مقامي واپاري جو ايڏو ته ويساهه قائم هو، جو سندس نالي واري
هُنڊي کي اُتر اولهه وارن سڀني ملڪن ۾ روڪ پئسو
سمجهيو ويندو هو ۽ ايئن سندن هُنڊين کي سڄي
هندستان ۾ مڃتا مليل هئي. ڪو زمانو هو، جو انگلينڊ
۾ پڻ يهودي واپارين کي ايڏي عزت نه هئي ۽ سندن
خلاف سنڌي هندوئن جيان باهه ٻريل هوندي هئي.
اُتر- اولهه وارن علائقن مان ڪچو پٽ، رنگ، دوا، پسار، خشڪ ميوو
۽ گهوڙا، ڪڇ مان عاج، گجرات ۽ ملبار جي سامونڊي
ڪناري وارن علائقن مان ڪاٺ به درآمد ڪبو هو.
برطانيا جي ڇيٽ ۽ اُن سوٽي ڪپڙي جي گهڻي هاڪ هوندي
هئي، جنهن ۾ سوٽي تند جي ملاوت هئي..............
ماڻهو برطانيا جي ٺهيل پٽاپٽي ڪپڙي کي به گهڻو
پسندا ڪندا هئا. هن وڙ جي ڪپڙي جو بازارين ۾ وڏو
اگهه هو....... برطانيا جي ململ ۽ هرک هتي جا وڏا
گهراڻا ڪتب آڻيندا هئا. اوني ڪپڙو هتي گهٽ ملندو
هو......... هتي انگريزي ڌاڳي جي گهڻي کپت هئي.
ڪوري منجهانئس قيمتي ڪپڙو ٺاهي وٺندا هئا. هتي
پسارڪو وکر تمام گهڻو گهرائبو هو. جنهن کي هتي
”ڪريانو“ ڪوٺيندا هئا. ان جي ڀيٽ ۾ سوٽي ۽ اوني
ڪپڙو ثانوي حيثيت رکندو هو. مهانگي هجڻ ڪري عام
ماڻهو هي ڪپڙو پائي ڪونه سگهندو هو. هن وڙ جو ڪپڙو
ڪي ٿورا ماڻهو پائيندا هئا. پر رنگ ۽ پسند کي ضرور
نظر ۾ رکبو هو. جوڙيءَ جو ٿلهو ۽ نرم ڪپڙو ته هتي
آڏاڻن تي ٺاهبو هو ۽ هتان جو عام ماڻهو سياري ۾ به
اهو ڪپڙو پائيندو هو..... هتي اوني ڪپڙو ڪونه
ٺهندو هو، پر برطانوي حڪومت وارن علائقن ۾ کپت
واسطي، هتان سنڌ مان گذرندو هو. سڀني قسمن جا ڌاتو
ٻاهران گهرائبا هئا. پر ڌاتوءَ جي هر قسم جي سامان
هتي هنڌين ماڳين جُڙندو هو ۽ ان جو کاپو به هوندو
هو. ڪچي يا اڻ تيار ملا جي کپت بلڪل ٿوري هئي.
رنگ ۾ پسارڪو وکر خراسان مان ايندو هو. ڪجهه مال قنڌار ۽ هرات
مان به گهرائبو هو. هتي جي ٺهيل سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي
جي تياري ۾ انهن وٿن جو وڏو هٿ هو. انهن علائقن
مان ڪچو پٽ به گهرائبو هو، جيڪو توتي، ديريائي،
خاف، چيلا، ۽ گيلاني جي نالن سان مشهور هوندو هو،
جن مان پوئين نالي وارو وڙ وڌيڪ اهم هو........
ڀلو ڪپڙو چين جي پٽ مان ٺهندو هو. جيڪو بمبئي مان
گهرائبو هو. ڀرت ڀرڻ واسطي پٽ سان گڏ سوٽي ڌاڳو
ڪتب ايندو هو، جيڪو خراسان ۽ هرات مان گهرايل ڪپهه
مان ٺهندو هو، جنهن کي ’نرما‘ سڏبو هو. فيروز پٿر
به اُتر- اولهه وارن علائقن مان درآمد ٿيندو هو.
هي پٿر ايران جي مشهد ۽ نيشانپور وارن ماڳن تان
ملندو هو ۽ پنهنجي اصلي ڏنگي ڦڏي صورت ۾ هتي ايندو
هو، جنهن کي هتان جو وينجهار ونڌي لسائي ڏاڍو سهڻو
من مهڻو بڻائي وجهندا هئا. هتي هن پٿر جو کاپو
گهڻو هو. سستو به ڏاڍو ٿيندو هو. هاري ناري، ڪڙمي،
ڪاسبي جي خريد جڳو، نڌر ناريون ۽ ڪنگالن جا ڇوڪر
ٻاڪر به پائي هلندا پيا ڏسبا هئا........ جيڪڏهن
فيروزي جو داڻو وڏو هوندو هو ته پوءِ ڪجهه وڌيڪ
مهانگو ٿيندو هو، پر اڻلڀ هو. ننڍا داڻا کاڻين مان
نڪرڻ سان واپاري وڻجي وڃن. باقي وڏا داڻا ايران جي
حڪومت پاڻ کڻندي هئي.
سون سڪن ۽ ڀرت ڀرڻ لاءِ ڌاڳي جي صورت ۾ به اتر_ اولهه وارن
علائقن مان ايندو هو. گهوڙا ۽ خشڪ ميوو اتر اولهه
وارن ملڪن مان گهرائبا هئا. گهوڙا هتان ٿيندي
هندستان ڏانهن هليا ويندا هئا.جتي انگريز سرڪار هن
پنهنجي جانور کي پنهنجي گھوڙي سواري دستن يا
توبخاني لاءِ وٺندي هئي........ حڪمرانن جون
گھُرجون بلڪل ٿوريون هيون، جيڪي گھڻو ڪري مقامي
ٺهيل مال مان ئي پوريون ٿينديون هيون. باقي جيڪي
سندن ضرورت جون شيون هتي تيار ڪون ٿينديون هيون.
سي اوسي پاسي جي ملڪن مان گھرائبيون هيون. پر
اهڙين درآمدي شين جو انگ گھڻو گھٽ هو.
هتان کان ٻاهر ويندڙ کاپي جون شيون چانور، گيهه،آفيم، نير، چمڙو
۽ سڪل مڇي هئي، جيڪا ڇوڙ واري علائقي جي بندرن تان
برآمد ٿينديون هيون..... پر پوءِ ڪراچي مان
موڪلبيون هيون.نير، ڪپهه، جوڙي جو ڪپڙو، پٽُ جو
مال تيار ڪرڻ، لوڻ ۽ شورو خراسان موڪلبو هو ۽ اتان
مال بدلي مال ايندو هو. هتان جو ڏيهي واپار مال جي
بدلي مال واري طريقي سان هلندو هو ۽ کاپي کي ضرور
ڌيان ۾ رکبو هو. اُتر کان حيدرآباد م اناج،
گيهه،ڪپهه ۽ نير وغيره موڪلبا هئا. وري لاڙ واري
علائقي مان اُتر ڏي چانور، سڪل مڇي، ڪمايل چمڙو ۽
هٿيار وغيره موڪلبا هئا.
واپاري سامان آڻڻ نيڻ اٺن وسيلي ٿيندو هو. ۽ ماڻهن کي به روڪ
پئسا ڏئي پهريداريءِ جو ذمو مٿن رکيو ويندو
هو....... هتان جي آڏاڻن تي اڻيل ڪپڙو رڳو سنڌي
پائندا هئا، يا وري ڀر پاسي جي ملڪ جا نڌر ۽ ڪنگال
ماڻهو ڪتب آڻيندا هئا، گھڻو ڪري رڻ پٽَن جا رهاڪو
هوندا هئا...... حيدرآباد ۾ ٺٽي جون سوٽي ۽ پَٽَ
جي ڌاڳي کي ملايل لنگيون به استعمال ٿينديون هيون،
جنهن جا ويهه ڌار ڌار وڙ هوندا هئا.
واپار تمام ٿورن ماڻهن جي هٿن ۾ هو. پر حڪومت جي غلط پاليسين
ڪارڻ واپار اڀري ۽ اُڀڙي نه سگھيو. جڏهن ته اها
حقيقت هئي ته هتان جان ماڻهو واپاري ڌنڌي ۾ ڏاڍي
دلچسپي رکندا هئا...... هلندڙ صدي جي منڍ واري
ڀاڱي ۾ هتان جي صنعت اوج تي ۽ ملڪن ۾ مشهور هئي،
هتي هر صنعت جو زوال گھڻي ۽ سستي انگريزي مال جو
اچڻ ڪري ائين تڪڙو ڪونه آيو، جيئن هندستان جي ٻين
ملڪن ۾ آيو هو. هتان جي صنعت ڏاڍن مضبوط بنيادن تي
بيٺل هئي.
ڪلهوڙا حڪمرانن جا برطانوي حڪومت سان واپاري ناتا
1758ع ڌاري غلام شاهه، برطانيا ايسٽ انڊيا ڪمپني کي 22 سيپٽمبر
تي مسٽر سيمپٽين کي واپار جو پروانو ڏنو. جنهن هيٺ
ڪمپني کي سنڌ جي مختلف عملدارن جا نالا ۽ مختلف
محصولن جا اگھ پار به بيان ٿيل هئا ۽ پرواني ۾
ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن برطانيه سرڪار جو ڀلاوڻو ٻاهر
موڪلڻ لاءِ ڪو وکر ونجيندو ته ان مال تي بازار جي
اگھ کان اڌ فيصد ڀريندو؛ ۽ درآمدي مال تي ٻين
واپارين کان ورتل محصول جي اگھ کان اڌ جيترو ڀرڻو
پوندو. ڪو به عملدار يا محصول اوڳاڙيندڙ مٿي
بيانيل محصول کان وڌيڪ وٺي ڪونه سگھندو.
انگريزن کي بنا ڪنهن هٽڪي کٽڪي جي واپار ڪرڻ جي موڪل هئي.
جيڪڏهن ڪو تجارتي مال وڪرو ٿي نه سگھندو هو ته
محصول جي اوڳاڙي نه ڪبي هئي. روانگي مال کي ٻيڙين
تي محصول ڪونه وٺبو هو. مسٽر سيمپٽين کي پنهنجي
لاءِ ٺٽي شهر يا بندر تي گھر جوڙڻ، مال جي ڀانڊي
ٺاهڻ جي اجازت هئي. ملڪ جي ماڻهن کي هدايت ڪئي وئي
ته هن ڏس ۾ سندس هر سهائتا ڪئي وڃي..... غلام شاهه
پنهنجي فرمان ۾ لکيو هو: ”منهنجي لاءِ ضروري آهي
ته تجارت جي همت افزائي ڪريان. تنهنڪري حڪم جاري
ڪجي ٿو ته فرمان جي اکر به اکر پوئواري ڪئي وڃي ۽
هن حڪم کي هر سال جو حڪم سمجھيو وڃي.“
هي غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ انگريز عملدار ۾ پهريون دستاويز هو.
ساڳئي سال جي يارهين ڊسمبر تي غلام شاهه ساڳئي
عملدار مسٽر رابرٽ سيمپٽين کي برآمدي محصول کان
سواءِ ٻيا سڀ محصول معاف ڪيا. ان فرمان ۾ هڪ وڌيڪ
فقرو ڏسڻ ۾ ايندو ته مسٽر سيمپٽين پنهنجو ڪو ماڻهو
موڪلي شاهه بندر ۾ واپاري ڪوٺي يا گهر اڏن لاءِ
مناسب زمين جوٽڪرو پسند ڪري سگھي ٿو.محصول به هن
شرط سان معاف ڪيو ويو ته هو پنهنجي رهائشگاهه
مٽائي شاهه بندر ۾ تعمير جوڙائيندو. ان کان پوءِ
واپاري ڪوٺي ٺٽي ۾ قائم ڪئي وئي...... برآمدي
تجارت ۾ رڳو شورو شامل هو. اوني ڪپڙا قنڌار سان
تجارت واسطي درآمد ڪبا هئا، جتان ايران روانا ڪيا
ويندا هئا.......... درٻار مان فرمان جاري ٿيندا
هئا........ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ريزيڊنٽ ارسڪن
شاهي درٻار ۾ حاضر ٿي اهڙي پرواني جي گذارش ڪئي.
22 اپريل 1761ع تي غلام شاهه هڪ ٻيو فرمان جاري ڪيو. ان ڏينهن
ڪمپني جي ريزيڊنٽ ارسڪن شاهي درٻار ۾ حاضر ٿي اهڙي
پرواني جي گذارش ڪئي هئي. هن دستاويز مطابق
انگريزن کي ڏنل اڳيون سهولتون ۽ رعايتون بحال ڪيون
ويون ۽ ان سان انگريزن کان سواءِ ٻين يورپين کي
سنڌ نيڪالي مليل هئي. اڃان تائين اڳيان محصول ادا
ڪيا ويندا هئا. مٿي ڄاڻايل محصول خاص طرح شوري جي
برآمد تي مڙهيل هو. هي واپاري وکر بنگال جي شوري
جي برآمد ٿيڻ کان اڳ ڏاڍو قيمتي هوندو هو. هن
دستاويز جي لکت مان ايئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٻنهي
ڌرين وچ ۾ سگهاري دوستي موجود هئي.
دستاويز جي پڄاڻي ۾ هي اکر لکيل هئا: خدا ڪري ايئن نه ٿئي، پر
جيڪڏهن انگريزن جا جهاز يا ٻيڙا سامونڊي ڪناري سان
درياهه جي ڀٽن سان ٽڪرائجي ڀڄي پون يا طوفان ۾
توائي ٿي اچي سامونڊي ڪناري سان نڪرن ته حد جي
عملدار جو فرض هوندو ته سندن جوڳي سهائتا ڪري. ان
جهاز ۾ جيڪو سامان هوندو تنهن کي بچائڻ لاءِ هر
ممڪن ڪوشش ڪندو. جيڪڏهن ٻيڙائتن کي سڙهن جي رسن يا
ڪنهن ٻئي سامان جي ضرورت پوندي اهو گهربل سامان
ريزيڊنٽ جي حوالي ڪيو ويندو. جن ماڻهن کي ڏکئي وقت
۾ واهر ڪئي هوندي تن کي ريزيڊنٽ مناسب مزدوري ڀري
ڏيندو. جيڪڏهن مٿيون ريزيڊنٽ شاهبندر ۾ پنهنجو گهر
ٺاهيندو يا ڀرپاسي ۾ تفريح لاءِ باغ پوکيندو ته
اهي ڪم کي جلدي اڪلائڻ واسطي هر قسم جي سهائتا ڪئي
ويندي. جنهن شيءِ جي ريزيڊنٽ طلب ڪندو ۽ اها کيس
ڏني ويندي ته اهو سودو پڪو سمجهبو ۽ ٻي ڌر کي ڪنهن
اعتراض يا بحث مباحثي ڪرڻ جو ڪو اختيار نه هوندو.
اسان کي ڪمپني بهادر کي مطمئن ڪري روحاني خوشي
محسوس ٿيندي، تنهنڪري مٿين حڪمن جي سختي سان
پابندي ڪئي ويندي ۽ ان لاءِ ڪنهن نئين پرواني جي
ڪابه ضرورت ڪانه پوندي.
برطانيا سان هي واپاري لاڳاپو ڪنهن رخني بنا 1775ع تائين قائم
رهيو. ان زماني ۾ سنڌ جون سياسي واڳون ميان سرفراز
خان جي هٿ ۾ هيون. نيٺ انگريزن جي واپاري ڪوٺيءَ
کي وڳوڙي وايو منڊل ڪارڻ بند ڪئي وئي.
ٽالپرن جا انگريز سرڪار سان تجارتي ناتا
ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ 1799ع ۾ بمبئي جي انگريز سرڪار سنڌ
سان تجارتي ناتن بحال ڪرڻ لاءِ گهڻو زور رکيو ۽
اها اسان جي سياسي ضرورت به هئي. ظاهر بهانو ته
واپاري رشتن جو هو. تن ڏينهن ۾ هڪ پاسي کان ٽيپو
سلطان اسان کي ڇرڪائي ڇڏيو هو ته ٻئي پاسي انگريز،
فرينچ پيش قدمي کان ڪنبي رهيا هئا، ٽئين طرف ڪابل
جو حڪمران زمان شاهه هندستان تي ڪاهي اچڻ جو ارادو
پئي ڪيو.......... بهرحال سنڌ سان نون لاڳاپن جي
شروعات مير فتح علي خان جي ڳالهه ٻولهه سان ٿي،
جنهن ٽالپر گهراڻي جي حڪومت جو بنياد رکيو هو. هن
مقصد واسطي عبدالحسين نالي هڪ ڏيهي ماڻهوءَ کي
انگريزن روانو ڪيو هو.
ابراهيم شاهه ايراني، تنهن زماني ۾ درٻار جو وزيراعظم هو، جنهن
عبدالحسين سان بنيادي ڳالهيون ڪيون. تنهن تي
انگريزن جي نمائندي عبدالحسين بمبئي جي سرڪار
ڏانهن پنهنجي بااختيار ماڻهو موڪلڻ لاءِ لکيو ۽
اهو به ويساهه ڏياريو ته ڪلهوڙن جي دور ۾ مليل
رعايتن کان وڌيڪ کين سهولتون ملڻ جو آسرو هو. هن
اهو به تاڪيد ڪيو ته ان بااختيار ماڻهو سان گڏ
جيڪو وفد اچي، تنهن سان چيني جي ٿانون جو جهجهو
انگ، ڌاتوءَ جو سامان ۽ مختلف رنگن جو اوني ڪپڙو
ضرور هجي. ته جيئن ان کي خالص تجارتي وفد تصور ڪيو
وڃي ۽ حڪمرانن تي ڪنهن به قسم جو شق نه رهي.
عبدالحسين، اسماعيل شاهه ولد ابراهيم شاهه جي ڳڻن
کي به ڳايو هو. جنهن ماڻهو ساڻس هن سٺي ڪم ۾ هر
قسم جي سهائتا ڪئي هئي.
ٽالپرن ڪيترين شين جي خريداري لاءِ پنهنجا نمائندا بمبئي
موڪليا، بمبئي سرڪار به انهن نمائندن جي گهڻي
آجيان ڪئي. ڇاڪاڻ ته بمبئي سرڪار جي نمائندن جي
حيدرآباد ۾ ڏاڍي مانائتي ڀليڪار ڪئي وئي هئي.
عبدالحسين جي خط سان گڏ مير فتح علي خان جو به
لکيل خط موجود هو، جيڪو بمبئي جي گورنر جي. ڊنڪن
ڏانهن لکيل هو ۽ اُن عبدالحسين جي لفظن جي تائيد
پئي ڪئي.
مير فتح علي خان لکيو هو ته: ”مان وارا سائين هن ڳالهه جو
ويساهه هئڻ گهرجي ته ٽٽل لاڳاپن جي نواڻ ڪري آئون
به اوهان جيان ڏاڍو خوش آهيان. پڪ اٿم ته منهنجو
ملڪ هنن لاڳاپن مان فائدو حاصل ڪندو. مان هن ڳالهه
جو پورو پورو خيال رکندس، ته انگريز سرڪار جا اهي
ماڻهو جيڪي سنڌ جي حدن مان لنگهي اڳتي وڃن ٿا، يا
اهي عملدار جيڪي هتي رهڻ چاهين ٿا، تن جي عزت ۽
احترم رکيو وڃي. هن کان علاوه اوهان اسان تي پورو
اعتماد رکي پنهنجو نمائندو موڪلي سگهو ٿا ۽ ساڻن
سٺي سلوڪ جي آس ڪري سگهو ٿا. ٺٽي واري اڳين واپاري
ڪوٺي به اوهان جي موڪليل نمائندن جي حوالي ڪئي
ويندي. مان پڪو واعدو ڪريان ٿو ته کين مان ۽ مُهت
ڏيڻ ۾ پنهنجي وسان ڪونه گهٽائيندس.“
ابراهيم شاهه ۽ مير غلام علي ٽالپر به بمبئي جي گورنر ڏانهن خط
روانا ڪيا، جلد ئي پوءِ بمبئي سرڪار جي هڪ نهايت
ذهين عملدار ناٿن ڪرو کي هن اهم فرض سرانجام ڏيڻ
لاءِ چونڊيو ويو. جيڪو برطانيا سرڪار جي تجارتي ۽
سياسي نمائندي طور، ٽالپر خاندان جي نون حڪمرانن
سان ملڻ لاءِ سنڌ وڃي پهتو. اهڙيءَ ريت مسٽر ناٿن
ڪرو کي پنهنجي اهم فرض اڪلائڻ واسطي مڪمل اختيار
ڏنا ويا. مسٽر ڪرو گهرج موجب ڪڏهن ٺٽي، شاهبندر ته
ڪٿي وري ڪراچي ۾ رهندو هو.
مقامي واپاري پنهنجي ڌنڌي ۾ اڻ ورچ هئا. جڏهن سمجهندا هئا ته ڪا
ڳالهه سندن مفادن کي ڇيهو رسائي ته ان کي ختم ڪرڻ
لاءِ اٽو ٻڌي ڪڍ لڳي پوندا هئا. درٻار ۾ چڙ ڏيارڻ
جهڙيون سازشون ته سدائين پيون هلنديون هيون، جن کي
برطانيا سرڪار جو نمائندو پنهنجي عقل ۽ ذهانت سان
پيو ٿڌو ڪندو هو....... 1809ع ۾ سياسي وايو منڊل ۾
ڪجهه ڦيرو آيو ۽ انگريزن کي پنهنجي هندستان واري
حڪومت بچائڻ واسطي هٿ پير هڻڻا پيا. انهيءَ زماني
۾ نيپولين بوناپارٽ، ايران، افغانستان ۽ سنڌ
(حيدرآباد) ڏانهن پنهنجا سفير موڪلي چڪو هو. حالتن
جي نزاڪت کي محسوس ڪندي انگريزن به پنهنجو نمائندو
سنڌ درٻار ڏانهن روانو ڪيو.
1820ع ۾ بمبئي جي گورنر ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ هڪ ٺاهه ٿيو. تنهن
زماني ۾ سنڌ جو وزيراعظم مير اسماعيل شاهه هو،
جنهن سنڌ حڪومت پاران ٺاهه تي صحيح ڪئي....... مٿي
ڄاڻايل ٺاهه ۾ ٻنهي ملڪن جي دنگ واري تڪرار جي
نبيري لاءِ ڪي ڳالهيون طئي ڪيون ويون هيون. گڏوگڏ
دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ واسطي به وچن
ڪيو ويو هو. هن ٺاهه ۾ مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي
اٽوٽ دوستيءَ جو وچن ڪيو هو. اهو به طئي ڪيو ويو
هوته ٻنهي ڌرين ۾ رابطي لاءِ وڪيل مقرر ڪيا ويندا.
سنڌ جي اميرن اهو به وچن ڪيو ته هو ڪنهن به فرينچ
۽ آمريڪي ماڻهو کي سنڌ ۾ رهڻ ڪونه ڏيندا. ٽالپرن
اهو به وچن ڪيو، ته اُهي سنڌ ۾ رهندڙ کوسن ۽ ٻين
ذاتين کي انگريز سرڪار جي علائقن ۾ ڦرلٽ ڪرڻ کان
منع ڪندا. هن ٺاهه کي 10 فيبروي 1821ع تي وري نئون
ڪيو ويو.
جڏهن اليگزينڊر برنس 1830ع ۾ پنجاب جي حڪمران راجا رنجيت سنگهه
ڏانهن سوکڙي طور گهوڙا موڪليا پئي ويا تڏهن سنڌي
حڪمرانن ۽ سندن درٻاري ماڻهن جي سوچ هئي ته برنس
سان گڏ جيڪي وڏيون پيتيون آهن تن ۾ ڪي راز واريون
شيون لڪل آهن، جن ۾ ايتري ته سگهه هوندي جو جنهن
هن وقت به انگريز چاهيندا سنڌ فتح ڪري وٺندا. پوءِ
حيدرآباد جي درٻار طرفان برنس کي هروڀرو دير
ڪرائي وئي. پهريائين کيس خشڪيءَ رستي سفر ڪرڻ لاءِ
زرو ڀريو ويو، پر پوءِ مس مس کيس سنڌوءَ وسيلي سفر
ڪرڻ جي موڪل ڏني.
اوڀر وارن ملڪن ۾ دوستي جي اظهار جو رواج وڪيلن معرفت ڪيو ويندو
هو. 1834ع تائين برطانيا حڪومت جو ڪوبه ريزيڊنٽ
سنڌ جي درٻار حيدرآباد ۾ ڪونه رهندو هو. پر ڀرواري
ملڪ ڪڇ ۾ اهڙو ريزيڊنٽ ضرور هوندو هو، جنهن کي سنڌ
جي حڪمرانن سان خط ۽ ڪتابت ڪرڻ جا اختيار ڏنل هئا
۽ سنڌ جي مامرن ۾ کيس گورنر جنرل جي عيوضيءَ جهڙا
اختيار هئا.
حڪمرانن جو خزانو
اسان کي ڄاڻ پئي، ته جڏهن ميرن سنڌ جو راڄ سنڀاليو
هوته ڪلهوڙن جي گڏ ڪيل ڌن دولت به کين هٿ لڳي وئي
هئي؛ ڇو ته ڪلهوڙا ڏاڍا شاهوڪار حڪمران هئا، ۽
سندن زماني ۾ ڍل ۽ محصول تمام گهڻو اڳڙندو هو ۽
خرچ پکو نالي ماتر ڪندا هئا. اهو خزانو حيدرآباد
جي ميرن جي هٿ هيٺ هو. ٽالپرن جي خزاني لاءِ چئبو
هو ته اهو حيدرآباد جي قلعي ۾ محفوظ ڪيل آهي. جيئن
ڪلهوڙا حڪمران عمرڪوٽ جي قلعي کي ڪم آڻيندا هئا،
تيئن حيدرآباد جا مير به حيدرآباد جي قلعي کي
پنهنجي دولت جي بچاءُ لاءِ ڪم آڻيندا هئا. |