ٽالپرن
جا حبشي غلام
هتي غلامي به هئي، پر نرم ۽ هلڪي قسم جي هئي. زنجبار مان ننڍا
ٻار آڻي هتي وڪرو ڪيا ويندا هئا. سنڌ يا اوڀر جي
ٻين ملڪن ۾ غلام جو هرگز اهو مطلب ڪونه هوندو هو
ته مٿس ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ روا رکيو وڃي ۽ ساڻس غير
انساني سلوڪ ڪيو وڃي. هتي غلامن سان نهايت ٻاجهارو
ورتاءُ ڪيو ويندو هو ۽ کيس گهر جي ڀاتيءَ جيترو
مان ڏنو ويندو هو. غلام جي اولاد جو وارث به
غلامن جو مالڪ هوندو هو. ۽ ڄم واري جاءِ سان سندس
واسطو هوندو هو. سندس پرگهور به سندن مالڪ ڪندا
هئا. غلام آزادي لاءِ ڪوشش ڪجهه مڙوئي گهٽ ڪندا
هئا.
سنڌوءَ جي هيٺئين پاسي اهڙا آفريڪي ماڻهن جا ڪيترائي ڳوٺ نظر
ايندا هئا. انهن مان ڪيترا ماڻهو اهڙا به هئا،
جيڪي حڪمرانن جي درٻار ۾ اهم عهدن تي مقرر هئا ۽
پنهنجي گهر ڀاتين کان به وڌيڪ منجهن ويساهه ڪيو
ويندو هو. ميرن جو ذاتي پهريدار دستو به شيدين تي
مشتمل هوندو هو. هتي غلاميءَ جو هڪ ٻيو نمونو به
ڏسڻ ۾ آيو. جو اُتر- اولهه پاسي جي سڀني ملڪن جا
ماڻهو پنهنجون ڌيئرون وٺي اچي هتي وڪڻي ويندا هئا
۽ سنڌي انهن سان شاديون ڪندا هئا. اهڙيون وڪاميل
ڇوڪريون دولتمند ماڻهن جي حرم ۾ داخل ٿي وينديون
هيون. هن ڌنڌي سان لاڳاپيل ماڻهن جي گهڻائي پٺاڻن
سان ناتو رکندي هئي، جيڪي عورتن وڪڻڻ جي ڏس ۾ هتي
گهڻا مشهور هئا. پر هن قسم جي غلامي گهڻي پکڙندي
نظر ڪانه ايندي هئي.
پوليس، پيري ۽ چور
پوليس به ڪاردارن جي هٿ هيٺ هئي. حيدرآباد شهر ۾ ڏهن ٻارهن
ماڻهو نيم مسلح گهوڙن تي سوار هيڏانهن هوڏانهن پيا
ڦرندا گهرندا نظر ايندا هئا. چورن جا پير جيڪڏهن
اچي ڪنهن ڳوٺ وٽ کُٽندا هئا ته چوري جو جوابدار
اهو ڳوٺ سمجهبو هو، چوريءَ لهڻ جو طريقو اهو هو،
جو ماڻهو يا ڀاڳيا ميڙ ڪري ڳوٺ جي پريي مڙس يا
وڏيري تي زور بار وجهندا هئا ته پيرا ڪڍي ڏئي،
جيڪڏهن پيرا ٻئي پاسي نه نڪرندا هئا ته وڏيري کان
چٽي ڀرائبي هئي ۽ چور جي ٻانهن وٺبي هئي. جيڪڏهن
پيري ويساهه جوڳو ۽ سچو هوندو ۽ اڻ ڌريو بنجي ڪٿي
پير رسائيندو هو ته اهو طريقو ڏاڍو سُٺو هو.
جيڪڏهن ڪنهن ڌاڙي جو اطلاع شهر جي ڪوٽوال کي مناسب وقت اندر ڏبو
هو ته ڌاڙيلن جا پير کڻبا هئا. جيڪڏهن ڌاڙيلن جا
پير ڪنهن ڳوٺ ڀرسان وڃائجي ويندا هئا ۽ ان ڳوٺ جا
ماڻهو ڌاڙيلن جا پير ٻاهر ڪڍي ڏيڻ لاءِ سوڀارا نه
ٿيندا هئا ته اهو ڳوٺ ڏوهاري سمجهبو هو...... اهو
رواج هوندو هو ته سج لهڻ کان ٿورو پوءِ شهر جا
ڦاٽڪ بند ٿي ويندا هئا. هنگامي حالتن کان سواءِ
ڪوبه رات جو سفر ڪونه ڪندو هو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو
رات جي وڳڙي ۾ پنهنجو گهر ڇڏيندو هو ته کيس ڏوهي
سمجهبو هو. ۽ شهر جو ڪوٽوال کيس ٿيندڙ ڏوهه جو
ڏوهاري سمجهندو هو. ڪوٽوال، شهر جي هڪ ننڍڙي درجي
جو قاضي به هو. سندس اها حيثيت اهم هئي. پوليس به
سندس هٿ هيٺ ڪم ڪندي هئي ۽ ننڍڙن ڏوهن کي ترت
اُڪلائي فيصلا ڏيندو هو.
هتان جا چور واهه جا هوندا هئا. پر پيري به ٺاهوڪا هئا. سندس
پير کڻي وڃي سندن گهر وٽ پڄائيندا هئا. مسافر جڏهن
ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ پهچندو هوته شهر يا ڳوٺ جي
رکوالي وٽ ڄاڻ ڏيندو هو. جيڪڏهن کيس اهڙو اطلاع
مليو ۽ چوري ٿي وئي ته ان شهر يا ڳوٺ کي چوريءَ جو
ذميوار سمجهبو هو. ڇيڙي نبيري لاءِ ڳوٺ جو هڪ پريو
مڙس هوندو هو. ڳوٺاڻا اُن جو مان ۽ مهتُ رکندا
هئا.
ميرن جا شڪارگاهه ۽ شڪار
مير شڪار جا به شوقين هئا. حڪمرانن ماڻهو لڏائي ڳوٺ ۽ علائقا
انهي مقصد سان ويران ڪري ڇڏيا هئا، جيئن جهنگ ۾
شڪاري جانور ماڻهن کان ٽاهه کائي ڪيڏانهن نڪري ڀڄي
نه وڃن. سنڌ جي ٻيلن بابت قانون تمام سخت هوندو
هو. جنهن کي ٻين ملڪن جي ساڳي قسم واري تهذيبي دور
سان ڀيٽائي سگهجي پيو مثال: ”ميري انگلينڊ جي
اولڊن ٽائيم“ پر لٽل جان يا رابن هُڊ جيڪڏهن
ٽالپرن جي شڪارگاهن ۾ ٺينگ ٽپن ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ها
ته کين ڏک ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه هٿ نه اچي. ٻيلن تي
ايڏو ته سخت پهرو هوندو هو جو چور حرم ۾ ته داخل
ٿي سگهندو هو، پر شڪارگاهه ۾ سندس وڃڻ ڏکيو مامرو
هو. 1809ع ۾ ڪرنل پاٽنجر ۽ ميرن وچ ۾ هڪ ٺاهه ٿيو،
جنهن ۾ ٽالپرن پنهنجي شڪارگاهن جي بچاءُ واسطي به
هڪ فقرو وڌو هو. انهيءَ ڳالهه مان ڀانئجي ٿو، مير
شڪارگاهن کي وڏي اهميت ڏيندا هئا. ميرن، ڪرنل کي
ٻُڌايو: اسان شڪارگاهن سان زالن ۽ ٻارن جيترو پيار
ڪندا آهيون..... ڳالهه ٻولهه ڪهڙي به اهم موضوع تي
هوندي هئي، پر نيٺ هلي شڪار تي دنگ ڪندي هئي، جنهن
۾ تازي ٿيل شڪار تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي هئي ۽ ايندڙ
شڪار لاءِ ڇا ڪيو ويندو هو، تنهن جو به مختصر بيان
اچي ويندو هو. مهمان جي وڏي عزت جو اندازو شڪار جي
دعوت مان ڪري سگهبو هو........
شڪار هاڙهه ۾ شروع ٿيندو هو. انهن موقعن تي ٽالپر، امير، وزير ۽
سندن اٽالي سميت ويندو هو. جيڪڏهن قسمت سان چيتو
شڪار ٿيندو هو ته پوءِ اهي سردار وٺ جا ڪونه هوندا
هئا. ٻه ٻه هٿ پيا اُڏامندا هئا. وڏي وات اهڙي پيا
لٻاڙ هڻندا جو پُڄڻ جي ڀيڻي ئي ڪونه هوندي هئي.
اٽالي مان ڪنهن کي جيڪڏهن چيتي ڦٽي وڌو ته اهو به
اچي مير جي پيرن ۾ ڪرندو هو ۽ کيس چيتي مارڻ جون
واڌايون ڏيندو هو. ڪي ورلي ماڻهو هٿين خالي ڪنهن
چيتي سان وڙهي به ماريندا هئا. پوءِ مير چيلهه
وارو ريشمي پٽي يا ڪا لونگي هوندي، سان ان ڦٽيل
ماڻهو کي اُڇلائي ڏيندو هو. ڪي ماڻهو چيتن هٿان
مارجي به ويندا هئا. اهڙن شڪارن تي سنڌي ماڻهو
ڏاڍي بهادريءَ جو مظاهرو ڪندا هئا. سنڌي نسل جا
وڏا ڪتا ڪاهي جهنگ ۾ لهي پوندا هئا. جڏهن چيتو
پنهنجي ٿم مان ٻاهر نڪرندو هو ته مقابلو شروع ٿي
ويندو هو. هٿ ۾ رڳي ترار يا ڏڦو هوندو هو. ٻيو ٿيو
ڀلو، چيتو کڻي ڪيڏو به وڏو خونخوار هوندو هو پر
وڃبو سڌو هو. ڪيترائي ماڻهو خطرناڪ شڪار ۾ مري به
ويندا هئا.
هونئن مير اڳي پڪا، شوخ ۽ ڪنهن سان ڳالهائيندا به ڪونه، پر شڪار
جي خوشي ۾ ڪپڙن ۾ ڪونه ماپندا هئا ۽ عام ماڻهن سان
رلي ملي هڪ ٿي ويندا هئا. مير هٿ جا ڏاڍا سڌا هئا.
سنڌ جون ٺهيل بندوقون ڪجهه ڳوريون هيون، ان ڪري
سندن نشان ڪڏهن خطا به ويندو هو.... مير علي مراد
انگلينڊ جون ٺهيل رائفلون ڪتب آڻيندو هو. سڀني
ٽالپرن ۾ رڳو هيءُ اڪيلو مير هو، جيڪو ولايتي
بندوق استعمال ڪندو هو. اهو شڪار هفتن تائين هلندو
هو. شڪار جي اوسر کڻڻ لاءِ ڇيڙ به هر علائقي مان
ايندي هئي. ڌنڌي سان لاڳاپيل ماڻهو اچي ميرن جي
ڇيڙ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، جن جو انگ سون ۾ هوندو هو.
سامان سڙو ڳوٺاڻن کان وٺندا هئا. تنهن جو پئسو
ورلي يا نالي ماتر کين ڏيندا به هئا.
حڪمرانن کان وٺي عام ماڻهوءَ تائين هيٺ هر انسان شڪار جي شغل کي
گهڻو پسند ڪندو هو. ڀلي زمين ڪو ٿورو حصو پوکي
راهي لاءِ ڪم ايندو هو، نه ته گهڻي ڀلي زمين تي
شڪار وارا جانور پاليا ويندا هئا. هڪڙي ڀيري ڪرنل
هينري پاٽنجر هڪ ٺاهه بابت ميرن سان ڳالهه ڪئي.
ڳالهين دوران ميرن چيو ته: ”سندن شڪار گاهن جو
ضرور بچاءُ ڪرڻ گهرجي.“ وڌيڪ ٻڌايائون ته هتي جيڪو
شڪار ڪيو وڃي ٿو، تنهن تي مير سرڪار اٺ سو رپيا
(اٺ پائونڊ)خرچ ڪري ٿي. شڪار اهڙو مشغلو هو، جنهن
جي اختيار ڪرڻ ڪري جنگ ۽ ڏاري کان سواءِ کين ڪاهل
رهڻ کان بچائي سگھجي پيو. شڪار جو بندوبست هيٺين
طبقي واري رعيت ڪندي هئي، جن کي ساڻ شڪاري ڪتا ۽
ڏڦا هوندا هئا. گڏوگڏ ميرن جا ڪتئي هوندا هئا، جن
جي هٿن ۾ گابي جيڏن ڪتن جون رسيون هونديون هيون،
اهي ڪتا افغانستان کان شڪار واسطي آندا ويندا هئا.
بعضي بازدار به هوندا هئا، جن جي ڪاراين تي باز
ويٺل ڏسڻ ۾ ايندا هئا.
جڏهن شڪار ٿيندو هو ته مير وڃي کُڏڙن ۾ ويهندا هئا، جيڪي خاص ان
موقعي لاءِ ۽ هڪ شڪار گاهه جي ونگ وٽ ٺاهيا ويندا
هئا. شڪاري لوڌ وارا اوسر کڻي جانورن کي ڊوڙائي
انهن کڏڙن ڏانهن روانو ڪندا هئا. جي مير صاحب لڪي
ويهي جانورن جو اوسيئڙو ڪندا هئا. هن مقصد واسطي
اوسي پاسي واري جوءَ مان هاري ناري ڪڙمي ڪاسبي
ميڙي چونڊي گڏ ڪيا ويندا هئا. شڪار ڪيترائي ڏينهن
ساندهه هلندو هو. مير صاحب کين نه ماني ڳڀو ڏيندا
هئا ۽ نه وري انهن ڏينهن جي سخت مزدوري کين ملندي
هئي. اٽلندو ڪڏهن ڪڏهن شڪار دوران پنهنجيون
حياتيون وڃائي ويهندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري ڦٽجي
پوندا هئا. اهري ريت شڪار جي لوڌ وارا ماڻهو رڙيون
۽ دانهون ڪندا دهل وڄائيندا، ڏانگن سان ڪنڊي ڪرڙي
کي سٽيندا اڳتي کڏڙن ڏانهن وڌندا هئا. ڊنل جانور
ان پاسي ڏانهن ڊوڙندا هئا. جيڏانهن ماڻهو جي ڪا
پهر ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي هئي. پر سلامتي وارو گس
بندوقن جي گولين هيٺان گذرندو هو. اهي جانور جڏهن
اتان مٽيندا هئا ته مٿن بارود جي برسات وسي ويندي
هئي. انهن شڪاري جانورن ۾ مختلف قسم جا ساهوارا
هوندا هئا. جن مان سوئر ۽ ڪارو هرڻ ته مکيه شڪاري
جانور هوندو هئو. ننڍي شڪار وارن جانورن ۾ گدڙ،
لومڙ ۽ سيهڙ شامل هوندا هئا، جيڪي شمار ڪرڻ کان ئي
مٿي هوندا هئا....... باز سان شڪار ڪرڻ جو رواج به
هتي عام هوندو هو. هن قسم جي شڪار ۾ ڪارڙي تتر
جھڙا سهڻا پکي به ماريا ويندا هئا.
حڪمران، امير سال جو وڏو ڀاڱو راڄڌاني کان پري ملڪي معاملن کان
ڏور مهاڙين ۾ گذاريندا هئا. اميرن جو چوڻ هو:
”اسان کي پنهنجي عورتن ۽ اولاد کان وڌيڪ شڪارگاهه
مٺا آهن.“ ڳالهه ٻولهه ڪهڙي به موضوع تي ٿئي، پر
دنگ اچي شڪار تي ڪندي هئي. مير انگريزن سان ملاقات
دوران سياسي ڳالهيون ٿيندي انهن کان نٽائيندي يا
آخر ۾ ضرور شڪار تي گڏ هلڻ جي دعوت ڏيندا هئا.
شڪار جو جانور به تمام گھڻو ٿيندو هو. ننڍو شڪار تتر جو هوندو
هو، جيڪو تمام گھڻو ٿيندو هو. سکر ماڻهو هن قسم جا
شڪار بازن سان به ڪندا هئا. هتي ڦارهي جو شڪار به
جام هوندو هو، جنهن جو گوشت به ڏاڍو ساءِ سواد
وارو ٿيندو هو.هي جانور به نهايت قداور ٿيندو هو.
سوئر جو شڪار به گھڻو ٿيندو هو. مسلمانن لاءِ هي
جانور حرام هوندو هو ۽ ان جو گوشت ڪونه کائبو هو.
باقي ٻيا غير مسلمان سنڌي اهو گوشت کائيندا هئا.هن
قسم جي شڪار ۾ وڏا افغاني ڪتا ڪم آندا ويندا هئا.
جيڪي ڀڄڻ جا تکا ۽ سگھارا ٿيندا هئا، ۽ جانور کي
ڊورائي ٿڪائي ڇڏيندا هئا ۽ آخر ۾ بندوق ان جو انت
آڻي ڇڏيندي هئي. شڪار جا مکيه جانور لومڙ، بگھڙ،
گدڙ،چراخ ۽ چيتو هوندا هئا. چيتو البت عام جانور
ڪونه هوندو هو. پر هن جي شڪار جا شوقين سدائين
چيتي جي تڪ ۽ تاڙ ۾ هوندا هئا. هن قسم جي شڪار ۾
هڪ امنگ ۽ اتساهه ته هوندو ئي هو پر ان سان گڏ هن
جانور جي شڪار وسيلي سندن هڏا ۽ کلون به هٿ ايندا
هئا، جيڪي اُگرين بيمارين جي لاءِ هڪ ٽڪ علاج
سمجھيا ويندا هئا. اهو به سمجھيو ويندو هو ته هن
جانور جي موجودگي ڪري ماڻهن ۽ ملڪ جو بچاءُ ٿيندو
هو....... اهو ئي سبب هو، جو هتي بزرگن جي مقبرن
ڀر سان چيتن کي پڃرن ۾ بند ڪري رکيو ويندو هو ۽
اوڙي پاڙي جا معزز ماڻهو هنن جانورن جي پرگھور
لهندا هئا........ هتان جا بگھڙ ڏاڍا خوفناڪ ٿيندا
هئا. جڏهن ماڻهو اڪيلو هوندو هو ته اوچتو مٿائنس
هلان ڪندا هئا ۽ جي ننڊ ۾ هوندو هو ته مٿس جلهه
ڪرڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا هئا. هتي گدڙ به جام ٿيندو
هو. ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ هتان جا گدڙ دلير هوندا
هئا.غريب غربي جي پيٽ گذر لاءِ مڇي ۽ پاڻي جا پکي
وڏو ڪم ڏيندا هئا ۽ اهي ٻئي درياهه، ڍنڍن ۽ پاڻِي
جي تلائن ۾ گھڻا ڏسبا هئا. پاڻي جا پکي، جتي به
پاڻي جي ڇر ڏسبي هئي، تنهنجي مٿان ولرن جي صورت ۾
پيا هيڏي هوڏي اڏامندا هئا. ماڻهو به ڏاها ۽ سوڌا
پاڙهيري هوندا هئا، جو کين ڦاسائي کڻي ڍير ڪندا
هئا.
پالتو جانور ۽ سندن ڪارج:
اُٺ سڄي سنڌ ۾ پاليو ويندو هو ۽ ڪارج ڪري نهايت اهم به هوندو
هو.هي جانور سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۽ درياءِ
جي وٽ پاسي ۾ ڇوڙ وارين ايراضين ۾ ايترو ئي گھڻُو
ڏسبو هو، جيترو سنڌ جي اوڀر واري علائقي ٿر ۾
ايندو هو. پاڻي ڇر ۾ ڦٽل لگون جي سائي جھنگ ۾ وڳن
جا وڳ پيا وڙ ڪندا هئا. سندن واڌ ويجھ ٻين علائقن
کان هتي گھڻي ٿيندي هئي. سمنڊ کان وڃي وچ ايشيا
تائين خشڪيءِ رستي هلندڙ واپار اُٺن وسيلي ٿيندو
هو. اُٺ کي کيتي ۽ ڪم ڪار ۾ ڪتب آندو ويندو هو.
خاص ڪري نار واري علائقي ۾ نار وهائڻ ۽ گھاڻي ۾
تيل پيڙهڻ لاءِ به ڪم ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هر ۾ به
جوٽيو ويندو هو. خشڪيءِ جو سفر اُٺ وسيلي سُهنجو
۽ سولو ٿيندو هو. اُڃ سهڻ جو به ڏاڍو، سواري ۾
سهنجو ۽ پنڌ ۾ تکو هوندو هو. جيڪي ماڻهو اُٺ جي
سفر جا هيراڪ هوندا هئا، تن کي هن جانور جي ٽور
ٿڪائي وجهندي هئي. ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن سواري
جي لوڏن لمن جو هيراڪ ٿي وڃبو هو ته اُٺ جي سواري
کان سواءِ کيس ٻي نموني واري سفر ۾ مزو ئي ڪونه
ايندو هو. سوار جي گهمائڻ کان پوءِ اُٺ جو پنڌ
تمام سولو ٿي پوندو هو......اُٺ جو پاکڙو ڏاڍو ۽
شاندار ۽ آرامده ٿيندو هو. سرنديءَ وارا اُٺ جي
سَنجن تي گهڻو پئسو ڏوڪڙ خرچ ڪندا هئا. پاکڙي جي
خاني وارا گاديلا به تمام ڀلا ٺهرائيندا هئا. مٿان
وارو گاشو پٽ يا ساٽن جو هوندو هو. مٿس ڀرت وري
اهڙو ڀريل هوندو هو جو ڏسي ماڻهو دنگ رهجي ويندا
هئا. هيٺان وري جهالر ۽ جهاٻا پيا لڙڪندا هئا.
ڳچين ۾ ڳانيون رنگ رنگ جون، ڳاڙهي گانيءَ جي وچ تي
اڇا ڪوڏ مڙهيل هوندا هئا. وڏو مير پنهنجي اُٺ جي
سينگار لاءِ گهڻو خرچ ڪندو هو.
سواريءَ جا ڀلا اُٺ مڪران مان گهرايا ويندا هئا. سوار جي گهمائڻ
کان پوءِ اهڙي اُٺ جي سواري ٿوري ڪجهه ڏکي ٿي
پوندي هئي. ۽ وڏي وک ۾ ئي ڊوڙڻ لڳندو هو. پاکڙي ۾
ٻه خانا هوندا هئا، ۽ هڪ ئي وقت ۾ ٻه ماڻهو اُٺ تي
سوار ٿي سگهندا هئا. جت اڳئين خاني ۾ وهندو هو ۽
اُٺ جي مهار اُن جي هٿ ۾ هوندي هئي، جيڪا اُٺ جي
نڪ ۾ لڳل لاٽين ۾ ٻڌل هوندي هئي.
سيد وري اُٺ کي نهايت سڳورو جانور سمجهندا هئا ۽ ان جي پرگهور
به اهڙي ئي طريقي سان ڪئي ويندي هئي. (هڪڙو ته
حضور ﷺ جي سنت ۽ ٻيو ته اهي هر سال اُٺن تي چڙهي
مريدن وٽ وڃي کانئن ڏنُ وٺندا هئا.) اُٺن جا وڳن
جا وڳ ڌاريا ويندا هئا. ڏاچين جو کير به مينهن ۽
رڍ جي کير جيان ڪتب آندو ويندو هو. اوٺي کير جو
ساءُ به چڱيرڙو ٿيندو هو. منجهس ڌپُ به هوندي هئي،
پر ٿوري وقت کان پوءِ ڦٽي ويندو هو.
گهوڙو وڏو ۽ نهايت سگهارو جانور هو. سردارن ۽ اميرن وٽ هن قسم
جو جانور تمام گهڻو ٿيندو هو. هتان جي گهوڙي جي
پنڌ جو پنهنجو نمونو هوندو هو. ڇڏ ته رءُ ڪڏهن
رولا پيا هلندا هئا. هتي ان قسم جي پنڌ کي پسند
ڪيو ويندو هو. تکا گهوڙا خراسان مان گهرايا ويندا
هئا...... سگهه ۽ تيز رفتاري ڪري هتان جا سردار ۽
امير اهي گهوڙا خريد ڪندا هئا. جڏهن ته مقامي
ماڻهن جي سواري لاءِ جيڪو گهوڙو ڪم ايندو هو، تنهن
کي پابوس ڪري سڏيندا هئا. جيڪو ڏٻرو، رڳو هڏا ڏسڻ
۾ بڇان جهڙو هوندو هو پر سفر ۾ هل ته اُلڪو ئي نه،
بک اُڃ جو ڏاڍو هوندو هو. سرنديءَ وارا سنڌي،
پنهنجن گهوڙن کي ڏاڍو سُٺو چارو کارائيندا هئا.
مٿن سنج به ايڏا سهڻا رکندا هئا جو واهه واهه. هني
جو پُٺيون پاسو چانديءَ جو، هنو، رڪيب، لغام، هني
جي ويهڻ واري جاءِ تي بخمل ۽ زري جو ڪم، ڳچيءَ ۾
ڳانيون جن ۾ نيري رنگ جا مڻيان مڙهيل هوندا هئا.
سمجهيو ويندو هو ته اهو نيرو رنگ ماڻهن جي بدنظر
کان بچائيندو هو. پابوس کي سعيو ڪري بکيو ۽ اُڃيو
رکيو ويندو هو. ائين ڪرڻ سان گهوڙن جا مالڪ
سمجهندا هئا ته منجهن سفر جي ڏکن ڏولاون سهڻ جي
سگهه پيدا ٿئي ٿي. سفر ڪرڻ کان پوءِ به ڪلاڪن جا
ڪلاڪ نه انهن تان سنج لاٿا ويندا هئا، نه وري
چڙهيل لغام لاهيو ويندو هو.
خچر به ڏاڍو ڪمائتو جانور هو، هتان جا خچر قداور ۽ سگهارا ٿيندا
هئا. بار به گهڻو کڻندا هئا ۽ هلي به گهڻو سگهندا
هئا. هتان جو گڏهه به گهڻو وڏو ٿيندو هو. ملڪ اندر
خشڪي جي سفر ۾ اُٺن جي قافلي سان گهڻو ڪري نظر
ايندو هو. هيءُ جانور واپاري وکر جي آڻڻ نيڻ لاءِ
غريب قسم جا واپاري ڪتب آڻيندا هئا.
عام ماڻهو ٽٽون گهوڙي تي سواري ڪندا هئا، جنهن کي اُهي بابو ڪري
سڏيندا هئا. هي لاڏڙو جانور هوندو هو ۽ نهايت
ڪمائتو سمجهيو ويندو هو پر جنگي مقصدن واسطي هن کي
ڪتب آڻي ڪونه سگهبو هو. هن وڙ جا گهوڙا ڪيڏو به
سفر ڪندا هئا، پر ٿڪجڻ جا ته هوندا ئي ڪونه هئا.
وڄ جا پاڻي هوندا هئا. اک ڇنڀ ۾ ڪک پن ٿي ڪيڏانهن
جو ڪيڏانهن وڃي نڪرندا هئا. ساڌيا به سنڌ هڻڻ لاءِ
ويندا هئا. هن قسم جي گهوڙي کي ڌاريندا به ان ڌنڌي
لاءِ هئا. چوريون ۽ ڌاڙا عام ڳالهه هوندي هئي. لٺ
سردار ۽ ڌن دولت وارا ڏسڻا وائسڻا مانائتا ماڻهو
به رات جو چمڙا پوش ڪري وڃي تاڙ ۾ بيهندا هئا. کين
راهه ويندن مسافرن کي رڙ ڪندي ”بيهه“ چوڻ جو ڏاڍو
شوق هوندو هو.
ماڻهو گهڻو ڪري مالوندي هئا، ۽ وٽن جهجهو چوپايو مال هوندو هو.
سنڌين ۾ پريو مڙس اهو سمجهيو ويندو هو، جنهن وٽ
يهودين جيان چوپايو مال گهڻو هوندو هو. مينهن اهڙو
چوپايو مال هو، جنهن کي پاڻيءَ جو پئونرو سڏيو
ويندو هو. هتي جي هرڳوٺ جي چوڌاري ميهاڳ ئي ميهاڳ
ڏسبي هئي. جيڪڏهن ڪنهن سنڌيءَ وٽ هڪ يا ٻه ٽِڪُون
نه هونديون هيون ته کيس نڌر ۽ ڪنگال سمجهيو ويندو
هو. کير هتان جي هاري جو مکيه کاڌو هو. جنهن کي
لسي جي شڪل ۾ به واپريو ويندو هو. ۽ پاڙي جي
سرنديءَ واري ماڻهوءَ کي ڏئي چار ڏوڪڙ به ڪمائي
سگهبا هئا........ عام طور تي کير وڪرو نه ڪيو
ويندو هو. جيڪو ماڻهو کير وڪرو ڪندو هو تنهن کي
سُٺي نظر سان نه ڏسندا هئا. سندن ويساهه هو ته کير
ڀڳوان طرفان مليل دان آهي، جيڪو ايئن ڪندو تنهن
کان ڀاڳ موڪلائي ويندو ۽ گنهگار ٿيندو.
ڏاند قد ۾ لاٺيرو ٿيندو هو، پر سگهارو به واهه جو
هوندو هو. ڏاند جهڙو جانور ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جهجهو نظر
ايندو هو. هر ڪاهڻ، نار وهائڻ، گاڏي ڇڪڻ ۽ گهاڻي ۾
وهڻ ۾ هي جانور ڪم ايندو هو. ٻاڪرو مال به گهڻو
هوندو هو. هي جنس وڏي ۽ ڏاڍي سهڻي ٿيندي هئي. هتان
جا مسلمان رڍ کان وڌيڪ ٻاڪرو گوشت پسندا ڪندا هئا.
ڳوٺ ۾ جڏهن به ڪو مان مرجاتا وارو مهمان ايندو هو
ته ڳوٺ جو وڏيرو ڏانهن هڪ ڇيلو سوکڙي طور موڪليندو
هو. هتان جي رڍ ايڏي سُٺي نه هوندي هئي. |