17-
تاريخ صبح جو فوجن ڪوچ ڪيو، جن ۾ سنڌي گهوڙي سوارن
جو جٿو ڪئپٽن جيڪب جي ڪمان هيٺ سڀ کان اڳ ۾ هو.
سندن پٺيان ڪئپٽن هينڊرسن جي ڪمان هيٺ سيپرس هئا.
جن سان سئو کن ڪمي سپاهين جو جٿو به ساڻ هو. اهي
انهي ڪري گڏ کنيا ويا ته اهي توب جي وڌڻ لاءِ رستو
صاف ڪندا وڃن. جيئن ته انهي جوءُ ۾ تمام گھڻا
واهه کوٽيل هئا، تنهن ڪري انهن کي پار ڪرڻ لاءِ
گھڻِي محنت گھربل هئي .اهو ئي سبب آهي جو اسان جي
توبخاني کي اڳتي وڌڻ ۾ دير لڳي. اسان گهڻو ڪري
واهن جي ڪپن کي ڪوري، اها مٽي وچ ۾ اڇلائي ٿي پر
ان هوندي به اُٺ توبن کي ڇڪي نه سگھيا هئا. اسان
کي انڪري واهن ۾ سٺي لاهي ٺاهڻ لاءِ سڄِي رات ڪم
ڪرڻو پيو. ساڳئي صبح جو اسان کي مٽياري جي ڀر ۾ ٻن
واهن مٿان رستو ٺاهڻ ۾ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت لڳي
ويو. انهن ٻن واهن جي پريان اسان ڏٺو ته ميرن
پنهنجي توبخاني جي سولائي لاءِ سڄو رستو ٺاهي
ڇڏيو. تنهن ڪري اسان جي توبن کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪابه
تڪليف نّظر نه ٿي. ستن ميلن جي واڌ اسان کي آڻي
ڦليلي وٽ ڪڍيو ، جيڪا سنڌو درياهه جي هڪ شاخ آهي
پر انهي وقت انهي جو پيٽ سڪو پيو هو. ڦليلي جي
اڀرندي ڪپ سان لا ڳو ٻن ٽن ميلن تائين سڌو رستو
ٺاهي ڇڏيو هو، تنهن ڪري اسان جي توبن کي اڳتي وڌڻ
۾ ڪابه تڪليف نه ٿي. ستن ميلن جي واڌ اسان کي آڻي
ڦليليءَ جي اُڀرندي ڪپ سان لاڳو ٻن ٽن ميلن تائين
سڌو رستو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي لڳو لڳ ڪيترائي ڳوٺ
هئا ۽ پڻ وڻن جا ڪي جهڳٽا به انهن جي وچ ۾ ڏٺا ٿي.
انگريز فوج اڃا پهريون ڳوٺ ڇڏي، ٻئي ڳوٺ تائين
پهتي ئي ڪونه هئي ته کين پري کان توبن جي ڇٽڻ جو
آواز ٻڌڻ ۾ آيو. سر چارلس نيپيئر انهي تي هڪدم
پنهنجي فوج جي اڳيئن حصي يعني ته توبخاني کي واهه
۾ ڇڏي، سنڌي گهوڙي سوار فوج کي ڦليليءَ جي پيٽ ۾
لڪائي ڇڏيو ۽ نون پائونڊن وارا گولا اڇلائيندڙ ٻن
توبن کي آجو ڪرائي، جنگ لاءِ تيار ڪرائي بيهاري
ڇڏيو. ٿوري وقت کان پوءَ سنڌي گهوڙي سوار فوج جو
هڪ جٿو ڦليلي جي شڪارڳڙهه (ٻيلي) جي چوڌاري جاسوسي
ڪرڻ خاطر ۽ باقي رهيل گهوڙي سوارن کي دشمن جي جاچ
پڙتال رکڻ لاءِ، اڳتي موڪليو ويو. نيٺ خاطري ٿي ته
دشمن ٻئي طرف هو. تنهنڪري جنرل وري به اڳتي وڌيو،
۽ هڪ اهڙي ڳوٺ وٽ اچي پهتو، جتي حيدرآباد جو رستو
درياهه جي ڪپ کان الڳ ٿي پيو. تڏهن جنرل جي ساڄي
هٿ تي ڦليلي جو سُڪل ڀڏو هو، جنهن جو رخ ڏکڻ طرف
هو. سندس ٻئي هٿ تي هڪ ڪچي ديوار هئي، جنهن جي
اندر هڪ گهاٽو ٻيلو (شڪارگاهه) هو ۽ سندس سامهون
ظاهر ٻهرچي جو ڳوٺ هو، جيڪو ڳوٺن جي انهيءَ سلسلي
جو آخري ڳوٺ هو. انهيءَ ڳوٺ کان اڌ ميل جي پنڌ تي
وري هڪ ٻيو شڪارگاهه هو، جيڪو ڦليلي جي ڪپ سان
ساندهه ميل کن گڏ هليو ٿي ويو ۽ انهيءَ ۾ سندس
کاٻي بازو واري فوج ڍڪجي ٿي ويئي.
سنڌي گهوڙي سوارن جا ٻه جٿا ڪئپٽن رسيل ۽ ڪئپٽن جيڪب جي هٿ هيٺ
اڳتي وڌندا رهيا. جڏهن هو کٻي طرف مڙيا تڏهن هڪ
اهڙي هنڌ وڃي پهتا، جيڪو دشمن جي توبن کان اڌ ميل
يا ان کان ڪجهه گهٽ فاصلي تي هو. هتي اچي انهن
قطارون ٺاهيون ۽ هتي ئي ٻيو جٿو، جيڪو ڦليليءَ جي
ڪناري تي شڪارڳڙهه جي جاچ وٺڻ ويو هو، سو به اچي
کين مليو. اهڙيءَ طرح اُهي بهادر جٿا دشمن جي توبن
جي نشاني تي هوندي، دشمن جي چرپر تي نظر رکندا
آيا، تان جو سڄي انگريز فوج وڌي آئي.
جنرل انهي رستي تان، جيڪو سندس سامهون شڪارگاهه جي کٻي پاسي کان
ٿي گذريو، هزار کن وال اڳتي وڌي آيو. اُتي هن ڏٺو
ته هو دشمن جي توبخاني جي سڌائيءَ ۾ هو، ان ڪري
سڄي فوج جي اُتي پهچڻ تائين هو ماٺ ۾ رهيو. فوج جي
پهچڻ ۾ دير انهي ڪري ٿي، جو رستن جي خراب هجڻ،
توبن جي واڌ ۾ ڏاڍو اٽڪاءُ ڪري وڌو. جيئن ته توبن
کي آڻڻ ۾ چڱو وقت لڳي ويو، تنهنڪري جنرل کي دشمن
جي صحيح پوزيشن کي جانچڻ لاءِ جهجهو وقت مليو.
اسان جي سامهون شڪارڳڙهه هو، انهي جو ڀتيون دشمن جي توبخاني جي
ماڻهن سان ڀريون پيون هيون، خاص ڪري انهي جي
اڀرندي واري پڇڙي تي ڏاڍا سپاهي ويٺل هئا، انهي
ماڳ کان دشمن جي ساڄي ٻانهين تائين توبخاني جي فوج
جا ٻه ڳتل جهڳٽا ٿي ڏٺا، جي ٻن جهنڊن جي چوڌاري
اچي جمع ٿيا هئا. انهن جي پٺيان گهوڙي سوار فوجن
تي فائر ڪري رهيون هيون، پر هاڻي انهن پنهنجن توبن
جو منهن جنرل ۽ سندس فوجن ڏانهن ڪيو. جئين ته دشمن
جي توبن ۽ جنرل جي فوج جي وچ ۾ وڏو فاصلو هو،
تنهنڪري ڪيل فائر بيڪار ويا. دشمن جي توبخاني جي
ساڄي ٻانهين وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ لڪل هئي، جنهن ۾ هڪ
ڳوٺ به هو، جنگ جو ميدان به ميرن پاڻ چونڊيو هو،
جتي هو هڪ طاقتور فوج سان اڳيئي قبضو ڪيو ويٺا
هئا.
اسان جو مقابلو جيئن ته هڪ اهڙي دشمن سان ٿيڻو هو، جنهن سان
اسان ڪڏهن به زورآزمائي نه ڪئي هئي، انڪر اسان کي
دشمن جي فوج جي جائزي وٺڻ جو وڏو وقت ملي ويو.
خيال ڪيو ويو ته انهي وقت اٺ هزار پيادا ۽ ٽي هزار
گهوڙي سوار فوج، جنرل جي ڊاٻي واري جاءِ کان ڏٺي
ويئي. اهو هنڌ جنگ جي ميدان کان اٽڪل هڪ ميل پري
هو، ان ڪري ٻروچن جي سڄيءِ طاقت جو ڪوبه پتو نه
پئجي سگهيو. انهيءَ جو هيءُ سبب هو ته اها سڄي
جوءِ، ديوارن، شڪارگاهه ۽ وڻن جي جهڳٽن سان ڀري
پيئي هئي، جنهن جي پُٺيان ڦليليءَ جو ڀَڏو هو،
تنهنڪري پورو پتو نه پئجي سگهيو.
نيٺ فوج پهچڻ سان جنرل اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ۽ هُن اهو رستو ورتو
جيڪو شڪارگاهه جي ڀت سان گڏ، ٽن والن جي فاصلي تي
گڏوگڏ پئي ويو. اها ڀت ٻروچن سان ڀري پيئي هئي، پر
جيئن اسين ويجهو پهتاسين، تيئن اهي ڪک پن ٿي ويا.
اها ڀت اٽڪل اٺ فوٽ اُڀي هئي ۽ انهي ۾ ڪوبه سوراخ
يا لنگهه وغيره ڪونه هو. تنهڪري انهي ڀت دشمن کي
اڳرائي ڪرڻ جو ڪوبه فائدو نٿي ڏنو، پر اسان جي
توبن جي فائرن کان بچڻ لاءِ اها اجهي طور کين وڏي
ڪم آئي. فوج جي اڳياڙي جڏهن سامهون کٻي هٿ تي اچي
پهتي، تڏهن کين هدايتون مليون ته اهي پريان بيٺل
وڻ جي ڀر ۾ جيڪو رستو آهي، انهي ڏانهن وڌن. جئين
ئي انهن فوجن چڱو ميدان والاري ورتو، تيئن ئي کين
ساڄي هٿ تي موڙي قطارن ۾ بيهاريو ويو. توبن کي وري
ميجر لائڊ جي ڪمان هيٺ شڪارگاهه جي ڀر ۾ پياديءَ
فوج جي ساڄي هٿ تي سئبرس سان گڏ بيهاريو ويو.
توبخاني ۾ چار پائونڊن واريون، ٽي ڇهن پائونڊن
واريون، ٻه چوويهه پائونڊن واريون ۽ ٻه ٻارهن
پائونڊن واريون توبون هيون. ساڄي بازوءَ جي پٺيان
نو بنگال گهوڙي سوار فوج جا، ٽي سئو پنجاهه سپاهي
رزروِ ۾ رکيا ويا هئا. سنڌي گهوڙي سوار فوج، جنهن
جو انگ پنج سئو کن هو. اهو ساڳيو هنڌ جهليو بيٺا
هئا، جتي کين ڪلاڪ اڳ بيهاريو ويو هو. اُهي پيادي
فوج جي قطارن کان اٽڪل ٽن سو وال اڳيان بيهاريا
ويا هئا، جتي اهي بيٺل هئا. اتي هڪ ڪڙئي جو سرسبز
ڀڏو هو، جنهن جي ڪنارن لڳ ڪٿي ڪٿي ڇڙو ڇڙ وڻ به
بيٺل هئا، اهو ڀڏو سڌو سيد سلطان شاهه جي وسيءَ يا
ڪاٺڙي ڏانهن ٿي ويو، جتي انهيءَ سنڌي فوج جي ساڄي
ٻانهينءَ کي ڍڪيو ٿي، ساڄي کان کاٻي تائين برطانوي
پيادي فوج هيئن هئي:
سڀ کان پهرين هر مئجسٽي راڻيءَ جي ٻاويهه ريجمينٽ، پوءِ هندستان
جي پنجويهه، ٻارهن ۽ پڇاڙي ۾ فرسٽ گرينڊيرس، اُتر
هندستان جي سڄي طاقت تيرهن سئو پنجاهه سنگينن تي
مشتمل هئي. ڪئپٽن ٽيٽ جي هٿ هيٺ پونا ج سوار فوج
هئي، جنهن سان ٻه سئو گرينڊيرس ۽ ٻه ڇهن پائونڊن
واريون توبون هيون. انهن کي پڇڙيءَ ۾ ساقه فوج طور
رزروِ ۾ رکيو ويو ۽ جنگ ۾ ڪم نه آندو ويو.
برطانوي فوجن اڳيان هڪ سوڙهو ميدان هو، جنهن ۾ ننڍڙيون واري جو
ڊٻون ۽ لاڻي جا ٻوٽا هئا. اهو ميدان ڦليليءَ تائين
اٽڪل يارهن سو والن جي وٿي ۾ هو. انهي ميدان کي
اوڀر طرف هڪ ننڍي نالي هئي، جنهن ۾ ساوڪ ۽ پڻ
ڪجهه وڻ به هئا. اُتي هڪ واهه جو اُڪرڻ جهڙو ڪونه
هو. اولهه طرف به اهو ميدان شڪارگاهه جي ڀت سان
بنديو پيو هو، جيڪا اُتر- اوڀر ڪنڊ کان ڦليلي
تائين ڏکڻ- اوڀر طرف ڇهه سئو والن تائين پکڙيل
هئي. اها ديوار انهي ڳوٺ کان پڻ ست سئو والن جي
فاصلي تي هئي، ۽ اها وٿي اڳتي هلي جنگ جو ميدان
بڻي. سنڌي فوج اهو ميدان سوچي سمجهي هٿ ڪيو هو،
ڇاڪاڻ ته انهي ۾ ڦليلي جي ڀڏي کين مورچي جو ڪم ٿي
ڏنو. برطانوي توبخانيءَ ۽ گهوڙي سوار فوج کي
انهيءَ ڪري اجهي نه هئڻ سبب ڏاڍي تڪليف ٿي هئي،
جيئن هن بيان جي نتيجي ۾ ڏيکاريل آهي.
جيئن ئي برطانوي فوج قطارون ٺاهي بيٺي ۽ جنگي جوڌن کي ميدان ۾
موڪليو ويو، توبن کي به ڌڪي ٻه سئو وال کن اڳتي
ڪيو ويو، يارهين بجي صبح جو سنڌي فوج جي توبخاني
تي گولي بازي ڪئي ويئي. هر مئجسٽيءَ جي ٻاويهين
ريجمينٽ توبخاني کٻي هٿ تي ۽ باقي ريجمينٽون پٺيان
ويهن قدمن جي فاصلي تي قطارون ڪري بيهاريون ويون.
سنڌي فوج جي توبن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ برطانوي فوج
پنهنجون توبون ٻه سئو پنجاهه قدم اڳتي ڪيون. سنڌي
فوج جي توبن ڪوبه چاڙهه ڪونه ڏيکاريو، ڇاڪاڻ ته
اهي برطانوي فوج کي ڪوبه زيان پهچائي نه سگهيون.
ويتر جو برطانوي فوج جي توبن مٿن سڌا ڌڪ هڻڻ شروع
ڪيا، تن هڻي کين ٿڌو ڪري ڇڏيو. انهي وقت شڪارگاهه
۾ هڪ ڳڙک ظاهر ٿي پيو، جيڪو برطانوي فوج جي ساڄي
ٻانهن جي بلڪل ويجهو هو. ٻاويهين ريجمينٽ جي ڪئپٽن
ٽِيو کي تنهنڪري هڪدم سنڌي فوج کي ڀڄائڻ لاءِ
اوڏانهن موڪليو ويو، ڪئپٽن ٽيو، جيڪو اوڏانهين هڪ
ننڍي جٿي سان ويو هو، تنهن شڪارگاهه جي مُنهن وٽ
جتي جهنگ به هلڪو هو، سنڌي فوج کي پوئتي هٽايو.
ڪئپٽن ٽيو البت پاڻ مارجي ويو، ۽ ڪمپنيءَ (دستي)
کي به ڪجهه نقصان رسيو، پر هو شڪارگاهه مان سنڌي
فوج کي ڀڄائي ڪڍڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو. ٽيون ڊاٻو
ڦليلي کان ٽن سئو والن تي ڪيو ويو هو. انهي وچ ۾
برطانيا جي ڪجهه توبن شڪارگاهه ٻاهران گولي بازي
ڪئي ته ڪن وري سنڌي فوج جي توبخان تي فائر ڪيا.
نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي فوج جو توبخانو بلڪل خاموش
ٿي ويو. پيادي فوج، جيڪا ريجمينٽن سان بلڪل لڳو لڳ
بيهاري ويئي هئي، تنهن کي آخري حملي لاءِ تيار
رکيو ويو.
جڏهن آخري حملي جو حڪم ٿيو تڏهن هز مئجسٽي جي ٻاويهين ريجمينٽ،
جيڪا برطانيا جي يورپي ريجمينٽ هئي، نهايت سهڻي
نموني ۾ اڳتي وڌي. سنڌي فوج جي جامڪيدار بندوقن
مان ڪئين فائر ڪيا ويا، پر هنن انهن کي نهايت
بردباريءَ سان برداشت ڪيو. جيتوڻيڪ جواب ۾ هنن به
فائر ڪيا، پر وريو ڪي ڪين، ڇاڪاڻ ته سنڌي فوجي
ڦليلي جي ڪناري جي آڙ ۾ هئا. تنهنڪري انهن نهايت
خبرداري سان نشانو وٺي برطانوي فوجن ڏانهن بندوقن
جا فائر پئي ڪيا. نيٺ اتر هندستان جي پنجويهين
ريجمينٽ جنگ ۾ جُنبي وئي ۽ ٻارهين ريجمينٽ ۽
گرينڊير به جُنبي پيا. ٻئي طرف سنڌي فوج ساڄي
ٻانهينءَ کان به وڌيڪ سگهاري هئي. اهو انهي سبب
ڪري جو ڀڏن ۽ ڳوٺ جي گهرن انهن لاءِ بچاءَ جو وڏو
ڪم ٿي ڏنو. برطانوي فوجن جي اڳتي وڌڻ ڪري سنڌي فوج
پنهنجون توبون خالي ڪري ڇڏي وئي، جن مان ڪيتريون
ئي برطانوي فوج جي قبضي ۾ اچي ويون، پر جيئن ئي
فاصلو گهٽ ٿيندو ويو، تيئن بهادر سنڌي فوجن کي جنگ
ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. هنن ڇا ڪيو جو پنهنجون
جامڪيدار بندوقون کڻي اُڇليائون ۽ ترارون کڻي ڪُڏي
جنگ جي ميدان ۾ ڪاهي پيا.
هنن اهڙي ته بهادريءَ سان مقابلو ڪيو جو برطانوي فوج کي ڪيترائي
ڀيرا ڌڪي پوئتي ڪري ڇڏيائون. اتر هندستان جي
ٻارهين ريجمينٽ کي سنڌي فوج ٻه ٽي ڀيرا پوئتي
هٽايو، پر وري به کين سندن آفيسر اڳتي آڻي ٿي
ڪڍيو. بريونٽ ميجر جئڪسن فوجن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ
گهوڙي تان لهي پيو ۽ اهڙي طرح پنهنجي جان قربان
ڪيائين. هو رڳو ٻن حوالدارن سان اڳتي وڌيو هو ۽
ٿورو وقت جنگ ڪرڻ کان پوءِ دشمن جي تلوار سان وڍجي
مري ويو. پهرين ۽ ٻارهين گرينڊيئر ريجمينٽ کي ئي
سنڌي فوج اهڙو منجهايو، جو اُهي ڀڄڻ تي مجبور ٿي
ويا ۽ جنگ ۾ ايترو حصو وٺي نه سگهيا. پنجويهين
ريجمينٽ جو اڳواڻ ڪمانڊر ميجر تسيڊل سپاهين کي
همٿائيندي مارجي ويو، جيڪي ميدان ڇڏي ڀڄي رهيا
هئا. ليفٽيننٽ ڪرنل پين فادر ٻاويهين ريجمينٽ جي
اڳواڻ کي بندوق جي گولي لڳي ۽ هو مارجي ويو ۽ سندس
جاءِ ميجر پول وڃي ورتي. اهو اهڙو وقت هو جو يورپ
جي بهادر فوج به سنڌي فوج جي خطرناڪ حملي سبب اڳتي
نه وڌي سگهي ۽ هڪ جاءِ تي ڄمي سنگينن جي مدد سان
دشمنن کي ماريندي رهي. اهڙي طرح اهي پاڻ کي دشمن
جي تلوار جي کاڄ ٿيڻ کان بچائيندا رهيا. ڇو ته
سنڌي سپاهي جنگ لاءِ ڇتا ٿي پيا هئا ۽ انهن مان
ڪيترن جو ڀنگ يا آفيم استعمال ڪيل هو.
ليفٽيننٽ مئڪمرڊو اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل جو جڏهن گهوڙو مارجي
ويو، تڏهن هُن هڪ سنڌي سردار سان هٿو هٿ جنگ ڪري
کيس ماري وڌو، ۽ سندس سون جي هٿيي واري تلوار تي
قبضو ڪري ورتو. تنهن هوندي به برطانيا جا بهادر
آفيسر ۽ سپاهي ماريا پئي ويا. جنگ جي اهڙي حالت
ڏسي سرچارلس نيپيئر پنهنجي گهوڙي کي اڙي هڻي اڳتي
وڌيو ۽ ٻاوهين ريجمينٽ ڏانهن مُنهن ڪري پنهنجي
ٽوپي کي لوڏيندي، انهن بهادر سپاهين جي همٿ
افزائي ڪئي. هن پنهنجي بچاءُ جو ڪوبه خيال نه
ڪندي اڳتي وڃي اُتر هندستان جي پنجويهين ريجمينٽ
کي اڳتي وڌڻ جي هُشي ڏني. جنرل جي تنهن وقت اها
منشا هئي ته زبردست حملو ڪري دشمن کي ندي
(ڦليليءَ) جي ڀڏي مان ٻاهر ڪڍون، پر اها پوري نه
ٿي سگهي. سنگينون تمام گهٽ ڪم آنديون ويون هيون، ۽
جامڪيدار بندوقن ۽ چمڪندڙ ترارين جي جهلڪ به گهٽ
ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته برطانوي فوج جي ننڍڙين توبن
ڦليليءَ جي ڪڙ وٽان فائرنگ ڪري جيڪي به سامهون آيو
ٿي تنهن کي سُمهاري ٿي ڇڏيو.
اها موتمار ويڙهه ڪلاڪ کان مٿي جاري رهي، تان جو برطانوي فوجون
ڦليلي جي ٻيٽ ۾ لهي پيون، پر اهو اوستائين اهو
ڦٽيلن ۽ مئلن جي لاشن سان سٿيو پيو هو. انهن سڀني
ماڻهن جي ٿيلهن ۽ سوٽي ڪپڙن ۾ باهه لڳي ويئي هئي،
جيڪا ٿي سگھي ٿي ته سندن جامڪيدار بندوقن جي
چوچڙين جي ڪري لڳي هجي. سندن سڙندڙ ۽ ڦَٽيل جسمن
سچ ته هڪ دل ڏاريندڙ نظارو پيش ٿي ڪيو، ڪيترن سنڌي
فوجين جا لاش ڦليليءِ جي ڪپ تي مٿي به برطانوي
فوجن جي لاشن سان پيل هئا، جنهن مان سندن بهادري
جي گونگي شهزادي ٿي ملي. امان، نه ته گھري ٿي وئي
۽ نه ڏني ويئي هئي. جيڪي زخمي ٿيا هئا، اهي يا ته
برطانوي فوجن هٿا مارجي ويا هئا، يا ته کين سنگينن
سان ختم ڪيو ٿي ويو. زخمين به آڻ نٿي مڃي ۽ پڇاڙي
دم تائين پنهنجي ترارين سان وڙهندا رهيا.
انهي وچ ۾ برطانوي توبخانو ۽ گھوڙيسوار فوج به ڪا واندي ڪانه
بيٺي هئي. سندن جنگ جي فيصلي ڪرڻ ۾ وڏو هٿ هو.
ميدان جي سوڙهه سبب توبخاني مان رڳو چار توبون ڪم
آنديون ويون. ڪئپٽن هَٽ جي هڪ توب سئپرس جي مدد
سان ڀت جو ڪجھ حصو ڪيرائي وڌو ۽ شڪارگاهه تي
بمباري ڪري اتي تباهي مچائي ڏني هئي. باقي ٽن
توبن وري ڦليلي جي ساڄي ڪپ تي ۽ پڻ سامهون مارا
ماري ڪئي، جنهن ۾ گول ۽ گريپ شاٽ گولا استعمال
ڪيا.
سخت جنگ وقت گھوڙي سوار فوج کي حڪم ڏنو ويو ته سنڌي فوج جي ساڄي
ٻانهين تي حملو ڪري.
نائين بنگال ڪئولري کي اڳيئي برطانوي فوجن جي کاٻِي ٻانهين جي
مدد لاءِ موڪليو ويو هو، جنهن هاڻي فرسٽ گرينڊر
فوج جي پٺيان پوزيشن سنڀالي ورتي هئي. حڪم کي غلط
سمجھڻ ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري پوئين رجمينٽ
جنهن جو منهن ساڄي طرف هو، تنهن ڪجھ پوئتي موٽ
کاڌي، پر آفيسرن کين روڪي وري وڃي ساڳي هنڌ تي
بيهاريو. سنڌي فوجي گھڻي انداز ۾ پاسي وارن ڳوٺن،
لوڙهن، ڀڏن وغيره مان اچي نروار ٿيا. ليفٽيننٽ
ڪرنل پيٽ نائين گھوڙي سوار فوج جو اڳواڻ، جيڪو
ڪمان ۾ ٻيو نمبر هو، تنهن کي جنرل وٽان اڳتي وڌڻ
جو ڪو به حڪم نه مليو هو. پر هن وقت جي نزاڪت کي
پروڙيندي ۽ جيئن مونکي ٻڌايو ويو آهي ته ڪئپٽن
ٽيوڪر جي فوري عرضداشت تي گھوڙي سوار فوج کي
ڪاروائي ڪرڻ جي اجازت ڏني. اهو وقت ڏاڍو نازڪ هو.
نائين فوج جنهن جي اڳواڻي اهو بهادر آفيسر ڪري
رهيو هو، سا برطانوي فوج جي توبخاني ۽ ڳوٺ جي وچ ۾
وڌي وڃي، سنڌي فوج تي ڦليلي جي ڀڏي ۾ ڪڙڪيا. سنڌي
فوج جو هڪ جٿو، جيڪو انهي ڳوٺ ۾ هو، تنهن نهايت
جوانمردي سان مقابلو ڪيو ۽ برطانوي فوج جي انهي
بهادر جٿي کي نقصان پهچايو. ڪئپٽن ٽيوڪر کي ڇهه ڌڪ
لڳا ۽ هو وڃي ڪريو، پر ڪئپٽن بيزٽ جنهن سندس جاءِ
ورتي، تنهن ڪاميابي سان سنڌي فوج تي حملو ڪري ان
کي ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏيو.
3 اسڪئڊرن پٺيان، 2 اسڪئڊرن فوج هئي، جنهن جي
اڳواڻي ڪئپٽن گئرٽ ڪري رهيو هو، تنهن ڳوٺ جي حملي
ڪرڻ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل پيٽل کي ڏاڍي مدد ڏني. انهي
وقت پهريون ڪئپٽن ويمس جي هٿ هيٺ هئي جنهن گرينڊر
۽ بارنه ڏيهي پياده فوج جي رڃ ۾ پڙاءُ ڪري ڦليلي
کي پار ڪيو ۽ ان جي ٻي ڀر پهچي سنڌي فوجن کي
ڊوڙائي ڪڍيو. ايجوٽنٽ ڪئپٽن ڪڪسن انهي وقت مارجي
ويو، ۽ ٽي آفيسر زخمي ٿي پيا. ليفٽيننٽ ڪرنل پيٽل
3 اسڪئڊرن جي ٿورن ماڻهن سان ڳوٺ ۾ وڃي دشمن جي
ٺاهيل مورچن تي حملو ڪيو،۽ کيس پوءِ 2 اسڪئنڊرن به
مدد ڪئي. نتيجو اهو نڪتو جو، ڳوٺ کي دشمنن جي فوج
کان خالي ڪرايو ويو. برطانوي فوج کي جيڪو نقصان
پهتو اهو فائرنگ مان ٿيو هو، جي ويجهڙائي جي واهن
۽ باغن مان لڪي ڪيا ٿي ويا. سنڌي گهوڙيسوارن جو
جٿو ڳوٺ کي ڦري وڃڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته رستي
۾ جيڪو واهه هو، اهو دشمنن جي فوج سان ڀريو پيو
هو. اهو ئي سبب آهي جو انهن کي به برطانوي فوج جي
پيادل فوج ڳوٺ جي وچ مان ئي لنگهڻو پيو. ايئن ڪندي
اُهي به اچي انهن فوجن سان گڏيا، جيڪي ڦليليءَ جي
پيٽ ۾ سنڌي فوج سان جنگ جوٽيون بيٺا هئا. |