انهيءَ ٿيٽر نما هانڊي جي ٻئي سري تي ڪاٺ جو ٺهيل هڪڙو وڏو صندل
هوندو هو. جنهن تي ميراثي ويهي سپڙتائي ڪندا هئا.
جيڪڏهن ڳائيندڙ ٻه هونديون هيون. ته صندل جي ٻنهي
پاسن کان ٻه ڪرسيون رکائي، ان تي ويهنديون هيون.
جيڪڏهن هڪڙي هوندي هئي ته صندل جي بلڪل وچ تي ڪرسي
لڳائي ويهندي هئي. انهي سپڙتائي صندل مٿان،
چٽساليءَ سان ڀرت ٿيل جهالردار چادر جنهن کي ”ڇٽي“
سڏيندا هئا. ڇڪي ۽ تاڻي لڳائيندا هئا. پر جيڪڏهن
ڳائيندڙ ناچو ڇوڪرا هوندا هئا، ته انهن جا پڻ اهڙي
قسم جا ئي ٿيٽر نما هانڊا هوندا هئا. رڳو ٻاهر
ٽڪيٽن ڏين تي مرد هوندا هئا. اهي ناچو ڳائيندڙ،
جيڪي ميڙن ۾ وڃي ڳائيندا ۽ نچندا هئا. سي ڪي ٿورا
۽ مختصر هئا، جن ۾ مٺو ڪلهوڙو، خير محمد عرف وڏو
خيرو ميراثي ۽ ننڍو خيرو ڍاڍي، تن جا ميلن تي
نهايت مشهور ۽ چمڪندڙ جوڙا هوندا هئا، جيڪي ڪڃرين
کان به ڪثر ۽ گوءِ کڻي ويندا هئا. پوءِ وڏو خيرو
”خير محمد“ بڻجي، استاد عاشق علي خان وٽ موسيقي جي
تعليم ترتيب وٺي، سنڌ جي نامياري ڳائڻي ”جيوڻي
ٻائيءَ“ سان گڏ، ساٿ سنگت ۽ سپڙتائي ۾ رهيو. مٺو
ڪلهوڙي ۽ جيوڻي ٻائي جو انهن ميڙن تي مقابلو ٿيندو
هو، جن جا اهي هانڊا، جن کي ناٽڪ ڪري به سڏبو هو،
ميلن ۾ هميشه هڪٻئي جي آمهون سامهون هوندا هئا.
ڳائيندڙن ۾ جيوڻي ٻائي، جيڪا پنهنجي وقت جي سنڌي ”گوهر جان“
سمجهي ويندي هئي، ۽ ماسٽر چندر، جيڪو پاڻ سُٺو
شاعر به هوندو هو، گهڻا مشهور هوندا هئا، جن جا
لکن جي انگ ۾ رڪارڊ هلندا هئا. زنانا ناٽڪن ۾،
جيڪي تنهن وقت مشهور طائفا هئا، تن ۾ مهتاب، ماسٽر
برڪت ربابي، بچان عرف سرداري، دلاور، مارل،
وزيران، نواب پُتلي ۽ نوابي وغيره گهڻيون هونديون
هيون، جيڪي ميڙن ۽ ميلن کي رونق وٺائينديون هيون.
ثقافتي ميلن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي تي عوامي فنڪارن
سميت سرڪار طرفان ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون
آهن، جن ۾ ڪلاسڪيل، نيم ڪلاسڪيل ۽ عوامي فنڪار
گهڻي انگ ۾ شريڪ ٿي حصو وٺندا آهن. حڪومت ان ميلي
تي دل کولي خرچ ڪندي آهي، جنهن مان اڌ کان مٿي
انتظاميا وارا کائي ويندا آهن. ملاکڙائي ميلا جن ۾
پهرئين ۽ ٻئي جوڙ جا ملهه پهلواني جا ڪرتب ڏيکاري،
سيدن، پيرن، ميرن، اميرن ۽ تماشائين کان داد وٺي،
انعام توڙي اڪرام وٺندا هئا، انهن ميڙن ۾ خاص ڪري
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ سيد هاشم شاهه مٽياري
جا گهڻا مشهور هوندا هئا.
انهيءَ وقت جي سگريٽن ۾ ”بتي ڇاپ“ ، ”پاسنگ شو“، ”سيزر“ يا
”قينچي“ سگريٽ گهڻو هلندا هئا. جن مان ”قينچي“ کي
خاص اهميت حاصل هئي. تنهن سان گڏ ”گولڊ فليڪ“ به
چڱي شهرت حاصل ڪئي هئي. پر جيئن ته ڳري اگهه ۾
يعني ٽن آنن ۾ پاڪيٽ ۾ ملندو هو، تنهنڪري گهٽ
هلندو هو. جنهن کان پوءِ ”لال هاٿي“ ۽ ”پيلو هاٿي“
سگريٽ نڪتا، جن به پنهنجي وقت ۾ ڏاڍي شهرت ماڻي.
انهن برانڊ جي سگريٽن کي وري ”ڪئوينڊر“ ۽ ”پليئر“
سگريٽن کان وڏو ڌڪ هنيو، جيڪي پوءِ گهڻي انگ ۾
وڪرو ٿيڻ لڳا هئا.
هڪڙي ڀيري سيد هاشم شاهه مٽياريءَ جي ميلي لاءِ تيار ٿي ڪاريگرن
سميت حيدرآباد پهتاسين. تنهن وقت مون کي ٽاٽ واري
ترڪي ٽوپي – جيڪا گهڻو ڪري ڪرسٽي لنڊن جي ٺاهيل
هوندي هئي. پائڻ سان گڏ پٽڪن، صافن ۽ لونگين ٻڌڻ
جو به گهڻو شوق هوندو هو. جيڪڏهن ڪنهن به ميلي تي
ويندو هوس ته پٽڪا ۽ لونگيون ٻڌندو هوس، جن ۾
نصرپور ۽ ننگر ٺٽي جون ريشمي ۽ زريدار لونگيون،
ڇيٽدار ۽ ڇريل مارواڙي صافا، نهايت نفيس، باريڪ،
ملائم ۽ سنهي شبلم جا هوائي گليون ڏنل پٽڪا ۽
مشهدي ڪُلي بنا لونگيون هونديون هيون، ته ڪڏهن
ريشمي ۽ زري دار سنڌي لونگيون ٻڌبيون هيون.
سخي سيد هاشم شاهه مٽيارين واري جي ميلي ۾ وڃڻ وقت به مون کي
ريشمي اصلي پٽ جي لونگي مٿي تي ٻڌل هئي اوستي غلام
حسين سان گڏ سندس گهر ٽئي نمبر تلاءُ تي وڃي نيرن
ڪري، ٽانگن ۾ سوار ٿي، ڦليليءَ جي ڪاري موري پار
ڪري، هٽڙي پهتاسين ته ٻي سنهي گوني سامهون آئي،
جنهن تي ڪابه پل ٺهيل ڪانه هئي. اتان ٻيڙي ۾ سوار
ٿي پتڻ پار ڪري، اها سنهي گوني اڪري، ڍڳي گاڏين ۾
مٽيارين پهتاسين. تنهن وقت مٽياري وڃڻ لاءِ اهو ئي
طريقو هوندو هو، يا وري ريلوي ۾ سوار ٿي الهڏني
ساند اسٽيشن تي لهي، ڦٽل ٽٽل ٽانگن، ڍڳي گاڏين يا
اُٺن تي سوار ٿي مٽياري پهچبو هو. مٽياري ويندڙ
اهي ٻئي رستا انتهائي مخدوش، خسته، ڪچا، کڙکٻڙ،
مٽي ۽ ڌوڙ سان ڀريل هوندا هئا، جن تان سفر ڪندڙ
مسافرن کي سڃاڻي ئي نه سگهبو هو، ڇوته اهي ڌوڙ ۽
مٽي سان ڀرجي ڀڀوت ٿي ويندا هئا. جيڪي پوءِ
مٽيارين پهچي، صابڻ جي چڪين ۽ بي انداز پاڻي صرف
ڪري، پنهنجي گر ۽ مَر لاهي، بدن صاف ڪري ڪپڙا
بدلائيندا هئا، تڏهن مس مس وڃي سڃاڻپ ۾ ايندا هئا.
سخي هاشم شاهه جي مقبري تي پُهچي، قُل پڙهي، فاتحه بخشي، ملاکڙي
تي پهتاسين، جيڪو هڪڙي وڏي ميدان تي گول دائري ۾
لڳل هو، جنهن ۾ لکين ماڻهو، ڪي پٽ تي ويٺل، ڪي
اُنهن جي پٺيان بيٺل، ڪي گلمن تي ته ڪي وري ڪُرسين
تي ويٺل هئا. ويٺل ماڻهن جي چوڌاري بيٺل ماڻهن جي
پٺيان وري ڪيئي گهوڙيسوار، ته ڪيترا اُٺ سوار
تماشبين به هزارن جي انگ ۾ موجود هئا. هڪڙي پاسي
دُهلاري ۽ شرناين وارا ملاکڙي جو خاص انگ وڄائي
رهيا هئا، جن جو آواز هيڏي ساري وڏي ملاکڙي جي
ميدان تي ماڻهن جي ميڙ ۾ به گهڻو ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ۽
ايئن پئي لڳو ته سندن آواز جذبات ۾ اچي، واڄي ڪارڻ
ويهي رهيو هجي. يا ماڻهن جي ميڙ ۾ ورهائجي ويو
هجي. ٻئي پاسي ماڻهن جي لائين کان ٿورو اڳيان
پهلوان ملهه ٻن ٽُڪڙين ۾ آمهون سامهون مقابلي لاءِ
الڳ الڳ ٽولا ٺاهيو ويٺا هئا، جن ۾ هڪڙي پاسي
اترادي ملهه هئا ته ٻئي پاسي لاڙي ملهه. اُترادي
ملهن ۾ سانڊاڻو، وڏو مستوئي، ننڍو مستوئي، محمد
بخش مهر، ٻيڙو ۽ ٻيا. لاڙي ملهن ۾ محمد عيدو
ماڃرائي، پريو شيدي ماتلائي، خليفو يعقوب شيدي،
محمد رحيم شيدي، هاشم پخالي حيدرآبادي، پير علڻ
شاهه ڀٽائي جو خاص ملهه ”جهُلڻ“ ۽ ٻيا.
اُهي مٿيان ملهه انهي وقت پهرين جوڙ جا هئا. ٻئي جوڙ جا ملهه
ڳاڻاٽي کان ٻاهر هوندا هئا. سيد ميان الهيار شاهه
عرف پير بچندو شاهه، جيڪو انهي ميلي سخي هاشم شاهه
جو گادي نشين هو، پنهنجن سيدن، پيرن ۽ اميرن سان
گڏ، اُتي وڇايل گلمن ۽ غاليچن جي مٿان ڪرسيون
رکائي ويٺل هوندو هو ۽ ملهن کي انعام اڪرام ڏيئي
نوازيندو رهندو هو. ساڻس گڏ ويٺل ٻيا به پير توڙي
امير انهن ملهن کي دل کولي خوب انعام اڪرام ڏيئي
خوش ڪندا رهندا هئا.
انهن ملهن جو چڱو مڙس ۽ سندن نيائن جا فيصلا ڪندڙ ٽنڊي محمد خان
جو ”ڪوڏو“ شيدي هوندو هو، جيڪو پاڻ به ڪنهن وقت
پهرئين نمبر جي جوڙ جو ملهه هوندو هو، پر پوءِ
گهڻي ٿُلهي ٿي وڃڻ ڪري ملهه ڇڏي چڱو مڙس ۽ پئنچ
ٿي، پاڻ کي ملهن جو استاد سڏائي، سندن نياءُ ۽
فيصلا ڪندو هو. سڀيئي ملهه سندس حڪم جي تعميل ڪندي
ان جا ڪيل فيصلا قبول ڪندا هئا.......... ڪنهن به
فيصلي ڪرڻ وقت ڪاوڙ ۾ اچي، جڏهن ڏاڍ ڪندو هو ته
آسي پاسي وارا بيٺل ماڻهو ٽڙي پکڙي ويندا هئا ۽
سڀيئي ٿڙڪڻي ۾ اچي ويندا هئا. اهو ڪوڏو شيدي هتي
جي مڇلين ڪڃرين جو به پٽيل هوندو هو. انهن جا
نياءُ ۽ فيصلا به ڏاڍي رعب داٻ سان ڪندو هو، هو
ٽنڊي محمد خان ۽ ماتلي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن
– ٽنڊو آدم، پيرونمل، ڦلهڏيون، کاهي، کپرو، ڊگهڙي،
ٽنڊو جان محمد، پاٽويون ۽ شادي پلي – جي مڇلن ۽
ڪڃرن جو چڱو مڙس هو.
مٽيارين جو شهر پراڻو، بنيادي ۽ سيدن ساداتن جي سنڌ ۾ اچڻ واري
وقت کان وٺي قائم آهي....... سائين جي. ايم. سيد
به مٽياري جي ساداتن جي متعلق تاريخ لکي آهي، جنهن
جو مسودو اڃان تائين وٽن ئي محفوظ آهي........
هڪڙي روايت جيڪا مون وٽ پهتي آهي ۽ عباسين جي دور
۾، جنهن وقت سيدن ساداتن کي پنج دينار في ڪس شهيد
ڪيو پئي ويو، ته اتي جي مڪين بلوچن، اول ته پنهنجا
فرد انهن ساداتن پاران ڪُهرايا، تنهن کان پوءِ نيٺ
انهيءَ قتل عام کان تنگ اچي، حجاز جي علائقي مان
ترڪ وطن ڪندي هجرت ڪري، سنڌ ڏانهن رخ رکيو ۽ قافلن
جي صورت ۾ اٺن ۽ خچرن تي، پنهنجي پاڻيءَ جي ٽامائي
۽ مٽيءَ جي وڏن مٽن ۾، پاڻيءَ جي جاءِ تي سيدن
ساداتن کي لڪائي ويهاري، سفر طئي ڪندي، سنڌ جي
سرحدن تائين پهچايو. پر جڏهن خليفه وقت کي اها خبر
پئي ته پاڻي جي جاءِ تي اهي سيد ئي آهن جن کي
ناديءَ نما ڊگهن ۽ ويڪرن مٽن ۾ بلوچ کڻي وڃي رهيا
آهن، ته پوءِ خليفئه وقت هڪدم پنهنجو لشڪر تيار
ڪري انهن پٺيان موڪليو، جنهن پسمانده ۽ باقي مانده
قافلن تي حملو ڪري ڏنو، جيئن ته ڪيترائي قافلا
انهي کان اڳ سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿي چڪا هئا،
تنهنڪري باقي بچيل قافلن تي حملا ڪري ڪيترائي سيد
انهن مٽن مان ڪڍي شهيد ڪيا ويا ۽ ڪي انهن مٽن مان
نڪري، پاڻ کي بچائي وڃي لڪن منجهه لڪا ۽ لشڪر جي
واپسيءَ بعد، سنڌ ۾ آيل بلوچن ۽ بچي آيل ساداتن
سان وڃي گڏيا ۽ مليا.
اهڙيءَ طرح جيڪي سيد مٽن ۾ ثابت سلامت سنڌ ۾ پهتا، تن کي
”مٽياري“ سيد چيو وڃي ٿو ۽ لڪن مان لڪي آيلن کي
”لڪياري“ سيد سڏيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ تاريخ ”اعثم
ڪوفي“ به گواهي ڏئي ٿي.
مٽيارين لاءِ ٻيو اهو مثال به گهڻو مشهور آهي ته ”مٽياريءَ جو
موت، ويندي جي ويرم“ ڇو ته اُتي جا سيد، پير ۽
امير گهڻو ڪري ”حُسن پرست“ هوندا آهن. سڀني جي
بنگلن، ڪوٽن ۽ حجرن ۾ ٻه – ٽي حسين جميل، سهڻا،
خوبصورت ۽ پري پيڪر ڇوڪرا ضرور موجود هوندا آهن،
جيڪي عشق مجازي مان عشق حقيقي تي پهچائڻ جو وسيلو
سمجهي ”المجاز ڪنتر تر الحقيقت“ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندا آهن.
مٽياري، ڀٽ شاهه ۽ ڀرپاسي ٿيندڙ ميلن ۾ شامل ٿيندڙ ٽئين جوڙ جي
ملهن ۾ شير ميربحر، هاشم شيدي، حاجي شيدي، دلاور
شيدي، ٽيئي اڪ شيدي جا پٽ، ٻيراڻيءَ لڳ ٽنڊي آدم
جا رهواسي، هوشو شيدي هالائي، هينڊل مڪراڻي ٺٽائي،
سومر مرکنڊ، عبدالڪريم ميربحر، انب شيدي ماڃرائي،
سندس پٽ بکر شيدي ۽ شير شيدي، يڪو خاصخيلي ڊگهڙي
وارو، مُلان شيدي موري منگر وارو، مٽر شيدي
ماڃرائي، قلب علي جتوئي، گاهي ٻرڙو، لوهار
شڪارپوري، جوڳي، مولو لاشاري، مولابخش جمالي، عمر
شيدي ماتلائي، گل فقير شيدي ماتلائي، محمد علي
شيدي ماتلائي، جمعو ”چمڙو“ شيدي ماتلائي، الهه بخش
نظاماڻي ٽنڊو سومرو، نبو ڪهيري، ڄام شيدي ڳوٺ
دٻهڙو، سڀاڳو شيدي ۽ سندس ڀاءُ مورائي شيدي ڳوٺ
ڦڙدي وارا جمالي، سٺ پالڪي جو استاد لکو شيدي ويٺل
ڳوٺ ڦڙدا وارا جمالي، اسماعيل رنگ ويٺل ڳوٺ شاهه
مدار، جمعون ٽنگڙي ۽ ڪي ٻيا شامل هئا. جڏهن ته
هاڻوڪي دور جي ملهن ۾ سيد سمن شاهه، ولاڻون
پنجابي، دُرو عالماڻي، نواز علي رند، غلام قادر
لغاري، عبدالرحمان لغاري، جانو صابرو، شير گوپانگ،
فريد گوپانگ، غلام سرور جتوئي، الهه جڙيو سمون،
دادلو شيدي، ڪريم بخش شيدي، سائينداد ٿريو، علي
خان ملوڪاڻي، محبوب لغاري، صديق شيدي، اسماعيل
شيدي، نبن جمالي، حاجي خشڪ، خدو خاصخيلي، ڇُٽو
ساٽي، ساجن ڪوريجو، قادربخش ميربحر، علي محمد
ڪوريجو، حسين بخش راوڙي، درمحمد عالماڻي، محمد بخش
رند ۽ وڏل پالاري شامل آهن. مٿين پهرين جوڙ جي
اڳواڻي ۽ قيادت شير ميربحر پيو ڪري.
هاڻوڪي دور ۾ ٻي جوڙ جي ملهن ۾ ارباب ڳاهو، دادل شيدي، حمزو
حجام، پوڙهو مڱڻهار، خان محمد مڱڻهار ماتلائي،
دودو خاصخيلي، نورو مڪراڻي، صديق شيدي، ساجن
ڪوريجو، سڀاڳو شيدي، ٻڍو چانڊيو، محمد خان لغاري،
رحمت الله سريوال، علي محمد مگسي، علو خاصخيلي،
خميسو ملڪاڻِي، ڌيرجي سامي، ڇانگو کوسو، اميد علي
ملوڪاڻي، حاجي يوسف ڏاهري، جمعدار جمون مڏو،
يعقوب خاصخيلي، محمد بخش شيدي ۽ خيرو شيدي. جڏهن
ته هوشو هالائي. ننڍي قد وارو ٿي ڪري وڏن وڏن
ٻِٻُن ۽ قدآور مڙس ملهن کي، ڪڏهن اندريون، ڪڏهن
جانٺي سان ڪڏهن لاپڙائي سان ته ڪڏهن وري وارا ڪڍي
کين اُڇلائي ڇڏيندو هو.
ارباب حاجي جمال الدين جي شادي 1941ع ۾ ٿي.سندس شادي ۾ قاضي
سچيڏنو، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ پير بقادار
شاهه، ڊينٽل سرجن سي پي، قاضي عبدالمجيد عابد،
الهه بچايو شاهه ڄاموٽ مٽياري وارو، خانصاحب محمد
اسماعيل، لالا نورالدين مالڪ مئجيسٽڪ سئنيما
حِيدرآباد ،پوليس آفيسر خانصاحب علي اڪبر ۽
نامورا اداڪار يوسف آفندي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. شادي
به ڏاڍي ڌام ڌوم سان پوري ٿي. جنهن جي ٻنپهرن
واري مانيءَ جو انتظام، ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ حيدرآباد
واري آفيس جي مٿان ماڙيءَ تي، ڪائونسل هال ۾ ٿيل
هو. باقي رات جو رنگين محفل، ڇيرن جي ڇمڪار، طبلي
جي ڌڌڪار ۽ شرابا تهورا جي آبشار ٿي.
منهنجو پراڻو، جهونو ۽ پيارو دوست ولي صاحب، جيڪو ”جائينو فون
ڪمپنيءَ“ واري 1932ع جي وقت کان وٺي، يارين ۽
دلدارين ۾ رهندو آيو، جنهن جي مون ممتاز شانتيءَ
سان زور زبردستي ڪري ، حيدرآباد ۾ ئي شادي ڪرائڻ
جي ڪوشش ڪئي، جيڪا تنهن وقت سندس ئي تشڪيل ڏنل
ڊانس پارٽيءَ جي مالڪڻ ۽ مکيه فنڪار هئي، ۽ پنهنجي
والد نظامي صاحب جي سرپرستيءَ هيٺ پرڀات (نشاط)
سئنيما ۾ ورائٽي شو پئي ڪيائين، ۽ جنهن جي عشق ۾
رڳو هڪڙي گوڏ ۽ ڪڙتي سان ولي صاحب حيدرآباد پهتو
هو! آءٌ ان وقت پنهنجي برانڊ نيو شورليٽ ڊيلڪس ڪار
۾، سٺ ميل جي رفتار سان، ڊومڻ واهه وارو رستو وٺيو
اچي رهيو هئس، ته اڳوڻي پرڀات ۽ هاڻوڪي نشاط
سئنيما جي ٿورو ئي ويجهو پهتس ته ولي سان ملاقات
ٿي. ۽ پوءِ اسان ممتاز شانتيءَ سان ملياسين، ساڻس
گڏ نظامي به هئي، جيڪا پوءِ مشهور اداڪاره بڻجي
وئي. ڳائڻين ۾ حسيني گوليءَ ۽ ناڀا کانپوءِ درجو
رکندي هئي. حسيني گولي ۽ ناڀا، خانصاحب عاشق علي
خان جون شاگردياڻيون هيون، جيڪي پنهنجي وقت جون
سهڻيون ۽ راڳداريءَ جي فن ۾ اول درجي جون ماهر
ليکيون وينديون هيون.
1958ع ڌاري محمد سليمان فوٽو گرافر جي معرفت، صدر جي بوهري محلي
۾، ماڙيءَ مٿي هڪڙي ڪشادي، هوادار ۽ عاليشان جڳهه،
پنجويهه رپيا ماهوار مسواڙ جي حساب سان حاصل ڪئي
ويئي. سا 1977ع تائين اسان جي ئي قبضي ۾ رهي. هاڻي
ان کي مخدوش حالت ۾ سڄي بلڊنگ خريد ڪندڙ وٺي ڊاهي،
هوٽل فاران جي بلڪل سامهون، جديد دور جي فليٽ سسٽم
ست ماڙ بلدنگ ٺهرائي، ان جا فليٽ ماڻهن ۾ سستي
اگهه سان وڪرو پيا ڪن.
منهنجو سهرو محمد ڀائي اصل ۾ ننڍپڻ جي زماني ۾ پالڻپور رياست
کان سندس وڏي ڀاءُ بابو عبدالغفور جي ڪري،
حيدرآباد ۾ اچي قيام پذير ٿيو هو. سندس ٽيون ڀاءُ
جيڪو سڀني کان وڏو هو ۽ سندس نالو محمد اسماعيل
هو، سو مليٽريءَ ۾ ملازم هو، جيڪو پڻ ورلي مون سان
ملندو رهندو هو. بابو عبدالغفور جي ننڍڙي هوٽل
ڪراچي هوٽل جي بلڪل سامهون چوڪ تي، جتي اڄڪلهه
بليئرڊ هال (اسپتال) آهي، جي هيٺيان هوندي هئي.
سندس انهيءَ ننڍڙي پر صاف سٿري هوٽل جو لذيذ ۽ خوش
ذائقه کاڌو، انهن وڏين ڪراچي ۽ اسلاميه هوٽلن کان
به وڌيڪ هلندو هو. خاص ڪري، سندس هوٽل جا نان
ڪباب، منڍي پاوا، پڪل گوشت ۽ ڪڪڙ گهڻا مشهور هوندا
هئا، جيڪي کاڌي پيتي جا شوقين اتان خريد ڪري، کائي
پي، ڍؤ ڪري، هڪ خاص قسم جي لذت محسوس ڪندا هئا.
محمد ڀائي، جيڪو وڏو جهيڙاڪ، جهڳڙالو ۽ داداگير جي
حيثيت ۾ ”احمد آبادي“ سڏبو هو، پنهنجي جواني واري
دؤر ۾ وڪٽوريا گهوڙي گاڏي هلائيندو هو ۽ انگريز
ٽامين کي گهمائن ڦيرائڻ جي خيال کان سير ڪرائي،
کانئن ڊبل ڀاڙا وصول ڪندو هو. محمد ڀائي حيدرآباد
جي مشهور داداگيرن ۾ پنهنجو نالو خوب روشن ڪيو،
پوءِ ڪاٺين ۽ ڪوئلن جو ڪارخانو کوليائين.
انهيءَ وقت مير علي احمد ٽالپر، سندس مولوياڻي زندگيءَ کي
خيرباد چئي، دراز ريش مان ڪلين شيو بڻجي، نئين دؤر
واري جينٽلمينيءَ ۾ اچي، قسمين قسمين جا سوٽ بوٽ
پائي، ميچ ۽ موزون ٽائيون لڳائي، 1940ع واري
خانداني ٻگهيءَ کي رنگ روغن ڪرائي، چمڪائي ۽
ٻهڪائي ڪاري ڪوچوان شيديءَ جي ڪوچواني ۾، حيدرآباد
جي سهڻين، خوبصورت نظارن وارن رستن روڊن تان
ٿيندا، تلڪ چاڙهيءَ تان چڙهي عامل ڪالوني ۽
هيرآباد جا سير ڪندا، نظارا ڏسندا، اچي تلڪ چاڙهي
واري اوچيءَ ۽ مٿانهين ٽڪريءَ تي جنڪشن ڪندا هئا.
جتان سهڻيون ۽ نوجوان، ٺاهوڪيون ديوان عالماڻين
جون قسمين قسمين، رنگ برنگي، ملائم ۽ نفيس فينسي
ڊريسن ۾ ملبوس ٽوليون ۽ ٽولا، اٽڪلون ۽ ادائون
گذرنديون ۽ گذرندا هئا، ته مير صاحبان-
مير علي احمد ۽ مير رسول بخش-
مسڪرائي، پنهنجا هيرن جهڙا ڏند ڏيکاري، وڏا وڏا
ٽهڪ ڏيئي، هڪٻئي جي هٿن تي هٿ هڻي داد ڏيندا هئا.
پوءِ چاهي اهو درزي جو دڪان هجي، يا اسٽور يا ڪو
ايراني ريسٽورينٽ.
اهو 1939ع جو زمانو هو، جڏهن پنهنجي نئين نويلي ڪنوار کي وٺي،
برانڊ نيو چاڪليٽي رنگ جي شيور ليٽ ڪار ۾، انهن
روڊن رستن تان لنگھندو هئس، جتي مير صاحبان به
انهن سهڻين ۽ ٺاهوڪين تتلين، ڀنورين ۽ ڪوئلين
اڳيان اليڪشن خاطراميدوارهوندا هئا، جنهن ۾ ڪجھ
قدر ڪاميابيون به ماڻيون هئائين. اسان خوبصورت،
دلڪش ۽ پرڪشش جوڙو، قسمين قسمين زريءَ جي ساڙهين،
اطلسي ۽ طنابي بلائوزرن ۽ ڪيمخوابي ڪوٽن ۾ ملبوس
نه رڳو رشڪ ڪرائيندو هو، پر ڪيترائي سمارٽ نوجوان
ديوان عامل ڇوڪرا منهنجي انهي پارٽنر من موهڻي کي
عامل ڇوڪري ” موهني“ سمجھي، وڙهڻ لاءِ تيار ٿيندا
هئا، جنهن جو اطلاع ڪيترن ئي دوست عامل ڇوڪرن کان
سواءِ، ڪئپيٽل (ايلائٽ) سئنيما مارڪيٽ جي مالڪ
مسٽر چنديرام به ڏيئي، مون کي چست ۽ هوشيار رهڻ جو
مشورو ڏنو.
انهي زماني ۾ مير رسول بخش خان سڄي حيدرآباد جي
حسينن جي سروي ڪرڻ ۾ رڌل هوندو هو. ڪڏهن راهگذرن
۾، ڪڏهن پري آستانن تي ديوين جي ديدار لاءِ، ته
ڪڏهن ڦليلي جي ڪنارن تي ٻيڙي وارن ۾ هميشه حسن
پرستي ۾ ئي سرگردان رهندو هو. مير رسول بخش جو
سالو عبدالقادر ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن ڊائريڪٽر هوندو
هو،جيڪو آفندي خاندان جو چشم چراغ هوندي به رڳو
ميمڻ ئي محسوس ڪيو ۽ سڏيو ويندو هو، ڇو ته سندس اٿ
ويهه، ملڻ جلڻ ميمڻن سان هوندي هئي. |