سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :96

 منشي آوتراءِ اهڙو ايماندار ۽ سوڌيءَ رهت وارو هو، جو زنانخاني جي ڏيڍيءَ تائين کيس وڃڻ جي موڪل هوندي هئي، جنهن ڳالهه جي انگريزن کي به سُڌ پيئي. سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ انگريزن ميرن کي گدوبندر واري بنگلي ۾ نظربند رکيو هو، ۽ اُتان کين ڪلڪتي موڪلڻو هون. سندن زالن کي قلعي مان ڪڍائي، گدوبندر واري بنگلي ۾ ميرن وٽ موڪلڻو هون، ته انهيءَ ڪم لاءِ منشي آوتراءِ کي زنانخاني جي ڏيڍيءَ وٽ بيهاريائون، ته زالن کي ڏولين ۾ چاڙهائي، گدوبندر موڪلي.

منشي آوتراءِ تڏهن به ميرن سان اهڙو سچو هو، جو پهريائين انهن ڏولين ۾ هيرا، جواهر ۽ ٻيون قيمتي مال موڪليائين. ايئن سورهن ڏوليون ميرن وٽ سلامت وڃي پهتيون. سترهين ڏوليءَ ۾ به رڳي قيمتي مال ٿي موڪليائين، پر هوا ۾ ڏولي جو پلو مٿي کڄي ويو. برطانوي سپاهين کي ڏولي ۾ ڪابه عورت نظر نه آئي، ته شڪ پين. ۽ اها مال ضبط ڪيائون. پوءِ هڪ انگريزياڻي کي اندر موڪلي زالن کي ٻاهر ڪڍيائون، ۽ کين ڏولين ۾ چاڙهي گدوبندر روانو ڪيائون. سورهن ڏوليون قيمتي مال جون انگريزن جي هٿان ويون، ته سرچارلس نيپيئر کي ايتري ڪاوڙ لڳي، جو منشي آوتراءِ کي نظربند ڪرڻ ۽ کيس ”شوٽ“ ڪرڻ جو دڙڪو ڏنائين؛ پر پوءِ کيس آڇ ڪيائين ته: هڪ ورهيه اسان وٽ نوڪري ڪر، ۽ حڪومت جي انتظام مان اسان کي واقف ڪر، ته پوءِ توکي اٺ سئو رپيا ماهيانو پينشن ڏينداسين. منشي آوتراءِ اها آڇ نه قبولي. چيائين: ٻن مالڪن جي نوڪري ساڳئي وقت ڪري ڪين سگهندس. انهيءَ نابريءَ وارڻ کان پوءِ به ميرن جي سفارش تي کيس پوليٽيڪل پينشن ڏنائون.

انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ لڙائي لڳي، ته حيدرآباد ۾ ڀاڄڙ پئجي ويئي. انهيءَ هوندي به ڪيترا عامل ۽ ڀائيبند شهر ۾ رهيا پيا هئا. پوءِ جڏهن انگريزن، ٽالپرن کي نظربند ڪيو، تڏهن جنهن تنهن ايئن پئي ڀانيو، ته هاڻي ضرور شهر ۾ ڦرلٽ ٿيندي. سرچارلس نيپيئر، منشي آوتراءِ کان خزاني جون ڪُنجين وٺڻ لاءِ ملڪاڻي گهٽيءَ ۾ ويو هو، انهيءَ گهٽي وارن کي هيءُ به ڊپ لڳو، ته هاڻ برطانوي فوجي به گهٽيءَ ۾ گهڙندا متان زالن ۾ هٿ وجهن. تنهنڪري منشي آوتراءِ جي فرمودي موجب ملڪاڻي ۽ رامچنداڻي آڪهين جون سڀ زالون ڪوٺين ۾ بند ڪيائون. مرد ٻاهر تراريون کڻي بيٺا، ته جيڪر سپاهي سچ پچ اچن، ته سڀني زالن کي قتل ڪري ڇڏجي؛ پر سپاهين کي سندن ويجهو وڃڻ نه ڏجي. پوءِ ته ڪوبه سپاهي ڪنهن به گهٽيءَ ۾ ڪونه گهڙيو، ۽ سُک سان رهجي آئي. منشي آوتراءِ ۽ ديوان شوقيرام ننديرام آڏواڻي ڳچ وقت حيدرآباد جو مکي هئا.

ميونسپالٽيءَ جو ڪنگ ميڪر

مسٽر لوڪومل گوبند بخش (ڄم: 1880ع) اٽڪل ويهه ورهيه ساندهه ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو ميمبر ۽ آرنري ماجسٽريٽ هو، ۽ ستٽيهه ورهيه ساندهه حيدرآباد ميونسپالٽي جو مشير ٿي رهيو. ميونسپالٽي ۾ سندس پارٽي زور هوندي هئي، سو به ايتري قدر جو ميونسپالٽيءَ جو مشير ٿي انهي پارٽي جي مرضيءَ موجب هلندو هو، ۽ مسٽر لوڪومل حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ”ڪنگ ميڪر“ ڪوٺبو هو. سندس گهڻي هلندي ڏسي، ميونسپل ۽ لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽ ٿيڻ لاءِ اختياري وارن ڪيترا گهُمرا آڇ ڪيس، پر نه قبوليائين.

لوڪومل کي پراڻيون ۽ ناياب شيون گڏ ڪرڻ جو جنون هوندو هو، جيڪي شيون هن تڏهن ڪٺيون ڪيون تن تي  سٺ هزار کن رپيا خرچ آيو....... سنڌ جو ٻيو گورنر سر هيوڊو کي ڄاڻ پئي، ته مسٽر لوڪومل وٽ ڪيتريون ئي ناياب ۽ عجيب شيون آهن، سو انهن جي ديدار ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ سندس گهر ۾ 26 نومبر 1944ع جي پيهي ويو، ۽ شيون ڏسي ساراهه ڪرڻ مان نه پئي ڍائو! انهيءَ موقعي تي گورنر صاحب سان گڏ مسٽر لئمبرڪ ڪمشنر، سردار بهادر محمد بخش حيدرآباد جو ڪليڪٽر، مُکي گوبندرام پريتمداس ساگراڻي ۽ ٻيا ڪيترا معزز ماڻهو هئا، مسٽر لوڪومل سان گڏجي فوٽو ڪڍايائين.

پهريون سٽي مئجسٽريٽ

ديوان شيوڪرام ڪشنچند (ڄم: 1848ع) حيدرآباد جو پهريون سٽي ماجسٽريٽ هو. حيدرآباد بدين ريلوي لاءِ زمين هٿ ڪرڻ واسطي کيس ”لئنڊ اڪئيزيشن آفيسر“ مقرر ڪيو هو......... تن ڏينهن ۾ مختيارڪار هڪ وڏو ماڻهو ليکبو هو.......... سندس رهڻي ڪهڻي راجائي نموني جي هوندي هئي، شڪار ۽ راڳ جو شوق گهڻو هئس. ڪو سُٺو گويو ڏسندو هو، ته پاڻ وٽ گهُرائيندو هئس، ۽ اهڙن موقعن تي وٽس محفلون لڳيون پيون هونديون هيون. (30)

 

نارائڻ داس رتنمل ملڪاڻي

 

منهنجو شهر حيدرآباد

 

اسان جو گهر دونهين گهٽي ۾ هو ۽ پاڙي وارن سان رليا مليا ويٺا هئاسين. گهر ڪچي گنب جي مٽيءَ جو هو، پر ڇت اونچي ۽ ڀتيون اهڙيون موٽيون، جو مٿن جيڪر کٽ وڇائي سُمهي پئجي. گهر ۾ رڳو هڪ صفحو، ٻاهر رنڌڻو ۽ پرينءَ ڪنڊ ۾ ڪچو ۽ چُلهن وارو ڪاڪوس سڀيئي ڀاتي سوڙها سڪوڙا ٿي هڪ ٻئي سان صُفحي ۾ گڏجي سڏجي سمهندا هئاسين. هڪ هالن جي هندوري ۽ ٻن چئن ڪاٺ جي وڏين صندوقن کان سواءِ ٻيو ڪو سامان ڪونه هو. اسان جي گهر ۾ ٻائي ٻانڀڻ کي گهڙڻ جي منع هئي........ منهنجو پتا شراڌ کارائڻ هڪ ڀرم ۽ ٻانڀڻ کي کارائڻ بيڪار ۽ بيکارين کي کارائڻ سمجهندو هو.

تن ڏينهن ۾ اسڪول بلڪل ٿورا هوندا هئا، پر اسان جي ڀر ۾ هڪ ”مشن اسڪول“ هو ۽ پتا اُتي ماستري ڪندو هو.......... هڪڙو گورو مسٽر گارڊنر هيڊماسٽر ۽ مسٽر ريڊمنڊ شايد مئنيجر هو. عيسائي ڌرم جي وڏن ڏينهن تي اسڪول کي سينگاريو ويندو هو. حشمتراءِ بسنترام ماستر ياد اٿم، جنهن جو منهنجي پتا سان رستو هو. ٻئي سڌريل سنڌي، پر هڪڙو برهمو ۽ ٻيو عيسائي خيالن جو. ڪڏهن ڪڏهن ماستر حشمتراءِ جي گهر سندس ماڙي ڏسڻ ويندا هئاسين. ٽي چار ننڍڙيون ڪوٺيون، هڪ ٻئي پُٺيان، پر عيسائي مورتين، رنگين پردن ۽ چٽسالي ڪيل ڀتين سان جهنجهيل هيون........

تن ڏينهن ۾ سلهه مردن ۽ اڪثر ڪري زالن کي نهوڙي نيندي هئي، جو ماڻهو انڌارين پنڌ ڪوٺين ۾ رهندا هئا، جنهن ڪري منهنجي پُڦي ۽ سندس ٻه ٻار سلهه جو بک ٿيا ۽ گذاري ويا.......... پتاجي ۽ ڀاڀيءَ جي پاڻ ۾ ڪانه پوندي هئي. چاچيءَ جي کٽ ڦٽ ۽ رودن ڪري منهنجو پتا اباڻي گهٽي ۽ پاڙو ڇڏي وڃي سهاري پهر ۾ مسواڙي جڳهه ۾ ويٺو. انهي پاڙي کي ريلارام جي ڪارخاني وارو پاڙو چوندا هئا، ۽ اتي ڪرپالاڻي ڪٽنب شهر کان ٻاهر نڪري وري پاڻ ۾ گڏجي ويٺا. جڳهه ڪچي پڪي – ڪچي پر وائکي هئي ۽ ٻاهر کُليل ميدان هئا، هرهڪ گهر ۾ ڇت جي هڪ ڪُنڊ ۾ منگهه هوندا هئا ۽ جن مان اونهاري ۾ ٿڌي ۽ ڇڻيل هوا گهُوگهو ڪري هيٺ گهڙي پوندي هئي ۽ ڄڻ ڳراٽڙي پائي مٺي ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيندي هئي. سوَن هزارين منگهن جو پريان نظارو ڏاڍو وڻندو هو ۽ گهر اندر هيرون وسرڻ جون نه آهن.

پاڙي ۾ ڪئين ٻار هئا. ٻار، ٻارن جو کاڄ، سو هيتري ۾ کير کنڊ ٿي وياسين. خوب رانديون ڪندا هئاسين. خاص ڪري گلين جي راند..... پر راند مٽيءَ ۾ ۽ ڪسين جي وچ ۾، هٿ ميرا، آڱريون ٿڌ ۾ ٺوٺ ۽ گهٽيءَ ۾ بانس. ٻي راند هئي اٽي ڏڪر – ٿورو خرچ ۽ ڊوڙ ڊڪ گهڻي. اٽي ڪڏهن جهٽبي هئي ته ڪڏهن ٺڪ ڪاپار ۾، ڀانءَ ته ڪرڪيٽ جي سڪ لاهيندي هئي. ٽين راند هئي سياري جي – لغڙ، لغڙيون ڪانگرا اُڏائڻ ڏور، کي مانجهو لڳائي پينچ لڙائڻ، لغڙ ڪاٽا ته جهٽڻ لاءِ ڊوڙ ۽ ڌون ڌڪا ٿاٻا ۽ جهيڙا. چوٿين راند هئي رٻڙ جو بال کڻي، ڊوڙي ڪنهن نه ڪنهن کي ڦهڪائي هڻڻ ۽ کيس ”پٻي“ ڪرڻ. سڀ رانديون سستيون ۽ گهٽين ۾ ڪرڻ جهڙيون.

تن ڏينهن ۾ ڳوٺاڻا اسڪول به ڄڻ ڍورن واسطي هڪ قسم جو ڍڪ هوندا هئا. ٻار ڪلاسن ۾ قيد ۽ ٿورڙين حرڪتن تي لڪڻ، مُڪون ۽ تن سان گڏ چهريون ٿُلهيون گاريون. تربيت سان گڏوگڏ اجهو ايئن ضابطو به سيکاريندا هئا. تڏهن ايسپ جون آکاڻيون ۽ وقت الف ليليٰ جون آکاڻيون سکياسين.......... حيدرآباد ۾ ڪاڪو ايسرداس رات جو ايندو هو ۽ عجيب غريب آکاڻيون ٻڌائيندو هو، جن ۾ شهزادا ۽ پريون، جن ۽ راڪاس، سوداگر ۽ فقير، اُڏندڙ کٽوليون ۽ تازي گهوڙا هوندا هئا- آسماني ۽ خوابي دنيا هئي. پر سندس ٻولي به اهڙي هئي ڄڻ واهه يا چشمو پيو وهي. نثر پر شاعراڻو نثر هو ۽ پرولين پهاڪن سان ٽمٽار. وچ ۾ ديسي دارونءَ جو چشڪو، چاندي جي ڪٽوريءَ ۾ وٺي وات اکيون ٻچڪائي، وري آکاڻي کڻندو هو.

مان اٽڪل ڏهن ورهين جو هوس ته ماتا (امڙ) جو موت ويم ڪندي ٿيو. تن ڏينهن ۾ اڻ پڙهيل داين جي هٿان گهڻا موت ٿيندا هئا ۽ ويم به هڪ ٻئي پٺيان قطار بند ٿيندا هئا. ٿورڙن سالن بعد منهنجو هڪ ڀاءُ وڏي ماتا جي وگهي ۽ هڪ ڀيڻ سلهه ۾ هليا ويا. اُهي بيماريون هاڻي گهٽيون آهن، جو اسين هوادار گهرن ۾ صفائي سان رهون ٿا ۽ ويم سيکاريل نرسون ڪرائين ٿيون........

پتا ٻي شادي منهنجي ماسيءَ سان ڪئي....... شادي کان پوءِ اسان جي پتا اسان جي ناناڻن جو گهر خريد ڪيو. ڪي ڪمائيءَ جي بچت مان، ڪي گسائين گهٽيءَ واري جڳهه وڪڻڻ مان، ڪي وري ٿورو ڏاج ملڻ مان، جڏهن ڪن سالن بعد مون شادي ڪئي تڏهن منهنجي ساهرن کي به پنهنجي جڳهه وڪڻڻي پيئي. جڏهن مون پنهنجي ٻي نياڻيءَ جي شادي ٿي ڪئي، تڏهن ذري گهٽ مون به پنهنجي جڳهه ٿي وڪي. ڏاج ڏيڻ جي مرض ڪري ڪئين اسان جا ڪٽنب بي گهر ٿي دربدر ٿيا هوندا................

چوٿين انگريزي يعني اڄ ڪلهه جي اٺين درجي کان وٺي ٿورو گهڻو ياد اٿم........ ديوان پرڀداس جي نوودياليه اسڪول ۾ پڙهيس. ديوان صاحب مشهور برهمو هو ۽ سماجڪ توڙي تعليم جو سڌارڪ هو. منهنجو پتا ڪجهه ٿورو برهمو هو ۽ وقتي  مون کي برهمو مندر ۾ آرتوار ڏينهن پرارٿنا لاءِ وٺي ويندو هو. تن ڏينهن ۾ سُڌارڪ ۽ پڙهيل ڳڙهيل برهمو هوندا هئا. اسان جو اسڪول صبح جو پهرين کلئي ميدان ۾ بيٺي پرارٿنا ڪندو هو. هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا هڪ اڇي ڏاڙهيءَ وارو برهمو ساڌو رابنس اسان کي ڀڄن سيکاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ودوان ۽ ساڌو پرش اسڪول ۾ ٻارن جي سکيا لاءِ گهرائيندا هئا. ياد اٿم ته هڪ ڀيري پروفيسر ٽي. ايل. واسواڻيءَ کي نينڍ ڏنائون، جيڪو پوءِ ساڌو واسواڻيءَ جي نالي سان سنڌ ۾ ناليرو ٿيو. سندس آواز سنهو، ٻولي مٺي، چهرو ساڌوءَ جهڙو هو. ٻارن تي چڱو ڌرمي اثر ٿيندو هو.

اسان جا ماستر گهڻو ڪري مئٽرڪ پاس ۽ ان ٽرينڊ هوندا هئا. مٿين درجن ۾ يعني ڇهين ۽ ستين درجي ۾ فيل يا پاس گرئجوئيٽ، وڏي عمر جا ۽ ڏاڙهين وارا هئا. اسين شاگرد سندن عزت ڪندا هئاسين ۽ کانئن ڊڄندا به هئاسين. اسان سان رلندا ملندا ڪونه هئا. سانجهيءَ جو ڪرڪيٽ راند ۾ ڪڏهن ڪڏهن اسان سان راند ڪندا هئا ۽ چرچوگهٻو به ڪندا هئا.

ننڍي هوندي پيءَ جو ادب هوندو هو. پر تنهن کان وڏو ڊپ غيبي عالم جو هو. گهر ڀرسان قبر هوندي هئي، ته ويجهو نه ويندا هئاسين. رات جو ته مجال نه ٿيندي هئي اتان لنگهون. لئي ۽ ڪنڊي جو ڪو گهاٽو جهنگ هوندو هو، ته به پيا ڊڄندا هئاسين ته فلاڻي منڊي هاسي کي جن ورتو آهي ۽ فلاڻي لالن مائي جن ٻولائيندي ۽ ڪڍندي آهي. ڪئين آکاڻيون سُس پُس ۾ ٻڌندا هئاسين ۽ اندر ۾ پيا ڪنبندا هئاسين...... رات ٿيندي هئي ته اوندهه ۾ پيا ڏڪندا هئاسين.

جوانيءَ ۾ روز سانجهي جو رانديون ڪرڻ ويندو هوس. لان ٽينس جو ڪوڏيو هوس، پر هڪ ٻن راندين کان پوءِ ٻين جو وارو ايندو هو ته آئون امالڪ پينگهه ڏي ڊوڙندو هوس. اڪيلو يا ٻيلهه..... آئون پئرلل بارس تي ٽپا ٺينگ ڏيئي ڪثرت ڪندو هوس. پوءِ وري سنگل بار تي به بُت موڙيندو ۽ ورائيندو هوس.

آءٌ هر آرتوار تي صبح جو پورو هڪ ڪلاڪ هيرآباد جي گُرو مندر ۾ ويندو هوس ۽ مٺا ڀڄن ۽ گرو گرنٿ صاحب جي پوتر واڻي ٻڌندو هوس. روز ته گهر ۾ پرارٿنا ڪندو هوس، پر هڪ ڏينهن هفتي ۾ ٻين سان گڏجي پرارٿنا ڪرڻ ڏاڍو آنند ڏيندي هئي. گرو مندر صفا سانتيڪو هو، البت ڀتيون گُرن جي مورتين سدان ڀريون پيون هونديون هيون. پر مورتي پوڄا کان گرو نانڪ جي پوڄا وڌيڪ وڻندي هئي. شاديءَ ۽ موت تي به ٻائو ايندو هو ۽ اکنڊ پاٺ رکي ويندو هو. گرو گرنٿ ۾ ڀڳتي ۽ ڀڳتن جي واڻي هوندي هئي........... اسان جو تيرٿ اسٿان امرتسر جو مندر ۽ اسان لاءِ ساڌ سنگت به پنجابي سکن جي هوندي هئي........ نانڪ پنٿ کانسواءِ صوفي مت جو به اسان تي چڱو اثر هو. صوفي ڪلام ۽ صوفي ڪافيون ۽ صوفي درگاهون اسان کي ڇڪينديون هيون. تن ۾ هندو مسلم ٻئي هڪ برادري ٺاهي گڏجي ويهندا هئا.

هتي ڪي ڪلائون هيون، جن جو ڪجهه پرڀاوۡ هو..... ڀڳتن جا ڀڄن هوندا هئا، سي به گهڻيءَ قدر هنديءَ ۾، ڪو ڀڳت ساڌ سنگت ۾ ڇير پائي ڇيڄ وجهندو هو ۽ اسين کيس وٺائيندا هئاسين، پر ڪلا جي نظر سان سنگيت معمولي ۽ نرتيه رڳو نالي جو هو...... هٿن جا هنر سهڻا هوندا هئا، جهڙوڪ، هالن جي جنڊيءَ جو ڪم، نصرپور ۾ سُوسيون، ميرپور بٺوري ۾ ڇر جو ڪم......... اهڙا ايترا سُٺا هنر ٻين هنڌ مشڪل ملندا، هندن انهن کي نه همٿايو ۽ انهن بدران ساديون، مهانگيون پر نيون عجيب پرديسي شيون ورتايون، تان جو انهن جو ساهه نڪرڻ تي هو.

ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهرن ۾ پاڙي پاڙي ۾ پئنچائتون هيون، جيڪي سماج ۾ رسمون رواج قائم رکي ويٺيون هيون. گهرن ۾ چال چلت ۽ ٻاهر چرتر تي ڪجهه قابو هٿ هون. پئنچائتون زماني جي ڦيرڦار ۽ بدل سدل تي ڪجهه روڪ رکنديون هيون. اسين بنهه ڇيڳرا ۽ ڇڙواڳ نه هئاسون. ڪجهه بزرگن، ڪجهه پئنچن جو، ڪجهه اڳواڻن جو اثر هوندو هو ۽ ڪنهن مرجاتا اندر رهندا هئاسين.

اسان جي پاڙي ۾ گهر گهر ۾ ڪو پير مرد هوندو ئي هو. اڇي ڏاڙهيءَ وارو – هٿ ۾ لٺ، مٿي تي پٽڪو، اسين ڇوڪرا کيس ”ڪاڪا“ چوندا هئاسين ۽ پيرين پئي گڏبا هئاسين. صبح سانجهيءَ پاڙي جي ڪنهن اوطاق ۾ گڏبا هئا. اوطاق جي وچ ۾ ”چلم“ رکي هوندي هئي. صبح شام چلم جو ٽانڊو ٽوپي اوطاق جو ڪاڪو تيار ڪندو هو ۽ پوءِ پاڙي جا ڪاڪا اچي مڙندا هئا ۽ وارو ڪندا هئا. گهر ۾ سگريٽ يا چُروٽ ڪو ڪونه پيئندو هو. پاڙي جي يا پئنچائت جي ڪا ڳالهه ٻولهه پاڻ ۾ ڪندا هئا ۽ پوءِ چرچو گهٻو به ٿيندو هو. ڪٽنب، پاڙي، پنئچائت کي نيت ۽ مرجاتا ۾ هلائيندا هئا ۽ وقتي رکيا ڪندا هئا. ڪابه بدل سدل کين نه آئڙندي هئي. چاهي کاڌي، ڪپڙي يا رسم جي.

آئون جڏهن ڪاليج ۾ ويس، ته کاڌي وغيره لاءِ ”ڪلبون“ ٺاهيوسين. پاڻ ۾ ڇهه ڄڻا آرتوار تي خاص طعام – پُوريون، پڪوڙا، کيرڻي، ماکڻي دال ۽ ڪا لذيذ مٺائي کائيندا هئاسين. ڪڏهن ته دوستن کي کاني جي دعوت ڏيندا هئاسين يا ڪو پروفيسر يا نيتا گهرائيندا هئاسين. ماهوار هڪ وڏو ائٽ هوم، جنهن ۾ سڀ هاسٽل وارا شامل ٿيندا هئا ۽ کاني سان گڏوگڏ گانو به ٻُڌبو هو. پوءِ وڏن جون به ڪلبون ٺهيون ۽ پڻ زالن لاءِ، ڌار يا گڏيل. سماج جي رهت رهڻي ڪهڻي ۽ اوطاقن جي ٻنڌڻن کان ڇُٽي پيئي.

تن ڏينهن ۾ ڪاليج ۾ اٽڪل تي سؤ ڇوڪرا ۽ تن ۾ رڳو  ٻه ڇوڪريون هيون. هڪ ڪرستان  ۽ ٻي پارسي. ڪلاس شروع ٿئي. ۽ اڳئين بينچ تي اسان کي پٺيرو ڪري ويهنديون هيون. اک کڻي يا اک ٽيڏي ڪري ساڻن اک وچڙائڻ سٺي ڇوڪري لاءِ  ٺيڪ نه هو؛ سو  ڇوڪرا، ڇوڪرن کي پيار ڪندا هئا. موتي جڳتياڻيءَ سان رستو هوم. هو پوءِ مسلمان ٿيو ۽ سندس  نالو هو ڊاڪٽر نور محمد ۽ قطع تعلقات جي زماني ۾ حجرت ڪري  افعانستان  هليو ويو ۽ شايد اُتي  جلد گذاري ويو.

بنگال جي ورهاڱي کانپوءِ، ٻين پرڳڻن جيان هتي  به سوديشي جو پرچار زور سان  هليو..... اسڪول ۾ آءٌ ڳاڙهي هالن جي سوسي جون سٿڻيون  پائيندو  هوس. ڪاليج ۾ به اهي پائڻ لڳس ......... هاڻي ڳاڙهيون، پيليون ۽ سوسيون  خميسون به پائڻ لڳس. يعني ته سرڪس جي مسخري جي ڊريس هئي.

آءٌ حيدرآباد جي هڪ عامل ڪٽنب ۾ ڄائو هوس. سنڌ ۾ عامل هڪ جاتي جو نالو نه آهي. پر ڌنڌي يعني عمل ڪرڻ واري  سرڪاري نوڪر جي انهي ڪري عاملن کي پهرين. ”منشي“ پوءِ ”ديوان“  هوندا هئا....... اسين جات جا گھڻو ڪري ويش ۽ پيٽا  جات جا لوهاڻا هئاسين. پاڻ ۾  جل پاڻي، کاڌي پيتي جا ڪي به ٻنڌڻ ڪونه هئا. رسم ۽ رواج ، ويس ۽ خوراڪ ، شادي، جنم ۽  موت جا ڪريا ڪرم ساڳيا هئا.ڪن سالن کان پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي خدا آباد ڳوٺ مان  اٿاري اسانکي حيدرآباد ۾ آڻِي ويهاريو  ۽ پناهه لاءِ قلعي جي  ڀر سان ٽڪر تي آڻي وسايو، تان جو سڄو ٽڪر، ڏکڻ کان اتر  ڏي، والاري وياسين ......... ميرن جي راڄ ۾ اسان مان ڪي ڪٽنب  ميرن جا منشي ۽ ديوان بڻجي پيا. پگھار ٿورو پر رعب خوب. مسلمانن جو ويس، کانو، رواج، ادب ۽  اداب نقل ڪرڻ لڳاسين. وڏا چولا ۽ ويڪريون مسلمانن جون شلوارون ، ڊگھون ڏاڙهيون، فرشي سلام. فارسيءَ علم ۽ ڀريا- ڀاڪر، اُهي سڀ مسلمانن کان سکياسين، جن ٽالپرن جي نوڪري نه ڪئي. سي ٿيا  ڀائيبند  ۽ کين فلاڻو . ”ڀائي“ ڪري سڏيو ويندو هو.سندن  رهڻي ڪهڻي  گھڻي ڀاڱي هندڪي ۽ ڌوتي  انگر کو  به هندڪو رهيو ۽ ڌنڌو وڻج واپار. پر نه سنسڪرت ڄاڻندا هئا ۽ نه فارسي. واڻڪو ڌنڌو، ريزڪي ۽ ننڍو ڪندا هئا. اڳئين سماج جي نّظر ۾ هئا  هڪ، پر ڌنڌي ۽ عمل  ۽  علم  ڪري ٿي پيا  ٻه.

آءٌ عامڪلي وچولي در جي جو  ٻار هوس ۽ سرڪاري نوڪري منهنجو ڄمڻ کان وٺي ”سؤڌرم“ هو.  سڀاويڪ طرح  منهنجي  پتا سمجھيو ته سرڪاري نوڪري ڪرڻ منهنجو حق آهي. پر من ۾ تيز خواهش هيس، ته انگريزي راڄ ۾ ”ديوان“ مان مٽجي ”صاحب“ ٿيان. تن ڏينهن ۾ هر ڪنهن عامل مائٽ جي اها ئي من مراد هوندي هئي، ته ڇو ڪين منهنجو پُٽ ولايت وڃي آءِ. سي. ايس پاس ڪري ڪليڪٽر صاحب بڻجي. پر جلد ئي نراس ٿيو، نه منجهس پئسي جي طاقت هئي ۽ نه مون ۾ قابليت جو ڪافي ٽپڙ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org