ڪچي
جي الهندي، هاڻوڪي جاءِ، ڪچهريءَ جو بنگلو هوندو
هو، جيڪو پوءِ سڙي ويو. انهي پاسي ٻيو ميان شاهه
محمد مڪائي جو ڪوٽ ياد پوي ٿو، جتي حج جي ڏينهن
ميلو لڳندو هو ۽ حج به رات به. اُتي هڪڙو شينهن به
بيٺل هوندو هو. حج جي رات، ميڙي وارا ماڻهو، ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي جي قبي تي به ويندا هئا. سرڪاري
باغ وغيره سڀ پوءِ ٿيا آهن. باقي اتي جهانيان جو
ٽنڊو هو. سيد روشن علي شاهه جو والد، تمام پير مرد
هو. منهنجو ڏٺل هو. ٻيو اتي ماهي ماهڻ جو ٽنڊو هو.
ٻيا ٽنڊا، مڇي بازار جي اتر ڏي ولي محمد جو ٽنڊو،
ڪوٽ جي در جي ويجهو طاهر جو ٽنڊو ۽ ڪوٽ جي اڀرندي
ڏي، ڪانگن کاڌيءَ پُل جي به اڀرندي ۽ تروٽ باغ جي
ڏکڻ ڏي وري چنڊ ويٺل هئا، جنهن کي چنڊن جو ٽنڊو
چوندا هئا.
مير صاحب پهرين يوسف جي ٽنڊي ۾ رهندا هئا، جيڪي پوءِ اچي اتي
درياهه تي ويٺا. پريان مير محمد خان ويٺو، جيڪو
پوءِ ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. اوريان مير حُسين علي
خان ۽ مير حسن علي خان وارا اچي ويٺا..........
گدوءَ جو ٽنڊو به ننڍو هو. چرين جي اسپتال به ڪانه
هئي. جاءِ پوءِ پيئي آهي. پُل به ڪانه هئي.
گدوبندر ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ آگبوٽ ايندو ويندو هو.
ڪوٽڙيءَ ۾ انڊس فلاٽلا جو خارخانو هوندو هو، جو
ملتان تائين آگبوٽ ايندا ويندا هئا، جو ريل گاڏي
ڪانه هئي........ جڏهن ڪوٽڙي کان ڪراچيءَ واري
گاڏي پهرين نڪتي تڏهن ڪوٽڙيءَ جو شهر جو تمام وڏو
هو؛ پر پوءِ منجهس وبا جي بيماري پيئي تنهن ناس
ڪري ڇڏيس ۽ آگبوٽن بند هئڻ ڪري به زور گهٽجي
ويس.........
مذهب بابت
مذهب جي خيال کان، مير صاحب ٽالپر، پهرين ڪلهوڙن جا مريد هئا.
ڪلهوڙا جيتوڻيڪ شيعا نه هئا، پر اهلبيت سان ۽ حضرت
شاهه سان گهڻي محبت رکندا هئا. شيعن وانگي، وڏا
شهپر رکندا هئا. مير صاحبن جي حڪومت ۾، ايران سان،
سندن گهڻو واسطو رهيو، تنهنڪري اهي شيعا ٿيا. مير
صاحبن مان، مير مراد علي خان ۽ مير صوبدار خان،
چوندا آهن ته سُني هئا. پر ٻيا سڀئي شيعا هوندا
هئا. مير ڪرم علي خان ته خاص شيعو هوندو هو ۽ ثابت
علي شاعر به سندس ئي زماني ۾ زور ورتو. محرم ۾
ماتم جي رسم به تڏهن عام ٿي. ڪوٽ ۾ هڪڙو پڙ خاص
ميرن جو هو ۽ ٻيو فقيري جو پڙ مشهور هوندو هو. ٻه
ٽي ٻيا پڙ به هوندا هئا، جيڪي مون کي ياد آهن، جتي
ننڍي هوندي، اسين پاڻ وڃي مرثيا پڙهندا هئاسين.
سيج، تابوت، ۽ دُلدل به ڪڍندا هئا. ساڳيءَ طرح آغا
صاحب به شيعا هئا. ناني مرحوم ۽ بابي مرحوم جن ۽
ٻيا گُرجي مرزائون به، مير صاحبن وٽ رهڻ ڪري شيعا
ٿيا ۽ اُنهن جي اولاد هئڻ ڪري، اسين سڀ شيعا سڏبا
آهيون. جيتوڻيڪ پوءِ اسان مان به ڪي، جهڙوڪ مرزا
قزلباش مرحوم ۽ مرزا علي اشرف، سرهندي پيرن جي
مريد هئڻ ڪري، سُني ٿيا. اُهي به هن سبب ٿيا، جو
مرزا مُحب علي ۽ مرزا نواز علي بيگ ۽ مرزا فيض
احمد ۽ ٻيا، وڃي سرهندي پيرن جا مريد ٿيا ۽ سُني
ٿيا.
جيتري قدر مون کي ياد آهي، نانو مرحوم ۽ بابو مرحوم مذهب جي
خيال کان شيعا هئا، پر ڪڏهن به خيلفن ۽ ٻين اصحابن
کي گهٽ وڌ هرگز نه ڳالهائيندا هئا. ٻيو ته جيتوڻيڪ
شيعا هئا تڏهن به نماز، ڪڏهن هٿ ٻڌي پڙهندا هئا،
ته ڪڏهن هٿ ڇوڙي پڙهندا هئا؛ ڪڏهن ساڳي نماز ۾ ڪي
رڪعتون هٿ ٻڌي پڙهندا هئا، ته ڪي هٿ ڇوڙي، خاڪ شفا
جي ٽڪي به ڪم آڻيندا هئا، آئون پاڻ به ايئن ئي
ڪندو آهيان، جتيوڻيڪ انگريزي پڙهڻ، ٻين مذهبن جي
ڪتابن جي اڀياس ۽ تصوف جي گهڻي شوق رکڻ سبب پاڻ کي
نڪي سُني، نڪي شيعو سمجهندو آهيان. عيدن تي يا
جماعتن جي نمازن ۾ به سُني امام جي پُٺيان نماز
پڙهندو آهيان جيئن بابو مرحوم ۽ نانو مرحوم ڪندا
هئا. آخوند محمد شفيع مرحوم، هميشه عيد تي نماز
پڙهائيندو هو. مامو مرزا علي محمد بيگ مرحوم به
انهي طرح اهلبيت جي مُحبت سبب شيعو هوندو هو، نه
ته ظاهري رسمن وغيره ڪري ۽ خليفن نوح هالن واري
درگاهه سان آمدرفت ٿيڻ لڳي. تنهن کان پوءِ، خاص
زالن ماڻهن جو، اوڏي عقيدو ٿيڻ لڳو ۽ ٻارن جي نسبت
۾، اتان دعائون دفائون گهُرنديون هيون، تنهنڪري
گهڻيون پاڻ کي، هالن واري پير جو مريد سمجهنديون
هيون. پيران پير ڏي به اسان جا مائٽ اعتقاد رکندا
آيا ۽ پير جي مٺائي ورهائيندا آيا آهن. انهيءَ طرح
ڏسبو ته اسان جا مائٽ، اعتقاد جي ڪري شيعا ۽ ظاهري
رسمن جي ڪري سُني رهندا آيا آهن.
حيدرآباد جي شهر ۾ به، جتي اڳتي ٿورا پڙ هوندا هئا، اتي هينئر
بيشمار پڙ ٿي ويا آهن ۽ ماتم ۾ شامل ٿيندا آهن؛ پر
آهن اڪثر اهي سڀ ماڻهو سُني. ڪي ٿورا منجهن اعتقاد
جي ڪري شيعا آهن. اُهي وري اعتقاد جي ڪري سُني آهن
۽ ڪن ظاهري رسمن سبب شيعا آهن. اسان منجهان به ڪي
سخت شيعا ٿيا آهن ۽ ڪي نه. جيئن ته ناني مرحوم جي
اولاد مان مرزا محمد رحيم بيگ ۽ انهي جا پُٽ، سخت
شيعا آهن. اسان منجهان ادو مرزا صادق علي بيگ سخت
شيعو هو ۽ سندس پٽ به شايد اهڙا آهن. ننڍن منجهان
مرزا ناصر علي بيگ، سخت شيعو آهي. حقيقت هيءَ آهي
ته اصل عقيدت جي ڪري اسين يا ٻيا، جيڪي شيعا يا
اثنا عشري آهن، سي ننڍي هوندي کان ئي انهي مذهب جي
پوري تعليم نه ملڻ سبب ۽ سُني آخوندن وٽ پڙهڻ ڪري
۽ سنين سان گڏ رهڻ ڪري انهن جون ظاهري رسمون وٺي
ويا آهن.
انهيءَ ٻاهرين اثرن جا ٻيا به مثال آهن. هندو ماڻهو به، مسلمانن
سان گڏ رهڻ ڪري، مسلمانن جون ڪيتريون ئي رسمون وٺي
ويا آهن. مثلا امامن ۾ اعتقاد ۽ عاشورن ۾ شربت ۽
ٻيو نذر نياز ڏيڻ، پيرن تي وڃڻ، قبرن تي وڃڻ،
پوشاڪ مسلمانن واري ڪرڻ، هندو زالن جو پردي ۾ رهڻ
وغيره. انهي طرح مسلمانن به ڪيتريون رسمون هندن
جون ورتيون آهن. مثلا ڏياري تي ننڍي هوندي اسين به
گهر ۾ ڏيئا ٻاريندا هئاسين؛ کُڏڻا ٺاهيندا هئاسين
۽ ڦٽاڪا ڇوڙيندا هئاسين. جڏهن ٻارن کي ”مائي“
نڪرندي هئي، تڏهن واڃاڻين کي سڏبو هو، جيڪي اچي
واڻڪي رسم ڪنديون هيون ۽ ڇنڊا هڻنديون هيو، ڇا
لاءِ جو هندن ۾ ”سيتلا“، ماتا يا ديوي شمار ٿيل
آهي. ساڳيءَ طرح هندو ماڻهو، پير جي مٺائي به
ورهائيندا هئا.......... مون کي ڪيترا هندو سُجهن،
جيڪي صلواتون ۽ وظيفا پڙهندا آهن، جيڪي هُنن کي ڪن
پيرن يا فقيرن ڏسيا آهن، گهڻن هندن، منقبت ۽
مداحون پڻ لکيون آهن. انهيءَ طرح سڀڪو پنهنجي
فائدي جي اُميد تي عمل ڪري ٿو. تعصب وساريو ڇڏين ۽
جنهن به صحبت ۾ رهن ٿا، اُن جو مٿن اثر پوي ٿو.
ٻولي بابت
اسان جا مائٽ جڏهن سنڌ ۾ آيا، تڏهن ترڪي ٻولي ڳالهائيندا هئا ۽
پارسي به؛ پر پارسي ۽ عربي، هتي سنڌ ۾ گهڻو پڙهيا
– ڪي آخوندن کان ۽ ڪي پاڻ ۾ پڙهڻ ۽ صحبت ڪرڻ کان.
سنڌ ۾ رهڻ ڪري ۽ شادين ڪرڻ سبب سنڌي به سکيا،
جيتوڻيڪ پڇاڙيءَ تائين سنڌي صرف نحو ۽ اصطلاحن جون
چُڪون ڪندا رهندا آهن، جيئن ته ورلي مُذڪر کي
مُونث ۽ مونث کي مذڪر ڪري ڳالهائيندا هئا. مير
صاحب، اصل سرائيڪي ڳالهائيندا هئا، جو اُهي ڪلهوڙن
جا مريد هئا ۽ ڪلهوڙا، سرائي هئا ۽ سرائڪي ٻولي
ڳالهائيندا هئا. پوءِ ٿورو ٿورو ڪري سرائيڪي ڇڏي
ڏنائون ۽ سنڌي ڳالهائيندا آهن. گهڻا ٻروچ، سنڌ ۾
پهرين بلوچڪي ڳالهائيندا هئا، جيڪي پوءِ سرائيڪي
ڳالهائڻ لڳا ۽ آخر سنڌي زبان ڪم آڻڻ لڳا. مير
صاحب ٽالپر بلوچ هئا، تن جو به اهڙو ئي حال هو. ڪي
مير صاحب ته پوءِ پارسي پڙهي، تمام هوشيار ٿيا،
بلڪ حڪومت جي لکپڙهه پارسيءَ ۾ هلندي هئي، تنهنڪري
پارسي جي تعليم وڌيڪ ٿيڻ لڳي. گهڻا ايراني به سنڌ
۾ آيا، تن به آڻي پارسي وڌي. آغا صاحب، اصل کان
وٺي پارسي ڳالهائيندا هئا. سنڌي، جيتوڻيڪ ڳالهائي
سگهندا هئا، تڏهن به زور ڪري پاڻ ۾ ۽ ٻين سان
پارسي ڳالهائيندا هئا. سندن پوين ۾ به اهو رواج
هلندو آيو. هاڻي ڪي ٿورا ورهيه ٿيا آهن، جو پارسي
ڇڏي ڏني اٿن. اڳي ته آغا جي ٽنڊي جا شيدي ۽
شيدياڻيون ۽ ٻيا ماڻهو به پارسي ڳالهائيندا هئا،
ايتريقدر جو پهاڪو ٿي ويو به ”آغا جي ٽنڊي جون
گڏهيون به، پاڻ ۾ پارسي ڳالهائينديون آهن.“
ساڳيءَ طرح شيدي ۽ حبشي ماڻهو، جيڪي سنڌ ۾ اچڻ لڳا، سي به پاڻ ۾
شيدڪي ٻولي ڳالهائيندا هئا، پوءِ سنڌي سکيا، سا به
غلط سلط ۽ جڏي سڏي ڳالهائيندا هئا. مون کي ياد آهي
ته اسان وٽ دائي جافران شيدياڻي ۽ دائي گُلچمن
حبشياڻي هوندي هئي، جيڪي پنهنجي ٻولي ڳالهائينديون
هيون، ۽ پنهنجا راڳ به ڳائينديون هيون. سندن ٻولي
امان مرحومه به سکي ويئي هئي. جڏهن ٻين ماڻهن ۾ يا
ٻارن اڳيان ڪا ڳجهي ڳالهه ڪرڻي ٿيندي هيس ته هنن
سان شيدڪي زبان ۾ ڳالهائيندي هئي. شيدڪي يا حبشي
ٻوليءَ جا ڪي لفظ اڃا مون کي ياد آهن، جيئن ته
’پيسن‘ کي ’مگيرا‘ چوندا هئا، ’ماني‘ کي ’مڪاٽي‘،
’کائڻ‘ کي ’ڪُوڙيا‘، ’گوشت‘ کي ’نياما‘، ’مڇي‘ کي
’سماڪي‘، ’نه‘ کي ’اڪونا‘.
نانو مرحوم، صبح ۽ شام جو، ڪتاب ڪڍي، ويهي پڙهندو هو- اڪثر شعر
جا ڪتاب، بابو مرحوم به انهي وقت وٽس اچي ويهندو
هو. نانو مرحوم بيمار هوندو هو. بابو مرحوم پڙهندو
هو ته نانو مرحوم ٻڌندو هو. پوءِ وري شعرن جي
معنيٰ ۽ مطلب تي بحث ڪندا هئا. ڪڏهن وري انهي جي
تتبع تي شعر پڻ جوڙيندا هئا. اهڙي وقت، ڪڏهن آغا
زين العابدين شاهه ۽ مرزا قربان علي بيگ به اچي
ويهندا هئا. مرزا قربان علي بيگ کان، نانو مرحوم
ڪتاب لکائيندو هو، جيئن پوءِ، هُو مير حسن علي خان
جا به ڪتاب لکندو هو. بابو مرحوم به تمام چڱا اکر
لکندو هو – جهڙا عربي، تهڙا پارسي؛ جيتوڻيڪ رعشي
جي ڪري هٿ ڏڪندا هئس. ماڻهو حيران هوندا هئا ته
هٿن ڏڪندي، اهڙا چڱا اکر ڪيئن ٿو لکي سگهي؟! تنهن
کان سواءِ، نانو مرحوم، حڪمت جو ڪم به ڪندو هو.
هزارين دوائون وٺي رکندو هو ۽ خيراتي دوائون ڪندو
هو. طب جا مشهور ڪتاب وٽس گهڻا موجود هوندا هئا ۽
ٻيا آزمايل نسخا به گڏ ڪندو هو. بابي مرحوم کي به
سندس صُحبت ۽ شوق ڪري طب ايندي هئي. آغا زين
العابدين شاهه، جيڪو پڻ هڪ هوشيار حڪيم هو، سو به
اڪثر وٽن اچي ويهندو هو، ناني مرحومه جيڪا انهي ڪم
۾ ناني مرحوم جي مدد ڪندي هئي، سا به هوشيار طبيبه
هئي. پوءِ به پڇاڙي تائين ناني سندن ڏنل نسخن تي
قسمين قسمين جون معجنون، حلوا، موم روغن ۽ عرق
جوڙيندي هئي. جنهنڪري هوءَ پاڻ به طبيبڻ ٿي پئي.
نماز ۽ قرآن جي گهڻي مشغولي هوندي هيس. ڳوٺ جون
زالون، دوا درمل لاءِ نانيءَ وٽ اينديون هيون.
واندڪائي وقت، سُئيءَ جو ڪم به ڪندي هئي.
تعليم بابت
وڏا ڀائر، ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾، آخوند محمد شفيع وٽ پڙهندا هئا ۽
آئون به اُتي پڙهندو هوس، پوءِ صاحبلوڪن جي صلاح
سان، ناني جي حياتيءَ ۾، منهنجا ٻئي وڏا ڀائر،
انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريا ويا. مسٽر وشنو
گهنشام مرهٽو، تڏهن هيڊماستر هو. ڪن ورهين کان
پوءِ هو مئٽريڪيوليشن امتحان پاس ڪري، بمبئي جي
ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهڻ ويا. ۽ اسين ننڍا وري پهرين
حيدرآباد جي سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ لڳاسين ۽ پوءِ
انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ وياسين........... تڏهن
مسلماني خانداني اڪثر، نه رڳو انگريزي تعليم کان،
پر سنڌي تعليم کان به عار ڪندا هئا. ماڻهن کي
حيراني هوندي هئي، ته گهڻي پيدائش کان سواءِ، اهو
سڀ بندوبست اسين ڪيئن ڪري ٿي سگهياسين.
ڌيئن کي گهر ۾ قرآن پڙهائيندا هئا. امان مرحومه، ادين کي
پڙهائيندي هئي ۽ ناني مرحومه جي گهر جون ڌيئون به
اچي امان وٽ پڙهنديون هيون ۽ سبڻ ڀرڻ جو ڪم
سکنديون هيون. اسان جي هڪ ننڍي ڀيڻ کي بابي مرحوم
۽ پوءِ مون پارسي به پڙهائي ۽ تمام گهڻا ڪتاب پڙهي
ويٺي ۽ چڱي طرح پڙهندي لکندي هئي. امان مرحومه به
پڇاڙي تائين پڙهڻ لکڻ ۽ سبڻ ڀرڻ جي مشغولي رکندي
آئي. مون شادي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي گهر واريءَ کي
پارسي ۽ انگريزي لکڻ پڙهڻ سيکاريو. اردو ته اڳيئي
ايندي هيس پنهنجي وڏي ڌيءُ کي به ساڳيءَ طرح مون
تعليم ڏني ۽ ماستر رکي پڙهايو. پنهنجي ٻي ڌيءَ کي
ته انگريزي اسڪول ۾ به موڪلي ڏنم، جيڪا هاڻي ڪراچي
۾ ٿي پڙهي، پر مرزائن مان اسين پهريان هئاسين جن
انگريزي پڙهي ۽ پنهنجين ڌيئن کي لکڻ پڙهڻ
سيکاريوسين، جيتوڻيڪ انهيءَ تي اسان جا پاڙي وارا
عزيز کلندا هئا ۽ اڃا تائين پيا کلن.
ڳوٺ جا ٻيا ماڻهو پنهنجا ٻار ڪين پڙهائيندا هئا، سندن ڇوڪريون
سو قرآن پڙهڻ ۽ سبڻ جي ڪم سکڻ لاءِ اسانجن گهرن ۾
موڪليندا هئا، خصوصا مرزا قربان علي بيگ جي گهر.
گهڻا ورهيه پوءِ ميان امام علي مرحوم پڙهائڻ لڳو.
وٽس ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙهڻ لڳا ۽ هڪڙي مُلياڻي به
رکي ويئي. نيٺ اهو سرڪاري اسڪول ٿيو، جهڙو ڇوڪرن
لاءِ تهڙو ڇوڪرين لاءِ، آخر ڇوڪرين وارو اسڪول بند
ٿي ويو ۽ ڇوڪرن وارو اڃا هلندو اچي – پوءِ ته ڀُل
تي به اسڪول کُليو.
حيدرآباد جي شهر ۾ به اڳي پهرين ٻه چار مڪتب هوندا هئا. آخوند
ولي محمد جي مڪتب کان سواءِ آخوند محمد شفيع جي
ڀاءُ، آخوند محمد صديق جو مڪتب هوندو هو ۽ سندس
ڀاءُ آخوند ڀليڏنو به پڙهائيندو هو ۽ آخوند
نصرالله جو مڪتب به هوندو هو. اُتي مسلمان ڇوڪرا
به پڙهندا هئا ۽ عاملن جا به. مسلمان، قرآن به
پڙهائيندا هئا ته ابوالحسن جي سنڌي ۽ پارسي مداحون
به. هندو پارسي پڙهندا هئا. مير صاحبن جي ڏينهن ۾،
پارسيءَ جو عام رواج هو، تنهنڪري عام ماڻهو، چاهه
مان پارسي پڙهندا هئا ۽ منجهانئن گهڻا تمام هوشيار
هوندا هئا. انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ به پارسي
پڙهندا رهيا. جيتوڻيڪ پوءِ سنڌي پڙهڻ به شروع
ڪيائون. سنڌي به پارسي صورتخطيءَ ۾ لکي ويندي هئي،
جيئن ثابت علي شاهه جا مرثيا لکيل ڏسبا آهن. پوءِ
پنهنجي مرضي پٺيان، نج سنڌي اکرن تي جُدا جُدا
نُڪتا ڏيڻ لڳا. نيٺ سرڪاري تعليم کاتي، صلاح ڪري،
سنڌي الف بي جا ٻاونجاهه اکر ٺهرايا، جيڪي اڃا
تائين ڪم پيا اچن. پوءِ ٿورو ٿورو ٿي پارسي گهٽجڻ
لڳي. سرڪاري اسڪولن ۾ خاص طرح پڙهائيندا هئا. جيئن
اڃا تائين پڙهائڻ ۾ پئي اچي. بلڪه پوءِ جڏهن سنڌي
اسڪول عام ٿي ويا. تڏهن مسلمانن پريندي قرآن پڙهڻ
به ڇڏي ڏنو ۽ سڌو اسڪولن ۾ سنڌي پڙهڻ لڳا. انهي
هوندي به مُلن جا خانگي اسڪول پئي هليا، جتي ڇوڪرا
۽ ڇوڪريون قرآن ۽ ابوالحسن جي سنڌي پڙهندا هئا ۽
پوءِ آهستي آهستي سرڪار، انهن کي رجسٽر ڪري،
گرانٽ ڏيڻ لڳي. هاڻي ته ملن جي اسڪولن جو يا خود
مُلن کي تعليم ڏيڻ جو خاطر خواهه بندوبست ٿيو آهي.
جڏهن پهرين سنڌي اسڪول جام ٿيا، تڏهن ماسترن کي تعليم ڏيڻ لاءِ
نارمل اسڪول کوليو ويو، جنهن جو ماستر ميان محمد
هو. سنڌي اسڪولن جا مٿيان شاگرد، اُتي وڃي پڙهندا
هئا ۽ انهن کي پڙهائڻ جي تعليم به ڏيندا هئا. پوءِ
جڏهن اهي هُوشيار هئا، تڏهن انهن کي ٻين اسڪولن جو
ماستر مقرر ڪندا هئا. مسلمان ڇوڪرين جا اسڪول به
ڌار رجسٽر ٿيا ۽ پوءِ ماسترياڻين پيدا ڪرڻ لاءِ
زناني ٽريننگ ڪاليج کُلي ۽ نارمل ڪلاس يا نارمل
اسڪول کي اڳيئي ڦيرائي ٽريننگ ڪاليج ڪيو هئائون.
غريبن لاءِ اڳي نارمل اسڪول به کليل هئا، جيڪي
ڏينهن جو ڇوڪر يا وڏا ڪمائي، رات جو ٻه ٽي ڪلاڪ
اچي پڙهندا هئا.
جيئن مسلمان ۽ عامل، سنڌي آخوندن وٽ يا اسڪولن ۾ پڙهندا هئا،
تيئن واڻيا پنهنجا ٻُٽا اکر، وري واڻين جي هٽن تي،
ڪاري ڦرهيءَ تي، اڇن اکرن لکڻ سان پڙهندا هئا.
جڏهن کنڌا ۽ بنديون، انهن اکرن ۾ لکبيون هيون ۽
اُهي بنديون سول دعوائن ۾ پيش ٿيندون هيون. تڏهن
انهن ٻُٽن اکرن پڙهڻ ۾ مونجهارو ۽ رولو ٿيندو هو،
تنهنڪري سرڪار اُهي اکر به سڌاري، هندو سنڌي اکر
مقرر ڪيا، جيڪي پڻ سنڌي اسڪولن ۾ سيکاريا ويندا
هئا.
ننڍي هوندي جا سنڌي ڪتاب مونکي ياد آهن – پهرين باب نامو هوندو
هو ۽ پوءِ ايسپ جون آکاڻيون ۽ سکيائتو نروار نڪتو
۽ ٿورا ٿورا ٿي ٻيا ڪتاب نڪتا، جيئن ته ڀُنڀي
زميندار جي ڳالهه، پوءِ ڌرتي نروار، گرامر ۽ انگي
حساب جا ڪتاب نڪتا. پوءِ اقليدس يا جاميٽري ۽
تاريخ وغيره پهرين ڏينهن ۾ انگريزي، مسٽر اُڌارام
ٿانورداس ۽ مسٽر نربداس سکيا، جيڪي اڪثر سنڌي ڪتاب
لکندا ۽ ترجمو ڪندا هئا. جاميٽري، مسٽر ڪوڙيمل
ترجمو ڪئي. سنڌ جي تاريخ، نارائڻ جڳنناٿ پهرين
لکي. پوءِ ڪتاب لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ لڳس. ڪي ڪتاب
ڪاميٽي ۾ پيش وقت ڌاري، ننڍي هوندي آئون به ڪتاب
لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ لڳس. ڪي ڪتاب ڪاميٽي ۾ پيش ڪيم،
جيڪي کين گهڻو پسند آيا ۽ مون کي انعام به مليا.
انهي کان پوءِ جهڙو ڪاليج ۾، تهڙو پوءِ نوڪري جي
ڏينهن ۾، تهڙو پوءِ پينشن وٺڻ کان پوءِ ڪتاب لکندو
پيو اچان.
تعليم جي ڪم تي پهريون انسپيڪٽر، جنهن کي ناظم مدارس سنڌ چوندا
هئا، سو ميجر گولڊسمٿ هو، جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو ۽
اُهو ڪم به ڪندو هو. پوءِ مسٽر مور هو. ڊپٽي
انسپيڪٽر، نارائڻ جڳنناٿ هو، جنهن جي ڏينهن ۾
تعليم چڱو زور ورتو. سندس ڏينهن ۾ ادي مرزا غلام
رضا بيگ ۽ ادي مرزا صادق علي بيگ، انگريزي پڙهڻ
شروع ڪئي ۽ ميٽريڪيوليشن امتحان پاس ڪري
ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيا. کين سرڪاري خرچ،
اسڪالرشپن جي صورت ۾ بلڪه نوڪرن جو پگهار به ملندو
هو ۽ اسين به انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌي اسڪول ۾
ويٺاسين. بابو مرحوم، اڪثر اسڪولن ۾ ايندو هو،
جڏهن اسان کي انعام ملندا هئا. اسين ڀائر، جوڙي
جوڙي ٿي پڙهياسين. ادو مرزا غلام رضا بيگ ۽ ادو
مرزا صادق علي بيگ گڏ، آئون ادو مرزا قُلي بيگ گڏ؛
ادو جفعر قلي بيگ ۽ ادو نجف بيگ گڏ. پوءِ پڇاڙي ۾
ادو نجف علي بيگ ۽ ادو حيدر قلي بيگ گڏ.
مسٽر مور کان پوءِ مسٽر فلٽن جي ڏينهن ۾ پوءِ مسٽر لي وارنر جي
ڏينهن ۾ سنڌ جي تعليم زور ورتو. انسپيڪٽر، اڪثر
اسسٽنٽ ٿيندا هئا. گهڻو پوءِ خلاصا انسپيڪٽر مقرر
ڪرڻ لڳا. شايد پهريون خلاصو انسپيڪٽر مسٽر جيڪب
مقرر ٿيو هو.
مير صاحبن جي ڏينهن کانپوءِ به جيڪا سنڌي پڙهائڻ ۾ ايندي هئي،
يا جيڪا ڳالهائبي هئي، سا اهڙي هئي جو اڪثر هندو
مسلمان ٻئي، اهي ئي لفظ ۽ اصطلاح ڪم آڻيندا هئا.
سبب هيءُ هو ته پڙهائيندڙ به مسلمان هئا ۽ اڪثر
ڪتاب لکندڙ به مسلمان هئا؛ يا جيڪي هندو هئا سي به
انهن وٽ پڙهيل هئا. هندو ۽ مسلمانن جي ٻولين ۾ ڦير
ڪونه هوندو هو. جڏهن برهمو سماج پهرين رڳو مذهبي
ڪتابن ۽ دعائن ۾؛ پر پوءِ جڏهن ڇوڪرا اُنهن تي هري
ويا ۽ وڏا ٿيا ۽ تعليم کاتي ۾ ماستر ۽ ڊپٽي ۽ ٻيا
عملدار به هندو ٿيڻ لڳا ۽ ڪاميٽي جا ميمبر ٿيا ۽
پاڻ به ڪتاب لکڻ لڳا تڏهن کان وٺي، هندن جي سنڌي،
عربي سنڌيءَ کان ڦرڻ لڳي. عربيءَ سنڌيءَ وارا
مسلمان ڪا لفظ ڇڏي، اُهي زور ڪري سنسڪرت جا لفظ ڪم
آڻڻ لڳا. آخر اُنهي حد کي پهتا جو ساڳئي ماڻهوءَ
جو تازو لکيل ڪتاب، سندس اڳي لکيل ڪتاب کان ٻوليءَ
۾ بلڪل ٻيو پئي ڀانيو. نيٺ مسلمانن جو اعتراض
اُٿيو. جنهنڪري اسڪولي ڪتابن تي گڏيل ڪميٽي جي
نظر ۽ سُڌاري جو ضرور ٿيو.
............. منهنجي پهرين شاديءَ کان پوءِ، اسين پنهنجي گهر ۾
هندستاني يا اردو ٻولي ڳالهائڻ لڳاسين ۽ اردو
ڪتابن پڙهڻ ۽ گهُرائڻ جو مهارو ڪيوسين. اُنهيءَ
کانپوءِ، ٻين شادين ڪرڻ سان به پنهنجي گهر ۾
هندستاني زبان ڳالهائڻ جو رواج اڃان تائين وٺيو
اچون. اردو ڪتابن پڙهڻ جو رواج انهي کانپوءِ، ٻين
مائٽن جي گهرن ۾ به پوڻ لڳو.
ادي مرزا جعفر قلي بيگ جي گهر ۾ مئڊم هئڻ ڪري وري
انهي جي ٻارن ٻچن ۾ انگريزي ڳالهائڻ جو رواج پيو،
جيڪو اڃان سوڌو هليو اچي ۽ انهن جي صُحبت ۾، ساڻن
گڏ رهندڙ ٻين ٻارن کي به انگريزي ڳالهائڻ اچي ٿي. |