سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :21

مٿيان بنگلا  باغ ٺهي وڃڻ تي مير فتح علي خان هڪ دعوت ڪئي. جنهن مان سنڌ جي هر حصي مان ماڻهو اچي مڙيا هئا. ان دعوت ۾ سيد عظيم ’الدين‘ ٺٽوي پنهنجا شعر ٻڌايا، جنهن مان تاريخ 1197هه نڪري ٿي. ميرن جا جيڪي گھر ۽ عمارتون ٺهنديون هيون، ’عظيم‘ ٺٽوي انهن جي تاريخ چوندو هو. مير فتح علي خان جي بنگلي ’ماڙي‘ جي تاريخ 1206هه ڪڍي وئي. مير غلام علي جي ’قصر‘ لاءِ قطعو لکيو ويو، جنهن مان 1205هه تاريخ نڪري ٿي. مير غلام علي خان جي بنگلي ’آئينا خان‘ لاءِ هڪ قطعو لکيل آهي، جنهن ۾ تعمير جو سال 1206هه آهي. مير ڪرم علي جي بنگلي لاءِ هڪ بيت لکيل آهي، جنهن مان 1206هه نڪري ٿي.

انگريز ليکڪن به قلعي اندر جاين جي جوڙجڪ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ڊيوڊ  راس پنهنجي ڪتاب ’دي لينڊ آف فائيو رورس اينڊ سنڌ‘۾ لکي ٿو ته:”حيدرآباد جو قلعو، جيڪو ڪافي پري نظر اچي ٿو، تنهن ۾ اميرن ۽ شهزادن جي رهڻ لاءِ جايون آهن. قلعي اندر عمارتون ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ آهن، جن ۾ ڪا به ترتيب نه آهي. انهن جاين ۾ مسجدون، نوڪرن جي رهڻ جون ڪوٺيون، حرم ۽ ڪُڙهه شامل آهن. مسٽر هيڊل جي مطابق: قلعي اندرگھر هڪ ٻي مٿان سَٿيل آهن قلعي جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين سوڙهين گھٽين مان لنگهڻو پوي ٿو. اندر نه تفريح لاءِ باغ آهن ۽ نه ميدان  نه وري ورزش لاءِ ڪا کليل جاءِ آهي. ايتري قدر جو گهرن ۾ پوري هوا ۽ اُس به  نه ٿي اچي سگهي. سڀني جاين جي پٺيان وڏي فصيل آهي ۽ ان جي مٿان شاهي برج آهن.

شاهي بازار

حيدرآباد جي تاريخي پڪي قلعي جي صدر دروازي وٽان شهر جي خاص بازار، شاهي بازار ٺاهي وئي هئي. اها بازار قلعي جي مکيه دورازي کان شروع ٿئي ٿي. اها اُتر طرف سڌو ڪيئي فرلانگ هلندي ٿي وڃي. شاهي بازار کي ’ميان غلام شاهه جو رستو‘ به ڪري چوندا آهن. انگريزن هتي قابضي ٿيڻ کان پوءِ اها ڪوشش ڪئي، ته ان بازار کي’آڪسفورڊ اسٽريٽ‘ جي نالي سان سڏيو وڃي، پر اُهي ان ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿيا.

قلعي کي ٻاهر جايون

مسٽر هيڊل لکي ٿو ته: ”ڪوبه سردار يا جاگيردار شهر ۾ نٿو رهي. اڪثر واپاري، ڪاريگر، درباري ۽ خدمتگار قلعي ۾ رهن ٿا. جن به معزز ماڻهن کي ڪوٽ اندر جڳهه نٿي ملي، اهي قلعي جي چؤڌاري ميدان ۾ ننڍا واهڻ ’ٽنڊا‘ سڏبا آهن، جيڪي سردارن جي نالي سان سڏيا وڃن ٿا. جيڪڏهن ڪو ٻاهريون ماڻهو ملاقات لاءِ آهي ته، کيس ميدان ۾ تنبو هڻي رهايو ويندو آهي، ڇو ته قلعي اندر رهڻ جي جاءِ نه آهي. شهر ۾ اناج جا واپاري نظر اچن ٿا. ڌوٻي، نيرولي، لوهر، ڪلال ۽ پخالي وغيره ڦليلي جي ڪپرن تي رهن ٿا.“

تڏهوڪي حيدرآباد جي آدم شماري ۾ سنڌين سميت افغان، ملتاني ۽ اوڀر سرحدي وارا ماڻهو شامل هئا. ٽالپرن جي دؤر ۾ قلعي جي اوڀر ۾ وڏا گاهه جا ميدان هئا، جتي جنگيون وڙهيون ويون. انهن چراگاهن ۾ لاڏڙو اچي رهندا هئا، جتي باغ ۽ کجي جا وڻ به هئا. پڪي قلعي جي اڏاوت سان ئي انهيءَ قلعي جي بچاءَ لاءِ ميان غلام شاهه ٻه ٻيا ننڍا قلعا به جوڙايا هئا، جيڪي پڪي قلعي جون حفاظتي چوڪيون هونديون هيون. اُهي ٻئي قلعا اڄ به موجود آهن. هڪ ’ڪچو قلعو‘ جي نالي سان مشهور آهي. جنهن ۾ شاهه مڪي جي مزار آهي، ۽ ٻيو غلام شاهه جي مقبري وارو قلعو.

ڪچو قلعو

ڪچو قلعو حيدرآباد جي ڏکڻ ۾ اسٽيشن جي ويجهو هڪ ننڍي پهاڙي دڙي تي ٺهيل آهي. هي قلعو ٽڪنڊي جهڙي شڪل جو آهي، سندس ڀتيون ڪچين سرن جون ٺهيل آهن، جن جي هيٺيان ڪجهه فٽن تائين پڪين سرن جا بنياد به لڳل آهن. ڪچيون سرون زماني جي دست برد، مينهن ۽ هوا جي حملن ڪري ڪافي زبون ٿي چڪيون آهن. ۽ منجهن گهارا پئجي ويا آهن. قلعي کي اڌ گول جي شڪل جا نَوَ کن برج آهن، جن جي مٿان اوٽ وارو ڪٽهڙو، جيڪو ڪنهن وقت موجود هو، ختم ٿي ويو آهي.

ساڳئي وقت قلعي جا ڪنگرا به اچي پٽ تي پيا آهن. قلعي ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ پڪين سرن جون موريون آهن. هن قلعي جي ڏکڻ ۾ ٻه دروازا آهن. هڪ مکيه دروازو ۽ ٻيو شاهه مڪي جي مزار ۾ داخل ٿيڻ وارو ننڍو دروازو. ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترائي ڏاڪا چڙهڻا پون ٿا. مکيه دروازي کي ٻين قلعن جيان ڪابه اڙ يا رڪاوٽ نه ڏني وئي آهي. چون ٿا ته ڪوٽ کي هڪ چور دروازو به هو، جيڪو هاڻي بند ڪيو ويو آهي.

قلعي اندر شاهه مڪي جي مزار آهي، سيد محمد مڪي ڇنڇر رات 22 محرم 510هه ۾ مڪي شريف ۾ ڄائو. نبي ڪريم ﷺ جن جي بشارت موجب سندس ڄائي ڄم جو نالو حمزه رکيو ويو، پر محمد توڙي محمود کيس سڏيندا هئا. نيٺ هو محمد مڪي جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ سنڌ طرف هجرت ڪيائين. اندازو آهي ته هن چاليهن سالن جي عمر ۾ هجرت ڪئي. انهي لحاظ کان سندس سنڌ ۾ اچڻ 560هه يا بعد ۾ ٿيو هوندو. هتي پهچڻ کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب جو سير ڪيائين. هڪ روايت ۾ ڄاڻايل آهي ته سندس تڪيا لاهور ۽ لڌياني طرف به گهڻا آهن. پاڻ 8 ذوالحج 658هه ۾ وفات ڪيائين. شاهه مڪي جي مزار اندران جئيپور جي سنگ مرمر جي ٺهيل آهي. قلعي اندر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جون ڪجهه قبرون آهن.

’لُب تاريخ سنڌ‘ ۾ خداداد خان هن قلعي جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”پڪي قلعي جي ڀت ڀرسان هڪڙو ٻيو به قلعو هو، جنهن جو ولي الله محمد مڪي بنياد وڌو هو. جيئن ته هي قلعو غلام شاهه جي قلعي کان اوچائي ۾ وڏو هو، تنهنڪري 1185هه (1771ع) ۾ ان قلعي کي ڊهرايائين. انهي روزي مبارڪ ۾ لڳل ڪتبو جي تاريخ هيٺين بيت مان نڪري ٿي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته هي قلعو ميان غلام شاهه جي بنايل قلعي کان اڳ جو آهي. جڏهن ته شعر جي آخري مصرع مان ابجد جي حساب سان ان جي تعمير جو سال 1083هه نڪري ٿو، جيڪو وڃي 1671ع بيهي ٿو. اُهو بيت اڄ به شاهه مڪي جي مزار جي سامهون واري ڀت ۾ لڳل آهي.

غلام رسول مهر ’تاريخ سنڌ‘ ۾ رقمطراز آهي ته؛ ” هڪ روايت آهي ته ميان غلام شاهه حيدرآباد جي قلعي جي تعمير لاءِ راڄا ليکي جي صلاح مطابق شيخ محمود انصاري عرف پير مڪي جو قبرستان ڊهرائي ڇڏيو. هي قبرستان نيرون ڪوٽ جي هڪ دڙي تي هو. اتان مُردن جا هڏا نهايت بي رحمي سان ڪڍرايا ويا.“ مرزا قليچ به ذڪر ڪيو آهي ته: ” 1772ع ۾ حيدرآباد جي قلعي جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ دڙي تي هڪ ڪچي قلعي جو بنياد رکيو ويو، ته جيئن وڏي قلعي جي حفاظت لاءِ چوڪي جو ڪم به ڏئي سگهي. انهي دڙي تي پير محمد مڪي جي تربت جي آسپاس هڪ وڏو قبرستان هو. ڪيتريون ئي قبرون قلعي ٺهرائڻ جي خيال کان ڊهرايون ويون.“ ’جنت السنڌ‘ ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي ٻُڌائي ٿو ته: ” ميان غلام شاهه پڪي قلعي جي ڀرسان شاهه محمد مڪائي جي مقبري جي چؤڌاري پڻ ڪچين سرن جو قلعو تعمير ڪرايو.“

غلام شاهه جي مقبري وارو ڪوٽ

غلام شاهه جي مقبري وارو ڪوٽ چؤڪور شڪل جو آهي. هن جي ڊيگهه 252 فٽ ۽ ويڪر 233 فٽ آهي. ڪوٽ هڪ مقبري جي بجاءِ مڪمل فوجي چوڪي لڳي ٿو. انهيءَ ڪوٽ جو ٻاهريون ڏيک ڪافي ڀڙڀانگ ۽ خوفناڪ آهي. پڪين سرن جي گهٽتائي ڪري مينهن ۽ هوائن هن ڪوٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. قلعن ۾ مقبري ٺاهڻ جو مثال دهلي ۾ غياث الدين تغلق (1325ع) جو ملي ٿو. انهي کانسواءِ غوري سلطنت جي زماني جا به اهڙا مثال ملن ٿا.

ڪوٽ جي ڀت کي لهوارو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ لهوارا برج ٺاهيا ويا آهن. ڪوٽ کي ڪُل يارهن برج آهن، جن مان چئن ڪُنڊن وارو گول برجن جو گهير ٻاهران سؤ فوٽ آهي. ان کان سواءِ اولهه- ڏکڻ ۽ اُتر واري ڀت ۾ وچ تي ٻه ٻه برج اڌ گول جي شڪل ۾ موجود آهن. برجن جي وچ ۾ مفاصلو اسي فٽ کن آهي. مکيه دروازي جي بچاءُ لاءِ ان جي سامهون به هڪ برج آهي. ڪوٽ جي ڀت پڪين سرن ۽ مٽي جي گاري سان ٺاهي وئي آهي. ايئن ٿو لڳي ته ڪوٽ جي ٿلهي ڀت جي وچ کي مٽي ۽ سرن سان ڀريو ويو آهي. ڀت هيٺان بنيادن وٽ چوڏهن فٽ موڪري آهي ۽ ان جي اوچائي پنجويهه فوٽ آهي. زماني جي ستم ظريفي، ماڻهن جي بي توجهي ۽ زور آوري ڪري ڪوٽ جي حالت بلڪل زبون ٿي وئي آهي. ايتري قدر جو پڪيون سرون به ڳري سڙي ڪري پيون آهن.

ڪوٽ جي ڀت مٿان ڪنهن زماني ۾ ڪنگريون هونديون هيون. پر هن وقت انهن مان ڪابه ثابت نظر نه ٿي اچي. ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ وارو شاهي دروازو اوڀر واري ڀت جي وچ ۾ آهي. دروازو8.4 فوٽ ويڪرو آهي. دروازي کي ايتري ته حرفت ۽ ڪاريگري سان ٺاهيو ويو آهي، جو در تي حملي ڪندڙن لاءِ اهو ڄڻ ته هڪ ڪوڙڪي آهي ۽ کيس وڏي کان وڏي توپ به ڪو نقصان پهچائي نٿي سگهي. شاهي دروازي جو بچاءُ هڪ مضبوط دمدمو ڪري رهيو آهي. جيڪو هڪ وڏي برج جي شڪل ٺاهي ٿو. دمدمو کي ٻاهران اوڀر ديوار جي اندران ڊيگهه چوهتر فٽ آهي. اهڙو دروازو احمد نگر جي قلعي ۾ به آهي. انهيءَ دمدو جو بچاءُ ڪٽهڙي سان ڍڪي ڪيو ويو آهي.  محرابي شڪل جي ٻاهرين مکيه در مان لنگهڻ کان پوءِ به هڪ ننڍڙو دروازو رڪاوٽ بڻيل آهي. انهن ٻنهي دروازن جي وچ ۾ هڪ کوهه جيان کليل ٽڪرو آهي. حملي آور جي شاهي دروازو ٽوڙي اندر گهڙي به اچي تڏهن به هو پاڻ کي انهيءَ گول کوهه ۾ ڦاٿل محسوس ڪندو. ڪوٽ ۾ اندر داخل ٿيڻ واري دروازي جي ويڪر ست فٽ ۽ اوچائي 10 ۽ 8 فوٽ آهي. دروازي جو لنگهه ڏاڍي سهڻي گبنذ وارو آهي. جنهن جي ٻنهي پاسن کان پهريدارن جي آرام لاءِ جڳهون ٺهيل آهن. اندريون حصو سهڻن گلن جي ڊيزائن سان سينگاريل آهي. انهي در مان پار پوڻ بعد ماڻهو قلعي اندر پهچي وڃي ٿو. قلعي جي بلڪل مرڪز ۾ اوچائي تي ٿلهو آهي، جنهن تي غلام شاهه جو مقبرو آهي. هي قلعو پڪي قلعي جي بچاءَ لاءِ سندس اتر ۾ هڪ جابلو ٽڪري تي جڙيل آهي.

پڪي قلعي جي تڪميل جي چئن سالن کان پوءِ 1186هه ۾ ميان غلام شاهه وفات ڪئي. ڪنهن چيو ته ’ميان خفة‘ يعني ميان آرامي ٿيو. ان فقير مان ابجد جي حساب موجب هن جو روضو ٺهرايو. روضي اندر ڏاکڻي بت ۾ محراب مثل دروازي جي مٿان تاريخ وفات بابت ميان سرفراز جا چيل شعر سهڻي خط ۾ لکيل آهن. آخري مصرع ’هاتفي جنات فيها خالدا‘ هن جي وفات جو سال 1186هه نڪري ٿو.

سيد احمد شهيد جو پڪي قلعي ۾ اچڻ

سيد احمد شهيد 27 – 1826ع ۾ پنهنجي مجاهدن جي هڪ جماعت سان گڏ سکن سان جهاد ڪرڻ لاءِ سرحد صوبي ڏي پئي ويو. هو سنڌ جي ميرن کي به جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيڻ لاءِ آيو. پڪي قلعي کان ٻن تيرن جي مفاصلي تي مجاهدن جو لشڪر رهايو ويو. حيدرآباد جي ميرن، مجاهدن لاءِ مٺائي، انب ۽ گدرا وغيره موڪليا هئا. جمعي واري ڏينهن تي ميرن، سيد صاحب ڏي نياپو موڪليو ته: ” نماز اسان سان اچي قلعي ۾ ادا ڪريو.“ سيد احمد شهيد اٺن ماڻهن سان گڏجي قلعي ۾ آيو. ميرن هن کي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ ترسڻ لاءِ چيو، پر هو رهڻ لاءِ راضي نه ٿيو. ميرن سندس خدمت ۾ نذراني طور هڪ هزار رپيا، هڪ بندوق ۽ جوڙو طمنچن جو پيش ڪيو.

 

انگريزن جو اچڻ ۽ قلعي تي قبضو

مير مراد علي جي بيمار هئڻ ڪري 1824ع ۾ انگريز سرڪاري ڊاڪٽر جيمس برنس کي حيدرآباد موڪليو، جنهن مير جو علاج ڪيو. مير نورمحمد خان جي ڏينهن ۾ انگريز سرڪار حيدرآباد ۾ هڪ ريزيڊنٽ مقرر ڪيو. پوءِ 1838ع ۾ جنرل ڪين، جيڪو درياهه رستي ڪراچي کان لشڪر وٺي شاهه شجاع جي مدد لاءِ پئي ويو، سو ڪوٽڙي وٽ ترسي ريزيڊنٽ سان گڏ حيدرآباد شهر گهمڻ آيو. 1842ع ۾ سر چارلس نيپئر آيو، جنهن جي ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ جي حڪمرانن سان اڻبڻت ٿي پئي. چارلس نيپئر جڏهن ميان خان مري کي بيگناهه مارايو، تڏهن هن واقعي ڪري ٽيهه هزار سنڌي فوج حيدرآباد ۾ اچي ڪَٺي ٿي. 15 فيبروري 1843ع تي پندرهن هزار سنڌي فوجين برطانوي ڇانوڻي تي حملو ڪيو. ڇانوڻي حيدرآباد کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي هئي. ميجر آئوٽرام آگبوٽ تي چڙهي ڀڄي ويو.

مياڻي جي جنگ

16 فيبروري 1843ع تي مياڻي وٽ سنڌي فوجن جو لشڪر ڪٺو ٿيو، جنهن جو انگ ٻاويهه هزار هو. سنڌين وٽ پندرهن توپون هيون. چارلس نيپئر وٽ اٺاويهه سئو سپاهي ۽ ٻارهن توپون هيون. چانڊيا قبيلي جو سردار ڪجهه پنڌ تي ڏهه هزار لشڪر سان انگريزن کي مدد ڏيڻ جي ارادي سان تيار بيٺو هو. 17 فيبروري تي صبح جو سويل جنگ جو طبل وڳو. هڪڙو گولو ٽالپرن جي بارود خاني تي ڪرڻ ڪري سڄو بارود سڙي ويو. ميرن جي توبچي هاويل جي غداري ڪري سموري توپخاني تي دشمن قبضو ڪري ورتو. آهستي  آهستي ميرن جي لشڪر ۾ ڀاڄ پئي. مير نصير خان يارهن سئو سوار وٺي واپس حيدرآباد جي قلعي ۾ پهتو.

مياڻي جي جنگ جو ذڪر ڪندي ڪيپٽن پوسٽنس پنهنجي تصنيف ’پرسنل آبزرويشن آف سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ” سنڌي فوجي انگريز حملي آورن خلاف ايئن وڙهيا، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي زندگي کان به بدرجها عزيز ڪنهن شيءِ لاءِ وڙهندو آهي.“ 18 فيبروري 1843ع تي مير نصير خان پنجن ميرن سان گڏ پنهنجون تلوارون ڇوڙي، انگريز فاتح اڳيان پٽ تي رکيون.

قلعي تي برطانيا جو جهنڊو

19 فيبروري 1843ع تي ڪئپٽن پيلي قلعي ۾ رهندڙ عملي کي آگاهه ڪيو، ته سڀاڻي برطانوي جهنڊو قلعي تي چاڙهيو ويندو. 20 فيبروري منجهند جو ٻين وڳي ڪرنل پٽيل پيادي فوج، گهوڙي سوارن ۽ ٻن توپن سان قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ قلعي جي مناري تي برطانيا جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org