حيدرآباد تعلقي ۾ 170 ميل رستا ٺهيل آهن، جن مان ايڪتياليهه
مواصلات جا مکيه رستا آهن، ۽ ٻيا رستا انهن رستن
جون شاخون آهن......... هن ضلعي ۾ حيدرآباد،
مياڻي، کٿڙ، ۽ حيدرآباد لڳ ڌرم شالا، ڳوٺ ڄام شورو
۽ ٽنڊو ڄام ۾ سرڪاري بنگلا ۽ مسافر خانا آهن.
حيدرآباد تعلقي ۾ ست پتڻ آهن، جن مان گهڻا ڦليلي واهه لڳ آهن،
پتڻن ۾ گدو بندر، جتي پرهه ڦٽي کان سج لٿي تائين
اسٽيمر گدو کان ڪوٽڙي تائين هلي ٿو، بڊا، گهولي،
نوناري، ڪاٺڙي، هٽڙي، ۽ هوسڙي آهن.
حيدرآباد جي ٻيلن ۾ سالارو، مريد رئيس، مٽياري، گندي، جھڪ پوٽا،
مياڻي، کٿڙ، ڪاٺڙي، ۽ رک شامل آهن. مريد رئيس ٻيلو
مٽياري لڳ آهي. جڏهن ته ٽکڙ ڀر سان حاجي پور ۾
واقع آهي. ٻيلن ۾ ٻير ۽ ديويون جام هونديون آهن.
حيدرآباد ضلعي ۾ پَئي، مياڻي، ڪاٺڙي، کٿڙ، کاٽڙو ۽
ملاڪاتيار ٻيلا شامل آهن. جڏهن ته هالا، مٽياري ۽
ٽنڊو الهيار تعلقن ۾ ڪافي انگ ۾ هڙيون به آهن.
گدو بندر وٽ جيڪا سرڪاري اليڪٽرڪ ٽيليگراف لائين آهي، سا سنڌو
دريا وچان ڪوٽڙي واري پاسي کان هوائي لائين وسيلي
گذرندي حيدرآباد ڏانهن اچي ٿي، جتي ٽيليگراف آفيس
قائم آهي، جنهن ۾ سگنلر عملو رکيل آهي. حيدرآباد
کان ٽيليگراف لائين جون ٻه شاخون نڪرن ٿيون، جن
مان هڪڙي اتر کان روهڙي ڏانهن ۽ ٻي اوڀر کان
ميرپورخاص وسيلي عمرڪوٽ ڏانهن وڃي ٿي، جيڪا جيئن
ئي انڊس ويلي ريلوي تي اڏاوت هيٺ ٽيليگراف مڪمل
ٿيندي، ته پهرين واري لائين ختم ڪئي ويندي.
هن ضلعي ۾ مواصلات جون ٽي پوسٽل لائينون آهن، جيڪي سموريون
حيدرآباد شهر ڏانهن وڃن ٿيون. پهرين جيڪا گھوڙا
لائين آهي، سا روهڙي ڏانهن وڃي ٿي، ٻي هالا ضلعي
جي شهر ميرپورخاص ڏانهن، ۽ ٽين ٽنڊو ڊويزن جي شهر
ٽنڊو باغو ڏانهن وڃي ٿي، پڇاڙي واريون ٻئي پيادي
لائينون آهن. تعلقي ۾ رڳو هڪڙي پوسٽ آفيس آهي، ۽
اها به حيدرآباد ۾ آهي، جيڪا اڪيلي ئي سڄي
ڪليڪٽوريٽ ۾ ٽپال جي ورڇ ڪري ٿي..... ٽنڊو فِل
ٽالپر شهر ويجھو ڪجھ پراڻا ماڳ آهن، جنهن کي
هنگوريا چئجي ٿو، پر هتي ڪو به قديم تاريخي ماڳ
مڪان نه آهي.
حيدرآباد شهر وچولي سنڌ ۾ ڪليڪٽوريٽ جو مکيه شهر آهي، جيڪو
22ء25 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ، 7 22ء68 ڊگريون
اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهن. اهو ڦليلي ۽ سنڌو
درياءِ جي وهڪري جي وچ ۾ دوآبو سڏجندڙ علائقي ۾
واقع آهي. هتي گنجي ٽڪر جو نالي چن جي پٿرن جو هڪ
جابلو سلسلو آهي، جنهن جي اتر ٽڪر تي حيدرآباد جو
شهر اڏيل آهي. ڊاڪٽر هيڊل هن شهر جو احوال قلعي کي
سامهون رکندي ٻڌائي ٿو ته، جيڪو ميرن جي دور ۾
1836ع ۾ هتي آيو هو؛ هن شهر جو جيڪو نقشو ڇڪيو، سو
هاڻوڪي وقت تي به پورو بيهي ٿو، جيتوڻيڪ هينئر شهر
جي آبادي وڌيل آهي، شهر ٿورڙو صفائي سٿرائي وارو
آهي، هتي حڪومت جون سرڪاري جڳهون ۽ يورپي عملدارن
جون نجي جڳهون پڻ آهن، جيڪا ڳالهه ميرن جي دور ۾
هوند نه هجي ها.
”جنهن ٽڪري تي حيدرآباد جو شهر اڏيل آهي، تنهن جي شڪل انهي
جابلو سلسلي جي ساڳئي انداز جيان نيم ڦيريدار آهي.
هن جي اوچائي ۽ ڦليلي جي ڪنارن جي وچ ۾ اٽڪل هڪ
ميل ويڪرو ميداني علائقو آهي؛ ۽ انهي کي اڀرندي
علائقي، يا ڦليلي وارو علائقو آهي، جنهن جي پکيڙ
ٽي ميل ۽ موڪرائي اڌ ميل اٿس. اڀرندو ميداني
علائقو، يا ڦليلي وارو علائقو، مکيه درياءِ ۽ جبل
جي وچ واري ميداني علائقي جي ڀيٽ ۾ ٿورڙو مٿانهون
آهي، تنهن ڪري اوڀر کان جبل جي چوٽي تي ايندي مهل
اڏو ته لطف نه ايندو، جيترو مخالف پاسي کان اچڻ تي
ٿيندو. گڏوگڏ حيدرآباد جو شهر، پنهنجي اڀرندي پاسي
کان ٽڙيل پکڙيل شڪار جو ڏيکاءُ ڏئي ٿو، جنهن جي
عمودي اوچائي پنجويهه فوٽ آهي. شهر جا گهر انهي
ڪُنڊ جي بلڪل ويجهو ٺهيل آهن، جتي هيٺاهين واري
علائقي وٽان مٿي ايندي ٿورڙي سهنجائي ٿئي ٿي، ۽
پوءِ ڪجهه سوڙهيون گهٽيون پار ڪري شهر ۾ پهچبو
آهي. جبل جو اڀرندو پاسو ٻن نيم عمودي لقائن جو
ڏيکاءُ ڏئي ٿو، جنهن جو لهوارو پاسو مختلف ويڪر
(مُنو ميل جي تناسب تي) وسيلي اوچي علائقي کان ڌار
ٿيل آهي، جنهن وسيلي هيٺاهين ۽ هموار ٽڪري، جيڪا
جبل جو چوٽي تي ٺهيل آهي، جي وچ ۾ اڌ پنڌ تي ڊاٻي
واري جاءِ ٺهي وئي آهي. انهي وچين هموار ميدان ۾
ٽڙيل پکڙيل ڪجهه جهوپڙيون يا گهرڙا ٺهيل آهن، جن
جي اوچائي ميداني علائقي کان شايد پنجويهه فوٽ مٿي
هوندي، سا شايد مٿاهين پٽ ۽ سندس وچين اوچائيءَ
کان مختلف هجي. مٿاهين پٽ جي ويڪر 600 گز، ۽ سندس
ڊيگهه ٻه ميل آهي. انهي جي ڏاکڻي ٻاهرين پاسي تي
حيدرآباد جو قلعو جُڙيل آهي، جيڪو چاليهه گز ويڪري
خشڪ کڏ وسيلي شهر کان جدا ٿيل آهي ۽ اهوئي شهر جو
اڪيلو هٿرادو بچاءُ آهي.
شهرين جا گهر پاسي واري نيم گهيريدار جبل جي ڪُنڊ ويجهو ٺهيل
آهن. جيڪي پڪين سرن سان ٺهيل ٻاهرين ڀت جي سامهون
آهن. اها ڀت ٽڪر جي هموار سطح کان پنجاهه فوٽ اوچي
آهي، ۽ اها مٽي جي ٿلهي وسيلي اندرين پاسي کان
محفوظ ڪيل آهي، جيڪا ٽڪر جي هموار سطح کان مٿي
ٿيند توبن لاءِ ٺاهيل ٽُنگن تائين پهچي ٿي. اُهو
مٽيءَ جو ٿلهو قلعي تي ڪنهن ٻاهرين حملي کان بچاءَ
لاءِ وڏي سگهه آهي. جنهن جو مشاهدو ڪندڙ ماڻهو اوس
ساراهه ڪندو. قلعي ۾ منارو پڻ لڳل آهي، جيڪو
هيٺاهين علائقي کان چڱي ريت ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
قلعي کي هڪڙي کاهي، شهر جي ڏاکڻي ٻاهرين حصي کي ڌار ڪري ٿي، ۽
آمدرفت انهي پل وسيلي ڪئي وڃي، جيڪا قلعي جي مکيه
دروازي اڳيان جوڙيل آهي، ۽ اها پل مکيه بازار جي
ٻئي پاسي آهي، جيڪا شهر جي اُترين علائقي ڏانهن
سڌائي ۾ اڳتي هلي وڃي ٿي. داخلي رستي جو نيم
گهيريدار پڙدي سان بچاءُ ڪيو وڃي ٿو؛ ۽ اتي پهچندڙ
جي خواهش رکندڙ ماڻهو، جيڪو به رستو اختيار ڪندو،
تنهن کي اڌ شهر جون ٽيهه گز ويڪريون گهٽيون
لتاڙڻيون پنديون. قلعي جي اندرين پاسي جيڪي جڳهون
ٺهيل آهن، تن جي جيڪڏهن شهر جي جڳهين سان ڀيٽ ڪبي
ماڻهو وائڙو ٿيو وڃي. جڳهن جي اڏاوت ڪنهن مناسب
انتظام کان سواءِ، مختلف قسمن جي ٿيل آهي، ۽ انهن
جڳهن جون سوڙهين ڏنگين گهٽين وسيلي پاڻ ۾ رابطو
آهي، شهزادا بنگلي ۾ رهن ٿا؛ تن جا سمهڻ جا ڪمرا
عام درٻار توڙي عوامي ڪاروهنوار وارين جڳهن کان
جدا ٺهيل آهن، ۽ سندن رهڻ جون گهريلون جايون،
مسجدون، ڪُڙهه، حرم وغيره سڀئي قلعي ۾ ٺهيل آهن.
هتي ڪسرت جي مقصد لاءِ ڪوبه باغ، ميدان، يا کليل
پڌر نه آهي، ۽ پاڻ ۾ بي ترتيبي سان ڳنڍيل آهن.
اُهي ڄڻ قلعي جي اوچين ڀتين ۾ گهيرجي اندر دٻيو
ويٺا آهن. سڀني کان واضح قلعو ۽ منجهس ميرن جا
ٺهيل هڪ يا ٻه رهائشي بنگلا آهن. قلعي ۾ رهندڙ سنڌ
جا شهزادا، ڪنهن شڪار کان سواءِ ورلي ڪي ٻاهر
نڪرن. بهرحال، شڪار لاءِ به اُهي سال ۾ هڪ يا ٻه
ڀيرا پاڻ کي تڪليف ڏيندا آهن.
حيدرآباد شهر جو نقشو سڌو آهي، ڪيترن ماپن کان پوءِ معلوم ٿيو
آهي، ته شهر جي هيٺين ايراضي هيءَ آهي: قلعي جي پل
کان وٺي شهر جي اُتر حد تائين 1161 وال، اُڀرندي
کان الهندي تائين، ٽڪر تي وسيل ڀاڱي جي سراسري
ويڪر پنج سئو ڏهه وال، جملي ايراضي پنج لکل ٻيانوي
هزار هڪ سئو ڏهه چورس وال. ايتري پيٽ ۾ جڳهيون
هڪٻئي مٿان ڳاهٽ ٿيل آهن، پر جن گهٽين مان آمدرفت
آهي، سي سوڌائي تي ٺهيل آهن. ۽ سوڙهين هوندي به
البت صفا آهن. شاهي بازار کان سواءِ ٻيون ڳتيل
بازاريون آهن، جيڪي سڄي شهر جي ڊيگهه مان لنگهن
ٿيون. انهن بازارين جي آرپار، اُڀرندي کان اولهندي
طرف ننڍڙيون گهٽيون آهن. جنهن بازار جو اڳ ۾ ذڪر
اچي چڪو آهي. تنهن کان سواءِ ٻه ٻيون به گهٽيون يا
رستا آهن، جيڪي پاڻ ۾ هڪٻئي جي متوازي آهن ۽ شهر
جي سڄي ڊيگهه کي لتاڙين ٿا. اُهي ٻيهر ساڄي ڪنڊ
کان ننڍڙين گهٽين ڏانهن جيڪي اوڀر ۽ اولهه ڏانهن
وڃي پاڻ ۾ ملن ٿيون. هتي پاڻي آڻڻ جي سهنجائي نه
آهي، جنهن ٽڪر تي هي شهر اڏيل آهي، تنهن جو ٻيو
پاسو يا اُتريون حصو ٽڪراٽو آهي، سو فاصلي ۾ هڪ يا
ڏيڍ ميل ٿيندو، جتي گهڻو ڪري اڳوڻن ۽ هاڻوڪن مرحوم
حڪمرانن جا مقبرا آهن.
حيدرآباد جي شهرين کي پاڻي، شهر جي ميداني علائقن جي واهن مان
ملي ٿو. جبل جي هيٺاهين پاسي جيڪا کڏ آهي، تنهن ۾
هميشه ڌپارو پاڻي موجود رهي ٿو. نگرواسي اُڀرندي
ڪچي پڄندي وارا پيئڻ جو پاڻي ڦليليءَ مان ڀرائيندا
آهن. سياري ۾ ڦليلي جو پاڻي کوٽي ويرين مان ڪندا
آهن، پر ٿوري وهڪ ڪري ڪلراٺي زمين هوندي به ٻاڙو
نٿو ٿئي. ميرن لاءِ بهشتي ڍڳن تي ڦليلي مان مُشڪون
ڀري ڪوٽ ڏي نيندا آهن. قلعي اندر پيئڻ جي پاڻي
بنهه ڪونهي، ۽ کوهن هڻڻ بابت آئون پڇا ڪري ڪين
سگهيس. ڀانيان ٿو ته ڪو کوهه- ٻوهه ڪونهي، ڇو جو
هن پاسي زمين ۾ ايترو ڪلر آهي، جو سڀ پاڻي ٻاڙو
نڪري ٿو، ۽ اهو پاڻي سج جي تئو تي سُڪائي، لوڻ
ٺاهي عام طرح بازار ۾ وڪڻندا آهن. ڪلر مان لوڻ
گهڻن هنڌن ٺهي ٿو، پر ڪرڪ ڳوٺ مان خوب ٿو اچي. ٻين
شهرن جيان حيدرآباد کي بچاءَ لاءِ عام پناهه هجي
ها، ته به پاڻي جي اُڻاٺ ڪري ڪاريگر ۽ درٻار جا
خدمتگار ئي رهن. جن عملدارن کي ڪوٽ اندر جڳهه
ڪانهي. سي ڪوٽ جي چوگرد ميدانن ۾ ڳوٺن اندر رهن
ٿا، جيڪي اڪثر ڦليليءَ جي ڪپ تي آهن، جتي ميرن جا
باغ آهن.“
حيدرآباد جا ٻين شهرن سان، سڀني طرفان کان وسيع پيماني تي اچ وڃ
جا رستا ٺهيل آهن. شهر جي اُتر پاسي وارو مکيه
رستو، شهر کان ڇٽيهه ميل پري واقع هالا شهر وسيلي،
سڪرنڊ، نوشهرو، خيرپور ۽ روهڙي ڏانهن وڃي ٿو؛ اوڀر
ڏانهن ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص رستي نوي ميل مفاصلي
تي واقع عمرڪوٽ سان ڳانڍاپو آهي؛ ڏکڻ کان ايڪيهه
ميل جي مفاصلي تي واقع ٽنڊو محمد خان سان؛ جڏهن ته
اولهه کان ساڍا ٽي ميل ڊگهو هڪڙو ٺاهوڪو ڏامر وارو
پڪو رستو ٺهيل آهي، جنهن جي ٻنهي پاسي وڻ پوکيل
آهن، سو گدو بندر ڏانهن وڃي ٿو، جتان ٻاڦ واري
ٻيڙيءَ وسيلي سولائي سان ڪوٽڙي ڏانهن وڃي سگهجي
ٿو. شهر جي ڀرپاسي ۽ ڪينٽومينٽ جي پاسي ۾ ڪيترائي
روڊ رستا آهن، جنهن جي سنڀال ميونسپالٽي ڪندي آهي.
ڏامر وارا رستا ٺاهڻ تي لاڳت گهڻي ايندي آهي، ۽
اهي لوڪل فنڊ مان ٺهرايا وڃن ٿا.
ڪينٽومينٽ شهر جي اتر ۽ اولهه ۾ موجود هي، جتي يورپي ۽ مقامي
ماڻهن تي مشتمل، هٿياربند فوج رهي ٿي. هتي ڏاڍيو
سهڻيون يورپي بيرڪون ٺهيل آهن، جنهن ۾ ٻارهن بلاڪ
آهن. سي 51- 1850ع ۾ ٺاهيون ويون، هرهڪ بلاڪ 241
فوٽ ڊگهو ۽ 73 فوٽ ويڪرو آهي. هتي سگهرن لاءِ
ڪوارٽر سميت ورڪشاپ، بندوقن جا دڪان، لوهار خانو ۽
وهنجڻ جو تلاءُ آهي. فوجين جي جانورن جا ڪڙهه
مستقل طور تي 1860ع ۾ قائم ڪيا ويا. گڏوگڏ فوجين
لاءِ اسپتالون به آهن، جنهن ۾ تجربيڪار عملو مقرر
ٿيل آهي. بلوچ انفينٽري، يورپي بيرڪ جي ڏکڻ واري
حصي ۾ واقع آهي، ۽ ان کان اڳتي ڏکڻ ۾ ٻه – ٽي گنب
جي ٺهيل بنگلن جي قطار آهي، جيڪا هتي رهندڙ فوجي
آفيسرن جي رهائشي استعمال لاءِ آهي. هتي ٿورڙي
اوچائي تان گدو بندر ڏانهن نهاربو، ته سينٽ ٿامس
جو پروٽيسٽنٽ گرجا گهر ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪو 60-
1859ع ۾ حڪومت جي خرچ سان پنجيتاليهه هزار رپين جي
لاڳت سان ٺهرايو ويو. اهو 118 فوٽ ڊگهو ۽ اٺونجاهه
فوٽ ويڪرو آهي ۽ گرجا گهر ۾ منارو آهي، جنهن جي
اوچائي اُڀ ۾ پنجهتر فوٽ آهي. رنگين شيشي جي مدد
سان سينگاريل درين واري گرجا گهر ۾ ڇهه سئو ماڻهن
جي ويهڻ جي گنجائش آهي. گرجا جي ميڙاڪي واري هنڌ
جي اترئين پاسي کان پتل جي پليٽ تي، انهن آفيسرن ۽
ماڻهن جا نالا لکيل آهن، جيڪي مياڻي ۽ دُٻي جي جنگ
۾ مارجي ويا هئا، ۽ ڏاکڻي پاسي لڳل هڪڙي ٻي پليٽ
تي، گرجا جي ٺهڻ ۽ افتتاح واري تاريخ لکيل آهي.
انهي کان ٿورڙو اڳتي ڏکڻ ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا مقبرا آهن، جيڪي
ان ٽڪري جو اتريون حصو گهيرين ٿا. جن تي حيدرآباد
ٺهيل آهي. حيدرآباد جي اترين پاسي شهر کان اٽڪل
پنج سئو گز جي مفاصلي تي جيل واقع آهي، جيڪا 1851ع
۾ ٺهي هئي. جيل هينئر جنهن جاءِ تي ٺهيل آهي، سا
سنڌ جي فتح کان اڳ مرزا خسرو خان جي ذاتي ملڪيت
هئي. اها سوڙهي چوڪور ڪچي ڀتين جي جڳهه آهي، ۽
منجهس چار سئو کان پنج سئو تائين قيدي رکڻ جي
گنجائش آهي. ان جي ڀرپاسي واري ميدان کان اوچائي
اسي فوٽ آهي، ۽ ان جي اندريون پاسو اٽڪل 13300
چورس وال آهي.
جيل کان شهر ڏانهن اچبو، ته ڏکڻ واري پاسي جبل جي ٽڪري تي
گورنمينٽ اينگلو ورنيڪيولر ۽ هاءِ اسڪولن جون
عمارتون ڏسڻ ۾ اينديون، جيڪي ترتيبوار 1857 ۽
1858ع ۾ ٺهرايو ويون، ۽ انهي جي ساڄي پاسي
انجنيئرنگ ۽ نارمل اسڪول واقع آهن، جنهن مان پويون
اسڪول 1865ع ۾ ٺهرايو ويو، جڏهن ته پهريون اسڪول،
جيڪو پنهنجي نمايان منار ڪري مشهور آهي، تنهن جو
ڪم آڪٽوبر 1864ع ۾ شروع ٿيو هو. هتي (جيڪب روڊ تي،
جيڪو جنرل جان جيڪب نه پر سنڌ جي ايڊيشنل ايجوڪيشن
انسپيڪٽر جي نالي پويان رکيل آهي: سهڙيندڙ) چرچ
مشنري سوسائٽي سان لاڳاپيل هڪڙو اسڪول پڻ آهي،
جيڪو 1862ع ۾ قائم ڪيو ويو، ۽ ان جي ساڳئي پاسي
مڇي، ڀاڄي، گاهه ۽ ڪاٺ مارڪيٽ قائم آهي، جيڪا
سموري ميونسپالٽيءَ جي ملڪيت آهي.
هوڏانهن ٽڪري جي اولهه پاسي حيدرآباد پوسٽ آفيس جي جڳهه آهي، ۽
ان کان ٿورڙو مفاصلي اڳتي کاٻي پاسي تي، رومن
ڪيٿولڪ گرجا گهر واقع آهي، جيڪو 1850ع ۾ ٺاهيو
ويو. هن جڳهه جي اوچائي 103 فوٽ، ڊيگهه ڇائيتاليهه
فوٽ آهي. انهيءَ جي ويجهو ئي هٿياربند پوليس لائين
۽ سولجر بازار آهي. گڏوگڏ ميونسپل گوشت – وڏو توڙي
هلواڻ – مارڪيٽ آهي. جڏهن ته حيدرآباد ۽ گدو بندر
کي ڳنڍيندڙ رستي تي، ڪينٽونمينٽ بنگلن کي بلڪل
ويجهو، ڪليڪٽر ڪچهري عمارت يا عوامي آفيس واقع
آهي، جيڪا ڳاڙهين سرن سان ٺاهيل ٻه ماڙ ٺاهوڪي
عمارت آهي، جيڪا 208 فوٽ ڊگهي، ستر فوٽ ويڪري آهي.
هتي ڪورٽ هائوس، نئون مسافر بنگلو، ۽ لائبريري
(جيڪا جاءِ اڳ ۾ مسافر بنگلو هئي) هڻڻ سميت حڪومت
جي ڪيترن ئي سول آفيسرن جا گهر آهن.
ڪچهري جي اوڀر ۾ حيدرآباد قلعي جي بلڪل ويجهو، سول ۽ پوليس
اسپتال ۽ خيراتي ڊسپينسري قائم آهي، جيڪي سڀئي
هڪڙي جڳهه ۾ آهن، سا ڪنهن قدر اوچائي واري جاءِ تي
ٺهيل آهن. اسپتال ۾ چاليهه مريضن کي داخل ڪرڻ جي
گنجائش آهي. خيراتي اسپتال ۾ 1873ع دوران 18440 ۽
1874ع ۾18592 ماڻهن جو علاج ڪيو ويو. حيدرآباد ۾
فريميسن لاج (صنعتي) پڻ آهي. اهو پهرين 1861ع ۾
ڪوٽڙي ۾ ٺاهيو ويو، پر 1870ع ۾ مهمل ڪيو ويو.
1873ع ۾ انهيءَ کي ٻيهر جياريو ويو ۽ حيدرآباد ۾
بدلي ڪيو ويو.
هاڻي قلعي بابت ٿورڙو ذڪر ڪجي، جنهن بابت اسان اڳ ۾ ئي ڪافي ذڪر
ڪري چڪا آهيون، ته قلعي جي ايراضي ڇٽيهه ايڪڙ آهي،
منجهس ڪيتريون ئي سرڪاري جڳهون مکيه دروازي جي ٻئي
پاسي قائم آهن. اها جڳهه اڳوڻي مير سان لاڳاپو رکي
ٿي ۽ اُتي هينئر به اهڙو ڪمرو موجود آهي، جنهن کي
”رنڱيل درٻار“ چيو وڃي ٿو. درٻار ۾ مقامي ڊرائنگ
ٺهيل آهي، جنهن ۾ 1803ع ۾ پنجاب جو حڪمران رنجيت
سنگهه جي لارڊ ليڪ سان ٿيندڙ ملاقات جي تصوير چٽيل
آهي. حيدرآباد ۾ هاڻوڪو ڪينٽونمينٽ ٺاهڻ کان اڳ
برطانوي فوجن جو وڏو حصو قلعي جي اندرين پاسي
ڪوارٽن ۾ رهندو هو. 1857ع ۾ قلعي جا تقريباً
سمورا گھرا ڊاهي، پٽ ڪري نئين اسلح خاني جي
عمارت ٺاهڻ لاءِ صفائي ڪيئي وئي، جيڪا پنهنجي
بيهڪ ۾ سورهن ڪنڊن جي تصويري روپ جيان آهي.1861ع
۾ اسلح خانو ڪراچي کان موٽائي حيدرآباد ۾ قائم
ڪيو ويو. هن قلعي جي مکيه پڌر ۾ ڪيترن آفسيرن
جون قبرون آهن، جيڪي مياڻِي ۽ دُٻي جنگ ۾ مارجي
ويا.
حيدرآباد ۽ گدو بندر جي وچ واري رستي تي”سودائي
آشرم“ ٺهيل آهي، جيڪو جولاءِ 1871ع ۾ مڪمل ٿيو،
اهو ڪيترن ئي مختلف جڳھن تي مشتمل آهي ۽ منجھس اٺ
وارڊ آهن جن مان هر هڪ جي ڊِيگھ ڇٽيهه فوٽ ۽ وڪر
ارڙهن فوٽ ۽ اوچائي اوڻٽيهه فوٽ آهي. هڪڙو وارڊ
يورپي ماڻهن لاءِ مخصوص آهي. هتي هڪڙي استال پڻ
آهي،جنهن ۾ ٽي ڇڄا ٺهيل آهن ۽ انهن منجھ
سپرنٽينڊنٽ ۽ ٻين ملازمن لاءِ ڪوارٽر جوڙيل آهن.
هاڻوڪي وقت ۾ سودائي آشرم ۾ داخل مريض جو انگ هڪ
سو آهي، پر اسپتال ۾ 138 مريضن کي رکڻ جي گنجائش
آهي. 1874ع ۾ هر مريض تي ساليانو ايندڙ خرچ جو
ڪاٿو ٽيانوي رپيا ۽ اٺ آنا لڳايو ويو هو. ملازمن ۾
سپرنٽينڊنٽ، اسپتال اسسٽنٽ، وارڊر ۽ ٻئي عام
وهنوار جي ڪم لاءِ ملازم رکيل آهن. اهو آشرم هڪڙي
پارسي ڏاتار شخص ’سر ڪائوسجي جهانگير ريدي موني‘
ٺهرايو هو، جنهن اسپتال جي اڏاوت لاءِ پنجاهه هزار
رپيا ڏنا هئا، پر پوءِ انهي ڪم ۾ حڪومت طرفان اٺ
هزار رپيا جوڙ ڪيا ويا، اهڙي ريت ڪُل لاڳت
اٺونجاهه هزار رپيا آئي. اها اسپتال مريضن لاءِ
ٽين سيپٽمبر 1871ع تي کولي وئي. حيدرآباد جو سول
سرجن ان اداري جوسپرنيٽينڊنٽ آهي. هن آشرم جي چڱي
ساک آهي، ۽ هتي سودائين کي سُٺي حالت ۾ رکيو وڃي
ٿو. |