پرمانند ميوارام
حيدرآباد جو اڳوڻو سَمو
1920ع کان اڳي نڪو هو ايترو علم، نڪا هئي ماڻهن ۾ ڀُوم. ڏاڍي
سستائي هوندي هئي. اڳي ڪورا رپيا، ڪسيرا، دمڙيون ۽
ڪوڏيون هلنديون هيون. ڪوري رپيي ۾ ڏهه آنا. ڪڻڪ
مڻ- ڏيڍ پوڻين ٻن رپين ۾ ملندو هو. انهي سمي جي
ڀيٽ ۾ هاڻي ماڻهن جي ڪمائي بلڪل گهڻي آهي، پر خرچ
به ڏاڍا آهن. حيدرآباد جي قلعي ۾ مير نصير خان جي
ماڙي، ماڻهو شوق سان ڏسڻ ويندا آهن، هاڻي ته ڪو
وڃي ڏسي ته ماڻهن ڪهڙا نه محل ماڙيون ۽ بنگلا کڻي
اڏيا آهن. شهر ۾ چڙهيل ماڻهو ٿورا هوندا هئا، جي
ميرن اڳيان نوڪر هوندا هئا، گهڻا اڪثر غريب هوندا
هئا. جو هڪڙو ڀاتي ڪمائڻ وارو هوندو هو ته ٻيا ان
تي پيا پلبا هئا. وڏن جو ننڍن تي هٿ هوندو هو،
نوڪرين ۾ لائي ڇڏيندا هئن، ننڍا وڏن جو ڏاڍو ادب
رکندا هئا. مجال جو وڏي اڳيان ڪير ڪُڇي سگهي؟
پوشاڪ بلڪل سادي، درزيءَ جو نالو به ڪونه هوندو
هو. گهر ۾ ٻه ڪنڊي ٽوپي، پهراڻ، ۽ سُٿڻ، ٻاهر نڪتا
ته ڊگهي ٽوپي ۽ ڪُلهن تي اٺ هٿو بوڇڻ يا لونگي،
پڳڙي اهڙو مکي پارو پائيندو هو. ڪن جي وري پرويز
اهڙي هوندي هئي، جو پهرياڻ بدران جامو يا انگرکو
پائيندا هئا. زالون اڇي ڦلي يا بوند يا ڇيٽ جو
پيشگير ڍڪينديون هيون، ۽ بافتي جي چادر، پٽ به
پهربو هو، مثلاً، قناويز، گلبدن، ۽ تسر، جي
شڪارپور جي رستي ايندا هئا. هاڻي ته قصو ئي اور ٿي
ويو آهي. نٽو نئائي وڌي ويئي آهي. پگهار سوتا پوتا
ملندا هئا ته مير ٻيون امدادون ڏيندا هئا. سونن
منهن سان تراريون، لونگيون، چوغا ۽ ڪُڙتا. ڏڻ به
پورا پنا هئا. هاڻي جهڙي ڦرمارڪانه هئي. ستاواڙي
کان پوءِ سهٽڻو ٿيندو هو. رات جو گهوٽيتن جي گهر
ڪنواريتا ايندا هئا، مرد مردن ۾، زالون زالن ۾،
گهُوٽيتن جي سوڙ تي ڪنواريتا پنهنجي سوڙ وڇائي
ويهندا هئا. پاڻ ۾ ڀاڪر پائيندا، ڳائيندا، تاڙيون
وڄائيندا، ۽ چرچا ڀوڳ ڪندا هئا، ڏاڍيون خوشيون ۽
مزا ٿيندا هئا، ماڻهو اچي مڙندا هئا، هاڻي ڏس ته
سيڻيون هڪٻئي جو رت ٿيون چٽين.
ڪو چڙهيل گهر هوندو هو ته اتان وري غريبن کي ماني يا سيڌو ملندو
هو، چاليهي ۾ شاهتوري ۽ پنير جا دلا ٿاڌل لاءِ
ڀرائي رکندا هئا، ۽ جيڪو ايندو هو، تنهن کي ڦُلڪو
۽ ڪٽورو ٿاڌل جو ملندو هو. ڪولڊ ڊرنڪ، چاءِ، ڪيڪ
بسڪوٽ ڪنهن ٻڌو به ڪونه هو. ماڻهو ڏاڍا ننگ پرور
هئا. قرب هوندو هون. ڪو مرندو هو ته پنهنجا ته
ڇڏيو، پر ٻيا مرد به بيهي روئندا هئا. تنهن تي
ڪنهن چيو ته ايڏو ڦير جو ٿيو آهي، تنهن لاءِ سبب
به معقول آهي. اڳيون زمانون اهڙو هو جو ماڻهو گهرن
۾ سوڙها سنگهوڙا هڪٻئي تي ڳاهٽ ٿيا پيا هوندا هئا،
جهڙيون گهر جون گهريتڙيون ڏٺوَ.............. نڪو
ٻاهر نڪرڻ، نڪا مسافري ڪرڻ. هينئر حالتون بلڪل ڦري
ويون آهن، پر ته به انسان تي جي فرض آهن سي وسارڻ
نه کپن. پوءِ اچي ڳالهه نڪتي هڪ مکياڻِي جي. ننڍي
هوندي وڌوا ٿي وئي. پوءِ مائٽن آڻي پاڻ وٽ ويهاري،
۽ انهي ويهي به ڄاتو. زال ڊگهي قداور هئي، سياڻي
هئي. گهر ۾ دادي وڏي ڪري سڏيندا هئس، ۽ ٻيو هرڪو
ادي چوندو هوس. گهر جو ڪارخانو پاڻ هلائيندي هئي،
سڀ مڃينديون هيس، ۽ صلاحون مصلحتون پڇنديون هيس،
ننڍي وڏي کي سندس ڊپ هوندو هو. پرپٺ گهر ۾ گوڙ
بکيڙو لڳو پيو هوندو هو. اڃا سندس کنگهڪار ٻڌائون
ته ماٺ ٿي ويندي هئي، چي، دادي وڏي ٿي اچي. نوڪر
به کانئس ڊڄندا هئا. گهٽيءَ واريون پيڪي وينديون
هيون ته پيرين پئي وينديون هيس. منجهس وڏائي ڪانه
هوندي هئي. سئو نبيرا ڪندي هئس. ڪنهن جي به وٽپ يا
پاسخاطري ڪرڻي، سا پٽيءَ نه. هڪل سان سڏ ڪندي هئي.
ڪم کاري ويهبو هو ته ڪوٺيندي ”فلاڻي!“ چي، ”جيءَ!
جواب ڏيندي هئي:“ ”ڦوٽ ٿيءَ!“ جي ڪم سڌاريو هو، ۽
سڏ تي چئبو هو، ”جيءَ!“ ته چوندي هئي: ”مٺو کير
پيءُ!“ اهڙي هئي جيجل ٻائي! (14)
ديوان واڌو مل گنگارام
حيدرآباد واسين جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي هلت
مردن کي ڌوتي، جامو، عورتن کي گج يا ڪنجرو ۽ چني ۽ ٻيو ٿورو
ٿورو اسباب، پڳ پيچ يا ٽوپي، جيئن پنهنجي پنهنجي
ديس جي ريت هوندي هون، بيروزگاري به هئي، پر تڏهن
به پيٽ بک ڪانه هئي. لولو ٿڦي وقت ٽپائيندا هئا.
گڏيل آڪهيون هيون، دادي کٽيو، ته ڀاءُ ڀاڀي بار
ڪونه ٿي سمجهايون. نڪا ايڏي ڪمائي هئي جو ريس ٿئي
۽ پاڻ ۾ نه ريجهن. آڻ چاڙهه نه ته به آنا ٻه- چار.
هر ڪنهن کي هڪ جيترو نڪا گهرج ئي گهڻي هئي، ان
اندر، گانءِ در تي، کير ڏڌ پنهنجو، پوءِ سڀڪي ٿيو.
پيهڻ پچائڻ، به پنهنجي هٿ جو. ۽ ججهي واندڪائي.
زالون سبنديون ڀرينديون هيون، يا ڦري ائٽ تي
وينديون هيون. ”ڪاڪي ڪتي، ڏاڍي ڏور ڪڍي، امي اويڻ
تي.“ گيت ڳائين، سرتيون سُر وٺائڻ تي: ڏاڏاڻي
ناناڻي آئون اڇان جنڊ ائٽ سنڀران، اڄ عار ٿيو آهي.
چون ٿا ته ٻيئي ڀاڳ جي نشاني آهن. جي ايئن ته حق
هاڻي نڀاڳ لڳو آهي. گربي گلبدن ڪونه هو. در غريبي
گهڻو ئي اڇيون اجريون هيون. لٽ لڙائي، لُچائي، سبب
نڪرڻ پهرڻ ڪونه هون، مگر اندر بند ڪونه هو.
مڙسي سارو جوان روزگار ڪاڻ پئي اندر ٻاهر ٿيا. بيروزگار به
هروڀرو بس ڪونه ڪري ويٺا هئا. گهرن جو حاجون گهڻي
ئي آهن. ڀڳي سڄي ڪرڻ ۽ پاڙي جو ڪم هر ڪنهن کي
پنهنجو هو. پريا مڙس اوطاق ۾ يا مڙهي ۾. پوٿي پنو
به هون. مڙي ملڪ جون ڳالهيون حال احوال ڪندا هئا.
ڌاريو راڄ هو. سلامتي شرم لاءِ پل پل اونو الڪو
هو. متان ڪي خرابي خيانت ٿئي، خبردار رهڻو ٿي پين.
تنهن سبب اهي اسان جا راکا پهريدار به هئا. نکمڻا
ڪين هئا. ٻارن جو پڙهائڻ ۽ انهن کي راند روند
ڪرائڻ اهو سڀ مٿن هو. واندا ته ويهي واڻ واڻيندا
هئا. پوءِ ٻالڪ ويڙهن ورائڻ تي، آکاڻيون، نقل،
نڪتا، لطيفا، گهڻيئي ياد هون. جن سان ننڍا وڏا،
زالون مڙس سنجهي رات وندرندا هئا.
ننڍ وڏائي ڪانه هئي. هرڪو هر ڪنهن کي سڃاڻندو هو. ننڍا وڏن سان
ڳيت ماکي کان ئي هرندا هئا. پيءُ پرين مڙسن کي
پيرين پئي، پوءِ پُٽ ڪيئن نه اها واٽ وٺندا؟ ڏاڍو
ادب ايڪو هو. ڪڏهن ڪا ڪچي ڦڪي ٿي ته ويهي ڪٿي ڪڇي
ڪانه ڪا واٽ ڪڍندا هئا. نابري وارڻ وارو هوئي
ڪونه، صلاح ٿي؛ پوءِ سڀ کي مڃڻي هئي.
نياتين تي تنهن وقت گهڻي قدر ڪم نياءُ نبيرڻ جا هئا. هينئر
وانگي ڪاهه ڪورٽ تي ڪانه هئي. هلندي هين، تنهن سبب
نابري ڪنهن نٿي واري. ويهي وٺي ڏيندا هئا. ٻهراڙين
سان ڏاڍي عزازت جو رستو هو. شادي مراديءَ منهن
پائڻ، سانگي سان پيا ايندا ويندا هئاسون. مزمانن
لاءِ سواريون، وهٽ، گاهه، داڻا، کارائڻ، اها وڏي
حاج پئنچن تي هئي. اچ ڪي ڪينهي. گڏجاڻي، پرچاڻي،
منهن پهت پائن، اهي صحبت ۽ محبت جون ڳالهيون ميٽي
ڇڏيائين. ڀت به بلين بلين هئا، ۽ ڇا ڀائو ڀائپي
هئي. جاءِ نه لڀندي هئي جتي ويهارجن. نوان ننڍا نڙ
ورائڻ تي، ته وڏا بيهي واءُ ڪندا هئا. ڪيڏو سيڻن
سڄڻن سان ايچ پيچ آب آجيان هئي، وهٽ، ڪجاوا، گوڙ
اچي گڏبا هئا. ٻُڌڻ سهي ته اچن ٿا. وڃي دڳ
جهليندا. ڀاڪر پائي وري وري پڇندا، پير چمندا،
جڏهن پير کڄين، ڳراٽڙيون ڳتيون ته به سڪ سجهي ئي
ڪين. آڻي پهچايائون ته پوءِ امي، داديون، ماسيون،
ميڙ مڙي ويندا. ميڙ لڳندو. کلندي کيڪاريندي ڪن کي
لڙڪ لهي ايندا. ڳالهيون پڄنئي نه. ٻارن جو ناچ
ڇيڄ، ڪو ڪُلهي، ڪو هنج هر هر پيا تن کي کڻن لاهن.
پٿر پرچاڻي لاءِ هئا ئي تڏهين. برادري کان ڦري ڀاءُ گهر ايندي،
ويهي حال اوريندا. ڏيڻو ڏيئي، ٻڌي پوءِ اٿندا،
متان ٻاهر ٻاڦ نڪري. پريان پرچاڻيءَ تي پهچن،
تڏهين ٻارهين ڏينهن ٻارهو ڪيائون. (14)
ڏيارام گدو مل
حيدرآباد جي سماجي ۽ تعليمي ترقي ۾ هيرانند جو حصو
گذريل صديءَ جي وچ (1860ع) ڌاري، جڏهن انگريزن کي سنڌ ۾ آئي ڪي
ٿورا سال مس ٿيا هئا، تڏهن حيدرآباد شهر جو اوج
اهو نه هو، جيڪو اڄ ڏسجي ٿو. تن ڏينهن ڪٿي هئي
هيرآباد، ڪٿي هو ڦليلي جي ڪنٺي تي بيٺل ڪاليج، ڪٿي
هئي ڇانوڻي، ڪٿي هئا اسڪول ۽ شاندار پڪسرا مڪان،
ڪٿا هئا وياکياڻ گهر ۽ ناٽڪ گهر، ڪٿي هيون
مارڪيٽون، مهمانسرايون، ڪٿي هئا باغ باغيچا ۽
وندرگاهه ۽ هيڏا ڪشادا رستا! تن ڏينهن ڇوڪرن جي
تعليم جو، کڻي چئجي، ته جهڙو تهڙو بندوبست هو ۽
ڇوڪرين جي تعليم جو بندوبست خير ڪو هو. زالون اڪثر
گهرن کان ٻاهر نه نڪرنديون هيون، پر جيڪڏهن
نڪرنديون به هيون ته رستي تا اکڙي ڪڍي هلنديون
هيون. ننڍپڻ جي شاديءَ ۽ تڏي بوتري جهڙين بيهودين
پنگتي رسمن جي اوڻائي ڪانه هئي. شراب جو واهپو زور
هو. شادين مرادين توڙي محفلن مڙين ۾ شراب جو دور
جام هلندو هو. ماڻهن ۾ ٻاون ۽ ٻانڀڻن لاءِ چڱي
چوکي سرڌا هئي، جنهنڪري اڪثر ماڻهو بُت پوڄا ۽
ڀرمن سنسن ۾ ڦاٿل هئا.
جنهن وقت حيدرآباد جي اها حالت هئي، تنهن وقت هيرانند (ڄم: 23 –
مارچ 1863ع – وفات: 14 – جولاءِ 1893ع) پيدا ٿيو.
خداآبادي عاملن ۾ مکي ننديرام ۽ کانئس پوءِ مکي
شوقيرام جا نالا مشهور آهن، انهن جي گهر ۾ هنن ٻن
ڀائرن جنم ورتو. آڏواڻي گهٽي ۾ سندن گهر اڃا قائم
آهي.............. هيرانند جي ماءُ کيس ۽ سندس
ڌيئن کي هندو شاسترن مان آکاڻيون ٻڌائيندي هئي،
خاص ڪري ساوتري ۽ سيتا جهڙين ستين جون، جن مان
هندو ڪنائين کي ستر، سچي پيار ۽ سرشٽيءَ جي سکيا
ٿي ملي........ نولراءِ جو ننڍو ڀاءُ تاراچند
سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ ماستر هو، جنهن عهدي تان
اُسري هو حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال
ٿيو.
27 – جنوري 1873ع تي، هيرانند حيدرآباد جي نارمل اسڪول سان جيڪو
پرئڪٽسنگ ڪلاس لاڳو هو، تنهن ۾ داخل ٿيو، ان وقت
انهي اسڪول جو هيڊماستر ديوان ڪوڙو مل چندن مل هو.
هڪ ڏينهن ٻُڌائين ته هيري (هيرانند) مسلمانن جي
گلاس ۾ پاڻي پيتو آهي. هيري سمجهيو ته مسلمانن کي
خوشي ٿيندي، جو مون کي ذات پات جو ڪو خيال ڪونهي؛
پر هنن پاڻ هيڊماستر کي وڃي دانهن ڏني ته هيري
سندن گلاس پليت ڪيو آهي. ديوان ڪوڙي مل ڳالهه ڪئي
ته: ” جڏهن مون هيري کان سوال ڪيو، تڏهن چيائين:
’هندو ڪلاسي چون ٿا ته مون پاڻ کي پرشت ڪيو آهي، ۽
مسلمان ڪلاسي چون ٿا ته مون سندن ٿانءُ پليت ڪيو
آهي؛ پر آئون سمجهان ٿو ته ٻئي ڀليل آهن. اڳتي
انهي ڪم ڪرڻ کان منع ڪئي مانس ۽ چيومانس ته ”پڻهين
ٻڌندو ته ڪاوڙبو.“ انهي تي مشڪي هلي ويو. مون ڏٺو
ته وري ان گلاس ۾ پاڻي ڪونه پيتائين.
نولراءِ سيپٽمبر 1875ع ۾ سرڪار کان مليل هڪ سُٺي ۽ هوادار پٽ تي
برهمو مندر ٺهرايو هو. ڏينهن جي پورهئي کان پوءِ
نولراءِ ات اچي انهن ماڻهن سان پرارٿنا ۽ ڌيان ۾
شامل ٿيندو هو، جيڪي سندس پوترتا ۽ اپڪار جي آدرش
جا شائق هئا. اتي هنن ٻن اصل ڀائرن، نولراءِ، ۽
هيرانند، جون سماڌيون آهن، جن ۾ سندن سنگ رکيل
آهن. مندر جي هيٺان قبرستان آهي، جنهن جي وچ ۾
ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جو قبو بيٺل آهي. انهي
قبرستان بابت ماڻهن ڏاڍيون ڳالهيون ڪندا هئا، ته
ان ۾ جنن ڀوتن جو واسو آهي، پر ننڍڙي هيري کي جنن
ڀوتن جو ڪو ڊپ ڪونه ٿيندو هو.
نولراءِ کي هيرانند جي چال چلت جو ايترو اونو هو، جو پنهنجي
ايماندار نوڪر ڌيرو کي هيري سان گڏي اسڪول
موڪليندو هو ته متان ڪنهن خراب سنگت ۾ نه
ڦاسي........ 1875ع ۾ هيري ۽ سندس ڀيڻ جي شادي ٿي.
تڏهن هيري جي عمر سورهن سال هئي. ڏاج ڏيوڻ جيڪو
هيري جي ساهرن وٽان مليو، سو سمورو ڀيڻس جي ساهري
ويو، تنهنڪري ڪٽنب تي ٻنهي شادين جو بوجو ڪو گهڻو
ڪونه ٿيو.
ساڳئي سال ۾، مسٽر ستيندر ناٿ ٽئگور، جيڪو دبيندر ناٿ ٽئگور جو
پٽ هو، ۽ ڪلڪتي جي هندو ڪاليج ۾ ڪيشب سان گڏ پڙهيو
هو، سو حيدرآباد ۾ سيشن جج ٿي آيو. هو اٺ مهينا کن
حيدرآباد ۾ رهيو، تنهن وچ ۾ سندن ٻارن جو رستو
نولراءِ جي گهر سان ايترو ٿي ويو، جو هيرو ۽ موتي
اڪثر جج جي بنگلي تي سندس ٻارن کي گڏجڻ ۽ ساڻن
گهمڻ گهتڻ ويندا هئا.
سيپٽمبر 1875ع جڏهن مسٽر ٽئگور کي آئي اڃا مهينو مس ٿيو هو،
تڏهن هن حيدرآباد برهمو سماج جي ورشڪل اتسو تي
اثرائتو اپديش ڏنو. تنهن کان پوءِ سماج جا ميمبر ۽
همدرد سرگس ڪري بازار مان هليا ۽ پاڻ سان جهنڊا
کنيا هئائون. جن تي آستڪ متي جي اصول لکيل هئا.
هيري ۽ موتي کي پڻهن منع ڪري ڇڏي هئي ته نڪي شام
جو پرارٿنا ۾ شريڪ ٿجو، نڪي سرگس ۾ وڃجو. پر ٻئي
ٿڙڪي ويا ۽ هيري ته جهنڊو به هٿ ڪيو، جو سرگس ۾
کڻي هليو. رات جو ڏهين وڳي موٽيا، ۽ سمجهيائون ٿي
ته موچڙا پُسيا رکيا هوندا. هيري تي پي ۽ ڏاڏي جو
آر هو، تنهنڪري کيس مهميز ڪري ڇڏي ڏنائون، باقي
موتيءَ کي ڳلن تي ٿڦڙون چڱيون کائڻيون پيون.
ٽئگور اڃا حيدرآباد ۾ هئا ته وٽن مس ميري ڪارپينٽر مهمان ٿي اچي
لٿي. هوءَ زناني تعليم ۾ چڱو چاهه وٺندي هئي،
تنهنڪري دل ٿيس ته سنڌي زالون ڏسان. موتيرام ۽
هيرانند کي چيائون ته توهين وڃي سمهو، پر هنن مٿان
ماڙي تان هيٺ ڪوٺي ۾ ليئا پائي پئي نهاريو، ڇا ڏسن
ته ويچارو تاراچند هن انگريز عورت ۽ سندن هندستاني
ڀينرن جي وچ ۾ ترجمان بڻيو ويٺو آهي. مائي پيئي
پُڇي ته ڀلا هي زالون گهر ۾ ويهي ڇا ڪنديون
هونديون، ۽ سندن زيورن ڏي پيئي نهاري ۽ ٻارن جي
نيپاج جون پئي ڳالهيون ڪري.
هاءِ اسڪول ۾ انعامي جلسي تي مس ڪارپينٽر کي صدر ڪري
ويهاريائون، اتي هن مائي شهر جي ڪن چڱن ماڻهن کي
ٽئگور جي گهر ساڻس هلڻ لاءِ نينڊ ڏني. نولراءِ کي
اتي ئي مائي سان گڏ کائڻو پيو ۽ جهٽ اها خبر ڦهلجي
ويئي ته هن ڪرستان جي هٿ جو رڌل کاڌو، کاڌو آهي.
ديوان شوقيرام کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ۽ مربي پُٽ سان
محبت جهجهي هيس، تنهن کي ڇا ڪري. هوڏانهن هن ڳالهه
تان سندس نيات ۾ به اچي گوڙ متو، جو ديوان شوقيرام
عقل ۽ دڳي جي مدد سان ٽاري ڇڏيو. نولراءِ جي سڀني
کي سڌ هئي ته پڪو ڀاڄي کائڪ آهي، تنهنڪري ايتري
خاطري هئن ته جج جي گهر گوشت ڪداچت نه ورتايو
هوندائين........ جيتوڻيڪ حيدرآباد ۾ ايتري ڇوپ
ڇاپ ڪانهي، ته به نولراءِ جي گهر زالن کي ڊپ لڳو
ته متان ڪا زال اها ڳالهه مُنهن ۾ ڏيئي، سو ڪجهه
وقت ته مٽن مائٽن ۾ نڪرڻ ئي ڇڏي ڏنائون. هي پاڻ به
گڏ وچڙ کاڌي پيتي جي خلاف هيون، تنهنڪري پنهنجي
بچاءِ لاءِ نولراءِ ۽ تاراچند جي ڪٽنب واسطي ٿانو
ئي پاسيرا ڪري کڻي رکيائون. هن ڳالهه شهر ۾ پنگتي
زلزلو مچائي ڏنو، پر سڀني ڄاتو ٿي ته نولراءِ
پرايشچت ڪرڻ ڪين قبوليندو ۽ ويتر گهر به هو پُڄندي
وارو، تنهنڪري نيات مان ڪڍڻ جو ڪم قدم ڪونه کنيو
ويو ۽ ڳالهه ايئن ئي لي مٽيءَ ٿي ويئي.
وري ان واقعي جي اُپٽار تڏهن ٿي، جڏهن ڊسمبر 1878ع ۾ ديوان
ننديرام جو سورگ واس ٿيو. مڙس شاندار قدر ۽ پختي
هڏ وارو هو، تنهنڪري وڏي اوسٿا تائين هلي سگهيو.
هندن ۾ رواج آهي ته گهر ۾ ڪو قضيو ٿئي ته پٽ پوٽا
پنهنجا مٿا ڪوڙائين ۽ مساڻن تائين ڪائي سان پيرين
اگهاڙا هلن. ديوان شوقيرام ننڍي ڀاڻس ديوان خوبچند
رسم جي پوئواري ڪئي، باقي نولراءِ ۽ تاراچند پيءُ
۽ چاچي جي منٿ ميڙ کان پوءِ به نئون اکر واري
ويٺا. هيرانند جا ٻار هو، تنهن به ڏٺو ته مان وار
ڇو ڪوڙايان، سو پاڻ ته پڙي ڪڍي بيٺو، پنهنجي سئوٽ
ڀون، ديوان خوبچند جي وڏي پٽ کي به صلاح ڏنائين ته
تون به ناڪار ڪر. ڀون صلاح ڪانه مڃي. پوءِ اُسترو
تيار ٿي ويو ۽ وڏن وار ڪوڙائي بس ڪئي ته ننڍن جو
وارو آيو. ڀون ڪڇيو ئي ڪين ۽ چپ چاپ ۾ مٿو ڪوڙائڻ
ڏنائين. پر هيري پيءُ کي ادب سان پنهنجا اعتراض
ٻڌايا ۽ معافي گهرايائين پڻس ڪاوڙ وچان چپ ٿي ويو،
پر تنهن هوندي به نينگر نه مُڙيو. هن وڏي ڀاءُ جي
پيروي ڪرڻ جو پرن ڪيو هو، تنهنڪري پڻس به مٿان
اُپڙي نه سگهندو هوس.
مکين جي گهر ۾ ههڙا ڪم ٿيڻ سان سندن لاءِ ڏکي ڳالهه هئي، ويتر
نيات جا طعنا مهڻا سهڻا، تنهان ڏکيو هو، پر هنن سڀ
صبر سان سٺو. پوءِ ته نيات ۾ اچي وڳوڙ متو،
جنهنڪري پنچات جي ملڪيت جو ورهاڱو ڪرڻو پيو ۽
جيتوڻيڪ ديوان شوقيرام جي پتا جي قضيئي ڀيري جيڪا
پٽنس ورتي هئي، جنهنڪري سندس پوئلڳن تي چٿرون پئي
ٿيون. تڏهن به ڪو گوڙ بکيڙو ڪونه ٿيو.
1882ع ڌاري حيدرآباد جو سول سرجن ڊاڪٽر هومسٽيڊ
هو، جن سان هيري جي ڏيٺ ويٺ ڀائرن جي ڪري ٿي هئي،
تنهن سان لکپڙهه ڪري مشورا وٺندو هو........
هيرانند ننڍي هوندي اٽي ڏڪر کيڏندو هو. بدني ورزش
جو چڱو خفت هوس......... تن ڏينهن حيدرآباد جي
هاءِ اسڪولن ۾ سنسڪرت پاڙهڻ ۾ ڪانه ايندي هئي.
تنهنڪري انگريزي سان گڏ ٻي ٻولي هن جي پارسي هئي. |