هيرانند ڪراچي ڇڏي تنهن کان ٿورو ئي اڳي ، نولراءِ حيدرآباد ۾
زناني اسپتال برپا ڪرڻ لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ ۾ سوڀارو
ٿيو هو. ان وقت لارڊ ڊفرن وائيسراءِ هو ۽ سندس زال
ليڊي ڊفرن زنانين اسپتالن کولائڻ جو ڪم پاڻ تي
هموار ڪيو هو. پهرين جنوري 1887ع تي نيشنل
ائسوسيشن جي پاران هن انهي ڪم لاءِ هڪ اپيل ڪڍي ۽
راڻي وڪٽوريا جي جوبلي جي موقعي تي، جو سڄي
هندستان ۾ سورهين فيبروري 1887ع تي ملهايو ويو،
خيراتي ڪمن لاءِ ڪئين فنڊ جاري ڪيا ويا هئا. انهن
اپيلن جو اثر حيدرآباد واسين تي به ٿيو ۽ نولراءِ
نه رڳو جڳهه لاءِ فنڊ ڪٺو ڪري سگهيو، پر
ميونسپالٽي کان جڳهه لاءِ پٽ ۽ ٻين سهولتن وٺڻ ۾
ڪامياب ٿيو. اسپتال جي ڪاروبار لاءِ هڪ ڪاميٽي
ٺاهي ويئي، جنهن جو پهريون آنرري سيڪريٽري هيرانند
ٿيو ۽ پڇاڙي تائين اهو به ڪم سندس حوالي هو.
هيرانند داين کي ويم جي ڪم ۾ سکيا ڏيڻ لاءِ هڪ داين جو ڪلاس
کوليو، هن ڪراچي جي اخبار جي مهتميءَ جي استعيفا
رڳو ان ڪري ڏني هئي، ته هڪمنو ٿي طبي اڀياس ۽ طبي
ڪم کي لڳان................ هو نولراءِ جي ساڄي
ٻانهن ٿي پيو، ۽ نه رڳو زناني اسپتال جي نظرداري
ڪندو هو، پر ڇوڪرين جي اسڪول جي پڻ.
مارچ ۽ مئي 1887ع جي وچ ۾، هيرانند ۽ مرزا قليچ بيگ ۽ هڪ ٻن ٻين
ڄڻن ڪراچي جي غريب رهواسين جي گهرو جيوت پنهنجي سر
جاچي معلوم ڪئي، ۽ ويس بدلائي نه رڳو غريبن جي رهڻ
جا هنڌ ڏٺائون، پر آفيمين جا اوتارا، چنڊوخانا ۽
ڪريل زالن جا گهر به ڏٺائون اهڙي طرح هيرانند
غريبن جي دکي حالت مان واقف ٿيو هو. هاڻي نولراءِ
جي رهنمائي هيٺ ۽ زناني اسپتال ۽ ڇوڪرين جي اسڪول
سان تعلق رکندي هن کي حيدرآباد جي غريب عالم کي
ڄاڻڻ ۽ زماني عالم جي گهُرجن محسوس ڪرڻ جو چڱو
موقعو ملي ويو. هيرانند ۽ نولراءِ کي جيڪي هو، سو
هو پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلي لاءِ مليل امانت
ڪري سمجهندا هئا.
هيرانند جي چوڻ تي ڊاڪٽر مرزا قليچ بيگ سنڌي ۾ هڪ ڪتاب لکڻ شروع
ڪيو هو، جنهن ۾ هن کي مغربي طبي علم جي يوناني
طريقي سان ڀيٽ ڪرڻي هئي. مرزا قليچ بيگ ڳالهه ٿي
ڪئي ته هن کي سنڌي ساهتيه جي واڌاري جو ڏاڍو اونو
هو. قليچ بيگ ۽ هيرانند جلال الدين رومي جي مثنوي
۽ ديوان حافظ جو گڏجي اڀياس ڪيو هو. هيرانند
اتساهي سياستدان نه هو، پر مسٽر هيوم جي پورهئي جو
هن کي قدر هو. ان ڪانگريس جي پائي وجهندڙ جي لکڻ
تي هن ڪانگريس پاران ڪم ڪرڻ لڳو.
اهڙي طرح، حيدرآباد ۾ هيرانند پنهنجو وقت طبي اڀياس ڪرڻ ۽ زناني
اسپتال، شوقيرام ۽ چانڊو مل ڇوڪرين جي اسڪول، سنڌي
ساهتيه ۽ ڪانگريس سان لاڳو فرض پورا ڪرڻ ۾ صرف ٿي
ڪيو. هن اچڻ سان برهمو سماج ۾ نئين حياتي ڦوڪي ۽
نولراءِ کي پنگتي سڌاري جي ڪمن ۾ مدد ڪيائين.
نولراءِ ۽ هڪ ٻئي سڄڻ، جنهن کي نولراءِ ڀاءُ ڪري
سمجهندو هو، تن پنگتي سڌاري جي مسئلي جي اڀياس ڪرڻ
۾ وسان ڪين گهٽايو. هيرانند به مهتمي ڪم کان واندو
ٿيڻ کان پوءِ سياسي ڳالهين کان هن ڪم ۾ وڌيڪ
اتساهه ورتو.........عامل آڪهه کي پنهنجي علم جي
ٽيڳڙ هئي ۽ اهو سچ هو ته منجهن اڻ پڙهيل مرد ڪو
ورلي هوندو ۽ سندن زالن جو گهڻو انداز گرمکي پڙهي
۽ لکي ڄاڻندو هو. اڳري آڪهه هئڻ ڪري ئي منجهن نيات
مان ڪڍڻ جو رواج عمل ۾ ڪونه ٿي آيو، جنهنڪري پاڻ
ديوان شوقيرام آوتراءِ، جي نيات جا معزز مکي هئا،
تن کي به شاديءَ جا ۽ ٻيا پنگتي خرچ گهٽائڻ ڏکيا
لڳا.
اهڙن خرچن جو بوجو ڇوڪرين جي مائٽن تي پوندو هو، ۽ وقت بوقت
ڪوششون ڪيون پئي ويون ته انهن ۾ تخفيف آڻجي. انهن
ڪوششن جي ڪامياب نه ٿيڻ تي قوم جي گهڻگهرن جي خيال
۾ آيو، ته ڪو وڌيڪ اثرائتو رستو ڳولهجي. سمجهيائون
ته پنگتي سڌار سڀائن کي جيڪڏهن پنهنجن قانونن جي
ڀڃڪڙي تي ڏنڊ ڪرڻ جي اختياري هجي ته هوند ڳچ
خرابيءِ کي ٻُنجو اچي وڃي. 1860ع جي ايڪٽ 21 ۾
هڪڙو قلم هو، جنهن موجب ڪن سڀائن کي اهڙن ڏنڊن جي
وصول ڪرڻ جي اختياري هئي، پر پنگتي سڌار سڀائون ان
قاعدي جي حد اندر نٿي آيون. حيدرآباد ۾ ’پنگتي
سڌار سڀا‘ جاري ٿي هئي، تنهن هن باري ۾ مسٽر ارسڪن
کي عريضو موڪليو، جيڪو سندس سفارش سان مڪاني سرڪار
وٽ ويو ۽ وري ان جي سفارش سان هند سرڪار وٽ ويو.
جواب آين ته 1860ع جي ايڪٽ 21 ۾ هينئر ڦيرگهير ڪري
ڪين سگهبي. تنهنڪري 1882ع جي انڊين ڪمپنيز ائڪٽ
ڇهين جي مدد وٺو. ڪيتري مٿا ڪُٽ بعد سڀا کي ڏنڊ
وصول ڪرڻ جو ليسن مليو ۽ سڀا اٺ نومبر 1888ع تي
رجسٽر ڪرائي ويئي. دير سبب ڪن سڌارڪن جو اتساهه
ڍرو ٿي ويو، پر نه نولراءِ ۽ ڀائرن جو.
نولراءِ سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ ڇوڪرن کي وياکياڻ به ڏيندو هو، ۽
1885ع ۾ هن اٺ سئو رپين جي بچت مان ٽي ساليانا
انعام برهمچاريه ۽ سد آچاريه کي زور وٺائڻ لاءِ
برپا ڪيا. انهن پئسن مان پنج سئو رپين جو وياج
سرڪاري هاءِ اسڪول کي ۽ ٻه سئو رپين جو خرچ مشن
هاءِ اسڪول کي ملڻو هو ۽ اهو انهن شاگردن کي ملڻو
هو، جيڪو مئٽرڪ امتحان ۾ انگريزي ۾ پهريون نمبر
اچي، بشرطيڪ سورهن ورهين کان مٿي هجي ۽ اڃا مڱيو
نه هجي؛ ۽ باقي هڪ سئو رپين جو وياج انهي شاگرد کي
ملڻو هو، جنهن کي سرڪاري هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر
سچ ڳالهائيندڙ ۽ سچ کي پيار ڪندڙ
سمجهي............. پر ڏٺو ويو ته رڳو انعامن ڏيڻ
سان مطلب سڌ نه ٿيندو ۽ ضروري هو ته ٻارن کي
اخلاقي تعليم ڏيڻ جي مڪمل آزادي هجي، جيڪا آزادي
رڳو خانگي اسڪولن ۾ ممڪن هئي ۽ نه سرڪاري هاءِ
اسڪولن ۾. تنهن کان سواءِ سرڪاري هاءِ اسڪولن ۾
سنسڪرت تي ڪو ڌيان ڏيڻ ۾ ڪونه ٿي آيو، جنهن ڪري
سنسڪرت جي مدد کان سواءِ پنهنجي سنڌي ٻولي جو
واڌارو يا سنڌي ساهتيه جو سُڌارو محال هو.
تنهنڪري نولراءِ ۽ سندس هڪ سڄڻ هيرانند کي چيو ته تون اسڪول کول
ته اسين توکي پئسي جي مدد ڪريون. هنن کي خبر هئي
ته هيرانند پنهنجي مثال ۽ نصيحت جي وسيلي اهو ڪم
چڱي طرح ڪري سگهندو. جولاءِ 1888ع ۾ پڪ ڪيائون ته
اسڪول کولجي، جتي ٻي تعليم سان گڏ اخلاقي تعليم ۽
سنسڪرت جي اڀياس تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هيرانند،
ڀواني چرن بئنرجي، جيڪو سنسڪرت جو ودوان هو، تنهن
کي لکيو ته تون هن چڱي ڪم ۾ مون کي مدد ڪر ۽ نند
لعل سين (ڀُولو) جنهن سان هن جو ڏاڍو گهرو رستو
هو، تنهن کي به مدد لاءِ گهرايائين، ٽن دوستن جي
ميلاپ سبب اسڪول کي نالو ڏنائون ”يونين اڪئڊمي“، ۽
اها سموري رٿ سيپٽمبر 1888ع ۾ اچي راس ٿي. هن
ٽمورتيءَ سان نولراءِ جو هڪ اُتساهي شش به اچي
شامل ٿيو، جنهن جو لاڙو ڌرم ڏانهن هو، اهو مسٽر
پرڀداس هو، جيڪو انجنيئري کاتي جي سرڪاري نوڪري
ڇڏي اچي ساڻن گڏيو. 28 – آڪٽوبر 1888ع تي اڪئڊمي
هڪ ڪشادي مسواڙي جاءِ ۾ کولي ويئي.
هيرانند، اڪيڊمي جي پرنسپاليءَ ۽ ڊفرن فنڊ جي سيڪريٽري جي ڪم ۾
چڱو مشغول هو. ڊاڪٽر چارلوٽي ايلبي کي انگلينڊ مان
ليڊي ڊاڪٽرياڻي جي نوڪري جي چڱي آڇ آئي، سا ٿورا
مهينا رهي وئي هلي ۽ سندس جاءِ تي ڊاڪٽر للين فئش
کي رکيائون. هيرانند کي سندس لاءِ هڪ آيا رکڻي
پئي، جيڪا سندس ڳالهه مريضن کي سمجهائي يا مريضن
جي ڳالهه کيس سمجهائي، ۽ هڪڙو منشي به رکڻو پيس،
جو کيس سنڌي سيکاري، ۽ دايون به اهڙيون مقرر
ڪرڻيون پينس، جي ڀاڄوڪڙ نه هجن. وقتي جيڪڏهن ليڊي
ڊاڪٽر يا وڏي نرس يا عملي مان ڪوبه بيمار ٿيو ٿي
ته انهن جي غير حاضري ۾ اسپتال ۾ سندن ڪم ڪرڻ لاءِ
هيرانند کي ئي بندوبست رکڻو ٿي پيو.
اڪئڊمي ماڻهن ۾ پسند پوندي ويئي ۽ ان کي وڌائڻ ۽ پڪي پائي تي
بيهارڻ لاءِ شهر ۾ تعليم پکيڙڻ لاءِ هڪ ايڊوڪيشن
سوسائٽي ٺاهيائون، جيڪا 26 جون 1890ع تي 1860ع جي
انڊين ڪمپنيز ايڪٽ 21 هيٺ رجسٽر ڪرائي ويئي تعليم
کاتي وارا حيدرآباد جو سرڪاري هاءِ اسڪول، هيرانند
کي ڏيڻ لاءِ تيار هئا. پر هن خيال ڪيو ته حيدرآباد
جهڙي مکيه تعليمي مرڪز ۾ هڪ هاءِ اسڪول ڪافي نه
ٿيندو، تنهن کان سواءِ سرڪاري هاءِ اسڪول کي
پنهنجون خوبيون هيون، ان ڪري هن اها آڇ قبول نه
ڪئي.
تنهن وچ ۾ پنگتي سڌار سڀا نازڪ حالت کي وڃي رسي هئي. سڀا جون
مرادون هيون: (1) ٻالڪپڻ جون شاديون روڪڻ؛ (2)
شادي جا خرچ گهٽائڻ؛ (3) زناني تعليم کي وڌائڻ ۽
زالن جي حالت سڌارڻ.
سڀا جي قانونن ۾ پرتگيا پتر هرهڪ ميمبر کي ڀرڻو هو ۽ ان جي
ڀڃڪڙي لاءِ جيڪو ڏنڊ ڀري ڏيڻو هو، سو ڏيکاريل هو.
نولراءِ ۽ هيرانند جي ڪوشش سان شروع ۾ ئي سڀا ۾
230 ميمبر داخل ٿي ويا. ڪيڏي مٿا ڪٽ کان پوءِ
ٻارهن سئو وڌيڪ ڄڻن پرتگيا پت ڀري ڏنا. هڪ مکيه
وڪيل پرتگيا ٽوڙي ۽ ڏنڊ ڀري ڏيڻ کان انڪار ڪيائين،
تنهن تي امالڪ وٺي ڪيائونس دعويٰ. ڪيس هو مضبوط،
سو ڏنڊ نيٺ ڀري ڏيڻو پيس. هن سوڀ ڪري سڀا جو ڌاڪو
وڄي ويو ۽ سال کن ته ڪاميابي سان ڪم ڪندي هلي.
اٽڪل ڇهه سئو چڱا مڙس هئا، جيڪي منڍ کان ئي سڀا
کان ڇرڪيا پئي ۽ کين نولراءِ جي اتساهه جو به لحاظ
ڪونه پيو. هي غير ميمبر سڀا جي قانونن سان ٻڌل نه
هئا ۽ سندن مٽيون مائٽيون سڀا جي ميمبرن سان هيون.
سڀا ڏيتي ليتي وٺندڙ کي سيکت ٿي ڏني ۽ نه ڏيندڙ
کي. تنهنڪري سڀا جي پاڻ سندس ميمبرن مٿان ڪا روڪ
ئي ڪانه هئي، جيڪڏهن هو پنهنجون ڌيئون غير ميمبرن
جي گهرن ۾ مقرر مٽ کان مٿي رقم ڏيئي ڪن، انهيءَ
خيال کان ته اتي مٽي کان مٿي رقم ڏيڻ ڪري سندن
ڌيئون وڌيڪ سکي ٿينديون. اها قانون ۾ وڏي وڏ هئي.
وري، فوتي ميمبر جا وارث، ميمبر جي رهيل بقايا جي
ادا ڪرڻ لاءِ سو جوابدار هئا، باقي ٻي ڪنهن طرح
سڀا جي قانونن سان ٻڌل نه هئا.
سڌارڪن کي سندن ڪم ۾ زالن جي مخالفت به گهڻي قدر آڏو آئي؛
تنهنڪري هيرانند کي اختياري ڏنائون ته شهر جي جدا
جدا هنڌن تي ڇوڪرين جا اسڪول کولي، تنهن کان پوءِ
سڀا پنهنجو پئسو ۽ ڌيان زناني تعليم کي زور وٺائڻ
۾ لڳايو. اهو ڪم به سڀا جي مردان ۾ منڍ کان
ڏيکاريل هو، پر شادي جي خرچن گهٽائڻ واري آزمائش
کي اڳرائي ڏيڻ سبب هن ڏس ۾ سڀا ڪو ڌيان نه ڏنو هو.
هيرانند مئي 1890ع ۾ اڪئڊمي ۾ ’آس جي ٽولي‘ برپا ڪئي.........
پنگتي سڌار سڀا جيان مئي 1890ع ۾ اڪيڊمي لاءِ به
نازڪ وقت هو، مسٽر ڀواني چرن بئنرجي سنسڪرت ماستر
جنهن کي سندس شاگرد توڙي رفيق سندس گڻن ڪري پيار
ڪندا هئا ۽ جنهن کي حيدرآباد جا برهمڻ ڀڳت ڪري
سمجهندا هئا، تنهن ظاهر ڪيو ته مون ڪرستاني مذهب
اختيار ڪيو آهي، تنهنڪري هو وڌيڪ ذميواريون نڀائڻ
کان لاچار آهي...........
اپريل 1890ع ۾ افلوئنزا جي بيماري انگلينڊ کان ٿيندي نيٺ اچي
حيدرآباد پهتي ۽ اڪئڊمي جي شاگردن کي چڱي چپيٽ ڏني
هئائين. ڀواني جي ڇڏڻ ڪري به اسڪول کي وڏو صدمو
رسيو هو........... پوءِ اسڪول رجسٽر ٿيڻ جي
درخواست تي، مسٽر جيڪب ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر آڪٽوبر
۾ اچي اسڪول تپاسيو ۽ رڳو هيٺين درجن جو ئي ڪم ڏسي
ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ائين ظاهر ڪيائين ته اڪئڊمي سنڌ ۾
سُٺي ۾ سُٺو اسڪول آهي........... پوءِ تاراچند جي
وڏي ۽ قيمتي لائبريري ڪٻٽن ڪڙن سميت آڻي اڪئڊمي ۾
رکيائون.
نومبر 1890ع ۾ پنگتي سُڌار سڀا ”سرسوتي“ نالي هڪ ماهوار مخزن،
جنهن جو ساليانو چندو هڪ روپيو هو، سو جاري ڪيو، ۽
اُن جو مهتمم هيرانند ٿيو. انهي سڀا بيو به ماهوار
مخزن ”سُڌار پتريڪا“ نالي ڪڍيو، جنهن جو ساليانو
چندو ٻارهن آنا هو ۽ مهتمم نولراءِ هو. ٻئي تعليمي
مخزن هئا، پر ”سرسوتي“، عربي – سنڌي اکرن ۾ ۽
”سڌار پتريڪا“ گرمکيءَ ۾ ٿي نڪتي. سڌار پتريڪا خاص
زالن لاءِ هئي. ٻنهي مخزنن کي مسٽر بولچند ڪوڏو مل
جي مدد هئي، جيڪو ان وقت تعليم کاتي ۾ هو، هن سنڌي
۾ ڪتاب به لکيا آهن. هن انهن اخبارن ۾ دلسوز خط
وڌا، جيڪي ڄڻڪ ڪنهن دکي پرڻيل ڇوڪري ماءُ کي لکيا
هئا. انهن ليکن گهڻو تاءُ پيدا ڪيو. ايتريقدر جو
انهن جي پڙهندي زالن جي اکين مان ته لُڙڪ ٿي وهيا،
پر مردن جو من به ڀرجي ٿي آيو. ٻيا ليک ٻين پنگتي
سڌاري جي ڳالهين تي هوندا هئا. هيرانند، نولراءِ ۽
سندن دوستن ٿوري ئي وقت ۾ ٻنهي اخبارن کي چڱو
مشهور ڪيو. اشتهار منجهن ڪونه پوندا هئا، تنهن ڪري
خرچ ڪڍي نه سگهنديون هيون. هر سال ٽي سئو رپيا کوٽ
پوندي هئي، جيڪا سڀا ڀريندي هئي.
”سرسوتي“ پنجن مهينن اندر ڪن مسلمانن جي گهرن ۾ به وڃڻ لڳي.
مسٽر محمد هاشم تيجاڻي لکي موڪليو ته: اسان جي گهر
۾ سرسوتي شوق سان پڙهبي آهي. گوشت خوريءَ کان ڀاڄي
خوري آئون فائدي واري سمجهان ٿو ۽ دل اٿم ته اوهين
به هوند ان باري ۾، جو ساهتيه ولايت مان نڪري ٿو،
سو نظر مان ڪڍو ۽ پنهنجي اخبار ۾ ان مضمون تي ليک
شايع ڪريو......... هيرانند جي گهر ۾ گوشت ورتائبو
هو، جو هو کتري هئا.
نومب 1890ع ۾ ميونسپالٽيءَ جون ٽي – ساله چونڊون ٿيون. 1887ع ۾
جيڪي چونڊون ٿيون، هيون تن ۾ هيرانند جنهن اميدوار
لاءِ ووٽ ڪيو هو، تنهن جي خلاف بيٺل اميدوار
ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ اعتاض ورتو هوته هيرانند جيتوڻيڪ
بي. اي امتحان پاس ڪيو آهي، ته به گريجوئيٽ جي
حيثيت ۾ هن کي ووٽ ڏيڻ جو اڌيڪار ڪونهي، ڇو ته
ڪانووڪيشن ۾ حاضر رهي هن ڊگري جي سند نه ورتي آهي.
انهي اعتراض کي منهن ڏيڻ لاءِ موتيرام يونيورسٽي
جا ڪئلينڊر ڏياري موڪليا، جن ۾ هيرانند جو نالو
گرئجوئيٽن ۾ ڏيکاريل هو. 1890ع ۾ اهڙو ڪو اعتراض
ڪونه اٿاريو ويو.
1890ع ۾ مسٽر ايڇ. پي جيڪب ۽ نولراءِ جي سعيي سان حيدرآباد ۾
زنانو ڪاليج برپا ڪيو ويو........... هيرانند
پنگتي سڌار سڀا جي اسڪولن لاءِ ماسترياڻين هٿ ڪرڻ
جي مراد سان وڌوائن لاءِ هڪڙو ٽريننگ ڪلاس اڳيئي
کوليو هو. ڀيڻ ڪلئريسا کي به لکيو هئائين ته
حيدرآباد ۾ اچي ڪانوينٽ کول؛ پر هن جواب ڏياري
موڪليس ته ڪانوينٽ ٺاهڻ لاءِ پئسو کپي، ۽ سسٽرس
يورپ مان گهرائڻيون پونديون، جڏهن وقت ڏکيو
آهي.......... جيڪڏهن ڇوڪرين جي تعليم کي وڌائڻو
هو ته هڪ سنئين سڌي ٽريننگ ڪاليج جي سچ پچ ضرورت
هئي. هيرانند نارمل اسڪول جي شاگردن کي هفتي ۾ ٻن
ڏينهن تي هڪ هڪ ڪلاڪ لاءِ وڃي پاڙهيندو هو.
1891ع جي پهرين ٽن مهينن ۾ حيدرآباد ۾ ٽي واقعا ٿيا، جن تعليم
جي ڪم کي نقصان رسايو. هڪڙو ديوان مورجمل جا پٽ
وڃي مسلمان ٿيا. ٻيو ڀواني چرن بئنرجي، پرمانند
ميوارام ۽ کيم چند امرتراءِ ڪرسان ٿيا ۽ ٽيون هڪ
برهمڻ ڇوڪري گم ٿي ويئي، جيڪا چون ٿا ته ڪنهن سان
پيار ۾ ڦاٿل هئي، ۽ ان سان ڀڄي وئي. اڪئڊمي ٽي چڱا
۽ سچا ڪم ڪندڙ اجهو ائين وڃايا.
برهمڻ ڇوڪري پڙهي لکي هئي، تنهنڪري اڇاترا دليل باز، جن جو انگ
ڪو ٿورو نه هو، سي جهٽ انومان ڪڍڻ لڳا، ته ڇوڪرين
کي پڙهڻ، لکڻ، سيکارڻ مان اهي انگور نڪرندا، جي هن
ڇوڪري جي حالت ۾ نڪتا؛ وري چون ته جيڪڏهن ڀواني ۽
پرمانند توڙي کيمچند پارا انگريزي پڙهي ڌرم کان
ڦريا ته پوءِ انگريزي علم پاڙهڻ مان سود ڪهڙو؟
نصيبن سان ديوان مورجمل جو پٽ، جيڪو مسلمان ٿيو
هو، سو انگريزي جو اکر به ڪونه ڄاڻندو هو، وڌيڪ
خوش قسمتي اها هئي جو زالس جيڪا پڙهي لکي هئي،
تنهن کي جيتوڻيڪ مڙسس گهڻي ئي هيٺيون مٿيون ڏنيون،
تڏهن به باز نه آيس. پنهنجي مڙس جي خطن جا جواب،
جيڪي هن مائي گرمکي ۾ ڏنا آهن، سي ڏيکارين ٿا ته
هوءَ گرونانڪ صاحب جي ڪهڙي پڪي سکڻي هئي ۽ ڌرمي
پستڪن جي اڀياس هن کي وشواس جي پختائي ۽ خيال ظاهر
ڪرڻ جي طاقت مڙس کان مٿي ڏني هئي.
مائي جو چوڻ هو ته؛ ”ٻه وڻ ئي هڪجهڙا نه آهن، پوءِ ٻه ڌرم
هڪجهڙا ڪيئن ٿيندا! هڪڙو وڻ ٻئي وڻ جهڙو نه ٿيو،
انهيءَ ڪري منجهن ڪو جهيڙو جهٽو، ڪونه ٿو ٿئي،
تنهنڪري ڌرمن کي گهٽ ۾ گهٽ وڻن جيان ته پاڻ ۾ ورتڻ
کپي. هرهڪ ڌرم کي ڪانه ڪا خاصيت ۽ خوبي آهي؛ ۽
جيڪڏهن منهنجي مڙس ڪا خوبي اسلام ۾ ڏٺي ته مون وري
خاص خوبي پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڌرم ۾ ڏٺي.“ مڙس هئين
بحث ۾ هار کائي، وڃي ڪورٽ جا در کُڙڪايا. هن کي هڪ
پٽ ۽ ٻه ڌيئون هيون، جن جو هن قبضو
گهُريو.......... مائي سمجهيو ته سندس ڌيئون مڙس
جي مسلمان دوستن سان وڃي پرڻبيون ۽ پٽ منهنجو اچي
طهربو.
ديوان مورجمل پنهنجي ٻنيءَ تي قرآن شريف چڱي طرح مطالع ڪيو هو ۽
اڪثر مسلمانن سان رستو هوس، سو پاڻ به وڃي مسلمان
ٿيو. هو ديوان شوقيرام جو سئوٽ هو، تنهنڪري ديوان
مورجمل جي نُنهن ديوان شوقيرام جي پٽن ۽ ديوان
دلجيتسنگهه هن سان هر مشڪل ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهڻ
جو وچن ڪيو. ڇوڪرين ٻنهي کي تڙتڪڙ ۾ پرڻائي
ڇڏيائون ۽ ننڍڙي ڇوڪر کي به حفاظت هيٺ رکيائون.
ڪيس ڳچ وقت اينگهيو. صدر ڪورٽ جي جج مسٽر مئڪفرسن
تڪراري ڳالهين تي فيصلو ڪونه ڏنو، پر ڪيس هن حُجت
تي ڪڍي ڇڏيائين ته 1890ع جي اٺين ايڪٽ موجب پيءُ
لاءِ ضروري نه آهي، ته هو پنهنجي ٻارن جي
سنڀاليندڙ مقرر ٿيڻ لاءِ درخواست ڪري. صفائي ٿي
ڪانه، ۽ ان ڳالهه تي قاعدو جهڙو شڪي هو تهڙو ئي
رهيو؛ مائي پنهنجي ڌرم تي قائم آهي ۽ کيس آٿت اچي
ويو.
ديوان هيرانند ۽ نولراءِ ٻئي ڀائر سچي دل سان مسلمانن ۽ ڪرستانن
کي پيار ڪندا هئا، پر اهي هن نموني هڪ ڌرم بنهه
ڇڏي ٻئي ڌرم اختيار ڪرڻ جي خلاف هئا. سندن ڪيترائي
دوست مسلمان هئا، جن ۾ ڪلڪتي وارو محب الدين،
ڪراچي وارو ڊاڪٽر مرزا، جلال الدين افغاني، ۽ ٻيا
شامل هئا.
اڪئڊمي ۾ ڪي شاگرد هئا، جيڪي کيس پوڄيندا هئا،
هڪڙي شاگرد لکيس ته؛ ”بابو ٿو چوي ته هيرانند کي
پنهنجو ايشور بڻايو آهي، سو خبردار متان سرسوتي
اخبار پڙهي اٿيئي. مون کي خبر ڪانه ٿي پوي ته مان
ڇا ڪريان. آئون اوهان جو فرمانبردار شاگرد آهيان؛
اوهين صلاح ڏيوم، تنهن کانسواءِ ڪي شاگرد هئا، جن
جي مرضي هئي ته سنسڪرت پڙهون؛ پر پيئرن منع ٿي ڪين
جو پارسي، سنسڪرت کان سولي هئي. ههڙا مت ڀيد اڪثر
اُٿندا آهن؛ پر ڪن سڄڻ اهڙو وٺي تيلي مان تنڀ
بنايو، جو هڪ ڏسڻي وائسڻي ماڻهو تعليم کاتي جي
ڊائريڪٽر کي شڪايت ڪئي ته هيرانند پنهنجن شاگردن
کي مائٽن جي مڃتا جو لڇڻ ڪونه ٿو سيکاري. تنهن تي
هيرانند پاڻ پوني ويو ۽ وڃي ڊائريڪٽر کي روبرو
ٻڌايائين ته قصو ڪيئن آهي. |