20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :1

حيدرآباد جي تاريخ

حُسين بادشاهه

پنهنجي پاران

تاريخ جي گهُرج ان ڪري پوي ٿي، ته جيئن ماضيءَ ۾ ٿيندڙ واقعن کي ڄاڻي، ذهني ۽ شعوري ساڃاهه ماڻجي، ۽ اڳوڻن نسلن جيڪي غلطيون ڪيون، تن کان بچاءُ ڪجي. پر اسان وٽ تاريخ جو اڀياس ان لاءِ نٿو ڪيو وڃي، ته جيئن تاريخ وسيلي بدلجندڙ حالتن جو تجزيو ڪجي؛ بلڪ انهيءَ جو مقصد رڳو وندر هيٺ ماضي جي حالتن کي ڄاڻڻ هوندو آهي. جڏهن تاريخ جو مقصد هيءُ آهي، ته معاشرو مجموعي طور تاريخ وسيلي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. ۽ اها سڃاڻپ تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن سماج ۾ رهندڙن کي هڪٻئي بابت پوري ڄاڻ هجي. ڇو ته اڻڄاڻائي نه رڳو ماڻهن کي هڪٻئي کان پري ٿي ڌِڪي، بلڪ غلط رايا جوڙڻ ۽ تعصب کي جيارڻ ۾ هٿي ڏئي ٿي.

ابتدائي دوءر ۾ تاريخ لکندڙ يا ته درٻاري ملازم هئا يا مذهبي عالم، جڏهن ته واپارين يا مذهبي عالمن جي ويس ۾ جاسوس  ايندا هئا، جيڪي راڄڌاني يا ڪنهن مکيه شهر ۾ رهي، ملڪ جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حالتن جو وچور لکي، پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليندا هئا، ته جيئن مستقبل ۾ اُن ملڪ بابت ڪنهن سِٽ سِٽڻ ۾ کين سهولت ٿئي.

تاريخ تي نظر وجهڻ وقت اهو ضرور ڏٺو وڃي ته تاريخ ڪهڙي زماني، عهد ۽ ڪهڙين حالت ۾ لکي وئي ۽ هر عهد جي تاريخ کي عوام جي سماجي حالتن سان سلهاڙيو وڃي.... جنهن تاريخ ۾ عوامي حالتن کان آگاهي نٿي هجي، ان تاريخ کي مڪمل يا عوام جي نمائندگي ڪندڙ نٿو چئي سگهجي.  پوءِ اها تاريخ کڻي ڪنهن شهر جي ئي ڇو نه هجي.

منهنجي اها سوچ آهي، ته اُها تاريخ، جيڪا عوام جي اقتصادي توڙي سماجي حالتن سان سلهاڙيل ناهي، سا مڪمل تاريخ نه آهي. جڏهن مٿئين اصول کي سامهون رکندي، سنڌ جي تاريخ کي پڙهڻ شروع ڪيم، ته مون کي افسوس سان چوڻو پيو پوي ته هڪ ٻن ڪتابن کانسواءِ گهڻا ڪتاب ايئن لڳا ڄڻ ته اُهي درٻاري مؤرخن جا لکيل هجن. يا کانئن ڪنهن خاص مقصد هيٺ لکرايا ويا هجن. بهرحال، مون سنڌ جي تاريخ کي، عوامي نقطي نگاهه کان لکڻ لاءِ نوٽس وٺڻ شروع ڪيا.... اهو ڪم ڪندي سڀ کان پهرين حيدرآباد جي تاريخ تي لکڻ جو پهه ڪيم. پوءِ سوچيم. ڇو نه انهن نوٽس کي اصل ليکڪن جي مضمونن جي روپ ۾ ڇپرائجي، ته جيئن جيڪي محقق ۽ پڙهندڙ دوست، حيدرآباد جي تاريخ سميت سنڌ جي تاريخ کي پڙهڻ يا لکڻ ۾ چاهه رکن ٿا، تن کي به رهنمائي ملي.

ڪنهن دوست جو چوڻ آهي ته حيدرآباد جي تاريخ لکڻ معنيٰ سنڌ جي تاريخ لکڻ آهي، ڇو ته حيدرآباد ٽي ڀيرا سنڌ جي راڄڌاني رهي آهي. مٿئين ڳالهه بلڪل دُرست آهي. ڇو ته ڪتاب  ۾ جيڪي مضمون ڏنل آهن، تن مان ائين لڳندو، ڄڻ ته سنڌ جي تاريخ پئي پڙهجي.

حيدرآباد شهر پنهنجي جنم کان وٺي، ڪلهوڙن، ٽالپرن، ۽ انگريزن جي دور ۾ اسي سالن تائين ٽي ڀيرا (ڪلهوڙن جي دور ۾ 1768ع کان 1783ع تائين، ٽالپر دور ۾ 1883ع کان 1843ع تائين ۽ برطانيا 1843ع کان 1847ع تائين) سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. جڏهن ته ون يونٽ جو بل پاس ڪرائڻ لاءِ به سنڌ اسيمبلي جو اجلاس هتي ڪوٺايو ويو، تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو، ته حيدرآباد ڪجهه ڪلاڪن لاءِ گاديءَ جو هنڌ پڻ رهيو.

آڳاٽي دور ۾ به نيرون ڪوٽ، جيڪڏهن گادي جو هنڌ نه تڏهن به سائو ڍائو شهر ضرور هو، ڇو ته هي شهر جاگرافيائي بيهڪ موجب سنڌ جي وچ تي واقع هو. ان جي ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ لاڙ جو ميداني علائقو، ته اولهه ۾ ڪوهستان جو علائقو، ته اُتر ۾ وچولو علائقو ته اوڀر ڏکڻ ۾ ٿر پارڪر جو علائقو شامل آهي. هن شهر جي تجارتي ۽ واپاري خيال کان مرڪزي حيثيت رهي آهي، ڏيهه توڙي ڏيساور ڏانهن ويندڙ واپاري قافلا هتان ئي گذرندا رهيا آهن...... حيدرآباد جي اوج کي ڏسي مؤرخن، ليکڪن ۽ سياحن هن شهر کي ننڍي کنڊ جو يورپ، سنڌوءَ جي سوکڙي، سنڌ جي راڄڌاني ۽ سنڌ جي سونهن جا لقب ڏنا.

حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي قديم ماڳ موجود آهن، جن مان ڪي سنڌوءَ جي وهڪري جي وچ ۾ آهن، ته ڪي اڃا تائين دڙن ۾ دفن آهن. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي، ته اسان وٽ قديم آثارن جي ڏس ۾ هيستائين جيڪو ڪم سر جان مارشل، هينري ڪزنس، مجمعدار ۽ ڪجهه ٻين قديم آثارن جي ماهرن ڪيو آهي، تن کان پوءِ هتي قديم آثارن تي ڪو ڪم ڪونه ٿيو آهي. جڏهن ته هينئر دنيا ۾ قديم آثارن- شهرن يا قلعن- جي ڳولها ۽ سندن صحيح پتو لڳائڻ لاءِ، دريائي پيٽ ڄاڻڻ لاءِ ڪمپيوٽر کان به مدد ورتي پئي وڃي، پر اسان وٽ يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن هيستائين قديم آثارن توڙي ارضيات جا اهڙا ماهر پيدا نه ڪيا آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ جي مُنجهيل سُٽ کي سُلجهائين.

سنڌ ۾ اڃا به ڪيترائي قديم ماڳ اهڙا آهن، جن جي صحيح ڪَٿ ڪرڻ ۾ مؤرخ مونجهارن جو شڪار آهن، انهن ۾ نيرون ڪوٽ به شامل آهي. اُميد ته اسان جا محقق پٽالا، نيرون ڪوٽ ۽ حيدرآباد جي مُنڌل سُٽ کي راويتي لکتن کان هٽي سُلجهائڻ جي ڪوشش ڪندا.

آءٌ ڪتاب جي تياريءَ ۾ سٻاجهي ساٿي ۽ محقق سائين عطا محمد ڀنڀري، محترم مولوي محمد قاسم سومري، سائين نثار هڪڙي، پياري اندرجيت لوهاڻي، محترم تاج جويي، محترم ادريس جتوئي، دوست گل محمد تنئي، ساٿي يعقوب چانڊئي، ڀاءُ انور ڪانڌڙي، محترم مصطفيٰ نانگراج، محترم عثمان شيخ، سائين انور فگار هڪڙي، حفيظ قريشي ۽ ٻين سڄڻن جو ٿورائتو آهيان، جن ڪتاب جي مواد سهيڙڻ وقت سهڻيون صلاحون ڏنيون.

- محمد حُسين بادشاهه

 

 بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

چڱا اکر

 

مختلف قومن قبيلن، ملڪن، ماڳن، شهرن ۽ واهڻن جي تاريخ لکڻ، ڪا نيئن ڳالهه نه آهي- بلڪ اها ڳالهه ترقي پسند يا ترقي يافته قومن جو شيوو رهي آهي. شهرن جي تاريخ ۾ ”تاريخ اصفهان“ حافظ ابو نعيم الاصفهاني 430 هه جو، ”تاريخ جو جان“ علامه ادريسي 468هه وارو، ”تاريخ بيهق“ ابوالحسن علي بن زيد البيهقي 565هه، ”تاريخ بلخ“ محمد بن عقيل بخلي 316هه وارو، ”تاريخ بغداد“ خطيب بغدادي 463هه جو ۽ ”تاريخ دمشق“ حافظ ابن عساڪر 571هه وارو نهايت مشهور آهن.

چون ٿا ته حافظ خطيب بغداديءَ جي لکيل ”بغداد جي تاريخ“ (14 جلدن ۾) حافظ ابن عساڪر دمشقيءَ ڏٺي ته کيس دمشق جي تاريخ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، ڇو ته دمشق، بغداد کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هو، بلڪ قدامت ۾ بغداد کان زور هو. تنهنڪري ”تاريخ مدينة دمشق و ذڪر فضلها و تسمية من حَلّها من الاماثل اواجتازبنوا حيها مِن وارديها و اهلها“ جي ڊگهي نالي سان 80 اسي جلدن ۾ بيمثال ۽ لاجواب ڪتاب جوڙيائين. جيڪو تازو بيروت ۽ شام ۾ پڌرو ٿيو آهي. ”تاريخ دمشق“ جو اختصار محمد بن مڪرم الانصاري 711هه (’لسان العرب‘ جي مؤلف) ڪيو هو، جيڪو تازو 29 جلدن ۾ ڇپيو آهي.

بغداد جي باني (ابو جعفر منصور) جي ڀاءُ ابوالعباس سفاح (وفات 136هه) بابت ”تاريخ دمشق“ ۾ عيسيٰ بن علي جي حوالي سان هڪ روايت آيل آهي، جنهن جو خلاصو هيءُ آهي ته: (عيسيٰ بن علي فرمائي ٿو:)

” آءٌ نائين تاريخ ذوالحج 136هه صبح جو (عباسين جي پهرئين خليفي) ابوالعباس سفاح وٽ ويس، ساڻس ڪچهري ڪيم. اُن وقت هُو ”انبار“ شهر ۾ منزل انداز هو. وري شام جو ڏانهس ويس پئي، ته دروازي تي بندري قد سان، پر خوبصورت چهري وارو هڪ همراهه مليو. سلام ورائي، ٻڌائڻ شروع ڪيائين ته: اميرالمومنين کي مبارڪ هجي. مان ”سنڌ“ وارن طرفان، عباسي سلطنت جي اطاعت گذاري ۽ فرمانبرداري جي خوشخبري کڻي پهتو آهيان (يعني اها ڄاڻ وڃي اميرالمومنين کي ڏيو، ڇو ته اوهان اندر درٻار ۾ باريابي جو شرف حاصل ڪري رهيا آهيو.) مان خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيس. سوچيم ته اجهو ٿو وڃي اميرالمومنين کي اها خوشخبري ٻُڌايان.

اڳتي وڌيس ته هڪ ٻيو همراهه، پهرئين شخص جهڙو مليو، رنگ به اهڙو ته شڪل به تقريباً ساڳي- ايئن ئي سلام موڪليا، جيئن پهريئن همراهه سلام ڪيو هو. ۽ جيئن پهرين همراهه مبارڪ ڏني هئي. هن همراهه به انهيءَ وانگر مبارڪ ڏني. چوڻ لڳو ته: مان اميرالمومنين لاءِ ”آفريڪا“ وارن طرفان اطاعت گذاري ۽ فرمانبرداري جو پيغام کڻي پهتو آهيان. (عيسيٰ بن علي فرمائي ٿو ته) منهنجي ته ٻيڻي ٿي وئي.

جيئن ئي اندر محلات ۾ پهتس، ته اميرالمومنين جي پُڇا ڪرايم ته ڪٿي آهن؟ ٻُڌايائون ته: ”جاءِ نماز“ (نماز پڙهڻ لاءِ تيار ڪرايل خاص جاءِ) ۾ آهن. مان اُتي وڃي پهتس. ڏٺم ته ڏاڙهي کي ڦڻي ڏيئي رهيا آهن

مان کيس اول ته مبارڪ ڏني، پوءِ تفصيل سان اها خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ چوڻ شروع ڪيو ته: سائين! ٻاهر دروازي وٽ ٻه همراهه مليا، جن مان هڪ ته ”سنڌ“ وارن طرفان اميرالمومنين لاءِ/ عباسي سلطنت لاءِ اطاعت گذاري ۽ فرمانبرداري جو پيغام کڻي آيو آهي.

منهنجو ايترو ٻڌائڻ ۽ اميرالمومنين جو چهرو مٽجڻ- مُنهن جو پنو ئي لهي ويس. فرمائڻ لڳاته پڪ ٻيو همراهه ”آفريڪا“ وارن طرفان اطاعت گذاري ۽ فرمانبرداري جو پيغام کڻي پهتو هوندو؟

مون عرض ڪيو ها! سائين.

اُهو ٻڌي، سندن هٿ مان ڦڻي ڇڏائجي، وڃي هيٺ ڪري ۽ فرمائڻ لڳو: سُبحان الله! بس هر شيءِ فاني آهي. رهندي وڃي الله جي ذات. پوءِ فرمايائين ته: (اي عيسيٰ بن علي) تون حقيقت ۾ منهنجي موت جو پيغام کڻي آيو آهين ڇو ته مون کي امام ابراهيم ٻڌايو  ته ابو هاشم عبدالله بن محمد بن علي بن ابي طالب ٻڌايو ته حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه فرمايو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن هڪ ڀيري فرمايو ته:

”مدينة المنوره ۾ مون وٽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه ”وافد“ ايندا: يعني ٻه شخص اطاعت گذاري ۽ فرمانبرداري جو پيغام کڻي ايندا. هڪ وافد سنڌ وارن طرفان هوندو ته ٻيو آريقا وارن طرفان- ان کانپوءِ ٽي ڏينهن ئي مس گذرندا ته مان (رسول الله صلي الله عليه وسلم) وفات ڪري ويندس.“

سو اهڙا ٻئي وافد، (هڪ سنڌ کان، ٻيو افريڪا کان) مون وٽ به اچي پهتا آهن. (يعني مان به ٽن ڏينهن کان پوءِ وفات ڪري ويندس) مون (عيسيٰ بن علي) کين تسلي ڏيندي چيو: اي اميرالمومنين! ايئن انشاء الله تعاليٰ نه ٿيندو. (الله تعاليٰ عمر وڌائيو). فرمايائين: نه! ائين ئي ٿيندو (جيئن آءٌ چوان ٿو) انشاء الله تعاليٰ- ظاهر ڳالهه آهي ته دنيا ۾ رهڻ مون کي به پيارو ٿو لڳي، پر جيڪڏهن انهيءَ حديث مطابق منهنجو موت اچي وڃي، ۽ انهيءَ طريقي سان رسول الله صلي الله عليه وسلم جي پيشگوئي واري روايت جي تائيد ٿي وڃي، ته اها ڳالهه مون لاءِ دنيا ۾ رهڻ کان وڌيڪ پياري آهي. (ڇو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم سان محبت، پنهنجي نفس کان به وڌيڪ ڪجي) الله جو قسم! مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان.

بهرحال انهيءَ ڳالهه کي ٽي ڏينهن ئي مس گذريا ته اميرالمومنين ابوالعباس سفاح وفات ڪري ويا. سندن وفات ”انبار“ ۾ ٿي. (لکن ٿا ته 37 عباسي خليفن مان ڪوبه خليفو، بغداد ۾ نه مُئو) وفات وقت سندن عمر ٽيٽيهه سال هئي.

(ڏسو ”تاريخ دمشق“ جلد 38، تحقيق: سکينته الشهابي، طبع: مجمع اللغته العربيه- دمشق 1986ع ص 193 کان 195)

انهي روايت جي تصديق ”بياض هاشمي“ ۾ مخدوم جعفر بوبڪاني (وفات 1002هه) جي حوالي سان آندل هيٺيئن روايت سان به ٿئي ٿي.

روي ان رسول الله صلي الله عليه وسلم ارسل ڪتابه، اِلي اهل السند علي يد خمسة نفر من اصحابه رضي الله عنهم فلما جاء واني السند في قلعته يقال لها ”نيرن“ اسلم بعض اهله ثم رجع من اصحابه اثنان مع الوافد عليه من السند و بقي ثلثته منهم في السند و اظهر اهل السند الاسلام و بينوا الاهل السند الاحڪام و ماتوافيه و قبورهم فيه الآن موجودته.

 

 

روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن پنهنجو پيغام سنڌ وارن ڏانهن موڪليو پنهنجن پنجن صحابين جي هٿ تي. پوءِ جڏهن اُهي سنڌ ۾ انهي قلعي ۾ پهتا، جنهن کي ”نيرون“ (نيرون ڪوٽ) چيو وڃي ٿو، ته (انهن جو پيغام ٻڌي) ڪي سنڌ وارا مسلمان ٿيا. پوءِ ڇا ٿيو ته انهن پنجن صحابين مان ٻه صحابي واپس ٿيا، جن سان گڏ سنڌ وارن طرفان، وافد (اطاعت گذاري ۽ فرمانبرداري جو پيغام کڻي ويندڙ) به هو. باقي ٽي ڄڻا سنڌ ۾ رهي پيا. سنڌ وارن اسلام آندو. انهن (صحابين) سنڌ وارن کي (اسلامي) احڪام ٻُڌايا. اُهي صحابي، اِتي (سنڌ ۾) ئي فوت ٿيا، جن جون قبرون اُتي سنڌ ۾ موجود آهن.

حضرت قاسمي صاحب جن وٽ موجود ”بياض هاشمي“ جي قلمي نسخي ۾ ”جمع الجوامع“ جي حوالي سان آندل انهيءَ روايت هيٺ،  پاڻ مخدوم محمد هاشم لکي ٿو ته:

وجدت هذه الروايته مکتوبه بحظ لمخدوم جعفر البوبڪاني رحمته الله تعاليٰ هکذا سمعت من المخدوم حافظ بن المخدوم بايزيد 12- محمد هاشم غفرله.

”آءٌ مخدوم حافظ بن مخدوم بازيد ٺٽوي کان هيءَ چوندي ٻُڌو ته مون اها روايت خود مخدوم جعفر بوبڪاني جي هٿ اکري ڏٺي آهي.

ڪَڙيون ڪَڙين سان ملن ٿيون. هڪ روايت ٻي روايت جي تصديق ڪري ٿي

انهيءَ روايت مان معلوم ٿيو ته ان وقت ”نيرون ڪوٽ) (اڄوڪو حيدرآباد) سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ نه ته به مرڪزي شهر ته ضرور هو. جتي هڪ قلعو پڻ موجود هو، جنهن جي مرڪزيت کي ڌيان ۾ رکندي پاڻ سڳورن رسول الله صلي الله عليه وسلم جن، صحابين جو هڪ وفد، اسلام جو پيغام ڏيئي موڪليو هو.

ضرورت هئي ته سنڌ جي انهي قديم شهر حيدرآباد جي تاريخ مرتب ڪئي وڃي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين شهرن ۽ علائقن جهڙوڪ: ٺٽو، ڪراچي، بدين، ٿرپارڪر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، سکر ۽ نوابشاهه بابت سٺا ڪتاب لکجي چڪا آهن، ته حيدرآباد پوئتي ڇو رهي، حالانڪه حيدرآباد بابت ملندڙ مواد ٻين ماڳن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آهي.

کيرون لهڻيون، اسان جي ڀاءُ محترم حُسين ’بادشاهه‘ سومرو صاحب، جنهن محنت ڪندي، حيدرآباد بابت هيترو تاريخي مواد گڏ ڪري، سنڌ وارن کي تحفي طور ڏنو آهي. پاڻ هڪ علمي ۽ ادبي خاندان سان وابسته رهيو آهي. سندس والد محترم جناب محمد موسيٰ سومرو صاحب مرحوم ماهوار ”نيئن زندگي“ جو جوائنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو آهي. ته ڪجهه ڪتاب انگريزيءَ تان پڻ ترجمو ڪيائين.

۽ وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اسان جي شهر ڪنڊيارو جو عظيم اشاعتي ادارو ”روشني پبليڪيشن“ انهيءَ ڪتاب جي ڇاپڻ جي سعادت ماڻي رهيو آهي. مرتب موصوف کان اسان هن ڳالهه جي اميد رکون ٿا ته حيدرآباد بابت رهيل مواد ترتيب ڏيئي، ٻئي جلد جي شڪل ۾ پيش ڪري.

محمد ادريس السندي

(ڊاڪٽر مولوي محمد ادريس بن مولانا محمد قاسم سومرو)

قاسميه لائبريري ڪنڊيارو

2003- 6- 1

29- 3 – 1424 هه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org