ڊاڪٽر
مبارڪ علي
حيدرآباد جو اؤج
حيدرآباد جو معاشرو ٻين علائقن جيان مردن جو معاشرو هو. هتي
هندو عورتن کان سواءِ ٻاهر عورتون نظر نه اينديون
هيون. عورتن جي وندر جو اڪيلو طريقو خانداني
تقريبون هونديون هيون. شادين جو تقريبون مهينا
هلنديون هيون. اهڙن موقعن تي مهمان پري يا
ويجهڙائي کان اچي گڏجندا هئا. عورتن جي هڪڙي وندر
ڪنهن پير يا مرشد جي مزار تي وڃڻ به هوندي هئي.
سفر اڪثر ڍڳي گاڏين تي ڪبو هو. گاڏيءَ ۾ چئني ڪنڊن
تي ڪاٺيون هڻي پردو ڪبو هو. شهر يا ڳوٺ کان پري
نڪرڻ کان پوءِ پردو هٽائبو هو. سفر اڪثر رات جي
وقت ڪيو ويندو هو. شادي جي ڄڃ ڍڳي گاڏين تي ويندي
هئي. ڍڳن کي سينگاربو هو. سنڱن تي تيل مکبو هو.
گهرن ۾ ڍڳيون مينهون، ٻڪريون هونديون هيون. مرد
شام جو اوطاق يا ٿلهي تي ويهي ڪچهريون ڪندا هئا.
انڊيا کان لڏي ايندڙن ۾ پٺاڻ به شامل هئا، جيڪي حيدرآباد ۾ اچي
رهيا، سي شام يا رات جي سانت ۾ جڏهن دف تي ’چار –
بيت‘ ڳائيندا هئا ته عجيب سڪون پيدا ٿيندو هو.
انهن جي ڳائڻ جي رواج ڏاڍو جوشيلو ۽ جذبن سان ڀريل
هوندو هو. منهنجو چاچو چار بيت چوندڙن جي ٽيم جو
سرواڻ هوندو هو. سندس سئوٽ واجد علي چار بيت لکندو
هو. ۽ ٻين انيڪ روايتن جيان هاڻي چار بيتن جو فن
پڻ هاڻي ختم ٿي ويو آهي.
جڏهن اسان حيدرآباد اسٽيشن پهتاسين ته وڏي چاچا جي گهران اسان
کي ڪو وٺڻ آيو هو، جنهن سان گڏ اسان ٽانگن ۾ سامان
رکيو ۽ پوءِ هيرآباد ۾ چاچا جي گهر لاءِ روانا
ٿياسين. چاچا جو گهر رڳو ٻن ڪمرن تي مشتمل هو.
هڪڙو ورانڊو ۽ اڱڻ هو. تڏهن اتي ٻه ڪٽنب رهندا
هئا. کٽون شايد ٻه يا ٽي هيون. باقي سڀ ماڻهو فرش
تي سمهندا هئا. گهر ڇا هو، بس هڪڙو مسافر خانو
هو. منهنجي ننڍي چاچا وٽ هڪڙي ڪمري جو گهر هو.
هيءَ ڳڙٻڙ ان لاءِ ٿي هئي، جو ورهاڱي کان پوءِ
هڪڙي ئي گهر کي انيڪ حصن ۾ ورهائي مختلف خاندانن
کي الاٽ ڪيو ويو هو. زنانو ڪنهن جي حصي ۾ آيو، ته
مرداڻو ڪنهن ٻئي خاندان کي مليو. ابتدا ۾ ته ماڻهن
کي مٿو ڍڪڻ جي گهرج هئي. تنهنڪري جيڪو مليس، تنهن
تي خوش هئا. پر پوءِ انهي ورهاڱي ڪارڻ جهيڙا شروع
ٿي ويا!! جيڪي اڃان تائين پيا هلن.
هيرآباد جا گهر ڏاڍا سهڻا ۽ ٺاهوڪا هئا. فرش تي رنگين ٽائلز،
ديوارن ۽ ڇتين تي نقش توڙي نگار ۽ دريون ۽ دوازا
آرٽ جا نمونو، پر جڏهن هڪڙو گهر ڪيئي حصن ۾ ورڇجي
ويو، ته انهن جي سونهن ۽ افاديت گهٽجي ويئي. ڪجهه
گهرن جي ٻاهر ڀانڊا هئا. ڪيئي خاندان انهن ڀانڊن ۾
آباد ٿيا. هنن گهٽيءَ جي هڪ حصي کي منجهس شامل ڪري
ٽاٽ جو پردو وجهي، پنهنجو گهر ٺاهي ورتو. وري جيڪي
بااثر ۽ پيسي وارا هئا، تن وڏن وڏن گهرن تي قبضو
ڪري ورتو، پر غريب ته هر جاءِ تي غريب ئي رهي ٿو.
جنهن جي حصي ۾ زمين به گهٽ ٿي اچي.
1952ع تائين هندستان کان لڏيل ماڻهن سان ڀريل ٽرينون اينديون
رهيون........ جڏهن ڪي پناهگير پاڪستان ڏانهن اچن
پيا، ته سندن دوست يار کانئن موڪلائيندا
هئا....... اسان نوائي پهچي ريل ۾ سامان کي
رکرايو. سامان ۾ رسين سان ٻڌل بسترا، ٽين ۽ لوهي
جون صندوقون شامل هيون.... نوائي کان هلندي اسان
جي ٽرين موناباؤ وٽ اچي بيٺي. هتي سامان لاٿو ويو.
مسافرن ۾ افراتفري مچيل هئي. هتي هندستان ۽
پاڪستان جي سرحد وچ ۾ غيرعلائقو هو. تنهنڪري
مسافرن کي پنڌ ڪندي کوکراپار پهچڻو هو. منهنجي
ڏاڏي ضعيف هئي، هوءَ هلي نه پئي سگهي، تنهنڪري کيس
پلنگ تي ويهاري چار قُلين کنيو. انهيءَ ميڙ جي وچ
۾ منهنجي ڏاڏي پلنگ تي ويٺي ان منظر مان لطف پئي
ورتو. پردي جي سخت پابندي ڪندڙ عورتون هاڻي ڪنهن
پردي جي احترام جي پرواهه نه ڪندي، سڀني سان گڏ
هليون پئي.
ورهاڱي جو هڪڙو اثر اهو ٿيو، جو انهن روائتي ۽ مستحڪم ٿيل
روايتن ۽ قدرن کي ٽوڙي ڇڏيو. انهن ماڻهن، جن
پنهنجي خانداني شرافت ۽ عظمت جي پنڃري ۾ بند
پنهنجي دنيا کي برقرار رکيو هو، سي پڻ ان ميڙ ۾
شامل هئا. اهي سڀ ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ وڃائي چڪا
هئا. هنن جون خانداني يادون، ۽ اهو ميوزم، جن ۾
هنن پنهنجي بزرگن جي تلوارن کي سنڀالي رکيو هو، سي
هاڻي سڀ ڳالهيون قصو بڻجي ويون هيون. تڏهن سڀ عام
ماڻهو هئا، جيڪي هڪڙي جاءِ کان پنهنجو رشتو ٽوڙي
ٻي جاءِ پنهنجون ڄمائڻ پيا چاهين. شايد انهن مان
هرهڪ نئين ڌرتيءَ تي روشن مستقبل پئي ڏٺو. اُهي هڪ
يقيني ڪيفيت مان غيريقيني صورتحال کي خوشيءَ سان
مڃڻ لاءِ تيار هئا.
اسان ٻن ٽن مهينن کان پوءِ چاچي سعاد خالا جي گهر ۾ وڃي
رهياسين. جنهن ۾ هڪ ننڍڙو ڪمرو هو. اها چاچي پاڻ
ڪراچي ۾ رهندي هئي. پر کيس جڳهه هتي به الاٽ ٿيل
هئي. هن وقتي طور تي اها جڳهه اسان کي رهڻ لاءِ
ڏئي ڇڏي. پاڪستان اچڻ کان اڳ بابا پنهنجو گڏ ڪيل
ناڻو موڪلي ڇڏيو هو ۽ پنهنجي ڀاءُ کي سندن لاءِ ڪو
گهر وٺڻ جو چيو هئائين. پر ڪوبه گهر نه ورتو ويو.
هتي اچڻ کان پوءِ چاچا هڪڙو ڪچو گهر ڪاري موري ۾
ڏياريو، اها تڏهن ڪچي آبادي هئي. هي هڪڙي ڪمري جو
گهر هو، جنهن ۾ نه بجلي هئي ۽ نه پاڻي. جڏهن ته
تنهن وقت گهٽ پڳڙيءَ تي گهر پئي مليا.
1952ع جو حيدرآباد صاف سٿرو ۽ سهڻو شهر هو. شهر ۾ سواري لاءِ
ٽانگا هئا. هر هنڌ ٽانگا اسٽينڊ ٺهيل هئا. گهوڙن
جي پاڻي پيئڻ لاءِ پڻ ڪيترائي حوض ٺهيل هئا. هڪڙي
بس هئي، جيڪا هيرآباد کان اسٽيشن تائين هلندي هئي.
ڪارون شايد ٻه چار هيون. گهڻو ڪري ماڻهو پنڌ هلندا
هئا. رستن جي صفائي صبح سويل پابنديءَ سان ٿيندي
هئي. ناليون صبح ۽ شام ڌوپجنديون هيون. شهر ۾ ڪيئي
سهڻا باغ هئا. اسٽيشن وٽ ٻه وڏا باغ هئا، هاڻي اتي
هوٽل ۽ دڪان آهن. هڪڙي ٻئي باغ جي جاءِ تي هاڻي
جوتن جي مارڪيٽ آهي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي
سامهون جيڪو باغيچو هو، اُتي هاڻي گول بلڊنگ آهي.
اسپتال وٽ سرفراز پارڪ ۾، ميونسپلٽي جي جاءِ ٺهي
وئي. پريم پارڪ جيڪو ڪينٽ ۾ هو، اُتي فوج فليٽس
ٺهرائي ڇڏيا. ڦليليءَ جنهن جي ڪناري گورنمينٽ
ڪاليج آهي، اتي دلشاد باغ ۾ هاڻي خواجا ڪالوني
آهي. انهيءَ واهه جي ڪناري هڪڙو وڏو شاندار باغ
هو، اهو بلڪل ختم ٿي ويو. هن جي آخري ڇيڙي تي ڍولڻ
داس باغ هو، تنهن باغ جا پڻ نشان مٽجي ويا. هاڻي
حيدرآباد مارڪيٽن ۽ فليٽن جو شهر آهي.
هيرآباد سان گڏ عامل ڪالوني آهي، عامل سنڌي هندو هئا، جيڪي
سرڪاري ملازم هوندا هئا، پوءِ اهي واپار به ڪرڻ
لڳا هئا. هنن جا گهر وڏا ۽ ويڪرا هئا. هر گهر ۾
هڪڙو ننڍڙو باغيچو هوندو هو. جيئن ته هيرآباد عامل
ڪالوني ۾، وڏو انگ ڪاسائين جو اچي وسيو، تنهنڪري
هر پاسي مينهن جا ڌڻ هئا. ڦليلي واهه ۾ هميشه
مينهون وهنجنديون رهنديون هيون، انهيءَ ڪارڻ ان جو
پاڻي ڪنو ۽ ڪارو ٿي ويو هو.
شهر ۾ ننڍيون ننڍيون ڪيئي لائبريريون هيون، پر اهي پڻ ايئن ختم
ٿيون، جو هاڻي سندن نالو توڙي نشان به ناهي. شهر ۾
ٻه مشهور هال – ٿياسافيڪل سوسائٽي جو ايني بيسنت
هال ۽ هوم اسٽيڊ هال – هئا. هوم اسٽيڊ هال ۾، شروع
۾ ريڊيو پاڪستان جو اسٽيشن قائم ٿيو، پر هاڻي هتي
ميونسپالٽي جي آفيس آهي، هن جي هڪڙي لان ۾ مسجد
ٺاهي وئي آهي. ٻيو لان اُجڙي ويو. بيسنت هال هڪڙي
عرصي تائين ثقافتي سرگرمين جو مرڪز رهيو، پر
انهيءَ جو جيڪو انچارج هو. هوريان هوريان لائبريري
کي ختم ڪيو، هاڻي منجهس جوڊو ڪراٽي جا ڪلاس هلن
ٿا.
حيدرآباد ۾ تڏهن ايرانين جا ڪيئي هوٽل هئا. انهن ۾ ڪيفي اي ون،
ڪيفي يونٽ، ڪيفي آستان، ڪيفي راڪسي، درٻار هوٽل،
هوٽل شيزان ۽ ڪيفي جارج ذڪر جوڳا آهن، اهي صاف
سٿرا ۽ سستا هوٽل هئا. تنهنڪري شاگردن ۽ وچولي
طبقي لاءِ اهي سماجي سرگرمين جا مرڪز بڻجي ويا.
ڪيفي لڪي هيرآباد پوسٽ آفيس جو ويجهو هئي. شام
ٿيندي ئي يار دوست شهر جي ڪُنڊڪُڙڇ کان هتي ڪٺا ٿي
ويندا هئا ۽ چڱي ڪچهري ٿيندي هئي.
فردوس سينيما، جيڪا هاڻي ڊهي چڪي آهي، تنهن جي مٿي جيڪا ڪينٽين
هئي، اها ڪنهن زماني ۾ يونيورسٽي جي شاگردن جو
ٺڪاڻو بڻجي وئي هئي. منجهانئن اڪثر اهي شاگرد
هوندا هئا، جيڪي سي. ايس. ايس جي تياري ۾ رڌل هئا
۽ پاڻ کي تڏهن کان ئي آفيسر سمجهڻ لڳا هئا. هتي
هرهڪ شاگرد جي اها ڪوشش هوندي هئي ته چاءِ جو بل
ڪو ٻيو ڏي. اُتي جي ويٽر کي پڻ ڄاڻ هوندي هئي ته
ڪير بل ڏيندڙ آهي ۽ ڪير مفت خور. ڪي شاگرد اهڙا به
هوندا هئا، جيڪي يونيورسٽي ٽانگي ۾ چڙهي ايندا هئا
۽ ٽانگو سندن اوسيئڙي ۾ ٻاهر بيٺل هوندو هو.
سلطان هوٽل تڏهن شاعرن، اديبن ۽ فلمي دنيا سان واڳيل ماڻهن جو
مرڪز هئي. هي هوٽل هينئر به گاڏي کاتي ۾ موجود
آهي. پر هاڻي ان جي پراڻي شناخت ختم ٿي چڪي آهي.
تڏهن ان جي هيٺئين حصي ۾ سستو کاڌو ۽ چانهن
ملندي، جڏهن مٿيئن حصي ۾ شام ٿيندي هئي شهر جا
اديب ۽ شاعر ۽ صحافي گڏ ٿي ويندا هئا. هتي ويهڻ
لاءِ ڪيبن ٺهيل هوندي هئا. هر ڪيبن ۾ اتي ويهندڙ
جي جمالياتي احساس جي تسڪين لاءِ تصويرون ٺهيل
هيون. ڪنهن تصوير ۾ ٽارزن شينهن سان مقابلو مقابلو
ڪندڙ ڏيکاريل هوندو هو، ته وري ڪنهن ۾ هاٿي تي
سوار صاحب بهادر شينهن جو شڪار پيو ڪري . ديوارن
جون اهي تصويرون ۽ سندن منظر بدلجندا رهندا هئا
. جڏهن به سال يا ٻئي سال کانپوءِ نئون رنگ ٿيندو
هو پينٽر نيون تصويرون ٺاهي ڇڏيندو هو انهي
تبديليءَ ڪارڻ هتي مستقبل ويهندڙ بوريت جو شڪار
نه ٿيندا هئا. هوٽل ۾ هر هنڌ لکيل هوندو هو:”
هتي سياست تي ڳالهائڻ منع آهي“ ( ايوب واري دور ۾
) پر ان جي هيٺيان ماڻهو وڏي سڏ معروضي حالتن تي
ڳالهائيندا رهندا هئا. ڪو به انهي هدايت جو
سنجيدگي سان نوٽيس نه وٺندو هو، نه ئي هوٽل جو
مالڪ ماڻهن کي سياست کي پرهيز ڪرڻ جو چوندو هو.
جڏهن اختر انصاري اڪبر آبادي حيدرآباد آيو ۽ هن پنهنجو
رسالو ” نئين قدرين“ هتان کان ڪڍڻ شروع ڪيو، ته
هڪڙي عرصي تائين سلطان هوٽل ۾ سندس آفيس هوندي
هئي. پوءِ جڏهن هو غزنوي هوٽل ۾ ڪمرو ڀاڙي تي وٺي
رهڻ لڳو ته ان جو کاڌو پيتوگاڏي کاتي جي هوٽلن ۾
هوندو هو. پر سڀ کان مقبول جاءِ يونيورسٽي جي
ڪينٽين هئي، جتي هڪڙي چانهن مان ٻه يا ٽي ڪپ
ٺاهيا ويندا هئا. هتي صبح کان شام تائين شاگردن جو
ميڙاڪو رهندو هو. شهر ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ نه
هئي،جيڪي ان جي اوسيئڙي ۾ رهندا، جو جتي ڪو
ڄاڻندڙ نظر اچي، ان واٽ وڃي اسلام عليڪم جون ۽
چانهن پيئڻ ويهي رهن.
جڏهن حيدرآباد ۾ اورينٽ هوٽل کلي ته هوٽل ۾ ويهندڙ کي هڪڙي
سُٺي جاءِ ملي وئي.ايئرڪنڊيشنڊ هوٽل هئي،
تنهنڪري تڏهن حيدرآباد لاءِ اهو هڪڙو نئون تجربو
هو، پوءِ فاران نالي ٻيو ايئرڪنڊيشنڊ هوٽل کلي
ويو ته ويهڪون ٻنهي هوٽلن ۾ ٿيڻ لڳيون،پر
حيدرآباد جو پراڻو ۽ روايتي هوٽل رٽز هو. جتي
ماڻهو چانهن پيئڻ نه بلڪ ان جي ماحول مطابق لطف
وٺڻ لاءِ ويندا هئا. ان جو هال هوٽل جي ڀيٽ ۾ گھر
جو ڊرائنگ روم ڀانئبو هو .هتي ماڻهو اچي ويهندا
هئا ۽ ڪلاڪن تائين چانهه جو آردر وٺڻ لاءِ ڪو به
نه ايندو هو. نيٺ پاڻ وڃي آرڊر وڃي ڏنو ته چانهه
جي اچڻ ۾ هڪڙو ڊگھو وقفو هوندو هو. هوٽل ٻاهران
هڪڙو ننڍڙو لان هوندو هو ، جتي شام جو آرام جون
ڪرسيون وڌيوپن وينديون هيون، شام جو حيدرآباد جون
ٿڌيون هوائون ۽ آرام ڪرسي تي ليٽي ڳالهه ٻولهه
ڪندي ڏاڍو مزو ايندو هو انجا اڪثر گراهڪ مستقل
هوندا هئا. رڳو چاٰنهه پيئڻ ته ورلي ڪو ايندو هو.
هاڻي ان هوٽل جو نقشو بدلجي ويو آهي. ان جي لان
۾ دڪان اڏيا ويا آهن ۽ هو ٽل جي اڳئين حصي کي پڻ
مارڪيٽ ۾ بدلايو ويو آهي.
1960ع جي شروع ۾ ڄام شوري ۾ غلام محمد بيراج جيڪو هاڻي
ڪوٽڙِي بيراج جي نالي سان مشهور آهي ، اُتي
المنظر نالي هوٽل کليو ته ان شهرت سڄي شهر ۾ ٿي
ويئي. ماڻهو ته اتي وڃڻ چاهيندا هئا، پر مسئلو
اهو هو ته جن وٽ پنهنجي سواري نه هئي، تن لاءِ
اتي وڃڻ اؤکو هو. تڏهن ڄامشورو لاءِ رڳو هڪ بس
هوندي هئي، جنهن جو به ڪو وقت مقرر نه هو،
پرالمنظر ۾ چانهن پيئڻ به ضروري هئي.
ڇوٽڪيءَ گهٽيءَ ۾ موجود هوٽل ڊي پيرس چڱو صاف سٿري هوٽل هئي. ان
جو ڪچن پڻ صفائي ڪارڻ چمڪندو رهندو هو. چانهه چالو
هوندي هئي ۽ گهاٽي پڻ. الائجي ان چانهه ۾ ڇا مليل
هوندو هو، جو ان جو ذائقو نرالو هوندو هو. هتي
ايندڙ اڪثر شاهي بازار جا دڪاندار هوندا هئا، جيڪي
ڪرسيءَ تي پير رکي ويهندا هئا ۽ ساسر ۾ چانهه لاهي
ٻن يا ٽن ڍُڪن ۾ شڙپ ڪري پي ويندا هئا. تنهنڪري
انهن ڪجهه منٽن ۾ چانهه پيتي ۽ وري ٻاهر. جيڪڏهن
گراهڪ پندرهن ويهه منٽ کان وڌيڪ ويهندو هو ته ان
جي مٿان پکو بند ڪرايو ويندو هو.
مارڪيٽ ۾ گهنٽا گهر ويجهو ٻه هوٽلون هيون، جن ۾ کاڌو ۽ چانهه
سستي ملندي هئي. انهن ٻنهي هوٽلن ۾ مقابلي جي طور
زور زور سان فلمي گانا وڄندا رهندا هئا.
جڏهن ٽيپ ريڪارڊز ۽ ڪيسٽون آيون ته ننڍيون ننڍيون هوٽلون کُلڻ
شروع ٿيون، جتي هندستاني فلمن جا پراڻا گانا وڄندا
رهندا هئا. هتي هاڻي ماڻهو چانهه پيئڻ لاءِ ايندا
هئا ته جيئن اهي انهن گانن مان لُطف وٺن. انهن
هوٽلن حيدرآباد جي ثقافتي ۽ سماجي زندگي تي گهرو
اثر وڌو. انهن جي اهميت هڪ ته ان ڪارڻ وڌي، جو گهر
ننڍ ا هوندا هئا ۽ گهرن ۾ ڊرائينگ روز نه هوندا
هئا. تنهنڪري نوجوانن جون ٽوليون يا ته گهرن جي
ڏاڪڻن تي يا گهٽيءَ ۾ بيٺل هونديون هيون، جيڪڏهن
وٽن کيسي ۾ پئسا هوندا هئا ته اهي محفلون هوٽل ۾
منتقل ٿي وينديون هيون. جيڪڏهن مهمان ملاقات لاءِ
اچي وڃي ته سندن خاطر تواضح هوٽل ۾ ئي ڪئي ويندي
هئي. راتين جا هوٽل ان لاءِ سُٺو هلندا هئا، جو
اهي وچين طبقي جي معيار مطابق هوندا هئا. هوٽلن ۾
ويهندي جيڪا کُلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، اها گهرن
۾ ممڪن نه هئي. انهن هوٽلن جي اهميت ان ڪارڻ هئي
جو شهر ۾ وچين طبقي لاءِ نه ته ڪو ڪلب هو، ۽ نه
وندر جو ڪو وسيلو، اهڙين حالتن ۾ اهي هوٽلون ئي
ملڻ جلڻ ۽ ڳالهه ٻولهه جا موقعا مهيا ڪنديون هيون.
جيڪڏهن دوست نه هجن ۽ پاڻ اڪيلو هجي، تڏهن به انهن
هوٽلن ۾ سُٺو وقت گذري ويندو هو. خاموشيءَ سان
چانهه پيئي هئي ۽ هندستاني فلمن جا اداس گانا ٻڌبا
هئا.
انهن هوٽلن ڪارڻ حيدرآباد جي شاعرن، اديبن ۽ فلمي دنيا جي
شوقينن کي هڪڙي جاءِ تي ويهڻ جي جاءِ ملندي هئي.
هتي نوجوانن جا ويچار اُڻجندا هئا. انهن ويهڪن مان
زندگيءَ جا تجربا سکبا هئا ۽ هتان منجهن اڳيان وڌڻ
جا جذبا پيدا ٿيندا هئا. انهن ئي هوٽلن حيدرآباد ۾
مشهور شاعرن، فلمي اداڪارن، صحافين ۽ بيورڪريسي جي
آفيسرن کي پيدا ڪيو........ هاڻي هوٽلن جو ڪلچر
ختم ٿي ويو آهي. هڪ ٻن کي ڇڏي سموريون ايراني
هوٽلون بند ٿي ويون. عام طور تي جڏهن هڪڙي شيءِ
ختم ٿيندي آهي، ته ان جو نعم البدل ضرور پيدا ٿئي
ٿو. پر شايد انهن هوٽلن جو نعم البدل پيدا نه ٿيو،
جيڪڏهن ٿيو ته شهر جون گهٽيون ۽ رستا، نوجوانن جي
گڏجڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪن ٿا.
هوٽلن کان پوءِ ٻي وندر سينيما هئي. انهيءَ زماني ۾ فردوس ۽
نيوميجسٽڪ سينيما ۾ هر آچر تي صبح نئين بجين
انگريزي فلم لڳندي هئي. جنهن جا ٽن ڏينهن تائين شو
ٿيندا هئا. فردوس سينيما ۾ ٽي حصا هئا. سڀ کان هيٺ
هال هو، ان جي مٿي گيلري ۽ وري ان کان پڻ مٿي هڪ
ننڍڙي گيلري. هر آچر جو صبح جي شو ۾ اڪثر شاگرد
هوندا هئا. تنهنڪري ان ڏينهن سمورا دوست ملي ويندا
هئا. اهي فلمون پهرين ڪراچي ۾ اينديون هيون.
تنهنڪري اڪثر اهو پروگرام بڻجي ويندو هو ته ٻه هڪ
دوست گڏجي مهراڻ ريل ڪار کان ڪراچي ويندا هئا،
اُتي مارننگ شو ڏسي، ٻنپهرن جو کاڌو ڪيفي جارج ۾
کائبو هو، پوءِ ميٽني شو ڏسي، شام جو مهراڻ وسيلي
واپس ايندا هئا. جڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ بسون
هلڻ شروع ٿيون ته ان سان اچڻ وڃڻ ۾ وڌيڪ سولائي
ٿي. اُهي سينيما دوستن ۽ فيملي لاءِ وندر جو هڪڙو
وسيلو هو، پر وي. سي آر کان پوءِ اهو وندر جو
وسيلو پڻ ختم ٿي ويو.
1952ع ۾ شهر پنهنجي پراڻي حالت ۾ هو. تڏهن نه نيون جايون ٺهڻ
شروع ٿيون هيون ۽ نه ئي نيون وسنديون. پراڻا گهر
موسم جي لحاظ کان ٺهيل هئا، جن جون ڇتون مٿي ۽
ديوارون ٿلهيون هونديون هيون. ڪمرن ۾ منگهه هوندا
هئا، تڏهن گهرن ۾ پنکا نه هوندا هئا. اولهه کان
جيڪي هوائون اينديون هيون، اهي منگهن وسيلي ڪمرن
مان اچي کين ٿڌو ڪنديون هيون. جڏهن ماڻهو نوان
نوان حيدرآباد آيا ۽ ڇتن تي انهن اڀريل منگهن کي
ڏٺائون ته کين عجب ٿيو، ته هي ڇا آهن؟ ڪجهه ماڻهن
ته اهو سمجهيو ته اهي ڪبوترن جون ڇٽيون آهن.
بهرحال جڏهن آبادي وڌڻ شروع ٿي ته حيدرآباد ۾
تبديليون اچڻ شروع ٿي ويون. هاڻي عمارتون ڪنڪريٽ
(سيمينٽ، لوهه ۽ پڪين سرن) جون ٺهڻ لڳيون. ڇتن تان
منگهه الوپ ٿيڻ شروع ٿي ويا. پراڻا منگهه پڻ جاين
۾ تبديلين ۽ واڌارن جي نذر ٿي ويا. هاڻي صورت اها
آهي ته منگهه حيدرآباد ۾ ورلي ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
وڌندڙ آبادي لاءِ جڏهن لطيف آباد جي نئين وسندي ٺهي ته اُتي وڃڻ
لاءِ ڪوبه تيار نه هو، ڇو ته اها شهر کان پري هئي
۽ اوستائين وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو ڪو انتظام نه
هو، پر مجبوري ماڻهن کي اتي وڃڻ تي راضي ڪندي رهي.
هاڻي لطيف آباد هڪڙو پورو شهر (تعلقو) آهي. گڏوگڏ
ٻيون به ڪيتريون وسنديون بڻجي ويون. ۽ سڀ آباد
آهن. پراڻين جاين ۾ تبديلين ڪارڻ سندن سونهن ۽
دلڪشي باقي نه رهي آهي. دڪانن ۽ مارڪيٽن شهر جي
سونهن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
حيدرآباد جون راتيون هينئر به مشهور آهن. پر جڏهن
شهر کُليل ۽ صاف سٿرو هو، باغ هئا، ٽريفڪ جو وجود
نه هئڻ برابر هو، تڏهن راتين جو شهر جي رستن تي
پنڌ، جيڪو سُڪون ڏيندو هو، هاڻي تنهن جو تصور ڪرڻ
ناممڪن آهي. خاص ڪري ٿڌي سڙڪ، ٻنهي پاسن کا وڻن ۽
گوڙ کان پري هجڻ ڪارڻ وندر ڪندڙن جي جاءِ هئي. هتي
ڪنهن زماني ۾ پٿر جون بينچون هونديون هيون، جن تي
وسرام ڪيو ويندو هو. اڳيان هلندي شهر جو مشهور
راڻي باغ آهي، هتي به ماڻهو پڪنڪ ملهائڻ ۽ وندر جي
مقصد سان ايندا هئا. هاڻي اهو باغ پڻ تباهه ۽
ڀڙڀانگ ٿي چڪو آهي. |