هڪڙي ڏينهن چيائين ته: ڪنهن وقت الاهي ديدار جي نور ۾ غرق هئس.
آواز ٿيو ته اي ڀرڪيا ٻانهو ٿيندين؟ چيم ته : نه .
وري آواز آيو ته ڀلا نوڪر ٿيندين؟ چيم: نه. اهڙو
آواز وري وري ٽي ڀيرا ٿيندو رهيو. پر مون قبول نٿي
ڪيو، نيٺ آواز آيو ته جنهن صورت ۾ نه ٻانهو آهين
نه نوڪر. تڏهن ٻڌاءِ ته ڇا ٿيڻ گهرين ٿو؟ عرض ڪيم
ته خداوندا! ڪجھ نه آهيان ۽ ڪجھ نه ٿيڻ چاهيان ٿو.
هن چوڻ تي الله تعاليٰ قدرت جو هٿ منهنجي پٺي تي
رکيو ۽ منهنجي معرفت قبول ڪرڻ فرمايائين
ميرڻ ڪاتيار: ابتدا ۾ هڪ ڏينهن ڀنگ پي ٻيڙي ۾ چڙهيو ٿي ويو ته
هڪدم الاهي جذبي ۾ بيهوش ٿي ويو ۽ جيڪي ملڻو هئس
سو مليس. ماڻهو انهيءَ معرفت جي ڪيفيت جي کائنس
پڇندا هئا، پر هو اهو لڪل راز ڪين کوليندو هو.
اوچتو هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهو سان پنهنجو احوال ظاهر
ڪري ويٺو ۽ اها حالت کائنس گم ٿي وئي. بس پوءِ ته
چرين جيان ڦِرندو ۽ طعام جو ٿالهه مٿي تي کنيو
جوڳين ۽ مستن جي ڳولها ڪندو ٿي رهيو سيد عبدالڪريم
کيس مخدوم نوح عليه الرحمة جي خدمت ۾ وٺي ويو ۽
رڳو ڏسڻ سان اڳئين کان به وڌيڪ معرفت جي مرتبي کي
پهتو. اهڙي حالت هٿ آيس، جو جڏهن انهي جو ذڪر ڪندو
هو تڏهن بيهوش ٿي ويندو هو، ڪيترائي ڀيرا کيس مُئل
سمجھي مٿس سوره ياسين پڙهيائون. هن کان روايت آهي،
جو چيو هئائين: حضرت عزرائيل جو مون سان ڪو به
واسطو ڪونه آهي.
خسرو بن محمود: اصل غزنوي جي بادشاهن مان آهي. اوڍيجن جي زمين م
سندس شاندار درگاه آهي. پاڻ توڙي سندس وزير الله
وارن جي زيارتگاه آهن. سندس هڪڙي ڪرامت ته هيءَ
آهي جو سندس آرامگاه جي آسپاس جھنگ مان ڪنهن کي به
ڪاٺي يا ٻي ڪنهن ٻي شي ۾ هٿ چراند ڪرڻ جي طاقت نه
آهي. هٿ چراند ڪندو ته انهي گستاخي جي ڪري هٿ نه
هوندس.
جڏهن ته ٻين بزرگن ۾ مخدوم عبدالحميد قادري، محمد شريف ۽ شيخ
ڌانو شامل آهن.
بلڙي شاهه ڪريم
شهيد ابراهيم شاهه: مشهور پير پرڏيهي، سندس قبر بلڙي جي ڳوٺ جي
آسپاس آهي. هن جي قبر جي چوڌاري گھڻا وڻ آهن، جيڪو
به ساهوارو انهن جي پن کي هٿ لائيندو هو سو هڪدم
مري ويندو هو. سيد عبدالڪريم سندس قبر جي مٿان اچي
چيو، ته جيڪي ماڻهو جيئرا آهن، سي نفس ٿا مارين ۽
تون، جو مُئل آهين، سو وري جيئرا ٿو مارين. چون ٿا
ته انهيءَ ڏينهن کان وٺي انهي بزرگ مان اها جلالي
نڪري ويئي.
سيد جلال: سيد عبدالڪريم جو وڏو ڀاءُ، وقت جو عارف هو. ڀاءُ جي
حياتي ۾ گذاري ويو. سيد عبدالڪريم کان نقل آهي ته:
ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ساڻس گڏ کائي رهيو هوس ته اوچتو
کاڌي جي ٿالهي غائب ٿي ويئي. منهنجو ڀاءُ هڪدم ڳوٺ
کان ٻاهر نڪري ويو ۽ وڻن جي وچ مان اُها ٿالهي کڻي
آيو. اها حالت ڪيترا دفعا ٿي. ظاهر ۾ لڳي ٿو ته
ٿالهي کڻي ويندڙ ڪو جِن هوندو.
سيد عبدالڪريم: ولد سيدالله مٽياري سيدن مان هو. سندس ولادت 944
هجري ۾ ٿي. پهريائين سخت رياضتن ۾ گذاريائين.
جهڙوڪ: صبح جو مسجد ۾ ٻانگ چئي جماعت جي گڏ ٿيڻ
تائين وظيفن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. نماز پڙهڻ کان
پوءِ به اشراق تائين اهڙي نموني سان وقت گذاري گهر
تشريف آڻيندو هو. ۽ گهر جو ڪاروبار جهڙوڪ ماني
پچائڻ، کارائڻ وغيره جو پورو ڪرڻ کان پوءِ گدائي
ڪري فقيرن کي ڍوءَ ڪرائي، هر مٿي تي رکي، ڏاند
ڪاهي ٻني ۾ ويندو هو ۽ سج لڙڻ تائين وقت هر ڪاهڻ ۾
گذاري، ڏاندن جو گاهه لُڻي گهر ايندو هو. پوءِ
ڏاندن کي گاهه وجهي ٻپهريءَ جي نماز جي تياري ڪندو
هو. ٻانگ ڏيئي نماز جماعت سان پڙهي وري دستور موجب
ٻني ۾ وڃي ڏاندن جو گاهه لُڻندو هو ۽ ڏاندن کي
پاڻي پياري موٽي ايندو هو. تنهن کان پوءِ ٽپهري،
سانجهي ۽ سومهڻي جي نماز پڙهي، گهر جي ڪم ڪار ۾
فقيرن کي گهرائي ڪري کارائڻ کان واندو ٿي پنهنجي
ڳوٺ کان راهوٽ جي ڳوٺ ڏانهن نڪرندو هو. رستي ۾ سڀ
ڪنهن ڳوٺ جي مسجد جي پاڻي ۽ ڀترن جي خبر چار لهي.
سُتلن جي خدمت ڪري اتان اڳتي وڌندو سڌو ٺٽي تائين،
مسجدن جي اهڙي طرح سنڀال ڪندو، ساموئي واهه تري
سڄيءَ مڪلي جي زيارت ڪري، ٺٽي جي شهر ۾ دستور موجب
مسجدن جي خدمت ڪري وڃي پير پٺي جي زيارت ڪندو هو.
اُتان وٺي هر هڪ ڳوٺ جي ساڳي طرح مسجدن جي خدمت
بجا آڻيندو، باک ڦٽي مهل اچي پنهنجي ڳوٺ ۾ داخل
ٿيندو هو ۽ اچي اول وقت ۾ مسجد ۾ ٻانگ ڏيندو هو.
ماڻهو خيال ڪندا هئا ته شايد سيد کي ننڊ اچي جو ههڙو سويل ٻانگ
ٿو ڏئي ڪنهن کي به هن سير ۽ سلوڪ جي، جو پنهنجي
جاءِ تي هڪ ڪرامت آهي، خبر نه هوندي هئي. ڪيئي سال
انهيءَ دستور گذاري انهيءَ درجي تي پهتو. تهجد جي
پهرئين رڪعت ۾ ايڏو ته گريه ۽ بيخودي مٿس غالب ٿي
ويندي هئي، جو پرهه ڦُٽي تائين سامت ۾ نه ايندو هو
۽ کيس ٻي رڪعت هٿ ڪانه ايندي هئي. پاڻ تعجب
فرمائيندو هو، ته ماڻهو تهجد ڪيئن ٿا ادا ڪن.
ڳالهه کُٽائڻي ته سندن ڪرامتون ۽ بلند مقامات حد ۽ حساب کان
ٻاهر آهن. ڪتاب ’بياض العارفين‘ ۽ ’تنبيہ
الغافلين‘ انهن مان ڪن ٿورين سان ڀريل آهي. سيد
محمد يوسف رضوي بکري مخدوم نوح، مخدوم سميجو ڪلي
ڳوٺ ۾ رهندڙ ۽ ٻين وڏن وڏن مشائخن سان صحبتون ڪري
فيض پرايو هئائين. حضرت مخدوم نوح عليه الرحمة
وٽان ڏاڍو فائدو حاصل ڪري، سندس اشاري موجب وڃي
مٿيئن جاءِ تي رهيو،سندس وفات 1030 هجري ۾ ٿي. کين
اٺ فرزند: سيد للو- جنهن تي ڏاڏي بزرگوار جو نالو
رکيل هو، سيد عبدالرحيم، سيد جلال، سيد برهاب، سيد
للو ثانيءَ، سيد دين محمد، سيد محمد حسين ۽ سيد
عبدالقدوس هئا.
سيد حبيب شاهه: سيد عبدالڪريم جي پاڪ اولاد مان آهي، سدائين وجد
۽ حال جو صاحب هوندو هو ۽ نهايت استغراق جي حالت ۾
رهندو هو. چون ٿا ته گهڻو ڪري ائين ٿيندو هو جو
سندن نامي گرامي فرزند سيد عبداللطيف، جنهن جو
بيان مٿي گذري آيو، سندن خدمت ۾ حاضر هو ته: توهان
جو ٻانهو عبداللطيف آهيان. پاڻ فرمائيندا هئا ته:
مون ’ڪونه ٻُڌو‘ سندس وفات جي تاريخ هن جملي مان
نڪري ٿي. ”الموت جسر يوصل الحبيب الي لقاء الحبيب“
(موت هڪ پل آهي، جيڪا دوست کي دوست جي ديدار ڏانهن
پهچائي ٿي. هي تاريخ مخدوم محمد صادق نقشبنديءَ جي
ڪڍيل آهي ۽ هجري سن موجب 115 هه نڪري ٿو. سندس
سڳوري فرزند سيد عبداللطيف ڀٽ ڌڻيءَ جو بيان مٿي
گذري آيو.
جڏهن ته ٻين بزرگن ۾ سيد دين محمد، سيد عبدالدليل، سيد
عبدالغني، سيد عبدالواسع، سيد محمد زمان، سيد مقيم
شاهه، سيد عبدالواسع ثاني، درس محمد امين، سيد جمن
نانگو ۽ سيد سماهبو شامل آهن.
رڪن پُور
شيخ ريحان جهنگلي: ذات جو سومرو، اُتي جو ڪامل آهي، شيخ رڪن
الدين ملتاني سندس زيارت لاءِ آيو هو، تنهن کان
پوءِ اتي انهيءَ ڳوٺ جو نالو سندس نالي پويا سڏجڻ
۾ آيو. شيخ ريحان جو اصلي نالو چنيسر هو. چون ٿا
ته اتفاقن ڪنهن وقت شيخ رڪن الدين ۽ مخدوم لعل
شهباز اچي اتي نڪتا ۽ کيس ماني کير ۽ ماکي کارائڻ
لاءِ زور ڀريائون. هڪڙو قدرتي جنڊ پيدا ٿي پيو،
جنهن جو هڪ پٿر اڃا باقي آهي، ۽ جنهن ڪنڊي جي وڻ
مان ماکي لاٿي هئائون، اهو ڪنڊو پڻ يادگار ۽ ماڻهن
جو زيارت گاهه آهي.
شيخ دودو: مٿئين شيخ محمد قطب جي ڀاءُ شيخ دودي جي قبر پڻ ڀاءَ
سان گڏ آهي. چون ٿا ته جڏهن شيخ دود شهيد ٿيو هو،
تڏهن مخدوم لعل شهباز فاتحه خواني لاءِ اچي پٿر ۾
ويٺو هو. اهو پپر و وڻ جنهن کي ٽيڪ ڏئي ويٺو هو،
سو اڄ تائين موجود ۽ نيڪن جي زيارت گاهه آهي.
شيخ ابراهيم: مٿئين شيخ ريحان جهنگلي جي اولاد مان پنهنجي وقت
جو صاحب هو. هڪ ڏينهن سيد علي شيرازيءَ جي زيارت
لاءِ آيو. تسبيح هٿ ۾ هيس. هٿ ڏنائين ته سيد
فرمايس ته؛ توهان کي پڻ تسبيح هٿ ۾ آهي، وراڻيائين
ته: ڏٻري ۽ ضعيف گهوڙي لاءِ ته چهبڪ ضروري آهي. پر
تازو ۽ تکو گهوڙو به چُهبڪ کان سواءِ نه ٿو
سونهين.
جڏهن ته ٻين بزرگن ۾ شيخ رڪن الدين ملتاني، شيخ عنايت، شيخ ڪريم
ڏنو، تعلقي چاڪر هالي جو شيخ ريکن، ڍوري هڱوري جو
سيد هارون، سيد شير يزدان، سيد الهيار، سيد محمد ۽
درويش زڪريا شامل آهن.(6)
هينري ڪزنس
حيدرآباد جا قديم آثار
حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر شهر، ضلعي جو صدر مقام سنڌو درياهه جي
اوڀارين ڪنارن کان ٿورو پري ۽ ڪراچي کان اٽڪل نوي
ميل پري اتر- اوڀر ۾ آباد آهي. هي مشهور هاڻوڪي
درياهه ۽ پراڻي ڦليلي پيٽ جي وچ تي هڪ ٽڪري تي
اڏيل آهي ڦليلي جي جاءِ تي اڏيل آهي. ڦليلي اڄ
هڪڙو واهه وهي ٿو، جيڪو اترکان ڏکڻ ٻه ميل کن
ٿيندو. جنهن جي آخري ڇيڙي ۾ هڪ پراڻو قلعو آهي،
اهو پراڻي نيرون قلعي جي کنڊرن تي اڏيل آهي. جنهن
کي عرب حملي آورن 711ع ۾ فتح ڪيو هو. ان زماني ۾
درياهه شهر جو اوڀر طرف ڏئي وهندو هو. پر اهو
پراڻو وهڪرو ڦليلي سان نه ملايو وڃي، جيڪو هاڻي
واهڙ آهي؛ جنهن جو حيدرآباد جي اتر کان ٻارنهن
ميلن جي پنڌ تي سنڌو درياهه سان منهن آهي ۽ اهو
منهن ارڙهين صدي جي وچ ڌاري ٿيو جڏهن سنڌو درياهه،
اولهه ڏانهن پنهنجو نئون رخ بدلايو.
ڪننگهام پنهنجي ڪتاب”انڊيا جي آڳاٽي جاگرافي“ ۾ حيدرآباد کي
پٽالا ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ايليٽ، نيرون کي ٺٽي-
حيدرآباد رستي تي جهرڪن کان هيٺيان هيلايا وٽ ڏسي
ٿو. هتي ڪينجهر ڍنڍ آهي، جيڪا ڪافي وڏي آهي شايد
پاڻ اهو وساري ويٺو آهي ته ان ڍنڍ جو سنڌو درياهه
سان ڪوبه واسطو ڪونه هو، پر ان جي وچ تي وڏو ميدان
هو ۽ سنڌو درياهه وهڪري کان گهڻو اوڀر طرف وهندو
آهي هتي ايليٽ ڍنڍ کي گول مول ڍنڍ ڪري وڃي ٿو.
هوڏانهن ريورٽي ۽ ٻيا مصنف ان کي ڍنڍ نه بلڪه
درياهه چون ٿا ۽ ساڪري يا ساڱره کي ڍنڍ سمجهي ٿو
جنهن ۾ محمد بن قاسم ديبل کان نيرون پهتو هو ۽
نيرون کان اڳ ۾ ان جي ڪناري تي ڇانوڻي به هنئي
هئائين، نيرون ڪوٽ جي لڳ سونهري ڍنڍ هئي.
ريورٽي پنهنجي ڪتاب ” سنڌ جو مهراڻ“ ۾ ٽنڊي محمد خان ڀر سان
پراڻن کنڊرن کي نيرون ڪوٽ سمجهي ٿو، جيڪي شاهه
ڪپور جي اولهه ۾ يا ٻنهي جي وچ تي ڪٿي هئا. سونهري
ڍنڍ،جهرڪن جي ڀر سان، ٺٽي کان پنجويهه ميل پري،
ريورٽي جي پراڻي ماڳ کان ٽيتاليهه ميل پري هئي،
جتان محمد بن قاسم ڇهن ڏينهن ۾ نيرون پهتو هو، چچ
نامو، نيرون وغيره جو ذڪر ڪونه ٿو ڪري.جئين محمد
بن قاسم هن ڍنڍ تي سيوستان کان موٽندي ترسيو هو،
ٻئي پاسي ، ابن حوقل چوي ٿو ته : نيرون، ديبل ۽
منصوره جي وچ تي آهي، البته منصوره جي ويجهو آهي
جڏهن ته الادريسي ٻڌائي ٿو ته: نيرون ننڍڙو شهر
آهي ۽ قلعي وارو آهي ان جا شهري شاهوڪار آهن ۽
منجهس وڻ به جام آهن.
حيدرآباد جي هاڻوڪي نئين قلعي جي سردار ميان غلام شاهه 1768ع
(1182هه) ۾ بنياد رکيو جنهن هن شهرکي گادي جو هنڌ
بڻايو ۽ 1789ع مير فتح علي خان، هالن ڀرسان خدا
آباد ڇڏي هن شهر کي پنهنجي راڄڌاني بڻايو، تنهن
کان پوءِ هن قلعي اندر پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن مائٽن
لاءِ جڳهون جوڙايون اُتي مسجدون به تعمير ڪرايون
ويون جيئن رحمت الله واري مسجد يا طالب شاهه واري
مسجد، قلعي جي ڦاٽڪ واري پاسي ۾، جيڪا پهريائين
ميان غلام شاهه ۽ مائي خيري ٺهرائي هئي. انهي لاءِ
چيو وڃي ٿو ته اُهي سڀ مسجدون رڳو نون مهينن ۾
جُڙي راس ٿيون هيون.
حيدرآباد هاڻي سهڻو ۽ جديد شهر بڻجي پيو آهي. مکيه گهٽي سڄي شهر
مان، اُتر کان وٺي ڏکڻ، قلعي جي ڦاٽڪ تائين پهچي
ٿي، شهر جي اولهه طرف فوجي ڇانوڻي آهي. اتر يا
اُتر- اولهه طرف سنڌ جي ڪلهوڙن ۽ ٽالپر حڪمرانن جا
مقبرا آهن، جيڪي پري کان ڏسي سگهجن ٿا. ڪلهوڙن جا
قبا تباهه حالي جو شڪار آهن. ٽالپرن جي مقبرن جي
حالت چڱي آهي. انهن جي سار سنڀال سندن اولاد رکندو
اچي. ڪلهوڙن جون ٺهرايل جايون وڏيون، اڪيليون،
ويران، ڏور ۽ هڪ طرفيون جوڙايل آهن، پر ٽالپرن جون
جوڙايل جڳهون ٻن جهُڳٽن ۾ آهن.
شهر جي ڪنڊ تي جيڪو قلعو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جوڙايو هو، سو
شڪل صورت ۾ سنڌي طرز جو مضبوط قلعو آهي. اهو اڃا
به معقول صورت ۾ محفوظ آهي ايستائين جو اهي
عمارتون قومي حڪومت وقت پيون ٻهڪنديون هيون، سي
انگريز سرڪار 1857ع کان خالي ڪرائي ڇڏيون آهن.
انهن وري ڪجهه وقت لاءِ انهن کي فوجي رهائشگاهه
طور گدامن ۽ بارود خاني رکڻ لاءِ به ڪتب آندو.
گهڻو وقت اڳي اتي رکيل بارود جي ڪيميائي سفوف ۽
ميرن جي محلات تي فوجي پهرو ڏيندا هئا. ميرن جي
محلات جي ٿوري حصي کي آفيس به بنايو ويو هو. رچرڊ
برٽن جنهن هن جڳهه کي 1845ع ۾ ڏٺو، يعني مياڻي جي
جنگ کان رڳو ٻه سال پوءِ جڏهن ميرن کي اتان ڪڍيو
ويو هو. هو بيان ڪري ٿو قلعي جو اندريون طرف ڏاڍو
هوادار ۽ کُليل هو ۽ شهر ۾ انگڙ ونگڙ سوڙهيون
گهٽيون، ماڻهن جي ڪُلهي گيهه، پهريدارن ۽ نوابن جي
اچ وڃ، مسجدون، محلات، حرم سرايون، گهر، درٻار،
بيرڪون ۽ گهوڙن جون ڪڙهيون هيون.
بارود جي گدام جي ڀرسان ٻن انگريز آفيسرن جا مقبرا آهن. جيڪي
حيدرآباد واري جنگ ۾ ماريا هئا ۽ ٻيو دشمنن جي
توبچي جو هو جنهن کي انگريزن وڏي عزت ۽ احترام سان
دفن ڪيو هو. هنن هن جي مٿان پراڻي توب نصب ڪئي،
ڇوته هن آخري گهڙي تائين دليري سان جنگ جاري رکي
هئي. قلعي جي وچ تي وڏو منارو آهي. شايد ان تي ڪا
توب رکيل هجي يا رڳو خالي پهريداري لاءِ هجي. هتي
اسان کي رچرڊ برٽن ٻڌائي ٿو ته سنڌ جا خزانا دفن
ڪيا ويا هئا. هن انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان ٻارهن
سال اڳ راڄڌاني گهُمي ڏٺي هئي. ديوارن جي ڪُنڊن
تي يا انهن کان ننڍين ڀتين تي ڪُنگرا آهن، جن جي
سنهڙين ڳچين جي ڪري اهي ڪنگرا ماڻهن جا مٿا لڳن
ٿا. ڄڻ ته کين سانگ تي چاڙهيو ويو آهي. غلام شاهه
1772ع ۾ وڏي قلعي کي اُتر کان بچائڻ لاءِ ننڍو
قلعو به جوڙايو هو. هتي هڪ مقامي بزرگ حاجي محمد
مڪائيءَ جي مزار به آهي.
پراڻو محلات جيڪو غير ضروري ۽ غيراهم جڳهن سان ٽمٽار لڳو پيو
آهي. اُتي هڪ وڏو ڪمرو آهي، جنهنکي ’سينگاريل
ڪمرو‘ سڏيو ويندو آهي. ان ڪمري ۾ جيڪا عمدي ۽ فن
جو شاهڪار شيءِ آهي. سا سندس ڀِت آهي. ڪمري جون سڀ
ڀتيون روايتي رنگ سان رڱيل آهن. پر چئني محرابن جي
پُٺئين پاسي ڪي تصويرون آهن، جن جي اعليٰ نموني
سان چترڪاري ٿيل هئي. انهن مان هڪ تصوير ۾ پنجاب
جي راجا رنجيت سنگهه ۽ لارڊ ليڪ جي 1803ع ۾ ملاقات
جو منظر چڱي پر چٽيل آهي. ٻين ڀتين تي سٺي قسم جو
رنگ روغن ٿيل آهي. پر بيجاپور جي ست محل جيان انهن
کي رهڙي تباهه ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ ته من
ڪٿان سون ملي وڃي. پر اڃان به محلات ۾ ڪاٺ جو
اُڪريل بهترين دروازو موجود آهي.
رچرڊ برٽن جو قلعي جي اندروني حصي بابت ڏنل احوال،
چڱو آهي ته هتي ئي ڏئي ڇڏجي. ڇاڪاڻ ته ٽالپرن جي
گهرو ماحول جي چڱي طرح ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو: ” حيدرآباد
جي محلات جو زمين تي هيئن نقشو بنايو ويو آهي.
اوهان ڊونڊڙا ٿي، ننڍڙي دروازي مان لنگهندو، جيڪو
هڪ وڏي ڦاٽڪ ۾ اڪيلو لڳل هوندو، ته اوهان هڪ
مستطيل اڱڻ ۾ اچي نڪرندو. ساڄي طرف هڪ خانگي مسجد
آهي. فرش گچ جي گاري سان ٺاهيل آهي. سامهون گهوڙن
جون ڪڙهيون آهن ۽ کاٻي پاسي رڌڻا، نوڪرن جي رهڻ
جون جايون ۽ آفيسون آهن. ۽ محلات اُتر طرف آهي،
جنهن جو رهائشگاهه هڪ ڪرو ورانڊو آهي. جيڪو ڪاٺ جي
ٿنڀن تي بيٺل آهي. سامهون چيلهه جيتري خوبصورت ڀت
نڪتل اٿس. اوهان کي اچڻ سان مُنهن ۾ مرداڻا ڪمرا
ملندا، زنانو حصو، جنهن کي حرم چئجي، سو انهي جي
پُٺئين پاسي ڄڻ قيدخانو آهي. هيٺاهين دروازن سڄيءَ
جاءِ کي ڳنڍي رکيو آهي. جڳهه جو اندر ڄاڻي ٻجهي وڌ
کان وڌ اونداهو رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾
روشنيءَ کي معتدل رکڻ جو مقصد تحفظ ۽ نويڪلائي هو.
ڪن ڪمرن ۾ چيروليءَ سان پٽا ڪڍي عربي نموني سان ان
کي ڏاڍي سهڻي نموني سينگاريو ويو آهي، جيئن اسان
خوبصورت ۽ چمڪندڙ چترڪاري ڪندا آهيون. |