سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :107

 1912ع ڌاري اڏيرو لعل اسٽيشن کي گھاگھلن جي اسٽيشن به چوندا هئا. جتان گھاگھلا ذات جي ماڻهن جو ڳوٺ ميل کن پنڌ تي هوندو هو.......... هتي اسٽيشن تي اُٺن جي کوڙي هوندي هئي، جتي اُٺ هر وقت ڀاڙي تي سوارين لاءِ ملي سگھندا هئا. کوڙي تي جتن کي هڪ رپيو پُٺيان هڪ آنو، کوڙي جي جمعدار کي آنڪي ڏيڻي پوندي هئي، جنهن عيوض هو جتن جي حقي پاڻي جو انتظام رکندو هو. جت اڪثر گھوٽاڻن جا مير جت هوندا هئا ۽ طاڙا کڻڻ هنن جو اباڻ ڌنڌو هوندو هو. اهي هر وقت هالن جي مارڪيٽ ۾ اُٺ سوڌو نظر ايندا هئا ۽ چار يا اٺ آنا سوٿي وٺي اُٺ ٻڌندا هئا ۽ وقت تي اچي گھران سوار کي کڻندا هئا.

1914ع ۾ جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي، تڏهن سرڪار زوري اُٺ پئي خريد ڪيا ۽  خريداري لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي. مير جت ويچارا جن جو گذران جو ذريعو ئي ڏاگھا هوندا هئا، سي زوري انهي کان محروم ٿي ويا ۽ سندن ڌنڌو بند ٿي ويو. کوڙي ان ڪري ويندا ئي ڪونه هئا، جو اتان سرڪاري ماڻهو جنهن جو اُٺ ڏسندا هئا ته بيگر هڻي ويندا هئا. مير جت ويچارا چوندا هئا ته ادا ڇا ڪريون، اٺن ۾ ڪاميٽي پئي آهي. اسان مسڪينن سان ويل وهي ويا آهن. اٺن جي اڻاٺ سبب اسٽيشن تي ويٺل مير جت جي پنهنجا ٽانگا ان وقت رڳو اڏيري لعل اسٽيشن کان اڏيري لعل وليج تائين هلائيندا هئا، سي هن اُٺ جي ڏڪار ۾ هالن تائين ٽانگا هلائڻ لڳا هئا، جنهنڪري ڪجھ ڀرم ڀريو ۽ مسافرن جي رهجي آئي. وري جڏهن موٽرون نڪتيون، ۽ هالن جا ماڻهو شهدادپور کان موٽرن ۾ سواري ڪرڻ لڳا، تڏهن به ويچارن مير جتن جي روزي تي لت اچڻ لڳي ۽ جڏهن کانئن پڇيو ويو ته:  ”جت فقير ڀاڙا ٻاڙا ملن ٿا يا نه؟“ ته هٿ کڻي موٽرن تي پٽيندا هئا ۽ جنگ عظيم وارو زمانو ياد ڪري چوندا هئا ته : ”الله موٽرن ۾ ڪا ڪاميٽي وجھي اسان جو روزگار ئي بند ٿي ويو آهي.“

پئسينجر ريلوي گاڏيء کي ماڻهو ”مڪس گاڏي“ چوندا هئا....... اسڪولن جا شاگرد اهڙو ڪم ڪندا هئا، جو ڄڻ گاڏي سندن خانگي ملڪيت هجي، سڀني تختن (برٿن) تي ڊگھا ٿي سمهي رهندا هئا. ڪنهن کي به نه گاڏي ۾ چڙهڻ ڏيندا هئا ۽ نه ويهڻ. گارڊ ۽ ٻيا ريلوي اختياري وارا عاجز لاچار هوندا هئا. چوندا هئا: ” ڇوراڻي پوتي کٽيءَ نه ڌوتي.“

نولراءِ هيرانند ائڪڊمي جي اولهه طرف کان ڪافي ميدان ڇڏيل هو، جتي صبح جو اسيمبلي ٿيندي هئي. هارمونيم تي هندو عامل شاگرد بيهي مٺڙن آوازن ۾ پرارٿنا ڳائيندا هئا. سڀ شاگرد ادب سان ٻانهون ٻڌي بيهندا هئا. پرارٿنا پوري ٿيڻ تي هرهڪ ڪلاس جي قطار پنهنجي  ڪلاس ڏي هلي ويندي هئي ۽ استاد صاحبان جي مٿي ورانڊي جي ٿلهي تي قطار م بيهندا سي پنهنجن پنهنجن ڪلاسن ۾ پهچي ويندا هئا. ڪن استادن جي عادت هوندي هئي، ته شاگردن جي حاضري وٺڻ مهل سنسڪرت جا ڪي جملا چوندا هئا ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ دُعا گهرندو هو. مسٽر پرتابراءِ دعا گهرندو هو: ”اي پرڀو تون پيريءَ ۾ بُت سان گذارجانءِ، جيوت سکيءِ ڪجان. اي ايشور سڀ جيو جنتر  جيت ڄڻيا تنهنجي گنج مان پلجن ٿا. تون پنهنجي دامن تي سُک جو سمون آڻج. اي جڳ جا رکپال، اسان پاپين جي رکشا ڪر....... اها دعا پنج منٽ هلندي هئي ۽ پوءِ حاضري وٺبي هئي......... اسڪولن ۾ پڙهندڙ اڪثر ٻار عاملن، ديوانن ۽ واپارين جا اولاد هوندا هئا، انهن جي گهرن ۾ به انگريزيءَ جو واهپو گهڻو هوندو هو. تنهن هوندي به ٽيوشنون وٺندا هئا ۽ گهڻو هوشيار هوندا هئا. دُعا: (1) ديا سان اي ديالو تون ڪرم ڪر مهر سان پرڀو، (2) ٻاجهه ڪر ٻاجهارا سائين ٻاجهه ڪرين ٻاجهارا.

تڏهن پوهوکياڻي بلڊنگ ۾ اڪيڊميءَ جو بورڊنگ هائوس هوندو هو، جتي شهر کان ٻاهران آيل شاگردن رهندا هئا. بورڊنگ هائوس ۾ ڪي اهڙا به شاگرد هوندا هئا، جيڪي پنهنجا نوڪر به پاڻ سان گڏ رکندا هئا، جيڪي سندن ماني ٽُڪي ٺاهيندا هئا.

ورنيڪيولر فائينل امتحان جا فارم ڀرائڻ لاءِ استاد شاگردن کي همٿائيندا هئا. فارم جي في ٻه رپيا هوندي هئي........ ايليمينٽري ڊرائنگ امتحان جي فارم جي في به ٻه روپيا هوندي هئي. جيڪي شاگرد ڊرائنگ ڪلاسن ۾ هوندا هئا، تن کي شام جو ڊرائنگ ڪلاسن ۾ اچڻو پوندو هو. ڪي اهڙا به پرنسپال ۽ استاد هوندا هئا، جيڪي ڪنهن شاگرد وٽ فيءَ امتحان جا پئسا نه هئڻ تي پاڻ اُهي في جا پئسا ڀري ڇڏيندا هئا. تڏهن پيپر بمبئي مان ايندا هئا ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ نتيجو نروار ٿيندو هو...... ڊرائنگ جي امتحان ۾ جيترا به شاگرد پاس ٿيندا هئا، تن جي انگ تي اسڪول کي ڪجهه گرانٽ ملندي هئي. نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۾ عربي نه پڙهائي ويندي هئي، تنهنڪري ثانوي زبان پارسي هئي. ڪي استادن جا ٻٽوئان وار هوندا ۽ تُرڪي ٽوپي پائيندا هئا. پارسي پڙهندڙ شاگردن کي چوٿين درجي ۾ مزاحيه حڪايتن جو ڪتاب حڪايات لطيف، پنجين درجي ۾ اخلاقي آکاڻين جو صدحڪايات جو ڪتاب  پڙهايو ويندو هو.

اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن – مسلمان توڙي هندو-  ۾ دوستيون ٿينديون هيون. مذهبي متڀيد نه هو. شاگرد هڪٻئي جي گهرن ۾ ايندا ويندا هئا. مون کي جڏهن سندن مائرون ڏسنديون هيون، ته هيءُ سندن پُٽن جو دوست آهي، ته مون کي پنهنجي پُٽن جيترو گهُرنديون هيون ۽ ڪيترائي ٽول ۽ ٻيون شيون کارائينديون هيون، پنجين درجي ۾ منهنجا پيارا دوست – حشو حشمت راءِ ڪيول راماڻي، موتي ميرچنداڻي، ڀون گدواڻي، هوتو مهتاڻي، ڪشن ناگراڻي – هئا تڏهن مسلمان شاگرد اٽي ۾ لوڻ برابر هوندا هئا.

حيدرآباد ۾ جتي اڄ ريڊيو پاڪستان جي جاءِ ٺهيل آهي، اُتي هڪ ڪرسچن جي ريڊنگ روم ۽ لئبريري قائم هئي، جنهن ۾ ديوان پرمانند ميوارام حيدرآبادي عامل، جنهن عيسائيت اختيار ڪئي هئي، سو هن لئبريري جو سرواڻ هو. هو هڪ اخبار انگريزيءَ ۾ لائيٽ نالي، سنڌيءَ ۾ جوت نالي ٻه هفتيوار اخبارون ڪڍندو هو. روزانو ”هندو“ اخبار به هوندي هئي........... عام شاگرد توڙي شهري هن لائبريري مان ڪتاب اشو ڪرائي پڙهندا هئا..... هيرانند اڪئڊمي ۾ به لائبريري هوندي هئي.

مسلمان شاگردن جي في معاف ڪرائڻ ۽ ڪتابن ۽ نوٽبڪن خريد ڪرڻ لاءِ هڪ ايسوسيئيشن ٺاهي وئي. جنهن جي پهرين گڏجاڻي اولهندي ڪچي ۾ حافظ شفيع محمد سپروائيزر تپيدار جي جاءِ ۾ ٿي، جيڪا جاءِ مٽيارين جي قاضي عبدالرئوف مرحوم جي اصل جاءِ هئي. گڏجاڻي ۾ مولوي امام بخش صاحب، جيڪو فارسي جو استاد هو، کي صدر چونڊيو، محمد اسماعيل عرساڻي جنرل سيڪريٽري ۽ واجد علي خزانچي ٿيو. هرهڪ شاگرد تي چار آنا ماهوار چندو مقرر ڪيو ويو......... شاگردن فيصلو ڪيو ته اُهي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ سندن سيڪنڊ هئنڊ ڪتاب وڪڻڻ جي ڀيٽ ۾ ايسوسيئيشن کي ڏيندا، ته جيئن اُهي غريب شاگردن کي مفت ۾ ڏنا وڃن. گڏجاڻي ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته هر آچر تي اُهي مسجدون، جيڪي هندن جي پاڙي ۾ اچي ويون هيون ۽ جتي ٻانگ صلواة ڪانه ٿيندي هئي. تن جي واري واري سان ڪنهن آچر تي هڪ پاڙي ۾ ٻي آچر تي ٻئي پاڙي ۾ هلجي ۽ ٻُهاري ڏيئي صفائي ڪري اچجي. مسجدون سڄيون مٽي جي حالت ۾ هندو پاڙن جي وچ ۾ اچي ويون هيون ۽ جتي چوڌاري هندن جو ماڙيون سُڪل ٺوٺ ٿيل، تڏا ڦاٽل پرزا پرزا ٿيل، مٽي ۽ ڪچري جا ڍير لڳل. مسجد جي دروازي کي رڳو تالو به لڳل نه هوندو هو. اسان پاڙي وارن کي هدايت ڪئي سين، ته هيءَ مسجد آهي، جيڪا مسلمانن جي پاڪ جاءِ آهي، مهرباني ڪري گهر وارن کي روڪين ته هن ۾ گند نه اُڇلائين.

شاگرد جڏهن ڪنهن وٽ پئسن جي وصولي لاءِ ويندا هئا، ته اُهي کين پنهنجي استاد کان رسيد لکرائي اچڻ جو چوندا هئا. رسيد بڪ ڇپايا ويندا هئا، جيڪي پئسي ڏيندڙن کي رسيد ڏبي هئي، ڪي اهڙا به ماڻهو هوندا هئا، جيڪي جيتوڻيڪ پئسا ڏيندا هئا. پر پنهنجو نالو لکرائڻ نه چاهيندا هئا....... پوءِ هندو شاگردن توڙي استادن به چيو: سندن مدد جي گهُرج هجي ته اُهي به حاضر آهن. پوءِ مسلمان شاگردن جون ڪن سڄيون ته ڪن جون اڌ معاف ڪيون ويون....... ڇهين درجي ۾ حاجب شاهي، منتخبات فارسي جو مجموعو هو، پڙهايو ويندو هو. هن مجموعي ۾ گلستان، بوستان، انوار سهيلي نثر جي حصي ۾ ڪريما، پندنامه فريدالدين عطار، محمود نامه جا ڪجهه غزل ۽ ڪجهه جديد فارسيءَ جا منظومات پڙهايا ويندا هئا. جيڪو ديوان ڏيارام پڙهائيندو هو. ديوان ڏيارام پڙهائڻ وقت مست ٿي ويندو هو، ۽ ڪنڌ پيو ڌوڻيندو هو.

فارسي گرامر ڇهين درجي کان شروع ڪرايو ويندو هو، هڪ گرامر جو ڪتاب ”ڪانگا جو گرامر“ پڙهايو ويندو هو. مٿيون ڪورس ٻن سالن جو هو، يعني ڇهين ۽ ستين ٻن درجن ۾ پورو ڪرڻو پوندو هو ۽ مئٽرڪ ۾ امتحان انهن مان ئي ٿيندو هو...... 25-1924ع ڌاري اسان جي مئٽرڪ واري ڪلاس ۾ 143 شاگرد هئا، جن ۾ مسلمان رڳو يارنهن هئا. مئٽرڪ ۾ سنڌي ۽ جاگرافي جا مضمون نه هوندا هئا. مئٽرڪ جو امتحان رڳو هيٺين ڪمن ۾ ٿيندو هو. انگلش جنرل هڪ پيپر، انگلش ٽيڪسٽ هڪ پيپر، انڊين هسٽري ۽ انگلستاني هڪ پيپر، پرشن هڪ پيپر، رياضي، ارٿميٽڪ آلجبرا ۽ جاميٽري هڪ پيپر. 25-1924ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان مارچ مهيني ۾ ٿيندو هو. تڏهن سنڌ ۾ مئٽرڪ امتحان لاءِ رڳو هڪ ئي سينٽر ڪراچيءَ ۾ هوندو هو، جتي ٻن هالن – سنڌ مدرسة السلام جي مٿي هال ۽ خالقڏنو هال - ۾ امتحان هلندو هو.

1925ع ۾ پهرين سال، حيدرآباد کي مئٽرڪ جو سينٽر بڻايو ويو، اهو هندو صاحبان جي ڪوشش جو نتيجو هو. جنهن لاءِ پهريون سينٽر هومسٽيڊ هال ۾ ڪيو ويو. تنهن زماني ۾ حيدرآباد ۾ رڳو چار هاءِ اسڪول هئا: (1) گورنمينٽ هاءِ اسڪول، جيڪو هاڻي نورمحمد هاءِ اسڪول آهي. (2) نؤوديالا هاءِ اسڪول،جيڪو هاڻي حيدرآباد يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس آهي ۽ راءِ بهادر ديوان پرڀداس ان جو باني هو. (3) نولراءِ هيرانند اڪيڊمي، جتي هينئر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ سنڌ لاءِ ڪاليج آهن. (4) ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول، جيڪو ڇوڪرين لاءِ هو، ۽ اڄ اُتي جامعيه عربيه هاءِ اسڪول آهي.

امتحان ٽي ڏينهن هلندو هو. روزانو ٻه پيپر ٿيندا هئا. سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا شاگرد به هتي امتحان ڏيندا هئا....... تڏهن سنڌ بمبئي پريزيڊنسي سان ڳنڍيل هئي، ۽ امتحان سڀ بمبئي يونيورسٽي وسيلي ٿيندا هئا. مارچ اپريل ٻه مهينا انتظام جا هوندا هئا ۽ مئي جي پڇاڙي ۾ نتيجو نڪرندو هو. تعليم وسيلو انگريزي  زبان  ۽ امتحان  جو رعب  گھڻُو هوندو هو، ڪاپي جي ته ڪنهن کي سوچ نه هئي ۽ نه وري  امتحان  ۾ ڪو اثر  رسوخ  هلائڻ جو امڪان هو، سوالي پيرن تي ممتحن جا نالا  ۽ ائڊريسون  لکليل هونديون هيون، پر تڏهن  جا ممتحن اثر يا سفارش  کان  آجا هئا ۽ اها ڳالهه ڏکي هئي  جو  وٽن ڪنهن بابت رسائي  يا پهچ ٿي سِگھي. رزلٽ هميشه بمبئيءَ  ۾ رات جو ٻارهين وڳي نڪرندي هئي. ٽيليگراف رستي سڀني پريسن کي نمبر ڏنا ويندا هئا.  جي راتو واهه سپليمينٽري وسيلي شايع ڪري صبح سويري ٻه ٻه  آني  قيمت وصول  ڪري  هر هڪ شاگرد  کي نهايت سولائي  سان ملي سگھندي هئي اها رات شاگردن  کي ننڊ ئي نه ايندي هئي.

سنڌ جي رزلٽ وڌ ۾ وڌ چاليهه  کان پنجيتاليهه سيڪڙو  ٿيندي هئي.‎ ڊويزنون ڪو نه هيون، رڳو پاس يا فيل هوندو هو.  سپليمينٽ  ۾ رڳو  پاس نمبر  ظاهر ڪيا ويندا هئا. جيڪي نمبر نه هوندا هئا. سي فيل قرار ڏنا  ويندا هئا. 1925ع ڌاري رزلٽ ۾ نولراءِ هيرانند اڪيڊمي مان اسان يارنهن مسلمان شاگردن مان رڳو هڪ پاس ٿيو.

1925ع ۾ مرحوم نورمحمد وڪيل ’مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ‘ جو بنياد رکيو. ان لاءِ سر ابراهيم رحمت الله کي صدارت لاءِ گهرايو ويو. شاگردن ڏينهن رات محنتون ڪري قومي جذبي سان سرشار، هومسٽيڊ هال کي ڪانفرنس لاءِ ڪنوار جيان سينگاريو. ڪانفرنس ۾ ڪافي ولولي انگزيز تقريرون ٿيون. مخير حضراتن وڏن وڏن چندن ۽ عطين جا اعلان ڪيا. اسان خوب نعرا هنيا. تاڙيون وڄايون، پر ڪانفرنس جي ڪارروائي کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه پسند آئي سو هو مشاعرو. مشاعرا به ٿيندا هئا.

هڪڙي ڀيري اردو ۽ سنڌي مشاعرو ٿيو. جنهن مشاعري ۾ مصرع اردوءَ ۾ هئي ”چشم موسي کو بهي حسرت ره گئي ديدار ڪي“ سنڌيءَ ۾ ان جو ترجمو هو ”چشم موسيٰ کي به حسرت رهجي وئي ديدار جي.“ اردو مشاعري جي صدارت مير ايوب خان ڪئي ۽ سنڌي مشاعري جي صدارت مرحوم مرزا قليچ بيگ ڪئي.

تڏهن مئٽرڪ پاس ڪرڻ وڏي ڳالهه سمجهي ويندي هئي. وري جيڪڏهن هالن جهڙن ننڍن شهرن مان ڪو شاگرد مئيٽرڪ پاس ڪندو هو، جتي ان کان اڳ ڪنهن به مئٽرڪ جي امتحان جو خواب ئي نه ڏٺو هوندو هو، ته اهم ڳالهه ليکبي هئي. جڏهن آئون پاس ٿيس ته منهنجا والد ۽ ٻيا مائٽ مئٽرڪ ۾ ڪاميابي تي نهايت خوشيون ملهائڻ لڳا. آئون هالا شهر جي هندن، سکن ۽ مسلمانن سڀني مان پهريون شخص هوس، جنهن مئٽرڪ پاس ڪئي هئي. تنهنڪري منهنجي والد کي گهڻيون مبارڪون مليون. جناب حضرت مخدوم ظهير الدين (پُرو ڄام) سائين مون کي ويهه رپيا خرچي ڏنا ۽ دعا ڪئي. منهنجي امڙ مون کي ڀاڪر ۾ وجهي چميون ڏنيون.

مئٽرڪ ڏيئي ڪنهن ڪاليج ۾ داخلا وٺڻي پوندي هئي. داخلا لاءِ هڪ معمولي فارم ڀرڻو پوندو هو، جيڪو ڪاليج مان مفت ۾ ملندو هو. فارم سان گڏ رڳو ڏهه رپيا ڪاشن مني ٿڏي تي ڏيڻي پوندي هئي. ڪلارڪ، نالو ۽ مئٽرڪ جو سيٽ نمبر بمبئي مان آيل ڇاپي رزلٽ تان ڏسي تصديق ڪندو هو ۽ ٻئي ڏينهن نوٽيس بورڊ تي لسٽ لڳائي ويندي هئي، ته هيٺين شاگردن کي داخلا ڏني ويئي آهي. ان کان وڌيڪ ڪابه پٽاڙ يا اينگهه ڪانه هوندي هئي. تڏهن بي. اي پهرين سال کي ايف. واءِ. اي فرسٽ ايئر آرٽس شايد چوندا هئا. ٻئي سال کي انٽر آرٽس، ٽئين سال کي جونيئر بي. اي ۽ چوٿين سال کي سينيئر بي. اي سڏيندا هئا. ڪاليج اسڪالرشپ لاءِ درخواست پرنسپال جي معرفت ڏبي هئي ۽ ٽيهه رپيا ماهوار اسڪالرشپ نهايت سولائي سان پاڻهي ملي ويندي هئي..... تڏهن سلاميءَ واري ڇت ٺڪر جي نرن سان ڍڪيل هوندي هئي. سنڌ نيشنل (گدومل) ڪاليج جو هاسٽل پڻ هوندو هو. هاسٽل ۾ رڳو ڏهه ٻارهن ڪوٺيون هيون، جيڪي پراڻي وقت جون ٺهيل هيون، پر ٻاهرين شاگردن لاءِ غنيمت هئي.

مُلان اسڪول به هوندا هئا........ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ناسڪ پڙهڻ لاءِ به ڪي ماڻهو ويندا هئا. تڏهن انڪمبرڊ اسٽيٽس آفيس به هوندي هئي....... شاگرد پنهنجا بورچي به رکندا هئا............ ۽ ڪلب ٺاهيندا هئا، تنهنڪري مانيءَ ٽڪيءَ جا سهنجا ٿي پوندا هئا. سڀ پروفيسر شاگردن کي عزت ۽ پيار جي نگاهه سان ڏسندا هئا. عملو سهڻو ورتاءُ ڪندو هو. تڏهن مدراسي ۽ گجراتي پروفيسر به پڙهائيندا هئا.

ڪاليج جو پهرين نالو سنڌ نيشنل ڪاليج هوندو هو، پوءِ اين. اي ڊي نيشنل ڪاليج رکيو ويو ۽ هينئر گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جي نالي سان سڏجي ٿو........ فارسيءَ ۾ نثر ۾ بهارستان جامي ۽ نظم ۾ طبيعات سعدي پڙهايا ويندا هئا. شاگرد ڪاليجي چوائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. ڪاليج ۾ ٽرگنامينٽري پڙهايو ويندو هو. هرهڪ پيرڊ (فر جي) جي حاضر ڀربي هئي. تنهنڪري پيرڊ ۾ گسائڻ قطعن ناگوار لڳندو هو ۽ نهايت تاڪيد سان هرهڪ فرجي ۾ حاضر رهبو هو. ثانوي اسڪول به راندين، ڊرامن، ڊبيٽن، ايڪسڪرشنن ۽ ٻين سوشل دلچسپين کان خالي نه هوندا هئا. پر ڪاليج ۾ فضائي ٻي هئي.

پروفيسر ايم. ايم گدواڻي پرنسپال ٿي اچڻ سان ڪاليج ۾ زندگي پيدا ڪئي. هڪ ڀيري ڪاليج لان تي هڪ ”انڊين مجلس“ ڪريائين، جنهن لاءِ  ڪو  به چندو وغيره رکيل ڪونه هو. ڳائڻ  وڄائڻ سميت  هڪ فينسي ‎شو به هو هن مجلس جي  پروگرام ۾ شامل هو. کاڌي لاءِ سڀ  ڪنهن  کي حڪم هو ، ته پنهنجي گھران سڀڪو ڪجھ نه ڪجھ سنڌي ڍنگ جو  کاڌو رڌائي پاڻ سان کڻي اچي. عجيب غريب قسم جا کاڌا  گڏ ٿي  ويا. ڪنهن ٻاجھري جا ڍوڍا ۽ چٽڻي آندي. ڪن ڪڻڪ  جو رڌل  ڏرو، جنهن کي ٻاٽ چوندا هئا،سو آندو ته ڪنهن لپئي آندي ،ڪنهن ڪڻا پر شاد يعني چڻن جي ڪهرن جي چٽڻِي اميز پليٽ  آندي، جنهن  کي ڇولا چيو وڃِي ٿو، ڪنهن  سيگو چانورن جي رٻ آندي، ڪنهن سوجي جو سيرو، ڪنهن کيرڻي  ڪنهن  پٽاٽن  جون ٽڪيون، ڪنهن کچِڻِي ۽ ڪڙهي، ڪنهن ڌوئنري ۾ ٺهيل  رائتو، ڪنهن ڀاڄِي پلاءُ، ڪنهن مڱن ۽ چؤرن جا  ڪُهر، ڪنهن ڪچونبر، ڪنهن ٽماٽي جي چٽڻي، ڪنهن سلان  ڪنهن ڦُلڪا، ڪنهن موڻيون ڪنهن چوکا، ڪنهن بسريون  ڪنهن مٺا چانور (رنگ بنا چاشني )  ڪنهن وڙيون  ڪنهن اچار ڪن مربا ڪن ڏهي، ڪن لسي جس لوٽا ڪن پڪوڙا، پوريون ڪن ڪن بهن چپڙن انب چور جون ڪچيون،ڪن پالڪ ته ڪن سرنهن جو ساڳ، ڪن موريون ته ڪن ڪريلا ڪن گاجر جو حلوو  ڪن ٻيون قسمين قسمين  گھر جون  ٺاهيل مٺايون آڻي ڍير ڪيون. ويشنو کاڌا هئا،پاپڙن جو ته حساب ئي  ڪونه هو. ڪو  ٽانڊن تي سيڪيل، ڪي تريل،کائيندا ها! جڏهن ته مسلمان شاگردن تريل مڇيون ، گوشت، بيضن جا ٻوڙ، سو پ ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ، ڪؤنرا پراٺا، چاشني، ڪورمو، ۽ ٻيون اهِڙ‎يون غذائون آنديون. پليٽ پليٽ هر هڪ جي ڌار ڌار هئي، ورڪر بيٺا هئا. چمچن سان لاهي ٿي ڏنائون، جيڪي گهر سو حاضر. مسلمان شاگرد  جي چوڻ تي چوڪيدار ماهيو کير آڻي ڏنو ۽ ان ۾ راسبيريءَ جو رنگ ۽ کنڊ  گڏي  کِڻي  ملڪ روز بڻايو  ۽ هڪ وڏي  ديڳ ڀري رکي سين. واهه واهه ٿي ويئي، ڇو ته شهر وارن کي ملڪ روز جو ڍُڪ ڍُڪ  آڻڻ ذرا مشڪل  بلڪ محال هو.

ڪجھ وقت کان پوءِ  هڪ ايڪيسڪرشن جو انتظام  ڪيو ويو.  ڦليلي ان  وقت  ڦوهه جوانيءَ ۾  هئي، سندس وهڪرو سنڌو درياهه سان ڪلهو هِڻي رهيو هو. هڪ ٻين ٻيڙين جو ڪرايو وغيره  ميربحرن سان طئي  ٿيو ۽ آتوار صبح  جو  اسان کي ڪاليج کان ڄام شوري موري وٽ وڃِي  پي. ڊبليو.ڊي.  جي بنگلي ۾ ڏينهن گذارڻو  هو، تنهن ڪري ٻيڙيون اوڀاريون هليون، جي ڦليلي جي ڪپ سان  مير بحرن رسن سان ڇڪي  ٿي هلايون.......  ٻِيڙي ۾ ڪيترائي  گيت ، گانا ڳائيندا، خوشيون  ڪندا ڦليلي جي ٻنهي ڪپن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندا  خير سان منزل  مقصود  تي پهتاسين، بسڪوٽن جاپڙا، ڪيڪن جا ڊزنن جا ڊزن ۽ ٻِيا قسمين قسمين مال ٽال  وٺي ويا هئاسين، جي کائي  آسپاس  جو شيل ڪري شام جو وارو ٿيا سين ۽ اندر باهر هو ته واپس  ڪاليج ۾ پهچي وياسين،۽  سڀڪو مائٽن جو انتظار دفع ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي گهر روانو ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org