غلام نبي مغل
حيدرآباد؛ ورهاڱي کان پوءِ
آگسٽ 1947ع کان پوءِ هتي عجيب واقعا نروار ٿيڻ لڳا. سنڌ جا
مسلمان، ڪيترن سئو سالن کان گڏ رهندڙ هندو ڀائرن،
دوستن ۽ سڄڻن کي، پنهنجي حفاظت ۾ دلاسن سان ۽
پنهنجائپ وارا احساس ڏياري، ڀاڪر پائي، روئي
حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي، واپس ورڻ جي آسرن ۾
الوداع چئي رهيا هئا؛ ته ٻئي پاسي هندستان مان
ايندڙ ڪلمي گو ڀائرن کي، ريلوي اسٽيشن تي دل ۽ جان
سان آڌرڀاءُ چئي رهيا هئا. شايد دنيا جي تختي تي
اهڙي لڏپلاڻ يا ٻئي ملڪ منجهان آمد نه ٿي هوندي،
جتي ملڪ جا ماڻهو ويندڙن سان روئي موڪلائين ۽
ايندڙن مان به ارها نه هجن. اهو جذبو هتي جو عام
رهاڪو جو هو، جيڪو سادگيءَ جي معراج جو مثال هو ۽
جنهن ڪنهن سان نفرت ڪرڻ سکي ئي ڪانه هئي. جيڪو
’آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ واري عمل تي
ويساهه رکندو هو، جيڪو رضا تي راضي رهڻ وارو هو ۽
جنهن پنهنجن وڏن کان به ڪنهن لاءِ نفرت جو سبق نه
سکيو هو.
هندن جي وڃڻ ڪري شهر ۽ وستيون سڀئي خالي ٿي ويون. هتي جي عام
مسلمان جي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اهو گمان نه هو ته
ايئن خالي پيل محلاتن جهڙا گهر ۽ سڄي بازار، جيڪي
لاوارث پيل دڪان، والارجن يا قبضو ڪري ويهن. پاڻ
هزارن لکن ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن مثالن ۾ به اوسي
پاسي جي ماڻهن، اهڙن قبضي ڪندڙن کي ننديو ۽ اهو به
چيو ته: بابا پرائي شيءِ نيٺ پرائي آهي. اسين ڪيئن
ڏاڍ مڙسي ڪري اهي گهر يا دڪان ڦٻائي ويهنداسين. ڪي
اهڙا به ماڻهو هئا، جن کي هندن جي واپاري ذهنيت جا
هٿ لڳل هئا، تن چيو پئي: غلط ڪم هميشه غلط هوندو
آهي. اڄ ديوانن جا دڪان ۽ گهر کولي، تالو ڀڃي ويهي
رهون ٿا. پر ٻُڌو ڪونه ٿو ته واڻيو ۽ سيارو ڪسر نه
ڇڏيندو آهي. سو بابا اُهي ديوان موٽي ايندا ۽ پوءِ
پوليس چڙهائي سڀ ڪجهه مال واپس وٺندا. ۽ وياج به
ڪونه ڇڏيندا. واڻين جا هانوَ ڦاٽي پوندا. هيڏا
ڀريل ڀڪيل گهر ۽ واپار ڇڏڻ تي، اسان کي ويساهه
ڪونه ٿو اچي.
پوءِ، 1947ع کان 1960ع تائين هڪ عجيب دور هليو. 1947ع کان پوءِ
شهرن ۾، اُڀرندي ۽ اُتر کان ريل گاڏيون ڀرجي
پهتيون هيون ۽ ڏکڻ کان سامونڊي جهاز ۽ هوائي جهاز
ڀرجي بندرگاهه تي پهتا هئا. حيدرآباد...... جا
سمورا اسڪول پناهگير ڪئمپ بڻجي ويا. هندستان مان
لڏي آيل پناهگيرن جي صورت ۾ لکن جي انگ ۾ اچي پهتا
۽ شهر ۾ آبادڪاري شروع ٿي. مسلم ڀائرن کي خالي
گهرن جون چاٻيون مليون ۽ جتي چاٻيون نه هيون، اتي
تالا ٽوڙيا ويا. شهر ۾ الله اڪبر، مسلم ليگ زنده
باد ۽ اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري جا نعرا ڦهليل هئا.
هڪ نئون سماج پنهنجي جوڙجڪ جي مرحلن ۾ هو. سنڌ جو
مسلمان، تاريخ جي هن موڙ تي به خاموش تماشائي جيان
هو. پر عام طور تي ماڻهو سرها هئا ته هاڻي سنڌ سڄي
اسلام جي پوئلڳ ٿيندي ۽ اسلامي قاعدا ۽ قانون لاڳو
ٿيندا.
حيدرآباد شهر جي ريلوي اسٽيشن تي ڏاڍي گهماگهمي هئي. هندستاني
مسلمان پناهگير نه رڳو پليٽ فارمن تي سٿيل هئا، پر
اسٽيشن جي چوڌاري کليل ۽ ڍڪيل جڳهين تي ٻارين ٻچين
لٿل هئا. اسٽيشن جي سامهون پراڻي راڻي باغ منجهه
سموري ايراضي تي پناهگيرن جا ڪٽڪ اچي مڙيا هئا.
مڪاني سياسي ۽ سماجي ورڪز سڀني ڪٽنبن کي هندن جي
خالي ڪرايل عمارتن منجهه آباد ڪرڻ ۾ رڌل هئا. سندن
ذهنن ۾ اسلامي ڀائيچاري ۽ هڪ نئين مذهبي سماج ۽
ايندڙ دور جا خواب سمايل هئا. پر ان سان گڏ ڪيترن
هندو دوستن، پاڙيسرين ۽ ٻين واقعن جون يادگيريون
پڻ سمايل هيون. سندن چڱاين، يارين دوستين ۽ گڏ
گهاريل ڏينهن ۽ واقعن کي ياد ڪري چوندا هئا، ته
يار ديوان ڪيڏانهن ويندا. ههڙيون عمارتون، دڪان ۽
ٿڌيون هوائون ڇڏي ڪيئن سک سان ويهندا. نيٺ اباڻي
پارَ موٽندا.
اسٽيشن ۽ ٻين ڪئمپن تي چوويهه ڪلاڪ ميلي جيان گپا گيهه لڳل هئي
۽ شهر جا سرنديءَ وارا روز ديڳن تي ديڳون لاهيندا
هئا، ته جيئن لُٽيل ڦُريل آيل ڀائرن کي پنهنجائپ
جو احساس ڏياري سگهن. ٻيا عام ماڻهو، پاڙن منجهان
چندا ڪري، کاڌي پيتي جو سامان، لٽو ڪپڙو ۽ ٻين
روزمره جي گهُرجن وارين شين کي ڪئمپن تائين
پهچائيندا هئا.
شهر جا گهر ۽ ڇڏيل ڪاروبار ، امانت باسلامت طور پناهگيرن کي ڏنا
ويا يا سرڪاري قاعدن قانونن هيٺ ڪنهن به سنڌي کي
شهر ۾ ڪا ملڪيت يا جاءِ، بنگلو خريد ڪرڻ جي اجازت
نه هئي، اهي ملڪيتون اڳ ئي پنهنجن نون مالڪن جي
اوسيئڙي منجهه بند هيون. شهر جا سمورا پاڙا جتي
هندن جي اڪثريت هئي، اُتي هندن کان به ٻيڻ ٽيڻ تي
مسلمان اچي پهتا هئا. جتي هڪ وڏي گهر ۾ هڪ هندو
سيٺ ۽ سندس ٽي پرڻيل پُٽ رهندا هئا. ته هاڻي اهو
شاهي گهر چئن پناهگيرن ڪٽنبن کي الاٽ ڪيو ويو هو.
هيرآباد، عامل ڪالوني، تلڪ چاڙهي ۽ ان جي اوسي
پاسي وارو علائقو، سري گهاٽ ۽ ان کان وٺي قلعي
تائين ميل ڏيڍ ڊگهي بازار اچي ٻنهي پاسن جي گهٽين
۽ ان ۾ آباد پاڙن تي، پناهگيرن جو قبضو ٿي چڪو هو.
ويسٽ ڪچي واري ايراضيءَ ۾ به اڪال ڀونگي واري
ايراضي، پوهه کياڻي بلڊنگ، لجپتراءِ روڊ، ڇوٽڪي
گهٽيءَ جي هيٺ ٻنهي پاسن ۽ چاوڙي جي سامهون وارن
گهرن، توڙي فوجداري روڊ اسٽيشن تائين علائقا سڀ
والارجي چڪا هئا. شهر جي اڀرندي حصي منجهه پڃرا
پُور ۽ ٺوڙهي چاڙهيءَ جي هيٺ ٻنهي پاسن کان
تاراچند اسپتال، کاتو چوڪ، نشاط سئنيما ۽ ڪئپٽل
سئنيما ۽ ٽئين نمبر تلاءُ وارن علائقن ۾ به ڳتيل
آبادي وجود ۾ اچي ويئي. ڦليلي واهه جي اوڀر پاسي
سڄي آبادي خالي ٿي چڪي هئي، سواءِ مرزائن جي ٽنڊي
ٺوڙهي، ڀٽين جي ڳوٺ ۽ ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ گهرن جي.
اُتي به سمورا پاڙا ڀرجي ويا. سڄي شهر جي آبادي
1947ع جي مقابلي ۾ ٽيڻ چوڻ تي ٿي پئي. تنهن هوندي
به مسلمان ڀائر لڳاتار ريلن ۾ ڀرجي ايندا رهيا.
55-1954ع ڌاري سنڌ حڪومت حيدرآباد جي اولهه ڏکڻ ۾، اميدن ڀرئي
جي درگاهه کان ٿورو پرڀرو، ريلوي لائين جي ٻئي ڀر
هڪ ٻئي شهر اڏڻ جو پروگرام رٿيو. شهر جو نالو شاهه
لطيف آباد رکيو ويو. ٽالپر حاڪم گهراڻي جي هڪ فرد
پنهنجي هزارين ايڪڙ زمين انهيءَ نيڪ مقصد لاءِ
حڪومت کي سوکڙي طور ڏني ۽ نئون شهر اڏجڻ لڳو. اهڙي
طرح ميمڻ پاڙي کان هيٺالي واي علائقي منجهه پڻ
لياقت ڪالوني آباد ٿيڻ لڳي. جيڪا ڦليلي جي ساڄي ڪپ
سان وڃي لڳي.
شهر جي اصلوڪين سنڌين جا اُهي ئي پاڙا ۽ گهٽيون ۽ ڪٿي ڪٿي ايڪڙ
ٻيڪڙ گهر رهيا...... ۽ پوءِ ايئن ٿي ويو جيئن اڳ ۾
هو. يعني 1947ع کان اڳ ۾ جيڪو سنڌي وچولو طبقو يا
هيٺيون طبقي ڀري ۽ هتي هڪ نئين وچولي طبقي جو
بنياد پيو.
1960ع کان پوءِ ايئن ٿيو جو شهر جي ميونسپالٽين ۾ سنڌي
ڳالهائيندڙ مسلمانن جا اُهي ئي ڪجهه ميمبر رهيا،
جيڪي اڳ هندن جي زماني ۾ هوندا هئا. شهر جي دڪانن،
عام جڳهين، سئنيمائن، چونڪن، آفيسن، اسڪولن ۽
ڪاليجن جا بورڊ سڀ اردو ۾ لکجڻ لڳا ۽ سنڌيءَ ۾
لکيل پراڻا بورڊ يا ڀتين تي ڪنهن حڪيم جا مرداڻي
طاقت واپس ڏيارڻ وارا سونهري قول يا ته هٽايا ويا
يا وري وقت سا گڏ ميسارجي ويا يا وري نيئن رائج
ٿيل ٻولي ۾ لکيا ويا.
ريڊيو تان اردو پروگرام، ڊراما ۽ فلمي گانن جا فرمائشي پروگرام
عام ماڻهن جي وندر ۽ ڄاڻ لاءِ وڏا ذريعا هئا.
ريڊيو ۽ فلم سنڌ جي ڪلچر تي وڏو اثر ڇڏيو. گڏوگڏ
اردو پڙهيل لکيل ڇوڪرين جي سماجي زندگي ۾ سماج ۾
هڪ عجيب وڻندڙ ڇڪ هئي. گهڻا پڙهيل لکيل يا زميندار
۽ پير مير نئين دور جون پڙهيل ڇوڪريون پنهنجي گهرن
۾ آڻڻ لڳا. ايئن گهرن ۾ اردو، باقاعدي داخل ٿي، نه
ته سنڌي گهرن ۾ اردو، ريڊيو يا اخبارن وسيلي داخل
ٿيندي رهندي هئي. اردو ڳالهائڻ، پڙهيل ڳڙهيل، ۽
مهذب گهرن ۽ فردن لاءِ فخر ۽ وڏماڻهپي جي نشاني
بڻجي پيو. اسڪولن ۾ جتي سنڌي لازمي مضمون هو، اتي
اردو، قومي زبان جي حيثيت ۾ هئڻ ڪري، پڻ لازمي
مضمون طور رائج ٿي. اردو حاڪمن جي زبان هئي. سڄي
آفيسر شاهي هندستان مان آيل هئي، تن سڀني کي يا ته
انگريزي زبان آئي ٿي يا اردو، انهيءَ ڪري اردوءَ
کي سڄي ملڪ جي قومي زبان بنايو ويو.
هوڏانهن قاسم آباد، حيدرآباد شهر جي اُتر – اولهه ڪُنڊ تي، ديهه
ڄامشوري، ديهه سري ۽ درياهه جي بند سان لڳ هڪ وستي
آباد ڪيل آهي. شهر جي تنظيم ڪندڙن جو اهوئي خيال
هو ته حيدرآباد شهر جي سوڙهين گهٽين ۽ پاڙن کان
ماڻهو ٻُوساٽجي پيا هوندا ۽ جيڪو ڪٽنب سوڙهه ۽
گهُٽ محسوس ڪري، سو ڀلي قاسم آباد جي ڪشادي، کليل
۽ رٿابندي سان وسايل ماحول ۾ آرام ۽ سک جا ساهه
کڻي ۽ شهري زندگيءَ جون سهولتون ماڻي. پر ايئن نه
ٿيو. بلڪ ٿيو ايئن جو 1988ع جي لساني فسادن
کانپوءِ، سنڌي ماڻهو عزتون ۽ سر سلامت کڻي ڀڄڻ ۾
پورا هئا، پر پوءِ به کين ڳولهي ڳولهي ماريو ويو ۽
شهر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. (43)
رضا علي عابدي
حيدرآباد نسلي جهيڙن جي گهيري ۾
هڪڙي جاءِ تي ماڻهن کي گهٻرايل ڏٺم. پوليس وارا ۽ ورديءَ وارا
رينجرز جا سپاهي جهنگ مان ٻاهر نڪتا. ماڻهن ٻڌايو
ته اُهي ڌاڙيلن جو پيڇو ڪرڻ ويا هئا. ڌاڙيل صبح جي
وقت هتي روڊ تي بيهي اچڻ وڃڻ وارين گاڏين جي
مسافرن کان ڦُر ڪئي هئي.
حيدرآباد بابت صحافي مدد علي سنڌي چيو: هاڻي حيدرآباد گهڻو
بدلجي ويو آهي. اسان ننڍپڻ ۾ جيڪو حيدرآباد ڏٺو
هو، ان جي رستن تي وڻ هوندا هئا. فوٽ پاٿ هوندا
هئا. سڪون هو، پر هاڻي اهو ختم ٿي ويو آهي. هي شهر
هڪ عجيب معاشي بدحالي ۾ وڪوڙجي ويو آهي ۽ اڄ هيءَ
شهر امن جو شهر نه آهي. هتي ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن
آهي.
آئون جنهن ڏينهن شهر ۾ پهتس ته شهر ۾ پريشاني هئي. ماڻهو سرٻاٽ
ڪري رهيا هئا ته ريشم گهٽي ڀرسان ڪٿي گولي هلي
آهي، ٻه ٻار مري ويا آهن. ريشم جي نالي واري
گهٽيءَ ۾ گولين جو هلڻ ۽ ٻارن جو مارجڻ مان ايئن
لڳو، ڄڻ ته حيدرآباد جي زندگي مان سونهن سميت
ذهانت پڻ نڪري چڪي آهي. جن رستن تي ماڻهن جي پيهه
ڪارڻ پنڌ هلڻ ڏکيو ٿي پوندو هو، اُتي هاڻي ويراني
جو واسو هو. ماڻهو ڊنل پکين جيان کنڀ سهيڙي ڪٿي
آکيري ۾ وڃي لڪا هئا، سوبه ڪنڊاون آکيرن ۾.
شهر جي اڳوڻي شان بابت نامياري تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي
ٻُڌايو: ”جنهن شهر جي وڏي دروازي وٽ ڏينهن رات
سواريون اينديون وينديون هجن، اتي رونق جا ڪجهه
ٻيا سبب پيدا ٿي ويندا آهن. تنهنڪري قلعي جي
سامهون بازار ٺهي وئي، جيڪا اڄ تائين شاهي بازار
جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. اها به هڪ پراڻي
روايت هئي، جو شهرن ۾ ڇت واريون بازاريون هونديون
هيون، ته جيئن گرمي ۽ مينهن کان بچاءُ ٿئي. انهي
ڪري شهرن ۾ شاهي بازارون موجود آهن. 1850ع ۾
انگريزن قلعي جي ڏکڻ ۾ پنهنجي ڇانوڻي ٺاهي، هتي
پنهنجا مشن اسڪول کوليا، اسپتالون ٺاهيون ۽
پنهنجون ٻيون جايون ٺاهيون، جيڪو اڄ به صدر جو
علائقو يا ڇانوڻيءَ جو علائقو سڏبو آهي.
انگريزن جي اچڻ سان حيدرآباد جا ڀاڳ جاڳي پيا. سُڌرڻ ۽ سنوارجڻ
سندس مقدر ۾ لکجي چڪو هو. جڏهن هتي واپاري طبقو
خوشحال ٿيو ۽ انهن پرڏيهه ۾ پنهنجي واپار کي
وڌايو، ته وٽن اُتان پئسو به آيو ۽ انهن حيدرآباد
۾ نوان علائقا آباد ڪيا. سندن آباد ڪيل مشهور
علائقو هيرآباد آهي، جتي هندن جون ٻه برادريون
هيون: هڪ ڀائيبند سڏبي هئي ۽ ٻيءَ کي عامل چيو
ويندو هو. عاملن پنهنجي عامل ڪالوني ٺاهي، جيڪو
حيدرآباد جو سڀ کان سهڻو علائقو هوندو هو. انهن ۾
ڪيترا گهر اهڙا آهن، جن جي اڱڻ ۾ باغ به آهن. گهرن
جي اڏاوت ۾ انهن پرڏيهه مان آندل سامان لڳايو.
واپارين جي هڪ روايت اها به هئي، ته اُهي سڄي
زندگي سمنڊ پار ملڪن ۾ واپار ڪندا هئا، پر مرڻ
لاءِ هو هتي پنهنجي شهر ۾ ايندا هئا. انهيءَ ڪري
هنن هن شهر کي سهڻو ٺاهيو. گاڏي کاتي جي علائقن ۾
انهن جون سهڻيون اڏاوتون به ڏسي ساک ڏئي سگهجي ٿي.
ڇتن تي سهڻو ڪم ٿيل آهي. دروازن تي به نقش نگار جو
ڪم ٿيل آهي. ديوارن ۽ فرش تي بهترين ٽائل لڳايا
ويا. ڪجهه گهر اڄ به انهيءَ حالت ۾ باقي آهن.“
خوشحال ماڻهن – واپارين توڙي سرڪاري ڪارندن – حيدرآباد شهر جي
ڪردار کي ئي بدلائي ڇڏيو ۽ ان کي نه رڳو جيئرو
جاڳندو شهر ٺاهيو پر ان جي زندگيءَ ۾ دلڪشي ۽
دانشوري جا رنگ ڀري ڇڏيا. وچون طبقو جيڪو پڙهيل
لکيل هو، تنهن شهر کي سهڻو ٺاهيو. انهن گهڻا باغ
پوکيا، باغن کان سواءِ هر هنڌ ڪيتريون ئي
لائبريريون کوليون. ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد کي باغن
جو شهر چيو ويندو هو. شهر جي اندر ۽ اوسي پاسي ۾
باغ هوندا هئا. پوءِ انهن علمي ليڪچرز لاءِ ليڪچر
هال ٺهرايا. مثال طور: ٿياسافيڪل سوسائٽي پاران
بسنت هال اڃان تائين موجود آهي، يا هوم اسٽيڊ هال
هو، جنهن ۾ هندستان جا وڏا ماڻهو ايندا هئا ۽
ليڪچر ڏيندا هئا، جنهن ڪري حيدرآباد جي ثقافتي
زندگي ڏاڍي سُٺي ٿي. پوءِ انهن مختلف ڪلب قائم
ڪيا، جيئن هاڻوڪو ڏيئل داس ڪلب آهي، جيمخانو آهي.
اُتي ڊراما ٿيندا هئا ۽ ادبي ويهڪون ٿينديون هيون.
حيدرآباد جي شام بابت مراد علي مرزا ٻڌائي ٿو: شهر ۾ سڄو ڏينهن
کڻي ڪيتري به باهه وسامي، شام ايندي آهي ته انسان
جي گرم وجود تي ڄڻ ٿڌو پهو رکي ڇڏيندي آهي. ماڻهو
ٽهلڻ ۽ پسار ڪرڻ لاءِ نڪرندا هئا، بگين ۾ ويهي کلي
هوا ۾ وندر ورونهه لاءِ درياهه جي ڪناري تي ويندا
هئا. گرمين جي ڏينهن ۾ ڪيڏي به گرمي هجي، پر جيئن
ئي سج لٿو ۽ شام ٿي ته هلڪي هلڪي ٿڌي هوا لڳڻ شروع
ٿي ويندي آهي. حيدرآباد جون شامون ته مشهور آهن.
انهن ڏينهن ۾ ايئن ٿيندو هو، جو جيترا به امير ۽
سرندي وارا هوندا هئا، سي پنهنجن گاڏين ۾ ويهي سفر
ڪندا هئا. درياهه جي ڪناري گدو بندر ۾ هڪ وڏو ۽
سهڻو پارڪ هوندو هو اتي بينچون رکيل هونديون هيون،
جتي ماڻهو ويندا هئا. سامهون درياهه وهندو هو ۽
باغ ۾ گهڻا سهڻا گل لڳل هوندا هئا. هڪ ته باغ ٻيو
درياهه جو ڪنارو ۽ وري شام جي هوا. ڏاڍو سهڻو ڏيک
هو، ماڻهو سرها ٿيندا هئا.
ورهاڱي کان اڳ شهر جي آبادي لڳ ڀڳ ٻه لک هئي. ڏاڍو ننڍڙو شهر
هو. هتي ايڏيون گاڏيون نه هيون، ٽانگا ۽ بگيون
هلنديون هيون. ماڻهو گهڻو تڻو پنڌ گهمندا هئا.
گهڻي پئسي وارا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن گاڏين ۾ نظر ايندا
هئا. پر گهڻو ڪري ماڻهو پنڌ گهمندا هئا. شهر ۾ وڏا
باغ هئا. هر ڪنڊ ۾ سٺو باغ هو. صاف سٿرا ۽ ويڪرا
رستا هئا. هن زماني جيان هڻ پٽ نه هوندي هئي، سڪون
هو ۽ ٽريفڪ گهڻي نه هئي. ماڻهو آرام سان هئا. ڇو
ته سڄي شهر ۾ سڪون هو، ته اها حالت هئي. پر ننڍي
کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ آبادي وڌڻ لڳي ۽ ايئن رڳو
شهر ۾ ئي نه پر سڄي دنيا ۾ ٿيو. بهرحال هينئر گهڻا
ماڻهو ۽ گهڻي ٽريفڪ آهي، سو جيڪو سڪون هو، سو غائب
ٿي ويو.
سڪون رڳو الوپ ٿئي ها ته ٺيڪ هو، پر شهر جو سڪون ختم ٿي ويو
آهي. ڦرجي ويو آهي. حيدرآباد شهر هاڻي اڳوڻو شهر
نه رهيو آهي. انهيءَ ريشم گهٽي جي هڪڙي ننڍي
چوواٽي تي بيٺل هيس. گولي هلي ته دڪان وارا تڪڙا
تڪڙا دڪان بند ڪري وٺي ڀڳا ۽ خريدار ايئن غائب
ٿيا. ڄڻ اُهي ڪڏهن آيا ئي نه هئا. رڳو سامهون
برطانوي دور جي هڪ عمارت جي اڱڻ تي ٽائيلن جي فرش
تي ويٺل هڪ اڪيلي ڇوڪري پنهنجي پان سان راند پئي
ڪئي.
ڊاڪٽر مبارڪ علي شهري سماج بابت وڌيڪ ٻڌائيندي چيو: ”هتي
هندستان مان لڏيل ماڻهو وڏي انگ ۾ آيا. رهائش جي
مسئلن ڪر کنيو. وري آبادي وڌڻ لڳي ۽ تنهن ڪري،
انهيءَ کان پوءِ هوريان هوريان شهر جو ڍانچو به
بدلجڻ لڳو. مثال طور هيرآباد ۽ عامل ڪالوني ۾ ايئن
ٿيو آهي، جو پراڻن گهرن کي ڊاهي هيٺ دڪان ۽ مٿي
فليٽ ٺاهيا ويا. شهر ۾ جيڪي باغ هئا، تن مان گهڻن
کي ميونسپالٽي پاڻ ختم ڪري ڇڏيو ۽ اتي دڪان ۽ فليٽ
ٺاهيا. هتي سرفراز پارڪ هوندو هو، سو ختم ٿي ويو.
جتي هاڻي حيدرچوڪ آهي، اتي هڪڙو پارڪ هوندو هو.
اهو به مٽجي ويو. گول بلڊنگ جتي آهي، اتي پارڪ هو،
اهو به موڪلائي ويو. اسٽيشن جي سامهون ٻه وڏا سهڻا
پارڪ هوندا هئا، اهي به ختم ٿي ويا. گورنمينٽ
ڪاليج ڀرسان ٽي چار باغ هوندا هئا، اهي سڀ ختم ٿي
ويا. آخري پارڪ جيڪو ختم ٿيو، تنهن جو مون کي ڏک
آهي، اهو هو پريم پارڪ، جيڪو ڪينٽ جي علائقي ۾ هو،
ان کي به ختم ڪيو. ان ۾ فليٽ ۽ گهر ٺاهيا ويا ۽
ٻاهران دڪان ٺاهيا ويا. هاڻي اها صورتحال آهي، جو
شهر ۾ ڪابه کليل جاءِ ڇڏيل ناهي. ڪو پارڪ نه رهيو
آهي. ساڳيو حال هتي لائبريرين جو ٿيو. جيتريون به
لائبريريون هيون، اهي هڪ هڪ ٿي سڀيئي ختم ٿينديون
پيون وڃن. هينئر شهر ۾ سوڙهيون گهٽيون ۽ سوڙها
رستا آهن. حالت هيٺ ٽريفڪ گهڻي ٿي وئي. بلڊنگون
ٺهنديون پيون وڃن. اهو سوچڻ کان سواءِ ته ماحول تي
انهن جو ڪهڙو اثر پوندو. ماڻهن جي صحت تي ڪهڙا اثر
پوندا. هتي ورهاڱي کان اڳ اسڪولن جون بهترين
عمارتون هونديون هيون، انهن کي به ڊاهي مارڪيٽ
ٺاهيا ويا. جهڙوڪ سٽي ڪاليج کي مارڪيٽ ڪيو ويو.
نورمحمد هاءِ اسڪول کي مارڪيٽ ٺاهيو ويو. ته اهو
سڄو تعليمي ڍانچو ڪاروباري ڍانچي ۾ بدلجي ويو.
هاڻي اسڪول ۾ ٻارن کي تعليم جو ماحول نٿو ملي.
انهن کي راندين لاءِ ميدان نٿا ملن، نه تفريح لاءِ
پارڪ نه پڙهڻ لاءِ لائبريريون ملن ٿيون. تنهنڪري
انهن سڀني شين جو اسين جيڪڏهن کڙتيل ڪڍي سگهون، ته
وڏي آسانيءَ سان اهو چئي سگهون ٿا، ته هن وقت
حيدرآباد شهر جي نوجوانن جو جيڪو ذهن تشدد ڏانهن
پيو وڃي، تنهن جو ڪارڻ سمجهه ۾ اچي ويندو، ته اسان
جي شهر انهن کي ڪجهه به نه ڏنو آهي.“
حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، پاڪستان
ٺهڻ کان اڳ ان جي آبادي ٽي لک هئي. هاڻي نو لک
آهي. چوندا آهن ته تڏهن ان جي نالين ۾ صندل جو
پاڻي وهندو هو، پر هاڻي رت وهي ٿو. شهر ۾ پراڻا ۽
نوان آباد ٿيل ماڻهو کير کنڊ جيان رهندا هئا. پوءِ
حالتن ۽ سياست ڪارڻ رنگ بدليا، کير ڦٽي پيو، کنڊ
ڦڪي ٿي وئي. هيءُ شهر هاڻي اداس ٿو ڪري. پر هڪ
ڳالهه طئي آهي، ته اداس ته ڪري ٿو، پر مايوس نٿو
ڪري. هن شهر تي موت جا پاڇا کڻي ڪيڏا به گهُمرا
ڏيندا رهن، پر هن شهر ۾ جيئڻ جي خواهش چڱي ريت
جيئري آهي. ٿي سگهي ٿو ته وقت هن جي چال بدلائي
هجي، پر هن جي اڀرندڙ قدمن کي روڪيو ناهي.
حيدرآباد جا رهاڪو هاڻي به، يا کڻي ايئن چئون، ته
اڃان تائين اڳتي پيا ڏسن، پر ڪيستائين ڏسندا
رهندا، ان جي ڄاڻ الله کي ۽ انهيءَ جو اندازو
سياستدانن کي آهي. |