سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :113

 مير محمود جي ٽنڊي وارن، محموداڻي مير صاحبن جي شادين ۾، راڳ رنگ، ناچ انگ ترنگ جو ڪو به ثقافتي پروگرام نه هوندو هو. رڳو حويلي واري دروازي جي ٻاهران ٺاهيل جھوپڙي ۾، سندن مڱڻهار منگتا فقير ويٺا اوٻاسيون ڏيندا رهندا آهن. صبح شام جنهن به وقت عورتن جون موٽرون  ڀرجي ڏيڍي تائين پهچنديون آهن، ته اتي اميدن  آسرن ۾ ويٺل مڱڻا مــڱڻهار، ڳچين ۾ دهل وجھِي، ڍينچان ڪتانگ ، ڪري  شرنائيءَ کي توتڙون تو ڪرائي انهن آيل ڄاڃين کي ڏيڍيءَ جي دروازي مان اندر ٽپارائي، وري  ڪُلهي مان دهل لاهي، شرنايون رکي، ڪر موڙي،  آرسون ڀڃي، ڏنڊي ڪونڊي جي رڳڙا رڳڙي ڪندي، وري ڪن ٻين موٽرن جي ٻئي قافلي اچڻ جي اميد ۽ آسرو رکندا آهن. مير صاحبن جو، اڪثر ڪري، شاديءَ جي دُهلن دمانن، خوشين مرادين، راڳ رنگ وارين ثقافتي محفلن ۽ آيل ڄاڃين کي ڇيرن جي ڇمڪارن ۾ وندرائڻ کان وڌيڪ سندن شوق ۽ مقصد گهڻي ۾ گهڻو پوئو پاٿ وٺڻ هوندو آهي، ڇو ته اُهي حڪومت جي دور کان وٺي، ڏن ڏان، ۽ ڍل ڍول وٺڻ جا عادي ٿي چڪا هئا. بهرحال، آئون پاڻ سان ڪجهه ڳائڻا وٺي شادي ۾ پهچي ويس. شاديءَ ۾ مير محمد خان ٽالپر، مير بنده علي خان ٽالپر ۽ ٻيا مليا. شاديءَ ۾ محفل رچائيسين، جنهن ۾ فقير حسين بخش ميراثي، حيدر بخش کوسي، عثمان ڪڇي، مٺو ڪڇي، هاشم ڪڇي، خميسو خان خوب ملهايو.

مير پَپوءَ جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سوکڙيون وٺي جڏهن مير محمود جي ٽنڊي، عجيب غريب برقي مقمقن ۽ اليڪٽرڪ ڊيڪوريشن سان سينگاريل سجايل بنگلي تي، قطار در قطار پارڪ ٿيل موٽرن جي ميڙن ۽ جهمگٽي مان گذري، بنگلي جي دروازي تي پهتاسين، ته مير علي احمد خان خوش لباس، ويل ڊريسڊ ۽ فُل سوٽ ۾، پنهنجي ٻين ساٿين سميت اسان جي آجيان ڪئي....... ٻُڌڻ ۾ آيو ته مير رسول بخش خان جي ٻچڙي مير پپوءَ جا ڪيئي سرگس اٺن، گهوڙن، موٽرن ۽ هاٿيءَ تي نڪري چڪا آهن، جن ۾ سنڌي، پناهگير، ۽ انصار جو ڪوبه فرق نه هو. سڀيئي قومون ۽ قبيلا يڪسانيت ۽ وحدانيت ۾ اچي خوشيون ملهائي رهيا هئا....... پر معلوم ٿيو ته ماني، ڪوڪا ڪولا ۽ ٻيون مشروبات ته خير، پر ان وقت تائين ڪو سادو پاڻي به ڪنهن کي ميسر نه ٿي سگهيو هو....پوءِ اسان اچي رٽز ۾ ڪيڪ پيسٽرين ۽ بسڪٽن جا بنڊل کولي کاڌا.

هوڏانهن، ڪراچيءَ کان تنوير نقوي، اداڪار علاؤالدين، جعفري صاحب ۽ نامور اداڪاره بهار سان گڏ ”پوئر فنڊ“ لاءِ حيدرآباد آيا. مهمانن جو رٽز هوٽل ۾ بندوبست ڪيو ويو. جيڪي اچڻ سان سڌو هوٽل ۾ هليا ويا. ايتري ۾ رٽز هوٽل جي مالڪ شفيع سيٺ جي پبلسٽي ڪرڻ تي، لالا نورالدين مالڪ نيوميجسٽڪ سئنيما حيدرآباد، علي بخش انصاري ۽ ڪي ٻيا فلمي دنيا سان پيار ڪندڙ دوست، آغا زبير اختر، اسحاق صاحب سميت اُتي اچي پهتا. رٽز هوٽل واري لان ۾ فوٽو گرافي ٿي. تنهن سان گڏ ٻنپهرن جي مانيءَ واري ٽيبل تي، مختصر تعارفي تقريرون حيدرآباد اچڻ واري پروگرام بابت تفصيلي وضاحت ڪندي، ماني کاڌيسين. پوءِ اهو فيصلو ٿيو ته انهن اچڻ واري پروگرام بابت تفصيلي وضاحت ڪندي، ماني کاڌيسين. پوءِ اهو فيصلو ٿيو ته انهن فنڪارن واري ”پوئر فنڊ“ کي مڪمل ڪرڻ ۽ گهڻي ۾ گهڻي رقم وٺڻ لاءِ مير رسول بخش خان ٽالپر جي مدد جي ضرورت ٿيندي. شام جو مهمانن سميت ٽنڊي مير محمود ۾ سندس بنگلي تي پهتاسين. جتي ٻئي ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد سان ٻارهين وڳي ملڻ جو وقت طئي ٿيو.......... ٻنپهرن جي مانيءَ جو ٻين بجي مير رسول بخش ٽالپر وٽ سندس باغ واري بنگلي تي انتظام ۽ اهتمام ٿيل هو، تنهنڪري صبح جو گدوءَ بندر وڃي سنڌو درياهه جي سير تفريح ڪئيسين، ۽ ٻيڙيءَ جو ٻچڙو يعني بتيلو وٺي، مهاڻن کي پلا آنيون پچائي، چانورن جي اٽي جا اوڦراٽا ۽ چلا پچائڻ جو حڪم ڏيئي، اوڀاري طرف درياهه جو سير ڪرڻ لاءِ روانا ٿي، ڪوٽڙيءَ واريءَ پُل وٽ پهتاسين، ته مينهن پوڻ لڳو، ائين پنهنجو بتيلو لهوارو لوڙهيندي، ڪپڙا پُسائي، انهن مشين جي ڪئبين ۾ اچي پناهه ورتيسين، جيڪا سڄيءَ حيدرآباد کي پاڻي پهچائيندي آهي. اداڪاره بهار جا ته سڄا ڪپڙا پسي ويا هئا، جنهن مان سندس جسماني عرنايت بلڪل نروار هئي. ايتري ۾ ملاح ۽ مهاڻا پچل پلا، آنيون، اوڦراٽا ۽ چلا کڻي اسان وٽ پهتا. اسان ڍؤ ڪري، کائي پي، رڄ ٿي، هوٽل تي پهتاسين، ۽ ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات ڪئيسين.

پوءِ فتح ٽيڪسٽائيل مل جي مالڪ سيٺ ولي ڀائيءَ جي آفيس ۾ پهتاسين، جنهن فياضيءَ ۽ حاتم پني جو ثبوت ڏيندي دل کولي عطيي ڏيڻ سميت مل جي انهيءَ شعبي جو سير به ڪرايو، جتي قسمين قسمين جو ڪپڙو تيار ٿي رهيو هو، جنهن ۾ انيڪ بين الاقوامي دستڪارن ۽ ماهرن سميت، جاپاني ۽ چيني هنرمند ۽ ڪاريگر به شامل هئا، جن رنگريزيءَ جو ڪم ٿي ڪيو. پوءِ ڪپڙي رکڻ واري اسپيشل اسٽور روم ۾ وٺي آيو، جتان چار پنج تاڪيا مختلف ڊيزائينن جا قيمتي ۽ نفيس ڪڍي ”بهار“ کي سوکڙي طور ڏيندي، ائين به چيائين ته: جڏهن توهين اهو ڪپڙو پائي نمائش ۾ آڻينديون، ته پبلسٽي ۽ شهرت ملڻ کانپوءِ، انهيءَ ڪپڙي جي قدر ۽ منزل وڌندي.

هڪڙي ڀيري آئون پنهنجي موٽرڙيءَ ۾ سوار ٿي، مير محمود جي ٽنڊي ۾ مير علي احمد خان جي بنگلي تي پهتس، ته اوڏي مهل مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به اچي پهتو....... جنهن کي ڏسندي مير علي احمد خان هڪدم ٽپو ڏيئي، اُٿي ڀاڪر پائي کيس مليو ۽ ڪرسيءَ تي ويهاريائين. تنهن کانپوءِ، مون سان گڏ ڳائڻي ۽ ڍولڪ واري جو ٻڌي ۽ ڏسي، بنگلي اندر هلي، محفل ڪرڻ جو شوق ڏيکاريائين. مخدوم صاحب انهن ڳائيندڙن کي پالڻ پوسڻ، نپائڻ ڳارائڻ ۽ مجلسون ڪرائڻ کان سواءِ، پاڻ به شاعر هئڻ جي حيثيت ۾ ڳائيندو ۽ ساز پڻ وڄائيندو آهي، جن سازن ۾ هارمونيم ۽ ستار سندن وڻندڙ ۽ خاص ساز هئا. ستار وڄائڻ ته باقائدي خان صاحب سينڌي کان تعليم وٺي حاصل ڪئي هين.

غلام رباني آگري سان منهنجي ٻي ملاقات، مخدوم صاحب جن جي سول لائين واري بنگلي ۾ ، جيڪو حسين علي شاهه فاضلاڻيءَ جي عشرت ڪده کان اڳي، سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي هو، اُتي ٿي. جتي آئون پنهنجي پياري دوست تنوير نقويءَ کي گڏ وٺي ويو هوس........ صوفي محمد فقير کٽياڻ سان پهرين ملاقات جهانيان سيدن جي درگاهه حيدرآباد ۾ ٿي هئي. پاڻ پنهنجن طالبن جي ٽولي سان گڏ، يڪتارن، ڍولڪين ۽ کڙتالن تي نچندو ۽ ڳائيندو رهيو. شراب جون بوتلون هٿن ۾ جهليندو، غٽ غٽ ڪندو، پاڻ به پيئندو ۽ ٻئي فقراءَ کي به پياريندو رهيو. سندس اها مستاني جنوني ڪيفيت کان آئون ڏاڍو متاثر ٿيس.

ڀائي همت سنگهه جو گردواري ٽنڊي ڄام ۾، ڍوري جي ڪپ تي وڏن وڏن اوچي ڇانودار وڻن جي وچ ۾ ٺهيل محل نما سنگمرمر جي پٿرن سان  اڏيل ۽ نقش نگاريءَ سان جُڙيل عاليشان عمارت ۾ هوندو هو، جتي پڻ گرونانڪ جي درٻار صاحب جيان، ڪٿي ڪلاسيڪل گويا ڳائيندا رهندا هئا، ته ڪٿي ڀڄن ڀاءَ جو پريم رس هوندو هو. ڪٿي سک بسنت گرنٿ کولي پاٺ ڪندا هئا. ته ڪٿي وري هندو ديويون ۽ خالصا سکڻيون، گرو نانڪ صاحب جون ٻاڻيون ۽ اشلوڪ ٻڌندي، نظر اينديون هيون..... اُتي اسين به ساڻن سڀ مت ڀيد ۽ ويڇا وساري هڪ ٿي ويندا هئاسين، جنهن ۾ هندو، مسلمان، سک، عيسائيءَ جو ڪوبه ويڇو ڪونه هوندو هو. هونئن ته دان پُن پرساد سان گڏ رسوئيءَ خاص طور ڪن ڪروڙ پتي هندو سيٺين وٽ سندن بنگلن تي رکندا هئا. رڳو انهيءَ لاءِ ته متان ڪٿي اسان کي جهاٽڪي واري گوشت جو خيال ٿئي. جيڪي سک خالص ڪرپانن ۽ تلوارن سان ڇيلن، ڪُڪڙن، تترن ۽ ٻين پکين جانورن کي هڪ ئي وار سان جهاٽڪو ڪندي، ”واهه گرو“ ”واهه گرو“ جا نعرا هڻندي، ڪُهي، رڌي پچائي، کائيندا هئا، جيڪو سندن مذهب ۽ اصولن ۾ جائز هو.

اسان جي مانيءَ جو بندوبست، جن هندو سيٺين وٽ ٿيندو هو. اُهي مسلمان ڪاساين کي گهُرائي، ڇيلا، ڪُڪڙ، تتر ذبح ۽ حلال ڪرائي، بورچين کان پچرائي،پاڻ به اسان سان گڏ ويهي کائيندا ۽ کارائيندا هئا. جنهن ۾ اڪثر ڪري جام مينا جو دورو هلندو هو، ته انهيءَ سان گڏ ڳائڻ وڄائڻ جو به، جنهن ۾ گادي نشين ڀائي داسو سنگهه، سندس مکي چيلو لالا سنگهه، ماتليءَ واري ڀورا سنگهه جو پُٽ سندر سنگهه، ميلاپ سنگهه ۽ مک سنگهه، ۽ ڏيئومل جنهن جو چاچو وڏو ڪلاڪار مهاگني راڳ وديا جو ڄاڻو ۽ پارکو، ڪيئي ساز وڄائيندڙ ۽ سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري جيان سخي سيٺ هو، تنهن سان گڏ ٻيا هب ڪي سک ياتري، مهاراج ۽ پنڊت شامل هوندا هئا. شام جو ملاکڙو لڳندو هو، جنهن جي پهلواني ڪرتبن ڏسڻ کان پوءِ ملاکڙي واري ميدان جي ويجهڙائيءَ ۾، هڪڙي چوديواري، جيڪا بلاڪ کن ايراضي تي ”سماڌي“ سڏبي هئي، ۽ وڻن وڻڪارن، گلن ڦلن، گلزارين ڦلوارين ۽ ساوڪن تي مشتمل،  جتي سڄي ساري رات هوٻا هوڪرا هوندا هئا. ان ايراضي ۾ هڪڙي پاسي ڪلاسيڪل گويا ڳائيندا رهندا هئا، ته ٻئي پاسي وري ڀڳتون ڀڳت. اهو رنگ ترنگ، چهچٽو، ۽ جهمڳٽو پرهه ڦُٽي تائين هلندو هو........ اُهو مشهور ميلو ڏاڍيءَ ڌام ڌوم سان ساندهه ٽي ڏينهن هلندو هو.(38)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org