تنهنڪري، سيٺ کي مراد عليءَ اطلاع ڪيو ته تون آزاد آهين ۽
ساڳيءَ رات مُنهن اونداهي ۾ هو دوستن جي مدد سان
ويس بدلائي ڦليلي جي هن ڀر ويو. مير غلام علي اُتي
پاڻ ترسيو ويٺو هو، ۽ هو کيس پرهه ڦُٽي کان گهڻو
اڳ، مير محمود جي ٽنڊي جي ويجهو، راهن جي ڳوٺ ۾،
خير سان پهچائي آيو. جتي وفادار محافظ کيس لکپت
پهچائڻ لاءِ تيار ويٺا هئا......... سيٺ جڏهن
لکپت، جتي اسان جي ڪوٺي به هئي، پڌاريو ته هن جي
پرجوش آجيان ڪئي وئي. جڏهن مير مراد عليءَ ۽ سنڌ
جي مسلمانن کي سيٺ جي لکپت پهچڻ ۽ استقبال جي خبر
پئي، تڏهن اُهي ڏاڍو شرمسار ٿيا ۽ مير اهڙو سوڳ
ڪيو، جو ڄڻ ته ڪا قيمتي شيءِ هن جي هٿن مان اوچتو
نڪري وئي هجي..........
مير مراد عليءَ سنبت 1890 (34- 1833ع) جي اسوءَ مهيني ۾ گذاري
ويو. مرڻ کان اڳ، جڏهن اڃا هن جا حواس سالم هئا،
تڏهن هن پنهنجي دل جا غبار لاهڻ هيٺينءَ ريت ظاهر
ڪيا:
مون کي هاڻي بچڻ جي ڪابه اُميد ڪانه آهي، پر مون کي ان ڳالهه جو
سخت افسوس آهي ته مان شاهه سجاول کي لڌياني کان
حيدرآباد اچڻ کان پوءِ، ڇو رهڻ جي اجازت ڏني ۽ هن
جي رهائش جو انتظام ڇو ڪيم.
انگريز سرڪار سان ٺاهه ڇو ڪيم. جيڪڏهن مان جيئرو هجان ها ته اهو
ضرور ڦاڙيا ها، پر مون کي شڪ آهي ته منهنجا جانشين
ان جي عزت يا پوئواري نه ڪندا.
مان پنهنجن پُٽن جي وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيو آهيان.
سنبت 1892 (36- 1835ع) جي پڇاڙي ۾، ليفٽيننٽ ڪرنل هينري پاٽنجر
حيدرآباد آيو. منهنجي ساڻن ان وقت کان ڏيٺ ويٺ ٿي،
جنهن مان اڳتي هلي اسان وچ ۾ لکپڙهه جو رستو پيدا
ٿيو......... سنبت 1893 ۾ ڪرنل پاٽنجر مون کي
ڊاڪٽر برنس جي واهر ڪرڻ جو چيو........ پر ٽالپرن
پنهنجي نواب ڏي لکيو ته ڊاڪٽر برنس، کي ڪراچي ۾
لهڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، بلڪ هن کي هزري تي لاهي
وري ٻيءَ ٻيڙي ۾ چاڙهي، ڪيٽي بندر رستي حيدرآباد
رستي نيو وڃي. ميرن جا ماڻهو ڊاڪٽر برنس جي تاڙ ۾
ويٺا هئا. هو جيئن پهتو ته هن کي گزري نيئي، اُتان
ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي، حيدرآباد روانو ڪري ڇڏيائون.
منهنجا ماڻهو به هوشيار هئا؛ جيئن ئي موقعي ملين
تيئن وڃي ڊاڪٽر برنس سان مليا ۽ کيس منهنجا سلام
ڏنائون ۽ منهنجي طرفان مکڻ ۽ سُڪو ميوو نذر
رکيائون.
سنبت 1875 (1838ع) جي بڊي مهيني ۾ ڪرنل پاٽنجر، ڀڄ کان حيدرآباد
پهتو، جتي مون کي لکيائين ته انگريزن جي هڪ وڏي
فوج سر جان ڪين جي قيادت هيٺ، بمبئيءَ کا گهُوڙا
ٻاڙيءَ رستي بامني ڪوٽ لاءِ رواني ٿي چڪي آهي،
جتان اها سنڌونديءَ رستي شڪارپور ويندي، تنهن جي
واهر ڪر.
برطانوي فوج لاءِ حيدرآباد جي ڀرسان گڊو بندر وٽ سرڪاري گدام ۾
سامان جو وڏو ذخيرو ڪٺو ڪيو ويو هو. ڪرنل پاٽنجر
جو ٻيو نائب، مسٽر ليڪي، سنڌوءَ ندي جي ڪپ تي
گدوبندر جي بلڪل ويجهو رهيل هو. هڪڙي ڏينهن اوچتو،
ميرپورخاص جو مير شاهه محمد پنهنجو لشڪر وٺي
حيدرآباد تي ڪاهي آيو ۽ حيدرآباد جي ميرن جي صلاح
۽ هنن جي سپاهين جي مدد سان، گدو بندر ۾ انگريزن
جي گدام تي حملو ڪري، ڦُري، باهه ڏئي ڪيترو مال
کڻي ويو. جڏهن مسٽر ليڪيءَ کي گدام تي حملي جي خبر
پئي، ته هو ڊپ ۾ ٻيڙي تيار ڪرائي، ٺٽي روانو ٿي
ويو.
جهرڪن ۾ فوجي ڇانوڻيءَ ۾ ٻه ماڻهو فقيراڻي ويس ۾ آيا، جن خيرات
جي گهُر ڪئي. پوءِ مون پنهنجي خانگي تنبوءَ ڏانهن
وڃي، کين پاڻ وٽ گهرايو. هنن موٽ اچي هڪڙي لٺ جو
هٿيو کولي، ان مان هڪ خط ڪڍي منهنجي حوالي ڪيو.
اهو خط مير نور محمد جو لکيل هو ۽ منهنجي نالي هو،
ان ۾ لکيل هو ته: ” سيٺ ناؤمل، هينئر اسان جو دوست
۽ مربي ٿيءُ. ڪرنل پاٽنجر کي ٻڌاءِ ته گدوبندر ۽
مير خان جي ٽنڊي ۾، جيڪو گدوبندر جي ڀرسان سنڌو
ندي جي ڏائي ڪپ تي هڪ گهاٽ آهي، جتي حيدرآباد جا
مسافر لهندا آهن، ۽ انگريزن جا گدام ۽ سنڌو نديءَ
۾ مال جون ٻيڙيون ميرپور جي مير شير محمد، مير
محمد ۽ صوبدار جي مدد سان ڦريون ۽ ساڙيون آهن.
منهنجو ان ۾ ڪوبه هٿ نه آهي ۽ نڪي مون ان ۾ ڪو
بهرو ورتو آهي. جوابدار اُهي آهن، مان بيڏوهي
آهيان، منهنجو ڪوبه قصور نه آهي.“
ٻئي ڏينهن حيدرآباد جي ٽالپرن جي پاران، آغا اسماعيل شاهه جهرڪن
۾ انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ حاضر ٿيو........ جنهن
گدو بندر تي ٿيل لُٽ مار بابت هٿ ٻڌي معافي
گهُري....... ۽ هن ٽالپرن پاران ستاويهه لک رپين
جي قبوليت لکي ڏني.
ساڳئي سال جي اپريل تائين مان ڪرنل پاٽنجر سان حيدرآباد ۾ هوس
مون کي جيڪي سياسي خبرون ملنديون هيون، سي مان کيس
پهچائيندو هوس. مير نور محمد ۽ نصير خان هن سان
جدا جدا ملندا رهندا هئا. هڪڙي ڏينهن مير نور محمد
منهنجي مائٽ ديوان هيرانند کي، جيڪو تڏهن مير جي
هٿ هيٺ هڪ اهم ۽ بااثر عهدي تي مقرر هو، چيو ته
سيٺ کي ڪنهن ڏينهن اسان وٽ وٺي اچ. مون انڪار ڪيو،
پر هو مون کي پندرهن ڏينهن ساندهه ان باري ۾ چوندو
آيو؛ ”توکي ميرن لاءِ محبت ڪانه هوندي، پر سنڌ
اڃان هنن جي تابع آهي. تنهنجا ڪيترا عزيز هنن جي
نوڪري ۾ آهن، جيڪڏهن تون ميرن وٽ نه هلندين، ته
اسان هڪ رات به سک سان سُمهي نه سگهنداسين.“
تنهن تي مون ڪرنل پاٽنجر سان مشورو ڪيو ۽ کانئس صلاح گهُري. هن
مون کي صلاح ڏني ته چڱو ائين آهي ته ميرن جي ڪم ۾
دلچسپي نه وٺ. مون هن کي سمجهايو ته ان ڪري منهنجي
عامل مائٽن کي نقصان پهچندو. هن ويچار ڪري نيٺ مون
کي هنن سان ملڻ جي اجازت ڏني. هڪڙي رات آئون
حيدرآباد وڃي پنهنجي مائٽ، ديوان هيرانند وٽ رهيس.
ٻئي ڏينهن انگريزن جي ڇانوڻيءَ کان موٽندي، قلعي ۾ مير نور محمد
جي بنگلي ۾ لنگهي ويس. در تي جيڪو پهريدار هو،
تنهن وڃي اندر مير کي سُڌ ڏني ۽ مون کي اندر
گهرايو ويو. مان اندر داخل ٿيس ته مير نور محمد
مون سان ملڻ لاءِ اٿيو ۽ هٿ کان وٺي هڪ منجيءَ تي
ويهاريائين. ان وقت مير نصير خان به حاضر هو. ۽
پنهنجي ڀاءُ سان ساڳي کٽ تي ويٺو هو. دستوري خوش
خير عافيت کان پوءِ، نور محمد مون ڏانهن مخاطب ٿي
چيو: ” سيٺ ناؤمل، پيءُ جو انتقام چڱي طرح ورتئي!
هاڻي ته خوشي ٿئين؟“ مون جواب ڏنس ته؛ ” سائين،
ايئن ڇو ٿا چئو، اهڙا لفظ ڇو ٿا ڳالهايو؟“ ايئن
چئي مون کڻي ماٺ ڪئي ۽ پوءِ جلد ئي موڪلائي اُٿيس.
ڪرنل آئوٽرام کي سنڌ جو سفير ڪري موڪليو ويو، ته آئون به ٿوري
وقت کان پوءِ وڃي ساڻس گڏيس. آئون ڏينهن جو
انگريزن جي ڇانوڻي ۾ پنهنجي تنبوءَ ۾ رهندو هوس ۽
رات جو روز هن جي هدايت مطابق، سياسي ڄاڻ يا واءُ
ساءُ وٺڻ لاءِ شهر ۾ وڃي پنهنجن عزيزن وٽ رهندو
هوس. صبح جو ڇانوڻي ڏانهن موٽندي آئون اڪثر نواب
احمد خان لغاريءَ وٽ ترسندو هوس. هو تنهن وقت
چوٽيءَ جي سردارن مان هو ۽ سندس خاندان سان منهنجي
وڏن جو ناتو هو. هن جي ڏاڏي ولي محمد خان لغاري جي
زماني کان هوندو هو. نواب احمد خان پڻ، هفتي ۾ هڪ
ڀيرو، ڇانوڻي ۾ مون سان ملڻ ايندو هو ۽ آئون هن کي
اڪثر ڪرنل آئوٽرام وٽ وٺي ويندو هوس. کانئس اڪثر
ڪري چڱيون خبرون ملنديون هيون، پر مون کي وڌيڪ
معلومات هن جي ديوان فتح چند سيوهاڻيءَ کان ملندي
هئي، جيڪو روز صبح جو مون سان گڏجي نيرن ڪندو هو.
ڪرنل آئوٽرام به سفارتخاني جي منشيءَ علي اڪبر جي معرفت، خبرن
وٺڻ جي ڪوشش ڪندوهو، هو پڻ ڪرنل جي مشوري سان رات
جو وقت حيدرآباد جي شهر ۾ گذاريندو هو. آئون هن کي
جيڪي خبرون ٻڌائيندو هوس، سي هو ڌيان سان ٻُڌي،
انهن مان اهم خبرون پاڻ وٽ يادداشت لاءِ لکي رکندو
هو. مون حيدرآباد ۾ ڪرنل آئوٽرام جون ڪافي ڇوٽيون
موٽيون خدمتون ڪيون، جن جي فهرست گهڻي ڊگهي
آهي.........
آئون فوجي لباس پهري تيار ٿي، ڪرنل آئوٽرام کان ميرپورخاص وڃڻ
لاءِ موڪلائڻ ويس........... منهنجو پٽ ٽيڪمداس به
مون سان گڏ هو....... مون تمام تيز رفتاريءَ سان
سفر پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منهنجي سفر جو آڌار
باربردار اُٺن تي هو، جي لاڏو اُٺ هئا ۽ آهستي
آهستي ٿي هليا. آئون اڃان ڦليلي ٽپيس ته سج لهي
ويو. جڏهن دٻياريءَ پهتس، جيڪا اٺن- نون ميلن جي
کاٽين ۽ ٻنين ٻارن ۾ هلڻ جي مشڪلاتن سبب، اڳتي وڌڻ
محال ٿي پيو....... اسان صبح جو پنجين جي، ٽنڊي
الهيار جي ويجهو پهتاسين. منهنجو شهر ۾ وڃڻ جو
ارادو ڪونه هو........... تنهنڪري آئون ٽنڊي کان
ڏيڍ ميل پري، هڪ واهه جي ڪپ تي ڌرمشالا ۾ وڃي
رهيس. اُتان وري شام جو پنجين بجي روانو ٿيس، ۽
ٽنڊي الهيار جي مڇي مارڪيٽ وٽان لنگهي، اڳتي ويس.
منهنجي اچڻ جي خبر ڪيترن ماڻهن کي پئجي وئي. ٿوري
وقت ۾ سوين ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته ڪجهه
وقت اسان وٽ به ترسو. مون چيو مان ته مون کي لکپت
۾ ضروري ڪم آهي. تنهنڪري ترسي نٿو سگهان.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، آئون ٽنڊي الهيار ۾ هڪ ڏينهن ترسيس. شهر جي
سڀني معزز ماڻهن هندن توڙي مسلمانن، مون کي
پنهنجيءَ ملاقات جو شرف بخشيو. سنڌ جي رواج مطابق،
هر هڪ پاڻ سان مصري يا مکڻ سوکڙيءَ طور کڻي آيو
هو. ستين بجي شام جو، مير شيرمحمد جي ننڍي ڀاءُ،
مير شاهه محمد، جيڪو ٽنڊي الهيار ۾ رهندو هو، تنهن
جا ڪي خاص ملازم، مير جي پاران مون سان ملڻ آيا.
مير جا سلام ڏئي چيائون ته؛ ” مير توسان ڪنهن
ضروري ڪم لاءِ خانگي طرح ملڻ ٿو گهُري. هو هينئر ،
ڀر واري باغ ۾، هڪ ننڍي بنگلي ۾ تنهنجو اوسيئڙو
پيو ڪري.“
آئون هنن جي بار پوڻ تي مير سان ملڻ ويس. هو مون سان عزت سان
پيش آيو ۽ چيائين ته منهنجي ڪرنل آئوٽرم سان دوستي
آهي. مون سندس اها ڳالهه قبول ڪانه ڪئي. پر هن
پوءِ به ساڳي ڳالهه کي وري دهرايو. چيائين ته: ”
ڪرنل آئوٽرام مون ڏي تازو دوستي ۾ پنهنجي سرڪاري
مهر سان خط لکيو آهي ۽ ان سان گڏ ٻه يورپي پستول
پڻ موڪليا آهن.“ وڌيڪ چيائين ته: ”اسان جي دوستي
آغا اسماعيل شاهه جي پٽ آغا ابراهيم شاهه ڪرائي
آهي. جنهن جي عيوض مون هن کي هزار بيگ جي جاگير
ڏني آهي. گڏوگڏ مون کيس اڍائي هزار رپيا روڪ پڻ
ڏنا آهن، ته ڪرنل آئوٽرام کي ڪيمخواب وٺي ڏي. تنهن
کانسواءِ مون هن کي ڪرنل آئوٽرام سان ڳالهيون
هلائڻ لاءِ، سئو رپيا (ڪوڙيون) ماهوار به ڏيڻا ڪيا
آهن. تون چئين ته توکي تسليءَ خاطر خط ۽ پستول ٻئي
ڏيکاريان.“ پوءِ هن اُهي ٻئي شيون ڏيکاريون. مون
خط ڏٺو ته اهو جعلي خط هو ۽ پارسي ۾ لکيل هو،
لفافي تي لاک جي مٿان فارسي اکرن ۾ چورسي مهر پڻ
لڳل هئي.
آئون هن کان موڪلائي ستوءَ مل جي کوهه وٽ پنهنجي تنبو ۾ آيس ۽
ڪوچ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنم. منهنجي روٽي تيار هئي، پر
ڄام هالي جي ٽنڊي پهچڻو هو. جيڪو ٽنڊي الهيار کان
اٺن ميلن جي مفاصلي تي آهي، اُتي مان ٻه ٽي ڪلاڪ
ترسي، وري رات جوئي حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيس.
مون مير شاهه محمد وٽان مليل جعلي خط ڪرنل آئوٽرام کي
ڏنا........ تنهن تي هن چيو ته ”هي انگريز سرڪار
سان هڪ وڏو دوکو آهي. تو هڪ وڏو ڄرڪو ڦاسايو آهي.
“پوءِ هن هڪدم مير نصيرخان ڏي هڪ سخت خط لکيو،
جنهن ۾ اها گهر ڪئي ويئي ته آغا ابراهيم شاهه کي
تفتيش لاءِ، سفارتخاني ۾ موڪليو وڃي. مير نصير
خان، ابراهيم شاهه ۽ هن جي سڀني وڏن ڀائرن کي پاڻ
وٽ درٻار ۾ گهُرائي، جاچ ڪئي ۽ نيٺ ابراهيم شاهه
پنهنجو ڏوهه قبول ڪيو.
پوءِ هڪڙي ڏينهن شام جو ستين بجي، مير نصير خان پاڻ گهوڙي تي
چڙهي، ڪرنل آئوٽرام وٽ آيو ۽ چيائينس ته، ”جاچ
توهان پاڻ ڪريو، ڇو ته آغا ابراهيم شاهه، سنڌ جي
وڏي سردار آغا اسماعيل شاهه جو پٽ آهي، جنهن کي
خاص امتياز طور پالڪي ۾ چڙهڻ جي اجازت ملي آهي.
جيڪڏهن آئون ابراهيم شاهه کي توهان جي حوالي ڪندس،
ته ان ۾ سنڌ جي درٻار جي توهين ٿيندي. آئون پاڻ
آغا کي مناسب سزا ڏيندس، جو هن پنهنجو ڏوهه قبول
ڪيو آهي.“ تنهنڪري آغا ابراهيم شاهه کي مير ٻه سال
قيد جي سزا ڏني ۽ هن کي انگريزن جي ڇانوڻي ۾ هڪ
توبچي جي نگرانيءَ ۾ رکيو ويو.
تنهن کان پوءِ ڪرنل آئوٽرام مون کي چيو، هاڻي مون کي اهو خط هٿ
ڪري ڏي، جيڪو مير شير محمد پنهنجي عملدار منشي ۽
آوتراءِ جي معرفت، مير صوبدار ڏي، ويهه هزار رپين
جي معاوضي تي مون سان دوستي ڪرائي ڏيڻ جي خاطري
ڏني ته هند سرڪار مناسب خرچ ڀري ڏيندي. پوءِ مون
مناسب ڪارروائي شروع ڪئي ۽ انهي دستاويز هٿ ڪرڻ
لاءِ سرٽوڙ ڪوشش ۽ جفاڪشي ڪندو رهيس. نيٺ،
حيدرآباد جي هڪ عامل اُڀرئيمل وعدو ڪيو ته مون کي
نؤ سؤ رپيا (ڪوڙيون) اجورو ڏيو ته مان جنسي خط پيش
ڪندس.
اُڀرئو مل مشهور ۽ معروف ماڻهو هو. مير شير محمد هن جا ڪنهن
ٺڳيءَ جي ڏوهه ۾ ٻيئي ڪن ڪپرايا هئا. مون ڏٺو ته
ڪرنل آئوٽرام خط هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيترو منتظر آهي،
تنهنڪري جڏهن اُڀرئيمل هڪدم خط آڻي ڏيڻ جو وعدو
ڪيو ۽ ساک ڏني، تڏهن مون خوشيءَ سان کيس نوۡ سئو
رپيا اڳواٽ ڪڍي ڏنا. پوءِ مون وري اُڀرئيمل جي شڪل
ڪانه ڏٺي ۽ هو حيدرآباد ڇڏي ڪيڏانهن گم ٿي
ويو..........
پوءِ، جلد ئي مير شير محمد ۽ نصير خان جي وچ ۾ حدبنديءَ تان
تڪرار ٿيو ۽ ٻيئي ڌريون لڙائي جي تياري ڪرڻ لڳيون.
آئوٽرام وچ ۾ پيئي. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ باعزت صُلح
ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. نيٺ هن جي ڪوشش تي امين مقرر
ٿيا ۽ ڌرين فيصلي قبول ڪرڻ جو وچن ڪيو. ڪرنل
آئوٽرام انگريز سرڪار پاران پنهنجي نائب مسٽر
وائيٽ لاڪ ۽ مون کي امين مقرر ڪيو. مير نصير خان،
نواب احمد خان لغاري، محمد يوسف (وڏو) ۽ منشي
وهيرام آڏواڻيءَ کي پنهنجا عيوضي ڪري موڪليو.
اهڙيءَ ريت مير شير محمد پاران هن جو سهرو علي خان
ٽالپر ۽ جعفر خان نظاماڻي وڪيل مقرر ڪيا ويا. اسان
الهيار جي ٽنڊي ۾ وڃي پندرهن ڏينهن رهي فيصلو ڪيو.
اسان حيدرآباد موٽي آياسين، تنهن کان پوءِ ڪرنل آئوٽرام هڪ
مهيني لاءِ بمبئي ويو.... مون گهڻيءَ محنت،
جانفشانيءَ ۽ خرچ کان پوءِ اُهو جنسي خط هٿ ڪري،
ڪرنل آئوٽرام جي نائب ڪئپٽن ليڪيءَ کي سفارتخاني ۾
وڃي ڏيکاريم.......... پوءِ هڪڙي رات مان سمهيو
پيو هوس ته انگريزي ڇانوڻي مان منهنجي مخفي صندوق
چوري ٿي وئي، جنهن ۾ مير شير محمد وارو خط، ڇهه
سئو رپين جي قيمت جو موتين جو جوڙو ۽ ڪي ٻيون شيون
پيل هيون....... چوريءَ جي ڳڻتي ۽ ساڳي وقت
حيدرآباد جي آرهڙ جي گرميءَ به مون تي پنهنجو چڱو
اثر ڏيکاريو ۽ مون کي بخار ۽ اُلٽيون ٿي پيون.
سفارتخاني جو ڊاڪٽر منهنجو علاج ڪندو هو ۽ دوا
درمل ڏيندو هو.
سنبت 1898 (1841ع) جي آکاڙ مهيني ۾، اسان فيصلو ڪيو ته منهنجي
ستين نمبر ۽ سڀني کان ننڍي پٽ ليکراج، ڀائٽي
آتمارام ۽ منهنجي وڏي پٽ ٽيڪمداس جون شاديون
ڪرائجن. منهنجا گماشتا ابتدائي انتظام ڪرڻ لاءِ
ڪراچيءَ کان مهينا اڳ آيا. منهنجا ٻار جڏهن
حيدرآباد آيا ته مان انگريزن جي ڇانوڻي ڇڏي اچي
شهر ۾ رهيس. شاديءَ جون سڀ رسمون رواج بجا آندا
ويا. ويهه ڏينهن ساندهه هر طبقي جي ماڻهن کي روٽي
کارائي وئي. حيدرآباد جي ڀرسان ٽنڊي جي ماڻهن کي
ڪوٺ ڏني وئي ۽ اُهي سڀ مهرباني ڪري آيا. ڪئپٽن
ليڪي، انگريز ڊاڪٽر، سفارتخاني جا سڀ تعلقيدار،
نواب احمد خان، الهداد خان ۽ ٻين معزز ماڻهن
پنهنجيءَ شرڪت جو شرف بخشيو. منهنجي صحت ۾ اڃا ڪو
گهڻو فرق ڪونه آيو هو.
مون ڪراچيءَ جي ڇانوڻي ۾ پنهنجي خرچ تي ڪيترين جاين ٺاهڻ جو حڪم
ڏنو. ڇانوڻيءَ ۾ پنهنجي ڪارخاني جي شاخ کوليم ۽
ڪيترن واپارين کي ڇانوڻي جي ماڻهن جي سهولت لاءِ
ان ڪپڙي ۽ ٻين شين جي دڪانن کولڻ لاءِ تيار
ڪم......... جڏهن صدر جو واپار ترقي ڪرڻ لڳو، تڏهن
ٽالپرن جي حڪومت جا عملدار، جيڪي ڪراچي ۾ هئا، تن
گڏجي منهنجي خلاف حيدرآباد جي درٻار ۾ شڪايت ڪئي
ته ناؤمل، ڪراچي جي واپار کي ڌڪ ڏئي سرڪار جي
آمدني کي نقصان رسايو آهي......... جنهن تي مير
نصير خان کي مٺيان لڳي ۽ مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ
پنجويهه سوار چاڙهي موڪليائين. اها خبر مون کي
حيدرآباد سان تعلق رکندڙ منهنجن عزيزن موڪلي هئي.
ليفٽيننٽ ملني، خط ملڻ شرط پاڻ خود مير نصير خان
وٽ لنگهي ويو ۽ پڇيائينس ته، ”ناؤمل جي گرفتاريءَ
جي جيڪا خبر مون ٻُڌي آهي، سا سچي يا نه؟“ مير
نصير خان ڪاوڙ ۾ چيو ته: ” ها! سيٺ ڪراچيءَ جي
ستيا ناس ڪئي آهي ۽ اسان کي لکين رپين جو مالي
نقصان پهچايو آهي. هاڻي منهنجي چنبي ۾ آيو آهي ۽
مان هن کي قيد ڪرائيندس.“ ليفٽيننٽ ملني به ساڳئي
ڪاوڙ ۾ جواب ڏنس ته: ” سيٺ، برطانيا حڪومت جي
سرپرستيءَ ۾ رهي ٿو ۽ مٿس هندوستان جي گورنر جو
پاڇو آهي، بهتر ايئن ٿيندو ته هن جي خلاف اهڙو
ڪوبه قدم نه کڻو، جنهن مان هن کي نقصان
پهچي.“.......... پوءِ مير نصير خان ماٺ ميٺ ۾
پنهنجون اڳيون حُڪم رد ڪيو ۽ ٽالپرن جو ڪوبه سوار
ڪراچي ڪونه آيو. |