حڪومت جي سالياني آمدني
هلندڙ اوڻيهين صديءَ جي مُنڍ ۾ ٽالپر دور جي شروعاتي زماني ۾
سنڌ (حيدرآباد راڄڌاني) جو محصول چاليهه لک
ساليانو هو. 1809ع ڌاري ٽيتاليهه لک، 1814ع ۾
ايڪهٺ لک، 1824ع ۾ پنجاهه لک کان ڪجهه گهٽ مٿي،
جيڪو گهٽبو وڃي پنجٽيهن لکن تي بيٺو ۽ اهو محصول
سڄي ٽالپر گهراڻي جو سمجهڻ کپي، پر اهي سڀ انداز ۽
ڌُڪا هئا. ميرن کان جڏهن به ڍل بابت صحيح انگن
اکرن بابت پُڇبو هو ته اُهي شڪ ۽ گُمان ڪندا هئا ۽
اُهي انگريزن کي غلط معنيٰ ۾ سمجهندا هئا. سڄي
علائقي جي اُپت پنجٽيهه لک رپيا هئي. جنهن جي
حيدرآباد جي ميرن وٽ هن ريت ورڇ ڪبي هئي:
مير نصير خان نوَ لک، مير محمد خان ڇهه لک، مير صوبدار پنج لک ۽
مير محمد جي ٻن پٽن کي اٺ لک باقي ڏجيءَ ۽ ميرپور
جي ميرن کي ملندو هو. هي به صحيح انگ اکر ڪونه هئا
پر ڌُڪو هو. حيدرآباد جا مير ڪن سهولتن عيوض
انگريز سرڪار کي ٽي لک رپيا ساليانو ڏيندا هئا.
ماڻهو عام طور تي ٽالپرن کي شاهوڪار سمجهندا هئا،
پر انهن سڀني مان مير نصير خان کي وڌڪ هنن ڪل
ايڪيهه لک رپيا پنهنجن ٽن ڀائرن ۾ ورهايا هئا.
ڪابل جي حڪمرانن کي به 1839ع ۾ هنن ڪل ايڪيهه لک
ڏئي هميشه لاءِ جند ڇڏائي هئي. سندن گهرو خرچ گهڻو
گهٽ هو..... هرهڪ ٽالپر محصول واري حصي کي پنهنجو
الڳ خزانو سمجهندو هو. وٽن گڏيل خزانو به هو......
جيڪو ٻاهرين حڪمرانن جهڙوڪ پنجاب جي حڪمران يا
بهاولپور جي نواب کي سوکڙيءَ طور روانو ڪندا هئا.
ٻاهرين ملڪ جا ڪيترائي سفير درٻار ۾ ايندا هئا،
جيڪي جهجهي عرصي تائين درٻار ۾ رهندا هئا. سندن
کاڌي پيتي جو سرڪاري طور تي خرچ ادا ڪبو هو، جن کي
سندن آندل سوکڙين جي ملهه برابر ڪا سوکڙي ڏيندا
هئا ته اهو سڀاڳو ڏينهن سمجهبو هو.
ميرن کي جهجهيون سوکڙيون پڻ ملنديون هيون، جيڪي سندن ذاتي ملڪيت
سمجهبيون هيون. جنهن سان به اُهي دولت ميڙيندا
هئا. وڏي فوج سندن هٿ هيٺ هئي، جيڪا هر ذات جي لٺ
سردارن جي چئي آکئي ۾ هئي. ٽالپر انهي سردارن جي
هٿ وسيڪا هئا ۽ پنهنجي ڦلائڻ جي منجهن ٿُوم ئي
ڪانه هئي. مٿي ڄاڻايل سردار سڄي ملڪ تي ڇانيل هئا،
۽ اڇي ڪاري جا مالڪ هئا. آئون ڀانيان ٿو جيڪڏهن
سنڌ جا امير ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن سان معاهدن ڪرڻ
جو کُليو انڪار ڪن ها، ته به وٽن ايتري سگهه ضرور
هئي. جو ڪيترن اوڻاين هوندي به سندن راڄ اڃان گهڻي
وقت تائين قائم رهي سگهي ها.
شهرن ۽ ڳوٺن جي اڏاوت ۽ لاڏڙو قبيلا
ڳوٺڙا وانڍن جي روپ ۾ هوندا هئا، نئين سج نئون گهر. ماڻهن ۾ هڪ
جائتا ويهڻ جي هير ئي ڪانه هئي. اڄ هڪ جُوءِ ته
سڀاڻي وري ڪنهن ٻئي ٿاڪ پيا ڏسائيندا هئا. سندن
ڏٻري مال جيان سندن گهر به غريباڻا هوندا هئا.
پيهن ۽ پکن مان نه پکين کي پل نه هوا کي جهل، نه
نٽهڻ ۽ لڪ کان واڍر نه تهه سياري پوهه پاري کان
اوٽ اجهو. ماڻهو اڪثر ڪري ڀاڳيا ۽ وٽن اٺن جا وڳ
هوندا هئا. ٻارهوئي گهر ڪُلهي تي. جتي اٺ چارو
ڏسندا هئا، اُتي لڏو لاهي ويهي رهندا هئا. جڏهن
جوءِ باکڙ ڏسندي هئي ته سندن به اَن داڻي مان چوڻو
پاڻي کُٽو. ماڻهو وڻن جون هُڙيون ۽ ٻيلا پوکيندا
هئا، ته جيئن ميرن جا شڪار گاهه بحال رهندا اچن.
حڪمران ڀلين ٻنين ۾ پوکي راهي ڪرائڻ بدران وڻ
پوکرائيندا هئا.
حڪمران مير بلوچن، ٻين زميندارن ۽ سيدن ۽ ڪن بزرگن کي جاگيرون
ڏيندا هئا. جن جا صدر مقام ٽنڊا هوندا هئا. ۽
جاگيردارن جي نالن پويان سڏبا هئا. ٽنڊا ٻاهران
قلعي جيان ڏسبا هئا پر سندن بناوٽ ڏنگي ڦڏي هوندي
هئي، سونهن سبيتائي کان وانجهيل ۽ زبون حال اڏاوت
۽ ڪچا، بندوق هلائڻ لاءِ منجهن مارا ٺهيل هوندا
هئا. وچ تي هڪ چبوترو جوڙيل هوندو هو، جنهن تي
چڙهي نظر ڦيرائبي هئي ته سڄو علائقو چٽو پيو ڏسبو
هو........... جت يا ٻيا ماڻهو چوپايو مال ڪوٽ کان
ٻاهر ٻڌيندا هئا ۽ ڪوٽ جي ٻانهينءَ سان پنهنجون
جهوپڙيون جوڙيندا هئا.
مارو ماڻهو به هئا، جن جو ڌنڌو مال چارڻ هوندو هو. جنهن جُوءِ
جي گس تي گاهه ڏسندا هئا ته ٻن چئن ڏينهن لاءِ لڏو
لاهي ويهي رهندا هئا. جڏهن ڀانيائون جُوءِ باکڙ ٿي
ته لٺ ڪُلهي تي مال اڳ ۾ وڃي ڪنهن ٻي ٿاڪ تي ٿم
ڪندا. تنهن ڪري پنهنجي رهڻ لاءِ ڪکن ڪانن جون
جهوپڙيون جوڙين، جيڪي ٺهن به اک ڇنڀ ۾ ڊهندي به
دير نه ڪن. لوَن جي ٿوڻين پڃرن جو ڏنگو ڦڏو اڏاڻو
اڏي مٿن ڪک ڪانا سَٿين......... گڏوگڏ ٿر ۾ ڏُڪار
سٽيل ماڻهو به مال ڪاهي حيدرآباد جي حدن ۾ زرخيز
علائقن ۾ ايندا هئا، ۽ لاڏڙو پڻ پنهنجا ڪک ڪڏهن
ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي اڏيندا هئا...... جيڪي مهاڻا
سنڌوءَ جي ڪٺار سان وسنديون وسائي ويهندا هئا، تن
جا گهر به ساڳئي ڍنگ ۽ ڏانوَ جا هوندا هئا.
گهر هڪ ماڙ وارا ۽ ڇت سنئين سڌي هوندي هئي. شهر ۾ ٻه- ماڙ
واريون جايون به هيون، پر گهر سوڙها ۽ چوڌاري بند.
هوا جي گذر لاءِ نه دري نه روشندان. هتي جي شهرن
جهڙو گندو ڪنهن ملڪ جو شهر ٿي ئي ڪونه ٿو سگهي. هر
ماڻهو پنهنجي گهر جي سامهون گند جو ڍير گڏ ڪندو
ويندو هو. گهٽيون سوڙهيون جن منجهان لڏيل اُٺ ته
لنگهي ئي ڪونه سگهندو هو. رهندو ڇيڻن جا ڍير ان کي
وڌيڪ مشڪل بنائي ڇڏيندا هئا. گند جي انهن ڍيرن تي
ڪتا آهليل هوندا هئا. جيڪي اهڙا ته ڇتا هوندا هئا،
جو اسان عيسائين تي ڪهل ڪرڻ سندن ڪُڙم جو وڙُ ئي
ڪونه هو. نيٺ ته سنڌين جا ڪتا هئا. اوپرو ماڻهو
پهتو ناهي ته دَسيو ناهي. مکيون به ايڏيون هونديون
هيون، جو ٻارن جا منهن ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندا
هئا.
اميرن جي ڪن ڳوٺن کي ٽنڊو ڪري سڏيو ويندو هو، سي پري کان ڏسڻ ۾
مانائتا ۽ ٺاهوڪا پيا لڳندا هئا، پر اصل ۾ اتي پکن
پيهن ۽ مَنهنِ کان سواءِ ٻيو ٿيو ڀلو. جتي هرڪو
آئي پنهنجا گهوڙا ٻڌي ۽ چوپايو مال واڙي. رهندا به
اهڙين پيهين ۽ پکن ۾ هئا. عورتن جي ويهڻ لاءِ جدا
پکا پيهون هونديون هيون، جن کي الڳ ڪرڻ لاءِ وچان
پردو ڏئي ڇڏيندا هئا. سردار جي رهڻ لاءِ چڱيري
جڳهه يا قلعو هوندو هو. ڪاساين ۽ پساريءَ جي هٽ تي
ايتريون مکيون هونديون هيون، جو پتو ئي ڪونه پوندو
هو ته اُهي ڪهڙو وکر پيا وڪڻن، انهن گندين گهٽين ۾
ڪرڀ جهڙا ماڻهو پيا گهمندا هئا، جن جي تن مان ڍونڍ
جهڙي ڌپ پئي نڪ ساڙيندي هئي. جڏهن ته ماڻهو رات جو
ٿڌڪار مان مزي وٺڻ لاءِ گهر جي ڇتين تي سمهندا
هئا.
شهر جي مکيه گهٽي کي بازار ڪري سڏيو ويندو هو ۽ اها هر ننڍي
توڙي وڏي شهر ۾ ڏسبي هئي. اهڙيون بازارون مٿان تڏا
يا وال ڏئي ڍڪيون وينديون هيون. ته جيئن ساڙيندڙ
سج کان ڪجهه بچاءُ ڪري سگهجي.... بازار ۽ شهر ۾
بنگال جي حڪومت جو عهديدار به منهن پوندو هو.
موقعي پرست ۽ مُهم جُو ايراني به نظر ايندو. ڦڙت ۽
چالاڪ مرهٽو به ڏسبو هو، جنهن کي ميرو گدلو سنڌي
ڌڪا پيو ڏيندو هو. افغان ۽ پٺاڻ جا سيد هيڏي هوڏي
پيا گهمندا نظر ايندا هئا. ٻروچ، ڪشمير ۽ هرات جا
واپاري به بازارن ۾ پيا ٽلندا هئا. حيدرآباد ۾
ترڪستان جا ماڻهو به هوندا هئا. امير خراساني جنگي
گهوڙن تي نظر پيا ايندا هئا. جيڪي ڏاڍي سهڻي نموني
سنجيل هوندا هئا. ميڙاڪي مان گذرندي بيٺل ماڻهن کي
ڌڪا ٺيلها ڏيندا ويندا هئا. ساڻن گڏ سپاهي پوش
ڪندا ماڻهن کي پري ڪندا ويندا هئا.... قنڌار جا
واپاري پڻ شهرن ۾ ايندا هئا، جن کي ڊگها ڪپڙا پاتل
۽ مٿي سان ڇيٽ جو پٽڪو ٻڌل هوندو هو. اهڙا به
پرڏيهي هوندا يعني پٺاڻ هوندا هئا، جيڪي کلي عام
تلوار هٿ ۾ کڻي بازار ۾ هلندا رهندا هئا. جڏهن ته
سپاهي به بازار ۾ هلندا هئا، جن جا وار ڇڻيل، مٿن
تي وڏا پَٽڪا، تلوارن يا مُنهن ڀرڻ واريون بندوقون
هٿ ۾ ۽ هيٺان ڀلي گهوڙي هوندي هئي.
عورتن جي حالت
عورتون ڏهاڙي گهر ۾ ڪم هڪ ٻانهيءَ جيان ڪنديون هيون. ائين ڄڻ ته
اها ڪا پنهنجي اٽي تي چٽي مڙس جي زر خريد ٻانهي
هجي. پر ورلي مرد کانئن ڪا صلاح پڻ وٺندا
هئا........ عورتون ويساهه وسوڙل، سونهن ۽ سيبتائي
ته منجهن ڳولهيو به ڪانه لڀندي هئي. مرد کين تڇ
سمان به ڪونه سمجهندا هئا. ڄڻ ته ڪي ٻَڌيون
ٻانهيون پيو پراون گهرن ۾ گيد گهرڙن، تنگون پيون
زور بار واري ڪم کي منهن ڏينديون هيون.
ٻيڙيون: تجارتي آمدرفت جو تڪڙو وسيلو
سنڌوءَ ۾ ٻيڙين وسيلي آمدرفت جو طريقو بيڪار ۽ پراڻو هو ۽ اهو
هتان جي رهاڪن ۽ انهن ماڻهن جي حالتن پٽاندر هوندو
هو، جن ملڪن وچان سنڌو درياهه وهندو هو. هتان جون
ٻيڙيون انهن جي هاڪارڻ جو طريقو اهڙو هو جو سنڌوءَ
جهڙي درياهه ۾ ايئن ڪرڻ نراسائي کان سواءِ ٻيو
ڪجهه به ڪونه هو......... عام ٻيڙي ڊونڊي هوندي
هئي، جنهن جو ترو تراکڙو، اڳل ۽ پاڇل ٿوري مُڙيل
ٿيندي هئي. انهي ڪري پاڻي هيٺان موجود ٻيٽارين مان
سولائي سان ڪڍي سگهبي هئي. منجهس اهو گُڻ هوندو هو
ته وڏين لهرين جي سَٽڪي ۾ چوڌاري ڦري ويندي هئي.
اهڙي ريت سِير جي سٽڪي ۽ لهرن جي لپيٽ کان بچي
ويندي هئي. پر جن ٻيڙين جو ترو صفا تاکڙو به هوندو
هو ته ٻيٽاري تي ويهي وڃڻ کان پوءِ ونجهن سان
واري، تر ۾ آڻڻ سنڌوءَ جهڙي درياهه ۾ ڏاڍو ڏکيو
هوندو هو. ڊونڊي جو اڳل ۽ پاڇل ٿورو مٿي ۽ اندرئين
پاسي ڏانهن لهوارو هوندو هو. پاڇل وارو پاسو ٿورو
وڌائي اُڀو رکيو ويندو هو. اهڙيءَ ريت اڳل ۽ پاڇل
وارا ٻئي پاسا سوڙها هوندا هئا. آڳل جي لهواري هجڻ
ڪري اها سهولت ملندي هئي، جڏهن به زور سان پتڻ
ڪندي هئي ته جهٽڪي کي سهي ويندي هئي. سُکان گهڻو
وڏو ٿيندو هو ۽ ان جو ڪم به اهو ساڳيو هوندو هو،
جيڪو ڪنهن عام ٻيڙيءَ ۾ رکيل سُکان جو هوندو هو.
وڏين ٻيڙين کي وڏن وڪڙن ۽ ورتن سان رابطي ۽ ضابطي
هيٺ رکيو ويندو هو. ان جي ڪم ڪرڻ جو طريقو پاڇل
سان تعلق ڪونه رکندو هو. سکاڻي لڪڙي جي ٻنهي ڇيڙن
جي چُرپُر پنهنجي هٿ وس رکندو هو.
ٻيڙي جو کوهو يا شيڪلو گهڻو ڊگهو ۽ مضبوط ڪاٺين جي مدد سان
سوگهو جهليل هوندو هو، جنهن کي مرضي مطابق سولائي
سان کولي به سگهبو هو. سندس سڙهه به سادو ٿيندو
هو. شڪل صورت ۾ اُڀو هميشه کوهي کان پُٺئين طرف تي
هوندو هو. ان جي هيٺيئن ۽ مٿئين پاسي ٻه سنها لڪڙا
ڏسبا هئا. انهن جو استعمال مناسب هوا ۾ ڪيو ويندو
هو. جي واءُ وڏاندرو هوندو ته سڙهه سٽ سهي ڪونه
سگهندو هو. ٻيڙين جون ماپون ڌار ڌار ٿينديون هيون،
جيڪي ڏهن کان سئو ٽن بار کڻي سگهنديون هيون. ٻيڙين
۾ ڪتب ايندڙ ورتون کاپر جون ٺهيل هونديون هيون.
هتي وڏو ۽ ٿلهو ڪاٺ ملڻ مشڪل هوندو هو، تنهن ڪري
هتان جون ٻيڙيون ٽوٽن جو ٺهيل هونديون هيون، جن کي
ڳنڍڻ لاءِ بانس جا سونهڻ ۽ لوهه جا ڪِل هڻي سوگهو
ڪيو ويندو هو. چاڙهه دوران چاليهه پنجاهه ٻيڙيون
سنڌوءَ جي رڳو لاڙ واري ڀاڱي ۾ ڀڄي ٽُٽي ناس ٿي
وينديون هيون. ڊونڊيءَ ۾ رڳو ٽي ڀاڱا ٿيندا هئا.
ٻه پاسا ۽ ٽيون ترو. تري جي تياري لاءِ ڪاٺ جا ڦٽا
به اهڙي ريت موڙيا ويندا هئا، جيئن تري جي لهواري
شڪل هوندي هئي. ان کانپوءِ کين پاسراٽيون ملايون
وينديون هيون. هن قسم جي ٻيڙي مان هي فائدو ٿيندو
هو جو هن جي مختلف حصن کي ڌار ڌار ڪري ڪيڏانهن به
سولائي سان کڻي وڃي سگهبو هو.
هتي مڇي مارڻ واسطي ٻيون ننڍيون ٻيڙيون ڪتب آنديون وينديون
هيون، جن کي ڪوتل ۽ ڪُگر سڏيو ويندو هو. سندن
بناوت مٿي بيان ٿيل ٻيڙين جهڙي ساڳي هوندي هئي.
لهواري پاسي هاڪارڻ مهل ٻيڙي جو کوهو يا شيڪلو هيٺ
ڪيو ويندو هو، ٻيڙي جي رفتار وڌائڻ ۽ گهٽائڻ لاءِ
پاڇل جي وچ تي ٻه ڊگها والا لڳل هوندا هئا، جن کي
اڳتي پوئتي ڪرڻ لاءِ ٻيڙي جي ماپ موجب ٻه يا وڌيڪ
ماڻهو رکيا ويندا هئا. ٻيڙيءَ کي جيڪڏهن لهواري
پاسي هاڪاربو هو ته سڄي ڏينهن ۾ سٺ ميل سفر ڪري
ويندي هئي.
ٽالپر حڪمران، جهمٽيءَ نالي ٻيڙي ڪتب آڻيندا هئا،
ٻيڙيءَ جو هيءُ قسم سنڌوءَ ۾ هاڪارڻ وارين سڀني
ٻيڙين کان نرالو هوندو هو، جيڪي گهڻيون ڊگهيون
ٿينديون هيون. ڪي ته 120 فوٽ به ڊگهيون ٿينديون
هيون. هن جي بناوت ۾ ساڳ جو ڪاٺ ڪتب ايندو هو ۽
نهايت مضبوط جوڙيون وينديون هيون. آڳل ۽ پاڇ وٽ
ڇٽيون نظر اينديون هيون، جن هيٺان شڪار جي مُهاڙين
ڏانهن ويندڙ مير صاحب آرام ڪندا هئا. جهمٽي ٻيڙين
۾ ٻه کوها هوندا هئا. هرهڪ پاسي تي سورهن والا ۽
اولڻ لاءِ ويهه ماڻهو هوندا هئا. ڊيڪ تي ميرن جو
اٽالو ۽ اڙد هوندو هو. جن کي ترڻ واريون رنگين
صدريون پاتل هونديون هيون. ڇٽين کي بخمل جي پردن ۽
جهنڊين سان سينگاريو ويندو هو. سکاڻي پاڇل پٺيان،
مٿي ڏاڍي شان سان ويٺل ڏسڻ ۾ ايندو هو. اهڙن موقعن
تي سندس وڏو مان ڪيو ويندو هو. جهمٽي ٻيڙي خاص قسم
جي سنڌي ٻيڙي هوندي هئي، ۽ خاص ڪري حڪمرانن جي
استعمال لاءِ هوندي هئي......... اهڙي قسم جون
ترندڙ ڇٽيون انهن سان گڏ رنگين ڪپڙي ۾ بيشمار
ماڻهو، پاسن سان گجگاهه ٻيلا، واءُ وڏاندرو،
انهيءَ مهل ٻيڙن کي ڇڪيندڙ سوين ماڻهو ۽ سنڌوءَ جو
چمڪندڙ پاڻي غضب جو ڏيک ڏيندو هو. ٻيڙين جي مضبوطي
لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ساڳ جو ڪاٺ به ڪتب آندو ويندو هو.
پر عام استعمال واسطي ڏاڍو مهانگو هوندو هو ۽
وڏيون ٻيڙيون گهڻو ڪري وڏن پتڻن تي يا ڇوڙ واري
علائقي ۾ جڙنديون هيون، پر ننڍيون ۽ عام ٻيڙيون
درياهه جي ڪنار سان آباد شهرن ۾ ٺاهيون وينديون
هيون. اسٽيمرن جي آمدرفت سان لاڳاپيل ضروري شيون
اڻ ميون موجود هيون هيون. ٻارڻ طور ڪاٺ ته ڍيرون
ڍير هوندو هو. |