اسڪول هجي يا ڪاليج، سنڌ حيدرآباد ۾ ماسترن ۽ شاگردن، پروفيسرن
۽ شاگردن جي وچ ۾ هڪ خاص قسم جو ناتو هو. ”منهنجو
اسڪول“، ”منهنجو پروفيسر“ ٻڌڻ چوڻ وقت اسان جي دل
گدگد ٿيندي هئي. تعليمي کيتر ۾ جيڪي به پاڻ ۾ گڏ
هئا، سي هڪ ٻئي لاءِ وقت ۽ محنت خرچ ڪرڻ لاءِ
هميشه تيار رهندا هئا. تڏهن پئسي جو مُلهه هو، پر
ان کي ايتري اهميت نه هئي. هوشياري ۽ لياقت جو
وڌيڪ مانُ هو. رشتن ۽ ناتن جي نفسيائي محسوس ڪئي
ويندي هئي. سکيا وٺندڙ ۽ ڏيندڙ وٽ هڪ قسم جي
پوترتائي هئي. شاگردن ۾ نئڙت ۽ مروت هئي، ته
شاگردن وٽ پيار ۽ پنهنجپائي پڻ هئي.
جڏهن مون سنسڪرت ۾ ”شڪنتلا“ ناٽڪ پيش ڪيو هو، تڏهن حيدرآباد
ڪاليج جو پرنسپال ڀارواڻيءَ اٿي اسٽيج آيو هو ۽
مون کي اچي واڌايون ڏنيون هئائين ۽ جڏهن ”زيب
النساء“ ناٽڪ ٿي ڪيوسين، تڏهن صبح جو ئي اسڪول جي
ڀتين تي مسلمانن جون قطارون ويهي ويون هيون.
”شيواجيءَ جي تاجپوشي“ هنديءَ ۾ پيش ڪيم ته
حيدرآباد جي مسلم ڪلڪيٽر منع نامو ڪڍائي موڪليو،
ته اهو ناٽڪ وري ڪٿي ڪڏهن به پيش نه ڪيو وڃي! ٻنهي
ناٽڪن تي مسلمانن اعتراض ورتو هو. جيتوڻيڪ ٻئي
ناٽڪ ڪجهه ڦيرڦار ڪري مون پيش ڪيا، تڏهن به جيئن
ناٽڪ ۾ تيئن زندگيءَ ۾ زيب النساءَ پنهنجي محبوب
کي ملي نه سگهي.
اسڪول جون ڇوڪريون تمام گهڻي محنت ڪنديون هيون. سنسڪرت جو هڪ هڪ
لفظ مان کانئن چاليهه چاليهه ڀيرا چورائيندي هيس (
ته جيئن لهجو ۽ اُچار ٺيڪ بيهي) ته به ڪين
ڪُرڪنديون هيون. ناٽڪي ڍنگ جا ڪپڙا ڪٿان ملندا ئي
ڪين هئا. انڪري پوشاڪون سبڻ ۾ به چڱي تڪليف ٿيندي
هئي. ان زماني ۾ بن ۾ رهندڙ ڪنيائن جيان ڪلها
اگهاڙا ڪري گيڙو پوشاڪ پهرڻ ۾ پڻ جگر کپندو هو. پر
اسان جي هيڊمسٽريس ڪنهن کي به نر اُتساهت نه ڪندي
هئي. ڏول گهراڻي ڪپڙا رڱينديون هيونسين. مشين
گهرائي هال جي وچ ۾ فراسيءَ تي ويهي سبنديون
هيونسين. اسڪول ڄڻ پنهنجو ئي گهر هو اسان جو!
منهنجي ناٽڪن جي سڦلتا جو اُن وقت مکيه ڪارڻ هو
اُستاد جي مڃتا ۽ عزت.
پهرين پهرين پگٽ اسڪول ۾ ماسترياڻي بڻيس ته گهڻي ڀاڱي
شاگردياڻيون عمر ۾ مون کان وڏيون ئي هيون. مان
چوڏهن سالن جي ته اُهي ويهن ايڪويهن سالن جون! ڇو
ته ان اسڪول ۾ مسلمان عهديدارن جون ڌيئر ۽ ڀينر
پڙهنديون هيون. ترڪيءَ جي ڪائونسل جي ڌيءُ فرخندا
تاج، ايراني آفيسر سان مڱيل محبوب، وزير جي نياڻي
فريده، ان طرح مشنري اسڪول مان انگريزيءَ ۾
ڳالهائڻ ۽ سکڻ جي لالچ وچان وڏيون وڏيون ڇوڪريون
اچي اُتي پڙهنديون هيون.
ڪُندن مل گرلس اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ شروع ڪيم ته اُتي ماستر
کيمچند پڪنڪس جو شوقين هئڻ ڪري مهيني ڏيڍ ڪنهن نه
ڪنهن ٽنڊي ۾ ٻنين تي گهمڻ وٺي هلندو هو. حيدرآباد
جي چوڌاري هئا ٽنڊا؛ ٽنڊو قيصر، ٽنڊو محمد خان،
ٽنڊوالهيار........ شام جو يا رات جو ٽانگي ۾
موٽبو هو، ته ڪڏهن پڪل رانون، ڪڏهن ڪمند جون لٺيون
وغيره وٺي اچبيون هيون. سڃاڻپ وارن جون ٻنيون ڏسي
پُوريون ڪيونسين ته پوءِ حيدرآباد جي باغن کي
ورتوسين. هرومل جو باغ، مکي گوبندرام جو باغ،
ڍولڻداس گارڊن، داس گارڊن، ڪڏهن ڪڏهن پري پري جي
جيلرن جا مهمان به وڃي بنجندا هئاسين.
مان حيدرآبادي عامل گهراڻي ۾ پئدا ٿي آهيان. ايئن ٻڌائيندي فخر
به ٿيئم ٿو ۽ لڄ به ٿي اچيم. اسان جي نيات ۾
ڇوڪريءَ کي هر طرح لائق بڻايو ويندو آهي ۽ کيس
ذهني يا سماجڪ ڳالهين ۾ وڪاس ڪرڻ جو هرڪو وجهه ڏنو
ويندو آهي....... پر شاديءَ ڪرائڻ وقت ڇوڪريءَ جي
ڀر ۾ يا مٿي تي ناڻي جي ڀاري ڳوٿري رکڻ لازمي
سمجهي ويندي آهي! ڄڻ ڇوڪري ناهي، پر ڪا عربي گهوڙي
آهي، جنهن جي سواري لاءِ گهوڙيءَ کي سونا سنج
پائڻا آهن، نه ته سوار ان گهوڙي کي سُويڪار ڪرڻ ۾
پنهنجي بيعزتي سمجهندو!
حيدرآباد ۾ ڇوڪري جا مائٽ وٺڻ ۾ ئي پنهنجو شان سمجهندا هئا. روڪ
هزار ٻوليا ويندا هئا، سندس ساڻ ٻولڻ کانسواءِ
ڇوڪري لاءِ مڻيا، ويهاڻا، هنڌ، چادرون، رليون، گهر
۾ پائڻ جهڙا ڪپڙا، اُتسو ۾ پائڻ جهڙا ڪپڙا،
ساڙهيون، بلائوزر، گهوٽ لاءِ ڪپڙا، سُوٽ ٽايون،
رومال، شيونگ، سينٽ، نئپڪنس، ٽوال، ڇئُون، مُنڊي،
واچ کميسون، ماڻس لاءِ ساڙهيون، چادرون، ٽُوال،
چانديءَ جو گلاس، ڪٽورو، پڻس لاءِ سُوٽ، ڀيڻس لاءِ
سوکڙيون، ڀاڻس لاءِ سُوٽ دوستن لاءِ ميون جا
ٽوڪرا......... وغيره وغيره سڀ ڏنو ويندو هو.
اسان جي اسڪول ۾ ڇوڪريءَ کي فضيلت سان پيش اچڻ واري ”ڪلا“
سيکاري ويندي هئي. ڏاڪڻ تان لهجي ته پٻن تي هلجي،
کلجي ته گهوڙي جيان نه، بلڪ هلڪو ٽهڪ ڏجي، پا وڏي
سان ۽ پُرش سان هميشه ’توهان‘ ڪري ڳالهائجي، هلڻ
وقت سڌو ٿي بندوقون جهلي نه، پر ٿورو نمي ۽ جهُڪي
هلجي وغيره....... شام جو باغ ۾ گهُمڻ وڃبو هو، ته
اُتي ڪهڙي به مائي اٿي اسان جي مڪت ۽ کليل ٽهڪ ڏيڻ
تي اسان کي ڇينڀي سگهندي هئي ۽ گرسنگت ۾ مٿو نه
ڍڪي اچڻ تي ڪهڙو به شخص ڇوڪرين کي دٻ ڪڍڻ جو حق
رکندو هو.
هر آرتوار تي اسين سڀ ڀائر ڀينر ماءُ سوڌا وڪٽوريا گاڏيءَ ۾
چڙهي، سنڌوءَ ڪناري گدو بندر تي گهمڻ ويندا
هئاسين. سنڌو – جيڪا ندي به آهي، ته ساگر به آهي،
نئين به آهي ته پراڻي به آهي، منهنجي به آهي ته
پرائي به آهي...... وڪٽوريا گاڏي جي مٿي ويٺل ٻه
ڄڻا، واري سان هٿ ۾ چهبڪ کڻي، پير سان گهنڊڻي
وڄائي، دوستن اڳيان پنهنجو رعب ڏيکاريندا هئا.
مارڪيٽ ڀرسان لنگهندي ڪو ڇوڪرو گاڏيءَ جي پٺيان
واري سيٽ (جڳهه) تي پيٽ رکي چڙهندو هو. ته ٻيا
ڇوڪرا پڪاريندا هئا، ”گاڏيءَ وارا! پٺيان ڇوڪرو!“
۽ گاڏيءَ وارو اُمالڪ چهبڪ هٿ ڪري ”زيپٽ“ وارو
آواز ڪري زور سان چهبڪ ڦيرائي چوندو هو، ”خبردار!
خبردار!“
۽ حيدرآباد! رُوءِ زمين تي منهنجي جنم ڀوميءَ جهڙو شهر ٻيو ڪو
ناهي. اسڪول ۽ باغ ڇڻڪار ٿيل رستا ۽ هوا موڪليندڙ
منگهه، ڦليليءَ جو واهه ۽ گدوبندر وارو درياهه،
بيسنت لاج ۾ فيلسوفيءَ تي ڀاشڻ ۽ پرامينيڊ پارڪ ۾
نوجوانن جون شرطون – اهڙو ڪهڙو آنند هو جو
حيدرآباد ۾ ميسر نه هو؟ (34)
ڪيول ملڪاڻي
حيدرآباد: سنڌ جي سوکڙي
سنڌ ۾ 1947ع جي پڇاڙي هئي. ورهاڱو ٿي چڪو هو ۽ هندو وڏي انگ ۾
پنهنجي وطن کي خيرآباد چئي رهيا هئا. هڪ ڌينهن
اسان ڪجهه ڪارڪن حيدرآباد ۾ تلڪ چاڙهيءَ تان هيٺ
لهي رهيا هئاسين ته اوچتو هڪ ٻڍي مسلمان عورت اسان
جي سامهون بيهي رهي ۽ ڏکاري لهجي ۾ پڇڻ لڳي: ”ادا،
اوهين به هليا ويندو ڇا؟“
هڪ ڏينهن آءٌ پنهنجي بالڪوني ۾ بيٺو هوس. هڪ مسلمان خوشيءَ مان
هڪ وڏي فريم ڪيل تصوير کنيو پئي ويو. جلد ئي
پنهنجي خوشي جهلي نه سگهيو ۽ بيهي رهيو ۽ تصوير
مٿي کڻي ڏيکاريندي چيائين: ”هيءَ تصوير اجهو هاڻي
خريد ڪئي اٿم. هن گروپ ۾ اسان جي ڳوٺ جو معزز سيٺ
به شامل آهي.“ اها تصوير هن لاءِ يادگيري جي نشاني
هئي.
هڪ ڏينهن شهر جي بس ۾ سفر پئي ڪيم . مهڙ واريون سيٽون عورتِن
لاءِ مخصوص هيون. اوچتو مهڙ واري سيٽ تي ويٺل هڪ
مسلمان عورت ڏٺو، ته سندس پاڙيسري هڪ هندو بيٺو
هو. هوءَ اٿي بيٺي ۽ کيس پنهنجي سيٽ تي ويهڻ لاءَ
زور ڪرڻ لڳي. پر ٻڍو ويهڻ کان انڪار ڪري رهيو هو ۽
چئي رهيو هو، ته هو ايئن ئي ٺيڪ هو۽ هونئن به اهي
سيٽون عورتن لاءَ مخصوص هيون. سندس انڪار اجايو
ويو، جو انهي عورت کيس درد ڀرئي لهجي ۾چيو: ”مونکي
خبر آهي. تون پڻ هليو ويندين.“
ڪلهوڙن، سنڌ کي جيڪا وڏي سوکڙي ڏني، اها هئي حيدرآباد جو شهر.
اُها پراڻي شهر نيروڻ ڪوٽ (نارايڻ ڪوٽ) جي سر زمين
هئي. عربن جي فتح کانپوءِ، اهو شهر ختم ٿي چڪو هو.
جيڪو پوءِ ”نيروڻ ڪافر“ نالي سان هڪ وڏو قبرستان
ٿي ويو. مسلمان اتي دفن ٿيڻ ۾ وڏي سعادت سمجهندا
هئا. پر غلام شاهه ڪلهوڙي قبرن کي – جنهن ۾ شهزادن
۽ پيرن جون قبرون شامل هيون – ڊاهڻ جو حڪم ڪيو،
جيڪو اڄ به ڄڻ شهري رٿابندي ڪندڙن لاءِ هڪ روشن
مثال آهي. هن پوءِ شاهي قلعي جي اڏاوت لاءِ گدومل
کي ناڻي جون ٻه ٻيڙيون ڀرائي موڪليون، جنهن جو اهو
قلعو رڳو ٻن ورهين (70- 1768ع) ۾ جوڙائي راس
ڪرايو، جنهن جو نالو دکن ۾ حيدرآباد جي نظام سان
خصوصي ناتا قائم ڪرڻ لاءِ، کيس خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾
”حيدرآباد“ رکيو ويو. پر ٻئي حيدرآباد هڪٻئي کان
ايڏو ڏور هئا، جو هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ کان قاصر هئا.
قلعي اُترئين دروازي کان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ميل کن ڊگهي بازار
قائم ڪئي ويئي. پهرين حصو ڀائيبند واپارين کي ۽
پويون حصو هندو عامل سرڪاري ڪامورن کي ڏنو ويو.
عامل گدواڻي ڪٽنب کي، جنهن جو وڏو گدومل وڏو وزير
هو. قلعي جي بلڪل ڀرسان رهايو ويو. سنڌ جو هيءُ
نئون گاديءَ جو شهر، جنهن جي اولهه ۾ سنڌو هو ۽
اوڀر ۾ ڦليليءَ هئي. هڪ وڏي باغن جي شهر جي صورت ۾
اُسريو.
ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ جي خاص ڳالهه هندن جو مٿي اڀري اچڻ هو.
صدين کان هيٺين سطح تي رهڻ کان پوءِ، هاڻي اُهي
رڳو پنهنجي ذهانت، موافقت، ساک ۽ محنت سان وري
اُسريا هئا. گدومل سندس ڀاءُ جسپت کان سواءِ،
اسان جنرل ٻالڪرام، وڪيل ديوداس، مولراج، گهنشيام،
ٽوپڻ داس، ڪرڻ مل ۽ گلاب راءِ جا نالا ٻڌون ٿا.
مهتا موٽومل برخوردار هو، جيڪو چوٽيءَ جي مُشيرن
مان هڪ هو. ديوان چيلارام سيوهاڻي خزاني جو
سنڀاليندڙ هو. دهليءَ ۾ ڪلهوڙن جا ٻه وڪيل –
آنندرام ’مخلص‘ ۽ مير متارو هئا.
پر سڀني سُٺين کي پنهنجي پُڇاڻي تي پهچڻو هوندو آهي. ڪلهوڙن جي
دور جو پڻ ڪجهه جلد ئي خاتمو ٿيو. سومرن پنهنجي
پاڻ کي مات کائيندو ڏسي، علاوالدين خلاف سمن کي
مدد لاءِ سڏيو. ڪلهوڙن وري مغلن، ايرانين ۽ افغانن
سان وڙهڻ لاءِ بلوچن کي دعوت ڏني، جو هنن پنهنجي
آرام لاءِ بلوچن کي ڊگهي عرصي کان گهڻو طاقتور ٿي
ڏٺو. حقيقت ۾ بلوچ اُن وقت بلوچستان جي ڀيٽ ۾ سنڌ
۾ وڌيڪ آباد هئا. انهيءَ ڳالهه ڪلهوڙن کي شڪي ۽
حاسد بنائي ڇڏيو هو. گدومل جي صلاح جي خلاف،
ڪلهوڙن، بلوچن جي سردار بهرام خان ۽ سندس پُٽ
صوبدار کي مارائي ڇڏيو. ميربهرام خان جو ٻيو پٽ
مير بجر خان سندن وفادار رهيو. جڏهن افغان عزت يار
خان پنهنجي ٽيهه هزار لشڪر سان سنڌ ۾ لٿو ته بجر
خان ارڙهن هزار سنڌي لشڪر سان مقابلو ڪري کين سيکت
ڏني.
رابندر ناٿ ٽئگور جڏهن سنڌ جي دوري تي آيو، ته هن حيدرآباد کي
”هندستان جو سڀ کان وڌيڪ فئشن وارو شهر“
ڪوٺيو..... هوڏانهن انگريزن جي سنڌ ۾ ڏنل سڀ کان
وڏي سوکڙي جديد تعليم ۽ سڀني جي برابري هئي، پوءِ
هندو هجي يا مسلمان. ٽالپرن جي راڄ ۾ هندن لاءِ
گهوڙي جي سواري، زمين جي مالڪي يا لشڪر ۾ ڀرتي جي
منع ٿيل هئي. 1843ع ۾ هندو، جيڪي ڪُل آدم شماريءَ
جو پنجويهه سيڪڙو هئا، وٽن زمين جو هڪ به ايڪڙ نه
هو، سي 1947ع ۾ زمين جي چاليهه سيڪڙي حصي جا مالڪ
هئا....... جڏهن پهريون سنڌ ايڇ. ڪي. ڪرپالاڻي
آءِ. سي . ايس لاءِ چونڊيو ويو ته سندس پرائمري
اسڪول جا استاد سندس چؤچاڪيءَکي ڇڪڻ لاءِ خوشي مان
اڳتي وڌي آيا.
تنهن دور ۾ ڪراچي کان بمبئي پهچڻ ۾ چار مهينا لڳي ويندا هئا.
مئٽرڪ جي پهرين چئن شاگردن – چوهڙ مل پنجابي،
نولراءِ آڏواڻي، ڏيارام ڄيٺمل ۽ ڪوڙومل کلڻاڻي –
لاءِ امتحان پاس ڪرڻ ايڏو ڏُکيو هو، جو رڳو هڪ
شاگرد چوهڙمل امتحان پاس ڪري سگهيو. پر انگريزن
سندن صلاحيتن کي ڄاتو ٿي. انهي مئٽرڪ ۾ ناپاس ٿيلن
کي پڻ نوڪريون ڏيئي سندن همٿ افزائي ڪئي، ۽ انهن
ڪيڏو ته نالو ڪڍيو! ڏيارام ڄيٺمل وڏو وڪيل ٿيو. هن
ڊي. جي سنڌ ڪاليج، جيڪو سندس نالي پويان سڏجي ٿو،
جي مالي مدد ڪيترن ئي هندن کان هڪ مهيني جو پگهار
چندي ۽ ورتو. نولراءِ هڪ وڏي اسڪول ’نولراءِ –
هيرانند اڪيڊمي‘ جو پايو وڌو، جيڪو سندس ۽ ڀاءُ
هيرانند جي نالي پويان سڏجي ٿو. ڪوڙي مل
(1916-1844ع) ’سامي جي سلوڪن‘ جي کوجنا ڪري اُهي
ڇپايا، جنهن ساميءَ کي شاهه ۽ سچل سان گڏ، ٽئين
وڏي شاعر جي حيثيت ڏني.
چوهڙمل پهريون گرئجوئيٽ ٿيو، ۽ تاراچند پهريون سنڌي ڊاڪٽر ٿيو.
ساڌو هيرانند پهرين سنڌي اخبار/ رسالو ’سنڌ
ٽائيمس‘ ۽ ’سنڌ سڌار‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ ڪنول
سنگهه پهرين سنڌي روزانو اخبار ’سنڌ واسي‘ (1914ع)
جاري ڪئي. پر برطانوي دور جو سڀ کان وڏو سنڌي،
جنهن کي اسان سياست کان پاسيرو رکنداسين- رشي
ڏيارام هو. (ڏيارام گدومل شاهاڻي کي ڪلهوڙن ۽
ٽالپرن جي دور جي مشهور شخصيت گدومل جي پويان
سڏجندڙ گدواڻي آڪهه سان ملائي مُنجهايو نه وڃي.)
هو بيشڪ ’يُگ پُرش‘ آهي. هن برطانوي دور دوران سنڌ
جي روشن ۽ بهترين نمائندگي ڪئي.
تڏهن سنڌ جي هندن لاءِ پراڻيون للڪارون ته هيون، پر نيون
للڪارون پڻ اُڀري آيون. اسلام هميشه هڪ للڪار رهيو
آهي؛ ۽ هاڻي عيسائيت پڻ للڪار بڻجي اڀري آئي. امان
چوندي آهي ته اوڻوهين صديءَ جي موڙ تي، مبلغ
(مشنري) عاملن جي گهرن ۾ سندن ننڍين ڇوڪرين کي
انگريزي پڙهائڻ لاءِ اچڻ لڳا. اُهي مبلغ ڏاڍا سُٺا
هئا. پر وڏڙن فيصلو ڪيو ته سندن مقصد کين عيسائي
مذهب آڻڻ جو هو، ۽ تنهنڪري سندن ٻٽي مقصد کي ٽارڻ
لاءِ ڇوڪريون کٽن هيٺان لڪي وينديون هيون.
’جوت‘ جو ايڊيٽر ۽ ’انگريزي – سنڌي‘ ۽ ’سنڌي – انگريزي‘ ڊڪشنرين
جو مصنف پرمانند ميوارام نالي هڪ معتبر سنڌي حقيقت
۾ پنهنجو ڌرم ڇڏي وڃي عيسائي ٿيو. پر انهيءَ کان
وڌيڪ گنڀير مسئلو، جديديت جي للڪار هو. ممبئي،
ڪڪلتي ۽ لنڊن سان رابطي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو هو
ته سنڌ هڪ بيٺل پاڻيءَ جو دُٻو هو. هي اُهي ڏينهن
هئا، جڏهن سنڌي عورتون پردو ڪنديون هيون ۽ ٻارهن
ورهين جون ڇوڪريون مائرون ٿينديون هيون. نوجوان
تعليم بنا گهٽين ۾ ڌڪا پيا کائيندا هئا. هوليءَ جو
ڏينهن شراب پيئڻ لاءِ سُٺو موقعو هو. جنم اشٽميءَ
تي جوا ڪرڻ ڌرم تي هلڻ برابر هو. سموري سال دوران
ماحول گندين گارين سان ڀريل هوند هو.
سک پنٿ، جيڪو ٽالپر راڄ جي آخري ڏينهن دوران آٿت جو ڪارڻ هو،
انهن للڪارن جو مقابلو نٿي ڪري سگهيو. اهو ماڻهن ۾
ڏاڍو مقبول ٿي جاري رهيو. هزارين ماڻهو گُرو نانڪ
جي جنم ڏينهن تي ساري رات جاڳڻ لڳا – جيڪي جنم
اشٽميءَ تي ڪجهه نه ڪندا هئا، اهي گرپرڀ جي ڏينهن
تي ڀاڄين تي گذارو ڪرڻ لڳا، جڏهن ته خود سک به
اهڙو موقعو ملهائڻ لاءِ گوشت واپرائيندا هئا. پر
سک پنٿ نين للڪارن جو جواب نه هو.........
انهن للڪارن کان سواءِ، شوقيرام ننديرام آڏواڻيءَ جي پُٽ
نولراءِ (1893-1843ع) جي، ٻئي ڪنهن به بهادري سان
مُنهن نه ڏنو. هن ’سک سڀا‘ جو پايو وڌو، جيڪا گُرو
نانڪ جي معتقد، معتبر هندن تي مشتمل هڪ جماعت
هئي......... پوءِ هو ڪلڪتي ويو، جتي ڪيشپ کان
برهمو فلسفي بابت تعليم ورتائين......... حيدرآباد
موٽڻ کان پوءِ نولراءِ ۽ سندس ساٿين ’سک سڀا‘ جو
نالو مٽائي ’سنڌ سپا‘ رکيو. هو دل ۽ جان سان ڇوڪرن
۽ ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ جي ڪم ۾ ڪاهي پيو. هن
پنهنجا پئسا خرچ ڪري حيدرآباد ۾ هڪ ٺاهوڪو ”برهمو
مندر“ جوڙايو. (سول اسپتال جي ڀرسان، انهيءَ جاءِ
تي اڄ ڪلهه حسنين اسڪوائر – لبرٽي مارڪيٽ جي عمارت
بيٺل نظر اچي ٿي.)......... پوءِ ٻنهي ڀائرن –
نولراءِ ۽ هيرانند – سنڌ ۾ نئون ساهه ڦوڪيو. هنن
حيدرآباد ۾ ’يونين اڪئڊمي‘ شروع ڪئي. جيڪا پوءِ ان
جي بانين جي نالي پويان ’نولراءِ – هيرانند
اڪيڊمي‘ طور مشهور ٿي.
ساڌو ڀائرن جي موت کان پوءِ، حيدرآباد ۾ برهمو پرڀداس،
’نؤودياليه هاءِ اسڪول‘ ۽ برهمو ڪُندنمل ’ڪندنمل
گرلس هاءِ اسڪول‘ قائم ڪيا. پر سنڌ ۾ نولراءِ
هيرانند جي ڏينهن ۾ ئي برهمو سماج جي هلچل عام
ماڻهن ۾ ڪامياب نه هئي. جڏهن سرڪار پنهنجو هاءِ
اسڪول حيدرآباد ۾ اڪيڊميءَ جي انتظاميا جي تحويل ۾
ڏيڻ چاهيو، ته ماڻهن انهيءَ بنياد تي اعتراض ڪيو
ته برهمو وارا اڌ عيسائي آهن. بدقسمتيءَ سان
انهيءَ تاثر زور ورتو، جڏهن اڪيڊمي جي هڪ استاد
ڀواني چرڻ بئنرجي 1892ع ۾ عيسائي مذهب اختيار ڪيو.
انهيءَ کان اڳ، 1875ع ۾ ’برهمو مندر‘ جي موقعي تي، ساڌو نولراءِ
مختلف مذهبي گروهن جي گڏيل سنگيت جو جلوس ڪڍيو هو،
جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ ’الله اڪبر‘ ۽ ’لاالله
الا الله‘ ڳاتو ويو هو، جنهن کي اهو چئي
ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو ويو هو ته اهو سمورو
’محرم‘ جيان ٿي لڳو.......... برهمو سماج جو
’پرارٿنا سماج‘، ’ساڌرڻ سماج‘ وغيره ۾ ورهائجي وڃڻ
پڻ برهمو سنگهه کي اڏائي ڇڏيو. پر انهن کان وڌيڪ،
اها اسلام اختيار ڪرڻ جي لاڙي کي مُنهن ڏيڻ ۽ هندو
ڌرم جي قوت ۽ شان کي وڌائڻ ۾ ناڪام ويئي هئي. جنهن
برهمو سماج کي، آزادي ملڻ کان اڳ، پوئتي ڌڪي ڇڏيو.
برهمو سماج جون اهي ٻٽيون اوڻايون، آريا سماج پاران دور ڪندي
نظر آيون. تنهنڪري جڏهن مورجمل، ڏيئومل، ٺارومل ۽
ٻيا ڪيترا مسلمان ٿيا ۽ ٻيا گهڻا ڌرم مٽائڻ لاءِ
تيار ڏسڻ ۾ آيا ته ڏيارام جي رهنمائيءَ ۾ سنڌي
هندو اڳواڻن ترت 1893ع ۾ لاهور جي سوامي شرڌانند
کي مدد لاءِ سڏيو.
پنجاب آريا سماج ترت پنڊت ليکرام آريا مسافر ۽ پنڊت پورڻانند کي
سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. انهن ٻنهي پرچارڪن نه رڳو
هندو ڌرم جي بچاءُ لاءِ پاڻ پتوڙيون، پر انهن
اسلام ۽ عيسائيت جي باري ۾ ڪيترائي ۽ سڀني قسمن جا
اڻوڻندڙ سوال پُڇڻ شروع ڪيا. مولوي مذهبي دليل
بازي ’شاستر ارٿ‘ جي صورتحال کان غير مانوس هئا.
ڪاوڙ ۾ اچي انهن ليکرام کي قتل ڪري ڇڏيو. اُن کان
پوءِ ٻيا ڪيترائي قتل ٿيا. پر آريا سماج جو پيغام
ماڻهن ايڏو هينئين سان هنڊايو. جو اهو قتل ٿي نه
سگهيو. نتيجو اهو نڪتو جو اهو تنازعو روزمره جو
معمول ٿي پيو. ڪيترائي هندو، جيڪي ڪجهه وقت اڳ
مسلمان ٿي ويا هئا، جن ۾ سموري ’سنجوڳي‘ برادري
شامل هئي، واپس پنهنجي ڌرم جي دائري ۾ آندا ويا.
انهي وچ ۾ برهمو سماج کي گرهڻ لڳڻ دوران، سنڌي
مٿئين طبقي جي پرگهور لاءِ هڪ ٻي هلچل منظر عام تي
آئي، اها هئي ٿياسافيڪل سوسائٽي. انهيءَ سوسائٽي
بنيادي هندو سوچ کي عالمي اصطلاح ۾ نئين سر پيش
ڪيو. تعليم يافته سنڌي ماڻهن، جن هندو ڌرم جو قدر
ڪيو جمشيد مهتا جهڙيون قداور شخصيتون سنڌ ۾
ٿياسافيءَ جا ٿنڀا بنجي ويون. ڏيارام گدومل جو پُٽ
ڪيولرام موثر ٿياسافسٽ ٿيو، جنهن حيدرآباد ۾
’ڏيارام گدومل نيشنل ڪاليج‘ ۽ ڪراچيءَ ۾ ’شرڻا
گتي ريسرچ لائبريري‘ قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي........
ديوان ڏيارام عيسائيت جي اوڻاين تي پنجاهه
دانشوراڻا ليڪچر ڏنا، ۽ ڊاڪٽر ائني بيسنت هندن کي
پنهنجو ڌرم تبديل نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي. |