ڍل
۽ محصول جو نظام
وڻج واپار تي سرڪاري محصول ۾ گهڻو اُڳڙندو آهي، پر حڪمران اٽو
ٻڌي هن ڌنڌي ۽ محصول جي ڪڍ ڪاهي پيا آهن. ان ڏس ۾
جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي ئي آهي، سا ڏاڍي
هاڃيڪار آهي، ڇاڪاڻ ته اُهي تجارتي مال جو وڏو حصو
هڻي وٺندا آهن. ان ڪري واپار گهڻي ترقي ڪري ڪونه
سگهيو. ٻيو ته واپاريءَ جي شخصي بچاءَ جي به ڪابه
ضمانت ڪانه آهي. نه وري هتي ڪو حڪمران ايترو
سگهارو آهي جو رعيت جي مال ملڪيت جو بچاءُ ٿئي.
هندستان جي ٻين ڀاڱن ۾ واپاري سڌاري جو آسرو ان
ڪري آهي. جو يورپ جي تجارتي مال سرمائي ۽ صنعت
پنهنجي شروعات ڪئي آهي.
حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ مختلف قسمن جا محصول ۽ ڍل اوڳاڙي
وڃي ٿي. ڏاکڻين علائقن ۾ ڍل جنسن ۾ اڳڙي ٿي. ڪن
علائقن ۾ وري جمع بندي ٿئي ٿي، عام طور تي ڍل ان
زمين تان ورتي وڃي ٿي، جنهن کي پاڻي پهچائي آباد
ڪبو آهي. جن علائقن ۾ ٽي فصل ٿيندا آهن، اُتي اُپت
جو ٽيون، چوٿون يا پنجون حصو ورتو وڃي ٿو. اهڙي ڪٿ
زمين تي وڃي فصل ڏسي، پوءِ ڪبي آهي. پر ان ڏس ۾
فصل جي بَها ۽ پورهئي وغيره کي نظر ۾ ضرور رکبو
آهي. آباد زمين تان هيٺيئن شرح موجب في بيگهه
ساليانو ڍل ورتي وڃي ٿي.
ڪمند ٻارهن رپيا، تماڪ ايڪهتر رپيا، سايون ڀاڄيون ايڪهتر رپيا،
آفيم ايڪيهه رپيا، نير اسي رپيا، اناج ڇهه رپيا
وصول ڪبا آهن. في بيگهه زمين جي ماپ چاليهه وکون
هم چورس ٿيندي آهي. جيڪڏهن نير جي پوک هوندي اٿس
ته بيگهه جي ماپ ٻيڻي ڪبي آهي. هتان جي هن قسم جي
جمع بندي کي هندستان جي ٻين علائقن جي جمع بنديءَ
سان ڀيٽائي ڏٺو ويو ته اسان کي هتي مناسب ڏسڻ ۾
آئي. ڍل ايتري ٿوري آهي، جو نالي ماتر پئي ڏسجي.
هٻڇي ۽ ظالم ڪڙمي جو حق ماري پنهنجو ڀڀ ڀريندو آهي. هن ڏچي کان
سواءِ ڏُکيو مامرو فوج لاءِ اناج ڪٺو ڪري سانڍي
رکڻ آهي. هتي جي حڪومت هن ڏچي کان آجي ڪانه آهي.
جڏهن ڪنهن علائقي ڏانهن پيادل فوج جي چڙهائي ٿيندي
آهي ته ملڪ جو اڌ ان سرڪار کڻائي وٺندي آهي. پوءِ
زمين جو مالڪ هاريءَ کي ڪيترو ڏئي نه ڏئي، سرڪار
جي مٿي جو سُور ڪونهي. جن علائقن ۾ ڍل ٻڌل ڪانه
هوندي اٿس، ته اُتان ٽالپر مير، حڪومت سان حصيدار
ٿي ڍل ۾ ان خريد ڪن ٿا ۽ وڃي ڀانڊن ۾ سانڍي ٿا
رکن. پوءِ ساڳيو ان پنهنجي رعيت کي وڏن اگهن تي
وڪڻندا آهن. جنهن ڪري خريداري وارو پئسو سون ۽
هيرن جواهرن ۾ بدلجي وڃي ٿو، ۽ ڪيترن سرڪاري ماڻهن
جي خزانن ۾ گڏجي ويندو آهي. ذخيره اندوزي ۾ پئسو
هڪ جاءِ تي ڪٺو ٿي ويندو آهي ۽ عوام ڦُرڻ کان بيهي
ويندو آهي.
ڄاڻايل حقيقتن جي اڀياس مان ڄاڻ پوندي آهي ته حيدرآباد جي ميرن،
مير سهراب، مير ٺاري ۽ ٻين ميرن جي اُڳڙندڙ ڍل، اڌ
ڪروڙ کان به مٿي بيهي ٿي. ڍل جي انهن انگن ۾ انهن
جاگيردارن جون جاگيرون به شامل آهن، جيڪي ڏکئي وقت
سرڪار جي فوجي مدد ڪندا آهن. انهيءَ سان گڏ اهي
جاگيرو به شامل ڪيون وڃن، جيڪي ڪن صدين کان وٺي هر
پيڙهيندي سنڀاليندي پئي اچي ۽ هو انهن جي عيوض
سرڪار يا ملڪ جي آئي ويل سهائتا به ڪندا آهن.
گڏوگڏ اهي زمينون يا ڍل جا ڪي ٻيا اهرا وسيلا،
جيڪي سيدن ۽ اسلام سان لاڳاپيل مُلن موراڻن، پيرن
۽ فقيرن کي ڏنا ويا آهن، تن کي به مٿي ڏنل ڍل جي
انگن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. عربن سنڌ ۾ پهچڻ سان سرڪار
کان اهڙيون زمينون ورتيون هيون، جن تي ڍل ۽ محصول
وغيره ڪونه ورتو ويندو هو.
حڪمرانن جو خزانو
ٽالپر ميرن پنهنجو گڏ ڪيل پئسو ڏوڪڙ، پنهنجي ٿر وارن قلعن ڏانهن
موڪلي ڇڏيو آهي ۽ اُتر پار کان ايندڙ حملي آورن
کان پاسي تي رکي ڇڏيو آهي. هاڻي وري انگريزن جي
فوج به سندن اوڀارئين دنگ تي اچي پهتي آهي. ان ڪري
به کين اقتدار کسجڻ ۽ خزاني ڦرجڻ جي ڊپ اچي وڪوڙيو
آهي، ۽ هنن پنهنجو خزانو کڻي جابلو علائقي جي هڪ
قلعي ۾ محفوظ ڪرايو آهي، جيڪو حيدرآباد کان اُتر
اولهندي طرف آهي. هي قلعو هاڻي ٺهي تيار ٿيڻ وارو
آهي. ميرن جو سڄو خزانو سون ۽ هيرن جواهرن تي
مشتمل هجي ٿو. ملڪ جي ڍل ۽ محصول جيڪو گڏ ٿيندو
آهي، تنهن مان سون ۽ هيرا خريد ڪيا ويندا آهن ۽
خزاني ۾ گڏ ڪيا ويندا آهن. پر هنن ڪرتوتن سان
مقامي وڻج واپار يا صنعت کي ڪيڏو ڪاپاري ڌڪ پيو
لڳي، تنهن جو کين ڪو ويچار ڪونه آهي.
مير حڪمت عملي هيٺ ولايت ماڻهن جي رلڻ ملڻ کان ايئن پيا ونءُ
ويندا آهن، ۽ آڪڙ سان پيش ايندا آهن. گڏ ڪيل خزاني
بابت حڪمرانن جو چوڻ آهي، ته اهي ان کي تڏهن
استعمال ڪندا جڏهن ڪنهن ٻاهرين هلان جو اُڊڪو
هوندو ۽ عام خزانو تڏهن عام ڀلائي واسطي ڪتب آندو
ويندو، پر جڏهن ملڪ کي ڪا سوڙهه پئي ۽ ڪو ڌاريو
ديس تي ڪاهي آيو ته مير صاحب خيرن سان اهڙا ڊڄڻا
آهن، جو پنهنجو ناڻو ٻيڙين تي رکائي مسقط وڃي ساهه
پٽيندا.
ڏيهي ۽ پرڏيهي واپار
هتان تيار ٿيل شيون جهڙوڪ شورو، کار، سوڍا، چانور، اناج، مڱ،
چمڙو، واڳوئن جون کلون، ريشمي ڪپڙو، گهوڙا ۽ نير
وغيره ٻاهر ڏيساور موڪلبيون آهن. جڏهن ته ٻاهران
ناريل، کارڪون، لوهه، ٽين شيهو ۽ ٽامون وغيره
گهرائبو آهي. سمنڊ وسيلي جيڪو خاص واپار ٿيندو
آهي، سو ڀاٽيا ۽ لوهاڻا هندو ڪندا آهن. ميمڻ ذات
جا ڪي ٿورا مسلمان به آهن، جيڪي تجارت جو ڌنڌو ڪن
ٿا. باقي ملڪ جو اندروني واپار فرق بنا جيڪو
چاهيندو آهي، سو ڪندو آهي. هنن کان سواءِ ڪي
ملتاني آهن، سي به ڏوڪڙ پئسي جي ليکي چوکي ۾ ڀڙ
آهن. پئسو پنجڙ به جام هوندو اٿن. اُهي هتي گهڻي
وقت کان وٺي آباد آهن. دولت ڪري سندن وڏي بيٺلائپ
آهي. صراف آهن. پئسي جي ڏيتي ليتي ڪندا آهن. حڪومت
تي چڱو خاصو اثر هوندو اٿن. اُهي ملتاني، ڪابل،
قنڌار، ملتان، قلات ۽ بهاولپور سان واپار ڪن ٿا.
سندن واپار خشڪيءَ ۽ درياهه وسيلي هلي ٿو. هنن جي
ماڻهن وسيلي مال جي درآمد ٿئي ٿي ۽ سڄي صوبي ۾
کپائي ويندي آهي.
آدم شماري ۽ شهر جي حالت
ويساهه جوڳي آدمشماري جي ڄاڻ نٿي ملي سگهي. ڳڻپ جو ڪو نظام ئي
ڪونهي. تنهن هوندي به راڄڌاني حيدرآباد ۾ ٽيهه
هزار ماڻهو رهن ٿا...... اڪثر علائقن جي ماڻهن جي
روش، شهر ۾ رهندڙ ماڻهن خلاف هوندي اٿن ۽ ساڻن ڄڻ
وير رکندا هجن...... ضروريات زندگيءَ سان لاڳاپيل
سڀئي شيون ڏاڍي سولائي سان ملي وڃن ٿيون. هر ڌنڌي
سان تعلق رکندڙ ڪيترائي ماهر موجود آهن...... پر
انهن سان گڏ پينو فقيرن جو به انت شرو ڪونهي. سنڌ
جي ٻين شهرن جيان حيدرآباد پڻ پِنَ جي معاملي ۾
گهڻي نانءِ چڙهيل آهي.
عوامي ۽ سرڪاري ٻولي
هتي جي ٻولي لکت واري آهي، سندس لکڻ جو نمونو پنهنجو اٿس ۽ کاٻي
کان ساڄي طرف لکي وڃي ٿي. سندس علامتون هندستاني
اصليت سان واسطو رکن ٿيون ۽ تڪڙي لکي سگهبي آهي.
اکر هڪٻئي ۾ اندر ويندا پيا پائبا. مٿس ٿورو ويچار
ڪري ڏسبو ته هنن جي لکت ٻين کان وڌيڪ ملبار جي
ٻوليءَ جي لکت جهڙي اٿس، پر جيڪڏهن هر اکر کي ڀڃي
جدا جدا ڪري ڏسبو ته اُن سان ڪابه هڪجهڙائي ڪانه
ٿي رکي. عام طور تي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون،
هڪڙي ته سنڌي ٻولي، جيڪا هتان جي اصلي ۽ بنيادي
ٻولي آهي، ٻي سرائيڪي يا ٻاروچي ٻولي آهي، جيڪا
لکيل صورت ۾ ڪانه ٿي ملي. پر ڪٿي ڪٿي عربي رسم
الخط ۾ لکيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
تعليم، پوشاڪ، شڪل صورت توڙي سماجي ۽ مذهبي حالت
ماڻهو سگهارا ۽ باهمت آهن ۽ هر ڏکيائي کي منهن ڏئي سگهڻ جا اهل،
سندن مُنهن مهانڊا ۽ هڏ ڪاٺ اولهه هندستان جي ٻين
ماڻهن جهڙا اٿن، وڏ گهراڻا ماڻهو گهڻا ٿلها آهن.
ٿولهه کي عزت آبروءَ جي نشاني سمجهڻ کان سواءِ
خوبصورتيءَ جي علامت به تصور ڪبو آهي. معاشري ۾
جيڪي دولتمند ۽ ڇيڙي نبيري وارا آهن. سي ٿلهي ٿيڻ
جا ڏاڍا جتن ڪندا آهن. انهي نيت سان کائيندا به
تمام گهڻو آهن. ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪونه ڪن، ته متان
ڏٻرا ٿي نه وڃون. هتان جي قبيلن مان ڪترن ماڻهن جا
ٿولهه ڪري مُنهن مهانڊا يهودين جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا ۽
ٻين رهاڪن کان نيارا پيا لڳندا. مُنهن اُڀو، نڪ
چوپ، ڪُنڍا ڀرون وڏيون ۽ سهڻيون پُرڪشش اکيون
سنڌين جا اهي عام منهن مهانڊا آهن. مرد ۽ عورتون،
يعني ٻئي جنسون ڏاڍيون سهڻيون ٿين. هتي جا هندو
لٽي ڪپڙي ۽ ڏيل ڏيا ۾ اولهه هندستان جي ماڻهن کان
گهٽ آهن.
هتي به ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا، جيڪي اُٿڻ ويهڻ، چال چلت ۾
هڪٻئي کان مختلف آهن، هڪڙا ماڻهو ته اُهي آهن، جن
جو واسطو فوج سان آهي. ٻئي قسم جا ماڻهو اُهي هئا،
جن جو تعلق واپار ۽ کيتي سان اٿس.... هيٺين طبقي
وارا ماڻهو ڏاڍا اٻوجهه آهن. جيڪڏهن هڪڙي ڀيرو
ڪنهن سنڌي فوجي کي چڙ آئي يا جوش آيو ته ان کي
ماٺو ڪرڻ ۽ روڪڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي ۽ پوءِ ڪڏهن
معاف به ڪونه ڪندو آهي....... هتي ٺڳ ۽ بشني طبقو
پڻ آهي، جيڪي ڏاڍا مشهور آهن. اُهي ڄڻ هڪ قسم جا
فطري چور آهن. ڏسڻ واسڻ ۾ ڏاڍا ملوڪ پيا لڳندا.
اُٿڻ ويهڻ ۾ مان مريادا ۽ نياءُ پر رات ٿيندي ته
چوري ڪرڻ کان ڪونه مُڙندا يا ڏينهن وارا شاندار
ڪپڙا لاهي پاسي ڪري رکندا. پنڻ واري بگري ڪُلهي تي
رکي ڪوهن جو وڪڙ ڪري وڃي ٻيءَ جُوءَ ۾ نڪرندا، جتي
ڪير کين ڪونه سُڃاڻندو اٿن ۽ پوءِ گداءُ (پِن)
شروع ڪن. ڪي ڪي اهڙا به فوجي آهن، جيڪي پگهارون
گهٽ ملڻ ڪارڻ چوريون به ڪندا آهن ۽ پنندا به آهن.
لباس جوڙي جي ڪپڙي جي وڏي ڪانچ ۽ ڊگهي قميص هوندي اٿن، جيڪي ٻئي
نير ۾ ٻُڏل هوندا اٿن. مٿان لنگيءَ جو سندرو ٻڌل
هوندي اٿن، جيڪو ٺٽي جي ٺهيل پٽ، سوٽي تند ملائي
جوڙبو آهي. مسڪين ماڻهو جهڙو تهڙو ڪپڙو سندري طور
چيلهه سان ٻڌن ٿا، ڪڏهن وري گهُرج آهر ويل اها
لُنگي مٿي سان ٽوپي مٿان به ويڙهي ڇڏيندا آهن،
جيڪا سدائين سندن مٿي ۾ پيل هوندي اٿن. عورتن-
هندو توڙي ملسمانن- جو ويس مقامي ريتن رسمن موجب
هوندو آهي. ٿُلهي ڪپڙي جي انگي يا گج پائين. مٿي
تي ڏاس مان ٺهيل ڊگهي پوتي رکن. سيد گهراڻي جون
عورتن جا ڪپڙا گهڻو ڪري سائي رنگ جا هوندا آهن.
جيڪي ماڻهو سنڌوءَ جي ڪناري يا ويجهو ڪنهن ميداني علائقي ۾ رهن
ٿا، سي مٿي بيان ڪيل ماڻهن کان مختلف آهن. سندن
ڌنڌو پوکي راهي يا وڻج واپار آهي. سندن گهر به
گهڻو ڪري هڪ جائتا آهن ۽ لڏپلاڻ ڪونه ڪن. هن قسم
جي ماڻهن جو معاشرو وسيع آهي. اڪثر ماڻهو پنهنجن
فصلن جي پاسن ۾ اُهي ننڍا وڏا ڳوٺ ٻڌي ويهن ٿا.
واپارين ۾ مسلمان ۽ هندو ٻئي شامل آهن، پر هندو گهڻا آهن، اُهي
پنهنجي واپاري ڏيتي ليتيءَ ۾ ايماندار گهٽ آهن.
واپار ۾ وڏي جاکوڙ ڪن ٿا. پنهنجي ڌنڌي کان سواءِ
ڪنهن ٻي شيءَ ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ڏيندا آهن ۽
پنهنجي ڪرت ۾ ايڏو ته رُڌل هوندا آهن جو کانئن
پنهنجو پاڻ وسري ويندو هون. سرڪار جا نواب مٿن
ڳاٽي ڀڳا محصول مڙهيندا آهن، جنهن خلاف واپاري مٿي
ميرن وٽ پُڪارين ٿا.
اسلام پکيڙڻ ۾ جاکوڙ ڏاڍي ڪئي ٿي وڃي. چرين کرين ۽ سُست سيدن کي
خوب کارائڻ جي کُلي آزادي آهي. پيرن جي قبن کي
سينگار به آهي. ماڻهو مهمان نواز به آهن........
حڪومت جاگيردارن کي انهيءَ شرط سان ڪجهه حق ڏنا
آهن، ته اُهي سرڪار ۽ درٻار جا نمڪ حلال رهندا.
اڻ پڙهيل ماڻهو گهڻا آهن، ۽ جهالت تصور کان به وڌيڪ اٿن،
ايستائين جو دنيا جي تختي تي اهڙا ماڻهو آهن ئي
ڪونه، جيڪي سنڌين جيان اڻ پڙهيل هجن. مذهب سان
لاڳاپيل تعليم رڳو سيدن ۽ پيرزادن ۽ برهمڻن لاءِ
مخصوص آهي. اهي ڏهن مان نَوَ ته اهڙا آهن، جن کي
تمام گهٽ ڄاڻ هوندي اٿن.......... هڪٻئي سان جڏهن
پاڻ ۾ ملندا آهن ته ٻارن، گهرن، مال رزق جو پڇندا
آهن. ڇاڪاڻ ته انسان جي عزت لاءِ اُٺن، مينهن، ڍڳن
۽ ٻڪرين رڍن جو ڪنهن ماڻهو وٽ هجڻ ضروري سمجهيو
وڃي ٿو ۽ ڪٽنب جي ڀاتي جهڙو ڀانئبو آهي.
هندو پنهنجي ڌرم جا متا ۽ اصول قائم رکندا پيا اچن. اهڙين
ڳالهين کي نظر ۾ رکي مسلمان حڪمرانن هندن کي
رعايتون ڏنيون آهن......... هڪ ئي گهر جا مختلف
ڀاتي هڪ ئي وقت ٻنهي مذهبن جي اصولن جي پوئواري ڪن
ٿا. جڏهن به ڪو هندو گهراڻو مسلمان ٿيندو آهي، ته
نالا اهي ئي هندن وارا رکندا آهن. هندو وري پنهنجي
مذهب سان به سچا ۽ اسلام جي به دل سان عزت ڪن ٿا.
عجب ٿو ٿئي ته ٽالپر غير عوامي ۽ غير مقبو حڪمران هوندي به هندن
سان تعصب ڪونه رکن. هندن تي حڪمران جو تمام گهڻو
ويساهه هوندو آهي. ڪن ڳالهين ۾ ٽالپر مٿن مسلمانن
کان به وڌيڪ ڀروسو ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته هنن کي وڌيڪ
اهم ۽ حساس کاتن ۾ وڏيون نوڪريون ڏنيون ويون آهن.
هتي شيعن ۽ سنين کي هڪ جهڙا حق مليل آهن. حڪمران
پاڻ مسلمانن جي شيعي فرقي سان واسطو رکن ٿا. هتي
سني وڌيڪ آهن.
ڪجهه ماڻهو لاڏڙو آهن، جنهن جو جياپو مال رزق تي
اٿن. اُهي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن پيهيون پکا اڏي،
وانڍيون ٺاهي ويهن ٿا. مال جي ڪڍ سانگ ڪن ٿا. هو
تنبوئن ۾ ڪونه ٿا ويهن، پر سر، ڊڀ ۽ ٻيو گاهب گڏ
ڪري هلڪيون سلڪيون، ڪاٺيون اڏي جهوپڙي جوڙي وٺن
ٿا. انهن سانگي ماڻهن جو کاڌو ٻاجهريءَ جي ماني ۽
کير مکڻ اٿن. گوشت رڳو ٻاڪرو کائين، پر اهو به
ڪنهن ويلي وقت يا ڪنهن عيد براد تي. ڌنار پاڻ سان
هٿيار کڻن، ڇاڪاڻ ته چور ۽ ڌاڙيلن جو اُڊڪو هوندو
آهي. |