۽ شين جا اگهه
هن وقت ۾، خاص جنگ کان پوءِ، کاڌي پيتي، گندي ڪپڙي ۽ ٻين شين جا
اگهه تمام ڳرا آهن، جنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته هن
ملڪ ۾ عام ڏڪار آهي. انهيءَ جي نسبت اڳين ڏينهن ۾،
يعني مير صاحبن جي حڪومت ۾ يا انگريز سرڪار جي
حڪومت جي شروع ۾، جڏهن نانو مرحوم ۽ بابو مرحوم
حيات هئا، تڏهن جا اگهه، مقابلي ۾ تمام گهٽ ۽ حيرت
لڳڻ جهڙا آهن. مقابلي لاءِ، هندستان ۾ اڪبر
بادشاهه جي وقت جا اگهه ۽ پوءِ جا اگهه، ۽ هاڻي جا
اگهه، مقابلو ڪري، انهي مان چڱا نتيجا ڪڍي سگهجن
ٿا.
اڪبر بادشاهه جي ڏينهن، آئين اڪبريءَ ۾ ڏنل اگهه هيٺيان هئا:
(في مڻ) ڪڻڪ 9-4-0، چانور 0-8-0، دال مُڱن جي
9-7-0، ٻاجهري 6-5-0، لوڻ 3-6-0، کنڊ 3-6-1، بصر
6-2-0، گيهه 0-10-0، تيل 0-10-0، هيڊ 0-4-0.
ڪڏهن ڪڏهن هڪ رپئي ۾ چوويهه سير گيهه ملندو هو ۽ کير ڇهه مڻ هڪ
رپئي ۾، انگريز سرڪار جي راڄ ۾، جڏهن ڪمپنيءَ جي
حڪومت هوندي هئي، تڏهن هي اگهه هوندا هئا: ڪڻڪ
رپئي جي اوڻتياليهه سير، چڻا رپئي ۾ 162 سير، گيهه
رپئي ۾ چار سير، کير رپئي ۾ چار مڻ.
1857ع ۾، جڏهن وڏو بلوو ٿيو، تڏهن کان پوءِ اگهه وڌڻ لڳا. 1890ع
۾ ڪڻڪ رپئي جا پنجويهه سير هئي، چڻا رپئي جا
اٺاويهه سير، چانور رپئي جا ٻارهن سير، گيهه رپئي
۾ ٻه سير، ۽ کير نو پايون هڪ سير جون.
بابي مرحوم جي کنڌي ۽ گهر جي حساب ڪتاب جي ڪاغذ مان هيٺيان اگهه
ٿا نڪرن:
چانور سُڳداسي في مڻ چار رپيا، ڪڻڪ في مڻ ٽي رپيا چوڏهن آنا،
چانور ڇڄڙائي في مڻ چار رپيا، چانور سنڌي ڳاڙها في
مڻ ٽي رپيا نو آنا، ٻاجهري في مڻ ٻه رپيا اٺ آنا،
گيهه هڪ رپئي ۾ ٻه سير، کنڊ هڪ رپئي ۾ اٺ سير،
ڪاٺيون هڪ اُٺ ڏهه آنا، تيل ڪڙو ساڍا ٽي سير هڪ
رپيئي ۾، صابڻ عمدو آني ٽڪي.
ڪپڙي جا اگهه هي هئا: (في تاڪيو) ململ عمدي ڍار رپيا ٻارهن آنا،
جگر ناٿي ٽي رپيا ۽ سادي ٻه رپيا نو آنا، ڌماچ في
گز چار رپيا ٻارهن آنا، ڪناري ريشمي في رپئي پنج
گز، بافتو ڪورو، پنج رپيا تيرهن آنا، ڏوريو ٻه
رپيا چار آنا، بخمل في ال ٻارهن آنا، آلبا ڪوفي
وال ٻارهن آنا، ڇيٽ في تان ٽي رپيا ٽي آنا........
جاءِ جوڙڻ جي سامان جا اگهه: ڪچيون سرون سوا رپئي
هڪ هزار، کڻائي تي ڏهه آنا، پڪال ٽُڪو بُهه هڪ
رپئي ٻه مڻ ۽ کڻائي هڪ آنو، پکو ڏهه آني هڪ، ٽوئا
في رپئي چوڏهن ٽوئا، رازي جو روز ڏهه آنا ۽ اٺ
آنا، مزور چار آنا، ڇوڪر مزور ٻه آنا ۽ ڏيڍ آنو في
روز، نوڪر جو پگهار پنج رپيا في مهينو.
هن مهيني ۾، کاڌي جا اگهه هيٺيان آهن:
چانور سڳداسي في مڻ پندرهن رپيا، چانور ڍوري ناري وارا في مڻ
ٻارهن رپيا اٺ آنا، اٽو في مڻ ڏهه رپيا، کنڊ، هڪ
رپئي سير، گيهه في سير ٻه رپيا، ڪاٺيون ڏهه آني
مڻ، رازي جو روز هڪ رپيو اٺ آنا، مزور تيرهن آنا،
ڇوڪر اٺ آنا، واڍو ٻه رپيا، بُهه في مڻ ٻه رپيا،
مٽي اٺ آني هڪ گاڏي، نوڪر جو پگهار ٻارهن رپيا ۽
نوڪرياڻي جو پگهار اٺ رپيا. مهانگائي، سهانگائي يا
برڪت ۽ نه برڪت جي هن مان خبر پوندي ته اسان جا
مائٽ، انگريز سرڪار جي راڄ جي شروع ۾، جڏهن پنهنجي
ملڪيت، ڪجهه ڀاڄ ۾ ۽ ڪجهه سائينداد جي ٽنڊي واري
باهه ۾ ناس ڪرائي آيا ۽ کين ٻي ڪا خاص پيدائش به
ڪانه هئي، تنهن هوندي به هيترا ٻار اسڪولن ۽
ڪاليجن ۾ پئي پڙهيا، بلڪه ولايتن مان به امتحان
پاس ڪري ٿي آيا، اندر توڙي ٻاهر نوڪرياڻيون ۽
نوڪر، ٻانهيون ۽ ٻانها هئا، شادين، غمين توڙي ٻين
رواجن ۽ دستورن تي کين وڏا خرچ ڪرڻا ٿي پيا ۽ انهن
کي ٻين سنئون مُنهن ڏيڻو ٿي پيو. مطلب ته اسين عزت
آبروءَ سان وقت پيا گذاريندا هئاسين. پر هينئر
هيڏن پگهارن هوندي به پورت نه ٿي پوي. اُن جو سبب
هيءُ هو ته ان ۽ بيون کاڌي جون شيون ۽ ڪپڙو لٽو
سستو هو ۽ هلڻ جو طريقو سادو هو. قرض کڻن جي ضرورت
نه ٿيندي هئي؛ نه ته به تمام ٿورو کڻبو هو، ايترو
جو آساني سان لاهي سگهجي؛ پر اسان جا مائٽ، ڄاڻي
ٻُجهي به ساديءَ طرح ۽ ڪفايت سان گذاريندا هئا، ته
جيئن هيترن ٻارن جي پوريءَ طرح سنڀال ڪن ۽ انهن کي
پوري تعليم ڏين....... هاڻي زماني جي حالت سخت
ٿيندي ٿي وڃي. مُلڪ ۾ ڏڪار ۽ ٻين قومن جو زور آهي،
جنهن ڪري نهايت اعليٰ تعليم ۽ گهڻي دولت جو ضرور
آهي، جهن جو موجود ڪرڻ، ايمانداري جي رستي هلڻ سان
مشڪل آهي. جيتوڻيڪ ٻين، بي ايمانيءَ جي رستي، گهڻي
دولت گڏ ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڪري بهتر تعليم حاصل ڪري
سگهن ٿا ۽ بهتر گذران ڪري سگهن ٿا. سرڪار ۾ به اڳي
وانگر قديم ۽ شريف خاندانن تي ڪابه خاص نظر ڪانهي؛
تنهنڪري اولاد جي آئيندي جي البت ڳڻتي رهي
ٿي......... (26)
ڪجهه ٻيون ساروڻيون
جيتوڻيڪ بابا کي ڪا نوڪري ڪانه هئي، ۽ نه وري ٻي ڪا گهڻي پيدائش
هيس، ته به اهڙي تجويز سان گهر جو ڪارخانو هلندو
هو، جو آبروءَ سان وقت پيو گذرندو هو. انهن ڏينهن
۾ سُڪار هو، ۽ سڀ شيءَ سهانگي هئي. اڳوڻا رهيل
زيور ۽ جواهر به نيڪال پيا ٿيندا هئا، پر قرض کڻڻ
کان بابو پاسو ڪندو هو........ امان جي وفات مهل
وري منهنجي ٻئي وڏا ڀائر گهر هئا ۽ آئون ممبئي جي
ڪاليج ۾ هئس، امان رات جي وفات کان ٽئي ڏينهن هتي
اچي پهتس، ۽ اچي پٿر ۾، ۽ ٽيجهي جي ماني ۾ شامل
ٿيس. امان پهرين رڳو قرآن پڙهي ڄاڻندي هئي، پر
پڇاڙي جي ڏينهن ۾ فارسيءَ ۽ سنڌي پڙهڻ جو شوق ٿيس،
لکڻ به سکي. شاهه جو رسالو گهڻو پڙهندي هئي ۽
اسان ڏي خط پٽ به چڱا لکندي هئي.
جڏهن ادو غلام رضا بيگ ڄائو، تڏهن اُنهي لاءِ ڏاڍا سهنج ۽ سڳڻ
ساٺ ڪيائون، بلڪ سنڌ جي ماڻهن جي چوڻ تي، ننڍي
هوندي هن کي نڪ ۾ نٿ به وڌائون، ته من ڌيءَ شمار ۾
اچي ۽ نظر نه لڳيس ۽ بچي پوي. تنهنڪري گهڻن ورهين
تائين ننڍي هوندي هن کي ”نَٿُو“ سڏيندا هئا. يعني
نٿ وارو.
اسين اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئاسين، ته پهرين جمعي نالي ۽ پوءِ
خميسي نالي ٻه ٻڍا نوڪر اسان سان گڏجي هلندا هئا.
اُهي سارو ڏينهن اتي اسڪول ۾ ويٺا هوندا هئا ۽ شام
جو موٽي اسان سان گڏجي ايندا هئا........ هڪڙي
ڏينهن، رستي ۾ بازيگيرن جي بازي ڏسندي، ڪنهن
ڳنڍيءَ ڇوڙ منهنجي کيسي مان چار ٽڪا ڪڍي ورتا.
اوڏي مهل ڪنهن پوليس واري انهي کي ڏسي ورتو، ۽ وڃي
پڪڙيائينس ۽ اسان کي چاوڙيءَ تي وڃڻو پيو. انهيءَ
تپاس ڪري اسان جي گهر دير سان پهتاسين. اها خبر
شايد اڳواٽ پڇا ڪندي گهر پئجي وئي. امان ويچاري،
دير جي ڪري ۽ پوليس جو ٻُڌي، اهڙي بي آرام ٿي، جو
جڏهن منهنجي اچڻ جو ٻڌائين تڏهن پاڻ کي گهر کان
ٻاهر بيهوش جيان، ٻاهرين در وٽ اچي مون کي گڏي، ۽
چُميون ڏيئي ڀاڪر وجهي، اندر وٺي ويئي، ان وقت
نوڪرن جو سماءُ به ڪونه رهيس.
بابي جي وفات کان پوءِ امان ۽ اسان جي وڏي ڀيڻ ۽ اسان جون ٻه
ٻانهيون، يعني دائي گُلچمن، جيڪا حبشياڻي هئي، ۽
دائي زعفران جيڪا شيدياڻي هئي، سي گهر جي ڪم ڪار ۾
رهنديون هيون. امان ۽ ادي سُئي ۽ زريءَ جو ڪم چڱو
ڪنديون هيون، ۽ منجهانئن چڱي موچاري پيدائش ٿيندي
هئي....... پنهنجن هٿن سان چرخو به ڪتينديون هيون.
ڪپهه جي ڦُٽين ٽاڻڻ جون آرٽڙيون به هلائينديون
هيون؛ بلڪه ڪڏهن ڪڏهن جنڊ به پيهنديون هيون، ۽
ماني به پچائينديون هيون.
گهر ۾ هڪڙي جاءِ خلاصي، بابي جي رهڻ جي هوندي هئي. پهرين ڏينهن
۾ هو سنڌي ميراڻي ٽوپي ڍڪيندو هو؛ ۽ پوءِ لُنگيجو
پٽڪو ٻڌڻ لڳو. وارن جي ڏاڍي سنڀال ڪندو هو. آرسي
تي ڦڻي ڏيندو هو ۽ سامهون پٽي ڪڍندو هو. وچ مٿي تي
گهڻو وار نه هوندو هوس. اڇا ٿورا پيا هئس، پر اُهي
نه ڪڍائيندو هو، نه ڪيس ڪندو هو ۽ نڪي وار
ڪترائيندو هو. گهڻو ڪري ٻاهر نڪرڻ مهل ڪو ڪتاب پاڻ
سا کڻي نڪرندو هو، جيڪو ويٺو مطالعو ڪندو هو. باغ
رکڻ جو گهڻو شوق هوندو هوس. پراڻي ڦليليءَ جي
ڪناري تي، ڳوٺ جي ڏکڻ ڏي هڪڙو باغ رکيائين، جنهن ۾
ڏهاڙي وڃي هٿن سان ڪم ڪندو هو ۽ باغائي کان به ڪم
وٺندو هو...... بابو ٻنپهرن جو ماني کائي سمهي
آرام ڪندو هو......... وري رات جي ماني کائي
سمهندو هو. سمهڻ مهل حُقو ڇڪيندو هو، پر حُقي جي
ڏاڍي صفائي ۽ پوشيدگي رکندو هو. پنهنجي هٿ سان
ڳڙاڪو ٺاهي، ٽانڊو چاڙهي ڇڪيندو هو. امان ۽ ناني
به چلم ڇڪينديون هوين. ناني ناس به ڏيندي هئي.
بابي کي ڪبوترن ۽ بين پکين رکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو
هو. عمدا عمدا ڪبوتر هٿ ڪري رکندو هو – پکي،
قمريون، چيها، چتون ۽ نوريون رکندو هو.
گولڊ سمٿ صاحب جيڪو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ جاگيرات جو صاحب هو ۽ تعليم
کاتوبه سنڀاليندو هو، تنهن سان بابي جي خاص دوستي
هئس. ۽ اُنهيءَ سان لکپڙهه ڪندو هو، ناني مرحوم جي
حياتيءَ ۾ اُهو صاحب، توڙي ڪمشنر صاحب، تروٽ صاحب
۽ راس بورن يا فلپس صاحب ڪليڪٽر ۽ ٻيا صاحبلوڪ
ناني وٽ ايندا هئا. انهن سان بابو به گهڻي صحبت
ڪندو هو.انهن جي صلاح سان ته بابي، منهنجا ٻه وڏا
ڀائر پهرين انگريزي پڙهڻ ويهاريا. هندن ديوانن
مان، گهڻن سان خاص رستو هئس؛ جيئن ته ديوان
چنديرام ٽلٽيءَ وارو، ديوان شوقيرام حيدرآباد، ۽
ديوان ٽوپڻ مل آغا جي ٽنڊي وارو، ۽ ڪي ٻيا.
اڳوڻي دستور موجب، ڄمڻ سا ڪا کير پيارڻ واري دائي رکندا هئا.
مون کي شروع کان ڀاڳل نالي پخالڻ کير پياريو هو.
منهنجي ننڍي ڀاءُ مرزا علي قليءَ کي شريفان حجامڻ
کير پياريو هو.......... جڏهن آئون ۽ ادو علي قلي،
راند ڪندي پاڻ ۾ تڪرار ڪندا هئاسين، تڏهن هو مون
کي ”ڀاڳل“ يا ”مهاڻي“ چئي چيڙائيندو هو ۽ آئون هن
کي ”شريفان يا حجامڻ“ چئي چيڙائيندو هوس.........
ننڍي هوندي لڪ لڪوٽي يا ڪنگر ڪلوٽو يا تيزيءَ جي
راند يا کنيهون ۽ چڌن جي راند ڪندو هوس....... پتن
سان به راند ياد اٿم. وڏي هوندي ٿوري شطرنج به
سکيس................
اسان شهر حيدرآباد جي اسڪولن ۾ پڙهياسين. اسان جو ڳوٺ شهر کان
اڍائي ميل پنڌ تي هو. اهو پنڌ ننڍي هوندي کان ڪندا
آياسين. صبح جو سويل هڪڙي ماني کائي، بي ٻنپهرن
لاءِ، مزورن جيان ساڻ ٻڌي، گهران نڪرندا هئاسين.
هڪڙو ڪراڙو نوڪر اسان سان گڏ هلندو هو، پهرين اسان
جو استاد آخوند ولي محمد هو. صبح جو سوير، اسين هن
جي اوطاق تي ويندا هئاسين ۽ اتي پڙهندا هئاسين؛
پوءِ ڏهين بجي ڌاري. آخوند صاحب سان گڏجي سنڌي
اسڪول ۾ ويندا هئاسين. ٻنپهرن جو اُتي ماني
کائيندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن نانوائن کان ٻوڙ
گهرائيندا هئاسين يا روچي ڪوفتائيءَ کان يا ڇتي
دال واري کان ڪوفتا ۽ دال وٺي، پنهنجي مانيءَ سان
کائيندا هئاسين. سڄو ڏينهن پڙهي، وري شام جو نوڪر
سان نڪرندا هئاسين ۽ سج لٿي ڌاري سرور جي قبي کان
فقير جي پڙ مان ٿيندي ڳوٺ ايندا هئاسين.........
ڪن ڏينهن کان پوءِ وري قاضي حاجي احمد مٽيارين
وارو مخدوم، سنڌي اسڪول ۾ اسان جو هيڊماستر ٿيو،
جيڪو سنڌي ۽ ٻيا درجي جا ڪم سيکاريندو هو. تڏهن
اسڪول ۾ فارسي به پڙهائيندا هئا، ۽ گلستان،
بوستان، انورا سهيلي ۽ سڪندرنامو ۽ ٻيا فارسي ڪتاب
اسان اُتي پڙهيا. بلڪه قاضي حاجي احمد وٽ آئون
عربي به پڙهيس. اسان کي آخوند يا قاضيءَ يا ٻئي
ماستر ڪڏهن به مار ڪانه ڏني. اُهي ڏاڍي عزت ۽ آبرو
سان پڙهائيندا هئا ۽ اسين به شوق ۽ محنت سان
پڙهندا هئاسين. آخوند ولي محمد جي هڪڙي چماٽ ۽
هڪڙي چُهنڊڙي ران ۾، اڃا تائين ياد آهي. قاضي صاحب
تاڪيد سان نماز پڙهائيندو ۽ روزا رکائيندو هو ۽
قرآن جي ختمي وقت، حاضر رهڻ جو تاڪيد ڪندو
هو............. سنڌي اسڪول ۾ فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾
آئون ڏاڍو هوشيار هوندو هوس ۽ گهڻا انعام مليم،
جيڪي گولڊ سمٿ صاحب ۽ مور صاحب ۽ پوءِ نارائڻ
جڳنناٿ هٿ سان ڏنا، جن ۾ بابو به حاضر رهندو هو.
ڪي غزل ۽ مرثيا به ننڍي هوندي جوڙيم، جيڪي بابي کي
پسند ايندا هئا ۽ انهن ۾ پاڻ اصطلاح ۽ دُرستگيون
به ڪندو هو. جڏهن مرحوم مير حسين علي خان يا آغا
زين العابدين شاهه يا ڪو ٻيو معزز ماڻهو، ملاقات
لاءِ يا مهمان ٿي ايندو هو، تڏهن بابو مون کي انهن
جي پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو ۽ اهي تعريف ڪندا هئا
۽ مون کي شاباس ڏيندا هئا. بابي کي تعويذ لکندو ۽
فالون وجهندو ڏسي، مون کي به اهڙن ڪتابن پڙهڻ جو
شوق ٿيو. ياد اٿم ته ڪيترن ماڻهن کي تعويذ لکي
ڏيندو هوس ۽ اهڙو ويساهه انهن ۾ پيدا ٿيو ته اُهي
لڳن ٿا، جو تعويذ لاءِ پنج پئسا يا پائي پئسو ضرور
نذر ڏيندا هئا............ |