سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :51

 اٽڪل ٻين بجي رات جو گهوٽ پنهنجن عزيزن ۽ دوستن سان سرگس تي نڪرندو آهي. ۽ هو گهوڙي تي سوار ٿي، ٻنهي گهرن جي مردن سان گڏ، گهٽين مان لنگهندو آهي. ڪن شادين ۾ زالون پٺيان راڳ ڳائينديون اينديون آهن ۽ اڳيان بازيگر تراريون ڪڍي دُهلن،نادن ۽ بندوقن جي ٺڪائن تي ناچ ڪندا هلندا آهن. اهڙيءَ ريت اُهي ڪنوار جي گهر ڪلاڪ کن ۾ پهچي ويندا آهن. ڪنوار جو هڪ ويجهو عزيز، گهوٽ کي هٿ ڏئي، گهوڙي تان لاهي اندر وٺي ويندو آهي. سرگس سان گڏ جي زالون هونديون آهن، سي به اندر وينديون آهن. پوءِ ڄاڃي اُتي وڃي گڏ ٿيندا آهن. جتي هو اڳئين ڏينهن شام جو ويٺل هئا. اُتي ڪجهه دير ويهي، پوءِ ٽڙي پکڙي پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويندا آهن.

ڪنواريتن ۾ گهوٽ کي زالون اندر وٺي وينديون آهن، جتي اُهي ڪيترا ساٺ سڳن ڪنديون آهن. انهن ساٺن لاءِ ڪنهن وقت شايد اخلاقي ضرورت هئي، پر هاڻي بلڪل بي معنيٰ آهن. اڪثر ڪري، هن قسم جا سڳن ساٺ ڪيا ويندا آهن. گهوٽ کي ڪنوار اڳيان اولهه طرف ڏي مُنهن ڪرائي کٽ تي ويهاريو ويندو آهي. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ وهاڻو رکيو ويندو آهي. پوءِ هڪ سهاڳڻ ”لانئن ڏيڻ“ جي رسم ادا ڪندي آهي. هن کانپوءِ ”ڦل چونڊڻ“ جي رسم ٿيندي آهي. ڪا سهاڳڻ، ڪنوار جي مٿان ڪپهه جا ڪيسري يا هيڊي رنگ جا ڦُل اُڇلائيندي آهي. گهوٽ، ڦُل چونڊي پاسي رکندو آهي. پوءِ ڪنوار جي سڄي هٿ ۾ هڪ کارڪ ڏئي چوندا آهن ته قابو جهلي ويهه. گهوٽ اها کانئس کسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر هن کي هڪ هٿ ڪم آڻڻو پوندو آهي. تنهن ڪري هو اڪثر ناڪام ٿيندو آهي ۽ ان ڳالهه تي زالن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويندو آهي. جيڪڏهن گهوٽ به کل ۾ شامل ٿيندو آهي، ته پوءِ کيس پنجين رپئين جي مٺائي ڏيڻي پوندي آهي.

پوءِ سُڳڻ ڪيا ويندا آهن، ۽ جڏهن سڀ سُڳڻ ساٺ پورا ٿيندا آهن، تڏهن سهاڳڻ، گهوٽ- ڪنوار کي کٽ تان اُٿاري، پکي ۾ يا کُڏ تي وٺي ويندي آهي. اندر وڃڻ کان اڳ ڪنوار جي ڀيڻ يا سئوٽ، گهوٽ کي جهلي کانئس خرچي گهُرندي آهي. ان کان پوءِ دربند ڪيو ويندو آهي. گهوٽ- ڪنوار واري ڪمري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سڀ کان سُٺو وقت اڌ رات کان وٺي پرهه ڦُٽي تائين ليکيو ويندو آهي. ٻنهي گهرن جون زالون سڄي رات ڳائڻ، چرچا گهٻا ڪرڻ ۽ کائڻ ۾ گذارينديون آهن. سج اُڀريي وقت ڪنوار جي ماءُ اچي سُتلن کي ياد ڏياريندي آهي ته وهنجڻ ۽ ڪپڙن بدلائڻ جو وقت ٿي ويو آهي.

ماڻهن ۾ رواج آهي ته گهوٽ ساهراڻي گهر ۾ ست ڏينهن ۽ ست راتيون گذاريندو آهي، اُن کان پوءِ زال مڙس پنهنجي گهر ويندا آهن. ننڍا ٻار پرڻبا آهن ته به انهن کي گڏ سمهاريندا ۽ هڪ گهر ۾ رهائيندا آهن. پهرين ٻار ڄمڻ تائين ڪنوار کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو گهڻو ڪري جمع ڏينهن، پيڪي وڃڻ جي موڪل هوندي آهي. پهرين ٻار ڄمڻ کان پوءِ هن کي عيد- براد تي ڇڏيندا آهن. ڪنوار کي اڪثر ڪري اُٿڻ ويهڻ جي آزادي هوندي آهي. زالن جي دل تي اهو  اثر ضرور ويهاريو ويندو آهي ته مڙس جي موڪل کان سواءِ ٻاهر نڪرڻ وڏو گناهه جو ڪم آهي......... گهوٽ ڪنوار کي حُور چوندا آهن. ”شال هميشه نورا پائي“ جو مطلب هو ته بيوهه نه ٿئي. وڌوائن کي زيورن پائڻ جي منع هوندي آهي.

مرڻو پرڻو

ٻيون مکيه رسمون مرڻي سان تعلق رکن ٿيون. ماڻهو، فطري خوف جي ڪري، يا وري پنهنجي مذهب ۾، موت بابت وحشتناڪ ڳالهين ٻُڌڻ ڪري، هن دنيا کي ڇڏڻ کان ڏاڍو ڪن ڪندا آهن. موت جي ڳالهه ڪبي ته هنن جي دل ۾ هراس ۽ ڊپ پيدا ٿيندو آهي. اها ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي آهي ته چڱا ڀلا ماڻهو به جڏهن مرڻي جي رسمن جو ذڪر ڪندا آهن. يا نالو وٺندا آهن، تڏهن ڏڪڻي وٺي ويندي اٿن ۽ منهن جو پنو لهي ويندو اٿن. عام ماڻهو ان ڳالهه ۾ ويساهه رکندا آهن ته انسان جي موت جي خبر اڳواٽ پوي ٿي ۽ ان ڳالهه جي تائيد ۾ هو ڪيترا مثال ثابتيءَ طور ٻُڌائيندا آهن.

جيڪڏهن ڪو ماڻهو خواب ۾ اُٺ ڏسي ٿو، جيئن ته کيس اها خبر آهي، ته اُٺ موت جي نشاني آهي، ته کيس قدرتن هڪدم ڳڻت وٺي ويندي. جيڪڏهن ٿورن ڏينهن ۾ هن جي ڪن چالاڪ دوستن کي سندس فڪر جي سبب جي خبر پوي ٿي، ۽ هو کين ٻڌائي ٿو ته هن جي زبان ۾ موت جو ذائقو آهي. پوءِ هن دنيا جون لذتون ترڪ ڪري، پنهنجا روزانا شغل ڇڏي، نمازن، روزن ۽ ٻين طريقن سان توبهه تائب ٿي پاڻ کي ٻي دنيا لاءِ تيار ڪري ٿو. ساڳئي وقت هو دنيا جو ڪاروبار به صفا وساري ڪونه ڇڏيندو آهي. هن جي گهر جي ڀاتين کي خواب جي سچائيءَ ۾ ذري جو شڪ ڪونه هوندو آهي. تنهن ڪري هو به انهيءَ دکدائڪ واقعي کان سندس خيال بدلائڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندا آهن. بلڪ هو ڳوڙها ڳاڙي ۽ غم جو اظهار ڪري هن جي وهم کي پڪو ڪندا آهن. پوءِ جيڪڏهن اهو ماڻهو اتفاق سان نه مرندو آهي ته چوندا ته مڙيئي خير ٿي ويو، ۽ سڄي ڳالهه جلد وسري ويندي اٿن. پر جيڪڏهن اتفاق سان مري پوندو آهي ته ڄڻ هڪڙي قسم جي ثابتي ملندي اٿن.

”ڪنزالعبرت“ نالي هڪ ڪتاب عربي زبان مان سنڌيءَ ۾ ترجمو (موت جو منظر) ٿيل آهي؛ هن ڪتاب جو سنڌ جا ماڻهو گهڻو مطالعو ڪندا آهن. ان ۾ قبر جي عذاب جو بيان هن ريت ڏنل آهي؛ ” ميت جي مٿان دستوري دعا گهري، جڏهن ماتمي هليا ويندا آهن، تڏهن ڀورين اکين ۽ ڪارن چهرن وارا ملائڪ اچي سوال ڪندا آهن. جيڪڏهن فوتي ڪافر يا منافق هوندو آهي ته هن وٽ نوانوي نانگن جي قطار ايندي آهي. جن جي چڪن ۽ ڏنگن ۾ اهڙو زهر هوندو آهي، جو ان جو سُور قيامت تائين هلندو آهي. تنهن کان پوءِ هن کي دوزخ جو اوڙاهه ڏيکاريندا آهن، جتي کيس رهايو ويندو. هن لاءِ قبر جي پاسي ۾ هڪ سوراخ ٿي پوندو آهي، جو دوزخ سان ڳنڍيل هوندو آهي. ان کان پوءِ، ٻيو عذاب جيڪو آهي، تنهن کي فارسيءَ ۾ ”فشار قبر“ يعني قبر جو ڀڪوڙجڻ چوندا آهن. ماڻهوءَ جي ٻنهي پاسي زمين وري ايندي آهي، تان جو پاسراٽيون هڪٻئي سان اچي ملنديون اٿس. پر جيئن ته اهو عذاب ڪافي نه آهي، تنهنڪري نانگ، وڇون ۽ ٻيا جيت پڻ قبر ۾ اچي داخل ٿيندا آهن. آخر روح جسم مان ڪڍي ”سجين“ ۾ اُڇلايو ويندو آهي، جا مردودن لاءِ هڪ خاص عذاب واري جڳهه آهي.“

ماڻهو هڪدم اڻ ڏٺل ڳالهين تي ويساهه ڪري ويهندا آهن. ان کان سواءِ هنن کي عجيب غريب ڳالهين کي ڪن لائي ٻڌڻ جو شوق هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن مجلس ۾ اهڙي ڪنهن عجيب واقعي جو ذڪر ڪبو ته هڪدم روڄ راڙو پئجي ويندو. مُلان انهيءَ ڳالهه جو پورو فائدو وٺندا آهن. ماڻهو مُلن جي طبقي کي عزت ۽ پيسا ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو کين اهڙن ڀوائتن عذابن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي دعويٰ ڪندا آهن.

ماڻهو ڊپ کان تازي قبر ڪڏهن به نه کوٽيندا آهن......... ماڻهو ڪافور جي خوشبوءَ کي پسند نه ڪندا آهن، ڇو ته اهو ميت کي غسل ڏيڻ جي ڪم ايندو آهي....... ماڻهو چوندا آهن ته ميت کي جيترو جلد پورجي ايترو چڱو. سنڌ ۾ مڪو شريف اولهه طرف سمجهيو ويندو آهي. تنهن ڪري لاش جو مٿو اتر ۽ پير ڏکڻ طرف ڪندا آهن...... ماڻهو ڏک جي وقت ماتم لاءِ ڪارا ڪپڙا ورلي پائيندا آهن. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مرد ڪارو پٽڪو ٻڌندو آهي. ڪجهه ماڻهو ان کي بدعت ڪري سمجهندا آهن. ڇو ته رسول ﷺ جي ڏينهن ۾ اهڙو رواج ڪونه هو.

اصلوڪا رهاڪو

اصلوڪا رهاڪو، اولهه هندستان جي رهاڪن کان وڌيڪ قداور، مضبوط، سگهارا ۽ پهلوان ٿين ٿا. هنن جي پيرن ۽ مُرن ۾ اها بناوتي نزاڪت ڪانه هوندي آهي.، جيڪا سنڌو نديءَ جي هُن ڀر وارن وسيع پٽن ۾ رهندڙ قومن ۾ ڏسبي آهي. سنڌيءَ جا روش ۽ ڊولائتا ۽ مٿي جو نمونو سهڻو هوندو آهي. صوبي ۾ هندستان جي ماڻهن جهڙي سهڻي پيشاني ۽ ڇڊا وار ورلي نظر ايندا آهن. ڏاڙهي، خاص ڪري مٿيئن طبقي جي، چاپئين هوندي هئي. جيتوڻيڪ اها ايران ۽ افعانستان جي ماڻهن جهڙي شاندار نه هوندي آهي. سنڌي ماڻهن جو رنگ سانورو هوندو آهي......... وڏي عمر جا مسلمان ڏاڙهيءَ کي رنگ لائڻ جا شوقين آهن. مزاحيه ڪهاڻين ۾ عام طرح جوان ڇوڪريون پنهنجن پوڙهن عاشقن جي کاڏيءَ جي زيب، يعني ڏاڙهيءَ جي ڀيٽ ميت جي وات ۾ جيڪا ڪپهه وجهندا آهن، ان سان ڪنديون آهن......... کٻڙ جي وڻ کي برڪت وارو وڻ سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو اصل اولهندي عربستان جو آهي، اهو ڏندڻ ڏيڻ لاءِ سٺو سمجهيو ويندو آهي.

رانديون ۽ وندر ورونهه

لغڙ: هر قسم جا ماڻهو، اعليٰ خواهه ادنيٰ لغڙ اُڏائيندا آهن. پر هندستان جي ماڻهن جيان وڏي عمر جا ماڻهو اهو شوق پسند نه ڪندا آهن. لغڙ جا پنج ڇهه نمونا آهن. جن جي اُڏائڻ جو ڏيهي حاڪمن کي ڏاڍو شوق آهي. بعضي هو ان جي پُڇ ۾ تارو  ٻڌي اُڏائيندا آهن ۽ شرطن تي پڻ لغڙ ويڙهائيندا آهن.

ڪبوتربازي: ڪبوتربازيءَ جو رواج مٿئين طبقي جي ماڻهن ۾ آهي. پهريائين هڪڙو چڱي نسل جو بازيگر- ڪبوتر چونڊي، اُن کي هٿ مان ڇڏڻ تي جلدي جلدي قلابازيون ڏيڻ، سيکاريندا آهن. شرط جو فيصلو گهڻو ڪري ستن کان زياده قلابازين تي ٿيندو آهن. جيڪڏهن ڪبوتر ستن کان گهٽ قلابازيون ڏيندو آهي ته بازي هاريندو آهي. ڪبوترن جي ويڙهه تي پڻ شرطون رکندا آهن، تنهنڪري سُٺي ڪبوتر جي قيمت بعضي بعضي سئو رپين تائين پهچي ويندي آهي. رواجي طرح هڪ موچاري جوڙي جي قيمت ويهه رپيا هوندي آهي.

بربل: بربل (بُلبُل) نالي هڪ ننڍڙي پکيءَ کي افغانستان جي ٻٽير جيان وڙهڻ سيکاريندا آهن. اُن ڪم لاءِ نر پکي چونڊيو ويندو آهي.  پهريائين ان کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا آهن. پوءِ اُن کي اٺ- اٺ، ڏهه- ڏهه ڪلاڪ بُک ڏيندا آهن ته جيئن سڏ تي اچڻ سکي. اُن بعد ڪوڏيءَ کي ٿورواٽو لائي بربل کي شيون جهٽڻ سيکاريندا آهن. انهيءَ وقت اُن کي چورمو يا چٻاڙيل ڀڳڙا کارائيندا آهن. ويڙهائڻ وقت ٻن بربلين جي وچ ۾ ڪا کاڌي جي شيءِ اُڇلائيندا آهن ته هڪ هڪٻئي سان ڳنڍجي وينديون آهن. سندن مالڪ کين آڱر ڏيئي ڀڙڪائيندا آهن. بربل ويڙهو پکي نه ٿيندو آهي. هو فقط چُنهب ڪم آڻيندو آهي. جنهنڪري اُهي ورلي مرندا آهن. بربل جي ويڙهه تي شرطون ورلي رکندا آهن. کٽڻ واري کي فقط هار وارو پکي ملندو آهي. ڇوڪرا انهي رؤنشي جا ڪوڏيا هوندا آهن. هنن مختلف پکين  ‎۽ انهن جي وڙهڻ ۽ ٺونگي هڻڻ جي نموني وغيره کي سڃاڻڻ لاءِ ڪيترائي خاص لفظ ۽ محاورا ايجاد ڪيل آهن.

ڪُڪڙن جي ويڙهه: ڪڪڙن جي ويڙهه ماڻهن جو عام شُغل آهي، پر اهو ماڻهو معتبر نه سمجهيو ويندو آهي. اڳي هندن کي ڪُڪڙن جي ويڙهه ڏسڻ جي جرائت ڪانه ٿيندي هئي، جو طهر جو ڊپ هوندو هئن. (هاڻي به ملاکڙي ۾ هندو ورلي نظر اچن ٿا). سنڌ جو ويڙهو ڪُڪڙ هڪ شاندار پکي آهي. هن جون ڄنگهون پيليون ۽ اکيون شفاف ۽ چمڪي واريون ٿين. هنن جي خوراڪ ۽ سيکارڻ جو نمونو هندستان جهڙو آهي. انهن تي تمام ڏاڍي محنت ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ لوهه ۽ چاندي ڪم نه آڻيندا آهن، پکين کي کڻڻ ۽ ويڙهائڻ لاءِ خاص اٽڪل کپي.

گهيٽن جي ويڙهه: ماڻهن کي گهيٽن ويڙهائڻ جو ڏاڍو شوق آهي. ان لاءِ سڀ کان سُٺي جنس، مضبوط ۽ ڪاري رنگ جو قداور جانور گهيٽو آهي. ان کي ننڍي هوندي کان وٺي ٻُچڪر ڏئي هٿ تي ٿونو هڻڻ سيکاريندا آهن. جڏهن وڏو ٿيندو آهي، تڏهن هو اهڙو ويڙهو هوندو آهي، جو جيڪو سامهون ايندو ، تنهن تي حملو ڪندو آهي. هن جي رواجي خوراڪ آهي ان، گيهه ۽ ٿورو ڪچو گوشت. پاڻي ٿورڙو ڏيندا آهن. سيکارڻ وقت هن کي گهڻي ڪسرت ڏني ويندي آهي. گهيٽا سياري ۾ ويڙهايا ويندا آهن، جو گرمي ۾ هو جلدي مري پوندا آهن. ويڙهه گهڻو ڪري اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ نه هلندي آهن. هار واري گهيٽي جون اکيون ٻڌندا آهن ته جيئن کٽڻ واري گهيٽي کان ٻئي دفعي مُنهن نه موڙي. ميرن جي ڇوڪرن کي انهيءَ شوق سان ڏاڍي دل هوندي هئي، شايد انهيءَ ڪري جو اُن تي خرچ گهڻو ٿيندو هو. هڪ موچاري گهيٽي جي قيميت پندرهن رپين کان مٿي هوندي آهي.

گهوڙا ڊوڙائڻ: گهوڙن تي شرط جو رواج ڪونه آهي. هاڻي سنڌي ماڻهو گهوڙن پالڻ تي خاص ڌيان ڏيندا آهن. تنهنڪري گهوڙن جي پنڌ ۽ ساهي جي آزمائش وٺڻ هڪ لازمي ڪم هوندو آهي. سنڌي ماڻهو خاص موقعن تي گهڻو ڪري ميلن ملاکڙن تي ميدان تي گڏ ٿي، مني يا اڌ مُني ميل جي مفاصلي تي، اڻ سکيل گهوڙن کي ڀڄائيندا آهن. ڊوڙ تي شرط ڪانه هوندي آهي. تنهنڪري کٽڻ واري کي، ماڻهن جي تاڙين کان سواءِ ٻيو ڪو انعام ڪونه ملندو آهي.

ملهه: هتي هندستان جيان ورزشي آکاڙا ڪونه آهن. تنهن هوندي به ماڻهن کي ملهه جو ڏاڍو شوق آهي. پر هينئر وڏا ملهه اڪثر آفريڪا جا شيدي آهن. جن جا ابا ڏاڏا هن ملڪ ۾ آيا هئا. هو مضبوط جوان آهن. سندن ڏورا ٿلها ۽ هڏ ڪاٺ طاقت وارو هوندو آهي. پر، هنن جو قد پورو پنو هوندو آهي ۽ سندن پير ڦريل، ٽنگون مُڙيل ۽ پنيون ڏنگيون هونديون آهن. هنن کي گوشت، گيهه ۽ کير جي خوراڪ تي هيرايو ويندو آهي ۽ بادي کاڌي ۽ شراب ۽ تماڪ جي منع هوندي آهي. هنن کي هندستان جي ڪشتي بازن جيان ماني کارائي، ٿُلهو ڪونه ڪيو ويندو آهي. هو جڏهن ميدان ۾ نڪري نروار ٿيندا آهن، تڏهن ڏسڻ وٽان هوندا آهن. هو آڙيون ۽ بند استادن کان سکندا آهن.

ملهه وقت هو پٽڪو، ڪائنچ ۽ سندرو ٻڌندا آهن. هندستان جيان هتي دشمن کي پُٺي تي ڪيرائڻ ضروري نه آهي. هنن جو گوڏو زمين تي لڳو ته ملهه هارائيندو آهي. ٻن ملهن مانپوئين ملهه جنهن ماري، سو راند کٽيندو آهي. انهن مقابلن وقت ماڻهن ۾ ڏاڍو جوش هوندو آهي، تنهنڪري بعضي فسادُ ۽ خونريزي به  ٿيندي آهي.

سنڌي پنهنجي پاڙيسرين يعني ايرانين ۽ هندن کان ڪشتي جي هنر ۽ فن ۾ گهٽ آهن، ۽ ساڳئي وقت هو ايشيا جي ٻين قومن جيان ڪسرت ڪرڻ تي پڻ هريل نه آهن. هنن کي ڪمان ڪشڻ، ڏنڊ پچائڻ ۽ مدگر ڦيرائڻ ڪونه ايندو آهي. ملهه، اڪثر ڪري هيٺئين نموني جي مشق پچائيندا آهن: ڊوڙڻ، ٺينگ ڏيڻ، هڪ ڄنگهه تي ٽپڻ، ميل يعني پٿر جي پڃري کڻڻ، ٻانهن جي ڪارائي يا ڏوري تي ڪاٺيون ڀڃڻ، مُٺ کولڻ، ٻانهن مروڙڻ، هٿ جهلڻ ۽ لٺ ڇڏائڻ. ٻيا عام ڪسرت جا نمونا هي هئا: (1) ”مُٺين جو زور“ يعني مُٺ زمين تي رکي ننڍو يا وڏو ماڻهو کڻڻ، (2) چنبو وٺڻ: يعني آڱريون آڱرين ۾ اٽڪائي، هٿ ڇڏائڻ، (3) پير تي اُٿڻ: يعني زمين تي جهُڪي ويهي، هڪ ٽنگ مٿي ڪري ٻيءَ تي آهستي آهستي اُٿڻ، جو آسان ڪم نه آهي. (4) ڪک کڻڻ: يعني جهُڪي ويهي، ٻئي هٿ پٺيان ڪري، چپن سان اڳيان زمين تان ڪک کڻڻ.

جوا: حڪومتي سطح تي جوا جي منع آهي. ڏيهي حاڪم انهن ماڻهن تي ڏنڊ وجهندا آهن، جيڪي هن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا آهن. پر ان هوندي به ڪيترائي هيٺين طبقن جا مسلمان هن فعل ۾ هندن جي پيروي ڪرڻ کان ڪين رهندا آهن. سانوڻ جي مهيني ۾ ڪنهن ڏڻ وار تي جوئا ڪرڻ پسند ڪندا آهن. پر هندو رڳو اهو ٿورو عرصو جوئا ڪونه ڪن.......... مشرقي قومن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ماڻهو سڀني کان وڌيڪ جوئاري آهن.

شطرنج: شطرنج کيڏڻ جا گهڻا ئي نمونا آهن. جنهن نموني کي فرنجي (فرنگي) شطرنج چوندا آهن، سو انگريزن جي نموني سان گهڻي مشابهت رکندي آهي. پر ان ۾ راني (وزير) هميشه بادشاهه جي ساڄي پاسي رکندا آهن ۽ پيادا ٻه خانا ڪڏهن ڪونه هلندا آهن. جڏهن پيادو پوئين خاني وٽ پهچندو آهي، تڏهن ان کي ان خاني جو جيڪو مهرو هوندو آهي، ان سان بدلائيندا آهن. شهه- مات تي راند جو فيصلو ٿيندو آهي، پر مخالف ڌر جا جيڪڏهن سڀ مهرا، سواءِ بادشاهه جي مري ويندا آهن ته اها اڌ راند ٿي. اسان قلعو هڪڙي چال ۾ ٺاهيندا آهيون، پر هي ماڻهو قلعي ٺاهڻ ۾ ٽي چالون وٺندا آهن.  مثال (1) رخ پهريائين بادشاهه جي پاسي واري خاني ۾ آڻيندا آهن. (2) بادشاهه، گهوڙي وانگر هڪڙي ٽپي سان قلعي مان ٻاهر ڪڍندا آهن: (3) بادشاهه، توب جي ڀرواري خاني ۾ آڻيندا آهن...........  ڪي سنڌي شطرنج سُٺي ڄاڻندا آهن. هتي شطرنج جو ٻيو هڪ نمونو به آهي، جنهن کي ”بند“ چوندا آهن. اها اصل هندستان مان آيل آهي. انهيءَ جي خاصيت هيءُ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مُهري کي بادشاهه کان سواءِ ٻئي مهري جو بچاءُ آهي ته ان کي ماري نه سگهبو آهي. انهيءَ ۾ راند گهڻو وقت هلندي آهي، ايتري قدر جو شهه- مات ڏيڻ ۾ ٻه- ٽي ڏينهن لڳي ويندا آهن.

نرد: هيءَ راند گهڻو ڪري اُهي سنڌي ڪندا آهن، جي ايران کان ٿي آيا آهن، يا جن انهن ملڪن جي رهاڪن کان سکي آهي. ايراني اها راند گهڻي زماني کان کيڏندا رهيا آهن، ۽ ان جا وڏا کيڏاري آهن.

پچيس: راند اصل هندستان کان آيل آهي. هتي ان ۾ ڪابه ڦيرڦار ڪانه ڪئي وئي آهي، انهيءَ راند جو رواج سڀني درجن جي ماڻهن ۾ آهي.

ڍارا: ڍارا عاج چورسا ٺهيل هوندا آهن. اٽڪل ٻه انچ ڊگها ۽ انچ جو ٽيون حصو موڪرا، پاسن تي پنءُ، دُئي، پَنجي ۽ ڇڪي جا نشان هوندا آهن. گهڻو ڪري ٽي ڍارا گم آڻيندا آهن. جڏهن ڍارا ٻئي ڪنهن کيل سان گڏ ڪم نه آڻيندا آهن، تڏهن ان کي جوئا سڏيندا آهن. ڍاري جي راند ۾ خيال ڪرڻ جي ضرورت ڪانه پوندي آهي. پئسن جي راند ۾ ٻيئي ڌريون ڍارا اڇلائينديون آهن. جنهن جا گهڻا خال، تنهن کٽيو. هندو خاص ڪري هن راند جا شوقين آهن. ديندار مسلمان ان راند کان پري رهندا آهن. انهن جي خيال موجب ڍاري جي راند جوئا جو خراب ۾ خراب نمونو سمجهي ويندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org