سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :54

 23 جنوريءَ تي اسان ميران سنڌ جي جواب جو اوسيئڙو ڪندا رهياسين، وٽانئن ڪوبه جواب نه آيو. پر ايئن پيو لڳي، ڄڻ ته مامرن خرابيءَ جي واٽ ورتي هجي. مقامي ايجنٽن اسان کي نياپو موڪليو ته اسان هوشيار رهون. ان تنبيهه ۾ سنجيدگي هئي. ڇو ته اسان ٻه سئو اٽڪل هٿياربند فوجين کي پنج سئو گز جي فاصلي تي هڪڙي وسنديءَ ۾ بيچيني جي عالم ۾ ويٺل ڏٺو هو. منجهانئن ڪجهه سپاهين اچي اسان جي جماعت جو جائزو پڻ ورتو هو. پر جڏهن هنن اسان کي هوشيار ۽ چوڪس ڏٺو ته واپس هليا ويا.

عام سنڌي ماڻهن کي پڪو ويساهه هو ته انگريزي سندن سڄڻ نه آهن. تنهنڪري اُهي کيس ڌڪاريندا هئا ۽ موقعو ملندي ئي کانئن پلاند ڪندا هئا......... هينري پاٽنجر جڏهن برطانوي حڪومت طرفان ٽالپر حڪمرانن سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ آيو هو، تڏهن انگريزن خلاف مقامي ماڻهن ۾ نفرت وڌيل هئي. پاٽنجر جڏهن ٽالپر حڪمرانن سان ملاقات ڪري واپس پئي موٽيو، ته شاهي بازار ۾ کيس گاريون ڏنيون ويون ۽ مٿس جُتين جي پادرن سان برسات وسائي وئي.

ڪيمپ ۾ راتاهي جا افواهه هلندا رهندا  هئا. هڪڙو چاند دين نالي سپاهي، جنهن جو واسطو پنج بمبئي جي نيٽو انفننٽري سان هو، سو ميرپورخاص جي شير محمد خان جي قيد مان ڀڄي آيو هو، هن اسان کي ڄاڻ ڏني ته شير محمد انگريزن خلاف ميران حيدرآباد سان ملڻ وارو هو. 19 تاريخ تي مير اسماعيل شاهه پنهنجي هڪڙي پٽ سميت اسان جي ڪيمپ ۾ ملاقات لاءِ آيو ته جيئن ارباب اعليٰ سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري. پهرين فيبروري تي ميرن جي سفير اسماعيل شاهه نياپو ڏنو، ته ميران حيدرآباد ٺاهه کي مڃڻ لاءِ تيار آهن. ٻئي ڏينهن اسماعيل شاهه جو ڇوڪرو تقي شاهه حيدرآباد هليو ويو ته ، جيئن ميرن سان ٺاهه تي صحيحون ڪرائي.

سنڌ جي فوج جيڪا درياهه جي ٻئي ڪناري تي ترسيل هئي، اتان اها 3 فيبروري تي حيدرآباد رواني ٿي، اسان ان جي هڪڙي ڀاڱي کي تڪڙو تڪڙو ويندي ڏٺوسين. اها فوج ڏهه هزارن تي ٻڌل هئي. وٽن ٽيهه توپون هيون ان ۾ ست هزار جوان ۽ ٻارهن توپون ميرپورخاص جي شير محمد جون هيون. جنهن انهي مقصد سان ميرن جي فوج سان سهڪار ڪيو هو، ته جيئن اهي ڪافرن سان وڙهي سگهن. پر مير محمد انگريز فوج جي انگ ۾ گهڻائي ۽ منجهن نظم ضبط کي ڏسي مايوس ٿي پنهنجي علائقي ۾ هليو ويو. هُن ويندي ئي ريزيڊنٽ طرفان سخت لهجي ۾ لکيل هڪڙي خط جو جواب ، ڏاڍي مهذب انداز ۾ ڏنو.

فيبروري جي شروع ۾ درياهه چڙهڻ شروع ٿي ويندو آهي. جيتوڻيڪ هن جو پاڻي هيمشه مٽي سان لڙاٽيل رهي ٿو. پر اهو ڇاڻي صاف ڪجي ته صحت بخش آهي. ان جي صفائي جو آسان طريقو هو. بادام جي ڳڙي کڻي ان کي مٽڪي جي اندروني حصي ۾ گسايو ويندو هو، جيستائين اها ختم ٿي وڃي، پوءِ مٽڪي ۾ پاڻي ڀريو ويندو هو ۽ ان کي لوڏڻ بنا هڪڙي ڪلاڪ تائين ان حالت ۾ رکيو ويندو هو، پوءِ پاڻي موتي جيان چمڪندڙ لڳندو هو. پوءِ پاڻي کي ٻئي مٽڪي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ پوءِ ڍوءُ ڪري پاڻي پيو. پر جيڪڏهن توهان اهو پاڻي صفائي بنا پيتو ۽ خاص طور تي لذيذ پلو کائڻ کان پوءِ، ته ان صورت ۾ دست ٿيڻ لازمي آهي ۽ اها عام طور تي موتمار ٿيندو هو.

شڪارپور ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جو ساليانو روينيو اٽڪل ٽي لک رپيا هو. ان کي ستن ڀاڱن ۾ ورڇيندا هئا. چار حصا حيدرآباد جي ٻن ميرن- مير نور محمد ۽ مير نصيرمحمد- ڏانهن ويندا هئا. باقي ٽي حصا خيرپور جا مير کڻي ويندا هئا. ٽن مان هڪڙو حصو مير مبارڪ جو ۽ باقي ٻه حصا مير رستم جا هئا. ميران حيدرآباد پنهنجو حصو سيٺ جيٺمل کي چوڏهن هزار تي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيو هو. سيٺ جيٺمل شراب جو ڪاروبار ڪندو هو. پنهنجي دولت، صلاحيت ۽ لياقت ڪارڻ هن ترقي ڪئي ۽ ان اوچائي تائين پهتو. هي هڪڙو ڊگهو ٿلهو ٿنڀورو شخص، شام جو کاڌي ۾ هڪڙي ٻڪري ۽ هڪڙي برانڊي جي بوتل پي ويندو هو.

24 جولاءِ تي ذميواري ڏني وئي ته حيدرآباد جي وزير اسماعيل شاهه سان وڃي ملان. جيڪو ان صبح جو ڪلڪتي کان آيو هو. هن جي عمر پنجاهه سال هئي، حقيقت ۾ هاڻي هو هوش ۽ حواس وڃائي چڪو هو. هن جا اٺ ڇوڪرا هئا، جيڪي حڪومت جي اعليٰ عهدن تي مقرر هئا. چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي خزاني ۾ پنج لک رپيا روڪڙا رکندو هو. هن جي جاگير ۾ ڪيترائي ڳوٺ هوندا هئا.

29 تاريخ تي ڪيپٽن ايسٽوڪ هدايت هيٺ حيدرآباد ويو ۽ اتي ريزيڊنٽ جو چارج سنڀالي.

مسلمان عورتن جو گهڻو وقت سبڻ ڀرڻ، پنج وقت نماز پڙهڻ، رڌڻي ۾ کاڌو پچائڻ ۽ گهر جي ٻين ڪمن ڪارين ۾ ايڏو ته وقت خرچ ٿيندو هو، جو کين ان ڳالهه جي واندڪائي نه ملندي هئي. جو اهي پنهنجي چاهيندڙ بابت ڪجهه سوچي به سگهن. سندن شادي والدين جي مرضي سان ٿيندي هئي. جيڪي سندن همدرد ۽ دوست هوندا هئا ۽ جن جو دنياوي معاملن ۾ تجربو پڻ گهڻو هوندو هو. ڇوڪري کي پنهنجي ٿيندڙ مڙس کي ڏسڻ جو موقعو ڪنهن دريءَ يا ڪنهن ٽُنگ مان مشڪل سان ئي ملندو هو، جيستائين ڇوڪرو يا ڇوڪري جو نڪاح نه ٿي وڃي. سندن وچ ۾ ڪنهن قسم جو شهوتي لاڳاپو سُٻنڌ پيدا نه ٿيندو هو. نڪاح جي رسم حڪومت طرفان مقرر ڪيل قاضي وسيلي ٿيندي هئي.

هڪڙي ڏينهن آءٌ ريزيڊنسي جي ڪمپائونڊ ٻاهران پسار ڪري رهيو هئس ته هڪڙو نوجوان شخص هٿ ۾ ڏنڊو ۽ ڪلهن تي پنهنجو سامان کنيو مون وٽ آيو. هڪڙي سٺي مسلمان جيان سلام ڪرڻ کان پوءِ  مون کان پڇيائين، ته ڇا وڏو صاحب اندر آهي ۽ هو ساڻس ملي سگهي ٿو؟ مون هن کي غير مهذب لاڏڙو قسم جو فقير سمجهيو، تنهنڪري  هن کي ڇڙٻيندي جواب ڏنو ته هو پوئتي هٽي ويو. پوءِ هو ريزيڊنسي جي دروازي تي ويو، جتي چوڪيدار هن جي خراب حالت کي ڏسي اندر وڃڻ کان روڪيو. پوءِ هو هڪڙي وڻ جي هيٺيان ويهي رهيو ۽ پنهنجي ٿيلهي مان مانيءَ جو هڪڙو ٽڪرو ڪڍي ان کي کائڻ ۾ جنبي ويو. پسار کان پوءِ آءٌ پنهنجي تنبو ۾ اچي ويس. ناشتو ڪندي مون کي هن جي ويچارگي جو خيال آيو ۽ مون هڪڙي ملازم کي چيو، ته هو هن لاءِ ماني ۽ شورو کڻي وڃي. پر جڏهن هو اتي پهتو ته مسافر جو ڪو به پتو نه هو. ٻن پهرن جو جڏهن آءٌ ڪجه ڪاغذ کڻي ڪيپٽن ايسٽوڪ جي ڪمري ۾ ويس، ته اهو ڏسندي منهنجي اچرج جي حد نه رهي ته اهو ئي شخص انگريزي لباس پائي ويٺو هو ۽ ڪيپٽن ايسٽوڪ سان خالص انگريزي ۾ ڳالهيون پئي ڪيائين. هن جو نالو ڪرزن هو. هو انتهائي تعليم يافته ۽ باصلاحيت هو. هو هندستاني، فارسي ۽ عربي زبانون ڄاڻندو هو. هو ڪلڪتي مان آيو هو. 21 تاريخ جو ٻيهر ويس مٽايائين ۽ هتان ترڪي ڏانهن هليو ويو.

مير انگريزن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزيزن يا مائٽن جي موت تي خوشيون ڪندا هئا. 27 تاريخ تي قلات جي جنگ جي خبر ملي. جنهن مان ڄاڻ پئي ته محراب خان مارجي ويو ۽ قلعي تي قبضو ٿي ويو. ٻي صبح جو ميرن کي ان جي سرڪاري طور تي اطلاع ڏنو ويو. اها خبر ٻڌندي ئي هنن حڪم ڏنو ته؛ اوڻيهه توپن جي سلامي ڏني وڃي ۽ شام جو شهر ۾ چراغان ڪيو وڃي. نجي طور تي جاسوسن ڄاڻ پهچائي ته؛ ميرن کي قلات جي فتح جي خبر سان گهڻو ڏک صدمو پهتو آهي ۽ ان جي سردار جي موت سان هو گهڻا ڏکارا ٿيا آهن، ڇو ته هن سان نه رڳو سندن ويجها ناتا هئا پر ساڻس مائٽي پڻ هئي. مير نور محمد جي پيءُ مير غلام علي جي هڪڙي ڀيڻ سان شادي ڪئي هئي. (18)

 

سنڌيڪار: حُسين بادشاهه

ناؤمل هوتچند

 

حيدرآباد جون يادگيريون

 

        مير ڪرم علي ۽ منهنجي ڏاڏي سيٺ دريانيمل جا هڪٻئي سان دوستاڻا ناتا هوندا هئا...... ڪراچي جي فتح کانپوءِ، ٽالپرن، سيٺ دريانيمل کي حيدر آباد اچڻ جي ڪوٺ ڏني. هن جي وڏي شان سان آجيان ڪئي ويئي ۽ هڪٻئي کي سوکڙيون ڏنائون ورتائون. سيٺ حيدرآباد ۾ مهينو رهي، ڪراچيءَ موٽي آيو.

سنبت 1868 مطابق 1811-12 ع ۾ مير غلام علي رحلت ڪري ويو ۽ مير ڪرم علي ۽ مراد علي، ڪراچيءَ ۽ سنڌ جا والي ٿيا. مير ڪرم علي ۽ سيٺ دريانو مل گهرا دوست هئا، ۽ هڪٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيندا وٺندا هئا، جيڪا ڳالهه مير مراد عليءَ کي پسند نه هئي......... مير غلام علي جي وفات کان اڳ، اسان دريانيمل جي پٽ سيٺ موتيرام جي شاديءَ تي حيدرآباد وياسين. ڪراچي مان اسان سان اٽڪل پنج سئو ماڻهو هليا هئا. حيدرآباد ۾ سيٺ دريانومل ۽ سيٺ لڇمڻداس، مير غلام علي وٽ ملاقات لاءِ ويا. مان انهن سان گڏ هوس. مون کي اڄ تائين هنن جي گفتگو چٽائي سان ياد آهي......... مير غلام علي کان پوءِ مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي گڏجي سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳا. مير غلام علي هڪ پُٽ نور محمد نالي ڇڏيو، جنهن کي پڳ ملي. پر هو صغير هو، انهيءَ ڪري هن جي نالي ۾، هن جا چاچا، ناظم جي حيثيت ۾ حڪومت جو ڪاروبار هلائيندا هئا.

اسان، جاچن ۽ سئوٽن وچ ۾ ملڪيت تان ٿيل تڪرار جو فيصلو، ڪراچي ۽ ٺٽي جي گورنرن جي ٽياڪڙيءَ ۾ مامرو نه نبرڻ کان پوءِ حيدرآبادي ميرن جي ذمي ڪيو ويو. اسان بندين جا ڇهه اٺ ڀري حيدرآباد لاءِ روانا ٿياسي. اسان مير ڪرم علي سان ملاقات ڪئي. هن ٻنهي سيٺ موتيرام، ۽ سيٺ هوتچند کي، پاڻ سان گڏ ساڳيءَ کٽ تي ويهاريو ۽ ٻنهي جي ڳچي ۾ ٻانهن وجهي چيائين ته: ” مون دريانيمل جي مٿي تي سوني پڳ رکي هئي، هاڻي منهنجي مرضي آهي ته توهان کي هيرن جي پڳ پهرايان. پاڻ ۾ نه وڙهو. جيڪڏهن توهان مان ڪنهن کي پئسن جي لالچ آهي ته منهنجي خزاني ۾ توهان کي ڏيڻ لاءِ ڪافي ناڻو آهي، جيڪو کپيو سو کڻو، پر پاڻ ۾ نه وڙهو.“

اتي موتيرام ڪجهه شرمسار ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته: پنئچات نواب ولي محمد جي اڳيان اسان جي ڪاغذن جي جاچ ڪري........... نيٺ هڪ جڳهه مقرر ڪئي وئي ۽ پنئچات سڄا سارا ڇهه مهينا ويهي دفتر جي چڪاس ڪئي. ان کان پوءِ پنئچات سيٺ موتيرام، ويرو مل ۽ لپيرام جي فائدي ۾ فيصلو ڪيو ۽ حڪم ڪيائون ته مسقط واريءَ ڪوٺيءَ جو ڪاروبار بند ڪري، خانگي طرح فيصلو ڪيو وڃي.

پوءِ اسان ڪراچي آياسين، پر موتيرام ۽ هن جا سئوٽ فيصلي تي راضي نه ٿيا ۽ سنبت 1882 (26- 1825ع) ۾ اسان وري حيدرآباد وياسين، جتي اسان جو پوڙهو ڏاڏو به گڏجي هليو. مير ڪرم علي کي هن جي معذوري تي ڏاڍو ترس آيو ۽ موتيرام کي ڏاڍي ڇنڊ ڪڍيائين. ته تو خاندان جو نالو ٻوڙيو آهي. موتيرام هن جو چيو نه ڪيو ۽ اُلٽو مير مراد علي کي رومي بندوقون ۽ ٻيون قيمتي سوکڙيون ڏئي، ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر جهيڙي جو نبيرو ڪونه ٿيو ۽ اسان ڇهن مهينن کان پوءِ ڪراچي موٽي آياسين، جتي اسان کي ڪيترن تڪرارن جا فيصلا ڪرڻا پيا.

وري سنبت 1884 (28- 1827ع) ۾ منهنجي پيءُ سيٺ هوتچند ۽ مون کي مير مراد علي جي سڏ تي حيدرآباد وڃڻو پيو، جتي سيٺ موتيرام هن وٽ ڪا شڪايت ڪئي هئي. اُتي گهڻو ڪجهه وهيو واپريو، مختصر لفظن ۾، نيٺ منهنجن ٻن سالن ديوان هيرانند ۽ هاسارام ۽ سيٺ موتيرام جي ٻن نياڻين، ديوان ڪان سنگهه ۽ ديوان انبوراءِ خيرپور وارو، جو به ان وقت حيدرآباد ۾ هو، تن کي خيال آيو ته ڌرين جو ڪيترو اجايو خرچ آيو آهي، سو ويهي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون، ته وچ ۾ پئي سڀني اختلافن جو دوستاڻو فيصلو ڪرڻ کپي. انهن جي چوڻ تي مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي کان موڪلائي، پار ڪوٽڙيءَ وياسين،  جتي چيائون ته اسان صلاح ڪري توهان کي پنهنجو فيصلو ٻڌائينداسين. نيٺ رات جو دير سان، سنڌو ندي جي ڪناري تي گهڻي کٽ پٽ کان پوءِ، پاڻ ۾ ڏوهه – ڏنڊ هيٺ کير کنڊ ٿي وياسين ۽ رستي ۾ گڏ کائيندا پيئندا، ڪراچي واپس آياسين.

سنبت 1888 (32- 1831ع) ۾، هڪڙي ڏينهن، نصرپور جي هڪ هندو مزور جي پٽ ڪُندي سان، سندس واجهي (استاد)، جنهن وٽ پڻس کيس پڙهڻ لاءِ ويهاريو، سخت ڪئي. ڇوڪر بيزار ٿي وڃي هڪ مسجد جي در جي ڀرسان بيهي رهيو. اها مسجد ان پاڙي ۾ هئي، جتي هاڻي ڌوٻي رهندا آهن. ڪن مسلمانن جي هن تي نظر پيئي ۽ ريهي ريبي اندر وٺي وڃي ويهاريائونس. ان تي ڪاوڙجي هندو دڪاندارن پنهنجا دڪان مسلمانن لاءِ بند ڪري ڇڏيا، ۽ هنن کي سودي سُودي ڏيڻ کان انڪار ڪيائون. مسلمانن انتقام وٺڻ لاءِ لياري جي پيٽ ۾ جيڪي کوهه هئا ۽ جتان هندو پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريندا هئا، تن کي پليت ڪري ڇڏيو.......... ٻئي ڏينهن سيد نورل شاهه ۽ منهنجي ڀاءُ پرسرام وچ ۾ مُنهن ماري ٿي ۽ مامرو ي ويو....... مسلمانن جا هشام اچي ڪٺا ٿيا؛ ته هندو به گڏ ٿيا ۽ رٿون رٿيائون ته هاڻي ڇا ڪجي.

هوڏانهن سيد نورل شاهه، حيدرآباد، هالا، مٽيارين، ٺٽي ۽ شاهه بندر وڃي...... مؤمنن کي ڀڙڪايو ته ٻيلي هاڻي اُٿي ڪا واهر ڪريو. اها خبر سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي ۽ سڄي صوبي کي مذهبي جوش جي باهه وڪوڙي ويئي......... انهيءَ وچ ۾ منهنجو ڀاءُ پرسرام ڪنهن نموني کسڪي سنڌ مان جيسلمير هليو ويو.

مسلمان، وڏي انگ ۾ اچي حيدرآباد ۾ گڏ ٿيا ۽ ڏاڍو شور ڪيائون. مير مراد عليءَ تي زور ڀريائون ته سيٺ هوتچند کي شاهي حُڪم موڪلي ته پنهنجي پُٽ پرسرام کي حيدرآباد روانو ڪري............. مير مراد عليءَ ٻيو فرمان موڪليو ته پٽ جي بدران تون اچي حاضر ٿيءُ. تنهن ڪري سيٺ هوتچند اٽڪل ٻه هزار هندو ساڻ وٺي پاڻ حيدرآباد روانو ٿيو. فرمان سان گڏ سيٺ جي حفاظت لاءِ هڪ فوجي دستو به آيو هو. هن سيٺ کي جان جي سلامتي جي خاطري ڏئي چيائونس ته اسان سان گڏجي هل. مسلمان ارهه زورائي ۽ سرڪشيءَ کان ڪم وٺڻ لڳا. پر مير مراد عليءَ هنن کي منع ڪئي ۽ سيٺ هوتچند جي خلاف هٿ کڻڻ کان روڪيو.

پوءِ مسلمانن وڃي مير مراد عليءَ جي ڌيءُ وٽ پهتا، جيڪا پڳ جي وارث مير محمد جي هئي. هن کي ميڙون منٿون ڪري پنهنجي طرف ڪيائون. پوءِ هن کي  قرآن ڏئي پڻس ڏي ميڙ ڪري موڪليائون. هو کيس جواب ته نه ڏئي سگهيو، پر چيائينس، ته سيدن کي سمجهاءِ ته حيدرآباد ۾ ڪا زيادتي نه ڪن ۽ وڌيڪ ارشاد فرمايائين، ته مان هنن کي نصرپور جي پير ڏي موڪليان ٿو، پوءِ اُتي جيڪي وڻين سو ڪن. پوءِ سڀ نصرپور ويا. مير مرادعليءَ پاران سيد ذوالفقار علي شاهه به ساڻن گڏجي ويا، پر مير جا عيوضي تعصبي هئا ۽ اندروني طرح ٻين مسلمانن سان مليل هئا.

نصرپور ۾ قاضي مسلمانن کي ٻُڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ پاڻ و‎ٽ بحث ڪرڻ جي اجازت نه ڏنائين؛ ڇو ته هن ڏٺو ته مسلمان ظلم تي سندرو ٻڌي بيٺا آهن، پر مسلمان گهڻا هئا ۽ ڏاڍو شور هون. اُهي اُتي هندن تي اوچتو حملو ڪري، سيٺ هوتچند کي وچان اغوا ڪري ويا. اُتان اُهي سڌو حيدرآباد آيا، جتي ٻه- ٽي ڪلاڪ ترسي، ٻيڙي ڀاڙي ڪري ٺٽي ۽ شاهبندر تعلقي ۾ باگاڻي ڏانهن روانا ٿي ويا......... اُتي متلو شاهه جي گهر ۾ ڏهه- يارهن ڏينهن گذري ويا، پر سيٺ هوتچند هڪڙي ڏينهن به کاڌو نه کاڌو. هو رڳو ڦُلن جي مٺ ۽ ڀڳڙن تي گذران ڪندوهو، جيڪو پروءَ نالي اسان جو هڪ وفادار ملازم کيس ڏيندو هو. اُهو پرو ويس ۽ نالو بدلائي، سيٺ سان گڏ ويو هو ۽ سمورو وقت ساڻ هوس........ باگاڻي ۾ مسلمانن خيال ڪيو ته پنجاهه ورهين کان وڌيڪ عمر جي سيٺ هوتچند کي زوري مسلمان ڪجي. پر ايڏي وڏي عمر واري ماڻهو جو طهر ڪرڻ قرآن جي خلاف هو......... انهيءَ وچ ۾ مير مراد عليءَ کي هنن جي ارادن کان آگاهه ڪيو ويو. هن خيال ڪيو ته خبر نه آهي، ان ڳالهه جو انجام  ڪهڙو ٿيندو. ڇو ته هندن، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪُنڊ تائين انهن ڪاروائين جي خلاف احتجاج بلند ڪيو، ڪڇ ۽ جيسلمير جي راجائن به سنڌ ۾ جيڪي ٿي گذريو هو، ان تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيو هو. مير مراد عليءَ......... ٺٽي جي نواب غلام حيدر ڇانگائيءَ کي واضح حڪم موڪليو ته سيٺ هوتچند کي مسلمانن جي چنبي مان آزاد ڪرائي، هڪدم پاڻ سان حيدرآباد وٺي اچ.

تنهنڪري، غلام حيدر ڇانگائيءَ، سيٺ هوتچند کي آزاد ڪرائي، حيدرآباد وٺي آيو..... پوءِ حيدرآباد اچڻ سان سيٺ هوتچند هڪ هندو رسويو رکيو، جنهن روٽي تيار ڪئي، جيڪا هن ڪيترن ڏينهن کان پوءِ کاڌي........... مير مراد علي کي جڏهن سيٺ هوتچند جي اچڻ جي خبر ملي، تڏهن هڪدم کيس پاڻ وٽ گهرائي، پڇيائين ته، ”هاڻي تنهنجو ڪهڙو ارادو آهي؟“

سيٺ هوتچند جواب ڏنس ته، ” مون کي هاڻي وري هن دنيا ۾ دنيوي ماڻهو ٿي رهڻ جي مرضي نه آهي. مان پنهنجا ڏينهن صوفي ٿي گذاريندس.“

مير مراد عليءَ انهي جو جواب ٻُڌندي پنهنجي طرفان ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيائينس ته، ”جيڪا تنهنجي مرضي.“ پوءِ سيٺ هوتچند موڪلائي، مير مراد عليءَ جي هڪ نوڪر سجاول خاصخيليءَ جي خالي اوطاق ۾ وڃي رهيو.

اسان جا حيدرآباد ۾ سوين رشتيدار هئا. اُهي سمورو وقت سيٺ هوتچند جي جاءِ جي ٻاهران پئي ڦريا. هنن ڳُجهي طرح هاڻوڪي ٽنڊي غلام علي جي مير خان محمد جي والد مير غلام علي خان فيروز سان هن کي چوري ڇپيءَ ڪڍي وڃڻ جو انتظام ڪيو هو. مير غلام علي، سيٺ هوتچند تي مهربان هو........ سيٺ هوتچند جا دوست هن کي ڪنهن طرح ڦليليءَ جي ڪپ تي پهچائين، ته هو پاڻيهي هن کي مسلمانن جي چنڀي کان ٻاهر ڪڍي وڃڻ جو بندوبست ڪندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org