سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :66

 انهي کان پوءِ سر چارلس نيپيئر فوج ۽ توبن سان خيرپور تي حملو ڪيو، ۽ صلح جي وقت ۾، مير رستم خان کي پنهنجي موروثي حڪومت مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. مير رستم خان کي پنهنجن ٻارن زالن سميت مينهن ۽ سخت واءُ ۾ برپٽ ڏانهن ڀڄي وڃڻو پيو. انهي وچ ۾ ميجر آئوٽرام بمبئي مان سکر پهچي ويو، ۽ ڏيجيءَ وٽ وڃي سرچارلس نيپيئر سان مليو. پوءِ سر چارلس نيپيئر امام ڳڙهه جي قلعي ڏانهن وڌيو، جيڪو مير رستم خان جي ڀائيٽي مير محمد خان جو رهائشگاهه هو. قلعي کي بلڪل تباهه ڪيو ويو ۽ ان ۾ رکيل اناج جا انبار لُٽيا ويا. اُتان پوءِ سر چارلس منزلون طئي ڪندو حيدرآباد ڏانهن وڌيو. ميرن جڏهن سندس وڌي اچڻ جو ٻُڌو، تڏهن ڏانهنس قاصد ڏياري موڪليائون، ته اسان پنهنجي مرضيءَ جي خلاف، انهيءَ نئين ٺاهه کي به قبول ڪيو آهي، ته پوءِ تون ڇو فوج ۽ توبن سان حيدرآباد وڌي رهيو آهين؟

ميرن جيڪي وڪيل سرچارلس نيپيئر ڏانهن ڏياري موڪليا هئا، انهن جا نالا مرزا خسرو بيگ ۽ يوسف خدمتگار هئا، ۽ اُهي سرچارلس نيپيئر کي نوشهري وٽ وڃي مليا، جيڪو حيدرآباد ۽ سکر جي وچ ۾ آهي. اُهي ميرن جون مهرون به اُتي کڻي ويا، ته جيئن نئين ٺاهه جي قبوليت تي هنيون وڃن. سرچارلس کين اهي مهرون هڻڻ نه ڏنيون، ۽ هڪ خط ڏيئي واپس موڪليو، ته جنهن ۾ به اهي شرط شروط هئا، تيئن انهن جي هڪدم تعميل ڪئي وڃي. انهي خط ۾ مذڪور هو ته مير، مير رستم خان کي هڪدم حيدرآباد ۾ گهرائي وٺن، ته جيئن ميجر آئوٽرام اتي پهچي مير رستم خان جو مامرو طئي ڪري، ۽ ساڳئي وقت ٺاهه تي به سيل مهر ڪئي وڃي. خط ۾ اهو به لکيل هو ته سرچارلس نيپيئر جي مرضي هئي ته حيدرآباد تي چڙهائي ڪري، پر هاڻي هو انهي کي في الحال مهمل ٿو رکي، پر جيڪڏهن مير رستم خان، ميجر آئوٽرام سان نه ملندو، ته پوءِ کيس دشمن سمجهيو ويندو. اهڙي طرح مير رستم خان ۽ سندس ٻه وڪيل 8- فيبروري 1842ع تي اچي حيدرآباد ۾ مليا. جيئن ئي ميجر آئوٽرام اچي پهتو تيئن هُن ميرن ڏانهن نياپو موڪليو ته ٺاهه بحال ڪيو وڃي ۽ جيئن ته ميرن لاءِ ٻيو ڪو بلو ڪونه هئو، ۽ اهو ٺاهه هو به بي انصافي تي ٻڌل، پر تنهن هوندي به ميرن انهيءَ کي قبول ڪيو، ۽ پنهنجون مهرون ڏياري موڪليون.

ٻئي ڏينهن، 9- فيبروري تي، ميجر آئوٽرام ميرن سان ملاقات ڪئي، جن کيس ٻڌايو ته انگريزن جي لڳاتار وڌي اچڻ سبب سنڌي ماڻهو جوش ۾ اچي ويا آهن. ۽ کيس ياد ڏياريائون ته هنن مهرون هڪ ڏينهن اڳيئي ڏياري موڪليون آهن. ميرن انهيءَ تي ميجر آئوٽرام کي گذارش ڪئي ته ڪو آفيسر سرچارلس نيپيئر ڏانهن موڪلي، ته جيئن هو پنهنجي چڙهائي کي روڪي ميجر آئوٽرام اهو چوڻ ڪري هڪ آفيسر مير نصير خان ڏانهن ڏياري موڪليو ۽ ميرن انهيءَ کي هڪ تيز رفتار اُٺ تي چاڙهي سرچارلس نيپيئر ڏانهن روانو ڪيو. اهو آفيسر وڃي انگريز ڪئمپ پهتو ۽ 12 فيبروري تي اهو ساڳيو اوٺي انهي آفيسر کي واپس وٺي آيو. اُهو آفيسر پاڻ سان هڪ خط کڻي آيو. جيڪو منشي ميلارام جو لکيل هو. اهو اوٺي ميرن جي حڪم سان سرچارلس نيپيئر جي ڪئمپ ۾ موجود هو، ۽ هن ڏٺو ته خط جي پهچڻ شرط سرچارلس نيپيئر پنهنجي ڪئمپ ٽوڙي حيدرآباد ڏانهن ڪوچ ڪري ڏنو. ميرن اها خبر ميجر آئوٽرام کي ڏياري موڪلي جيڪو ساڳئي ڏينهن يعني ته 12- فيبروري جي ٻنپهرن جو ميرن وٽ آيو، ۽ چيائين ته جيڪڏهن اوهان انهي ٺاهه تي مهرون هڻندا ته پوءِ هو کيس پنهنجي طرفان پاڻ هڪ خط لکي ڏيندو. هُن اهو به چيو ته جيڪڏهن اهو خط مير پنهنجي ڪنهن به آفيسر جي هٿان چارلس نيپيئر کي ڏياري موڪليندا، ته پوءِ هو اتر سنڌ ڏانهن واپس هليو ويندو. ميرن کي لاچار انهيءَ ٺاهه کي مڃڻو پيو ۽ هنن انهيءَ تي صحيحون ڪيون ۽ مهرون به هنيون.

انهي وقت مير نصير خان، ميجر آئوٽرام کي چيو ته مير رستم خان کي وڏي عمر ۾ ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ وڏي سختي آهي ۽ جيئن ته کانئس سندس سُٺيون زمينون (روهڙي کان سبزل ڪوٽ تائين) کسيون ويون آهن. تنهنڪري کيس باقي علائقو واپس ڪيو وڃي. مير نصير خان کيس اهو به ٻڌايو ته سرچارلس نيپيئر به انهي مامري جو فيصلو مٿس ڇڏيو آهي، تنهنڪري انهي جو منصفانه فيصلو ڪيو وڃي. ميجر آئوٽرام تنهن تي ٺلهو جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ چيائين ته مير رستم خان جي باري ۾ ڪوبه فيصلو وغيره نٿو ڪري سگهجي. جنهن وقت اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، تنهن وقت حيات خان جو هڪ نوڪر حيدرآباد جي قلعي ۾ اچي پهتو، ۽ ٻُڌايائين ته حيات خان جيئن ئي حيدرآباد اچي رهيو هو، تيئن سرچارلس نيپيئر کيس پڪڙي قيدي بنائي ڇڏيو آهي. سنڌي فوج، مير رستم خان سان ٿيل ظلم، حيات خان جي قيد ٿيڻ ۽ سرچارلس نيپيئر جي ڪنهن به ڳالهه تي نه اچڻ سبب نااُميد ٿي، اهو ارادو ڪيو ته جيئن ته ميجر آئوٽرام قلعو ڇڏي، تيئن مٿس حملو ڪيو وڃي. ميرن کي جڏهن ڄاڻ پهتي تڏهن هنن سردارن ڏانهن حڪم ڏياري موڪليو ته هو انهيءَ آزادي کان باز اچن ۽ ميجر آئوٽرام کي ڪيترن ئي معزز رئيسن جي همراهيءَ ۾ ڪئمپ تي صحيح سلامت پهچايو ويو.

ميجر آئوٽرام پوءِ اهو خط جنهن جو هن ميرن سان انجام ڪيو هو، ڏياري موڪليو ته جيئن سرچارلس نيپيئر پنهنجي چڙهائي کي روڪي. اهو خط پوءِ ميرن جنرل ڏانهن ڏياري موڪلي. قاصد جيڪو خط کڻي ويو هو، تنهن اچي ٻڌايو ته جنرل خط ڏسڻ شرط ڪيمپ ٽوڙي حيدرآباد ڏانهن تڪڙو تڪڙو وڌڻ شروع ڪيو. ميرن انهي تي پنهنجي طرفان به هڪ خط جنرل ڏانهن ڏياري موڪليو، ته جڏهن سندس سڀئي تڪليف ڏيندڙ شرط مڃيا ويا آهن، ته ان هوندي به هو حيدرآباد ڏانهن وڌي رهيو هو. تنهن جو مطلب ڇا آهي؟ ميرن انهي خط ۾ اهو به پڇيو ته ڇا سندس مطلب جهيڙي ڪرڻ جو آهي؟ جي ايئن آهي ته پوءِ مير شهر خالي ڪري وڃي برپٽ وسائين ۽ پوءِ اُتان پنهنجو وڪيل لنڊن موڪلي انصاف حاصل ڪن. انهي گذارش جو به سر چارلس نيپيئر ڪو جواب ڪونه ڏنو.

سرچارلس نيپيئر جي چڙهائي ۽ حيات خان جي گرفتاري، سبب سنڌي فوج جو هڪ جٿو، جنهن جو انگ پنجن هزارن کان مٿي نه هو، حيدرآباد جي قلعي ۾ اچي گڏ ٿيو. ميرن جيتوڻيڪ سر چارلس نيپيئر جي نون شرطن کي به مڃيو، پر ان هوندي به هن پوئتي موٽڻ جي نه ڪئي. ان تي مير ۽ سندن ٻروچ سردار شهر جي ٻاهران اچي گڏ ٿيا، ۽ چيائون ته ڀل نيپيئر اچي اسان کي قتل ڪري ۽ پوءِ وڃي اسان جا گهر لُٽي، ڇاڪاڻ ته اسين جيئري کيس اهو ڪم ڪرڻ نه ڏينداسين. مير نصير خان جڏهن ڏٺو ته سنڌي سپاهي پاڻ کي تباهه ڪرڻ پٺيان آهن، تڏهن هن ميجر آئوٽرام ڏانهن نياپو موڪليو ته هو پنهنجي سپاهين کي سمجهائڻ وڃي رهيو آهي، پر کيس صلاح ٿو ڏئي ته، اسٽيمر تي چڙهي هليو وڃي، نه ته ٿي سگهي ٿو ته سنڌي سپاهي سر چارلس نيپيئر تي حملي ڪرڻ سان گڏ مٿس به حملو ڪري ڏين. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ميرن لاءِ بيعزتي جو باعث ٿيندو. انهي باري ۾ هڪ خط به ميجر آئوٽرام کي لکيو ويو هو. اهڙي طرح 15- تاريخ مير نصير خان سنڌي سپاهين جي سرچارلس نيپيئر تي حملي ڪرڻ جي ارادي کي ترڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ٻئي ڏينهن هن سر چارلس نيپيئر کي وڪيل ڏياري موڪليا، ته جيئن هو به انهي حملي ڪرڻ کان باز اچي، جيڪو هو حيدرآباد تي ڪرڻ وارو آهي.

15- تاريخ منجهند جو سنڌي سپاهين جي هڪ جٿي ميجر آئوٽرام جي ڪئمپ تي حملو ڪري ڏنو. مير محمد خان جيڪو ان وقت حيدرآباد جي قلعي ۾ هو، تنهن هڪدم دلاور خدمتگار کي سپاهين ڏانهن ڏياري موڪليو، ته انهي دنگي فساد کان باز اچن. دلاور تڪڙو تڪڙو اچي اُتي پهتو ۽ پاڻ کي وڌندڙ سنڌي سپاهين ۽ ايجنسيءَ جي وچ ۾ آڻي، سپاهين کي هدايت ڪرڻ لڳو. جيئن ئي اُهي ايجنسيءَ جي ڀرسان لنگهيا تيئن اُتي جي هڪ چوڪيدار بندوق جي فائر سان هڪ سنڌي سپاهي ماري وڌو. دلاور گهڻو ئي سمجهاين پر وريو ڪي ڪين، ۽ ٻيئي ڌريون ٺڪاٺوڪيءَ ۾ لڳي ويون. نتيجو اهو نڪتو جو ٻه سنڌي سپاهي  ۽ هڪ ريزيڊنسي گارڊ مارجي ويا. انهي کان پوءِ آئوٽرام ۽ سندس ساٿي وڃي اسٽيمر تي چڙهيا. ٻروچن ٻن يورپي سپاهين کي قيد ڪيو، جنهن مان هڪڙي کي ميرنصير خان وٽ آندو ويو. ميرن هنن کي گوشت ۽ شراب مهيا ڪري ۽ پوءِ کين آزاد ڪري ڇڏيو.  مير محمد خان ته پنهنجي قيديءَ کي هڪ تيز رفتار اُٺ تي چاڙهي جهرڪن پهچايو، ۽ پوءِ کيس آزاد ڪري ٻيڙيءَ رستي درياهه جي ٻئي ڀر موڪليو ويو.

انهي کان پوءِ مير نصير خان انگريز ڪئمپ ڏانهن وري به هڪ وڪيل موڪلڻ تي هو، پر تنهن وچ ۾ سر چارلس نيپيئر سنڌي فوج تي حملو ڪري ڏنو ۽ توبن جو آواز سڀني کي ٻڌڻ ۾ آيو. دوبدو لڙائي ختم ٿيڻ تي ڪيترائي سنڌي سپاهي مارجي ويا ۽ ٻيا واپس وريا. مير نصير کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ ته سڀ ڪجهه سندس مرضيءَ خلاف ٿيو هو. تڏهن رڳو حيدرآباد جي ڀرپاسي مان ٻارهن هزار سنڌي سپاهي اچي جمع ٿيا هئا. مير نصير خان انهن سڀني کي وڙهڻ کان منع ڪئي، ۽ کين حڪم ڪيو ته ٽڙي پکڙي وڃن.

18- فيبروري تي مير نصير خان پنهنجي مرضي سان سر چارلس نيپيئر جي ڪئمپ ۾ هليو ويو ۽ اتي تلوار کولي جنرل کي پيش ڪئي. جنرل پنهنجي هٿن سان اها تلوار مير نصير خان کي واپس ڪري وري کيس ٻڌي ڇڏي ۽ کيس دلداري ڏني ته پنجويهه ڏينهن اندر سندن مامري جو فيصلو ٿيندو ۽ سندن ملڪ کيس واپس ڪيو ويندو. ان ملاقات ۾ اهي لفظ ميجر آئوٽرام جي روبرو چيا ويا هئا. پوءِ سر چارلس نيپيئر ريزيڊنسيءَ ۾ ويو ۽ ميرن مٿان ماڻهو رکيائين. ٻن ڏينهن کانپوءِ ميجر آئوٽرام بمبئي ڏي اُسهيو ۽ سندس وڃڻ کان پوءِ منشي علي اڪبر، جنرل وٽان ميرن ڏانهن نياپو آندو ته هو قلعي کي ڏسڻ ٿو گهري. مير نصير خان انهي تي آخوند بچل، ديوان ميٺارام ۽ بهادر خدمتگار کي ڏياري موڪليو ته جيئن اهي جنرل کي پاڻ سان وٺي اچن.

سر چارلس نيپيئر پوءِ ڪرنل پٽين ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجي قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ پاڻ به توبون ۽ پيادل سوار فوجن جون ٻه ريجمينٽون وٺي آيو. انهي کان پوءِ سرچارلس نيپيئر ٻين آفيسرن ۽ سپاهين سان گڏ مرحوم مير ڪرم علي خان جي زنانخاني ۾ هليو ويو ۽ هن مرزا خسرو بيگ کي ڳٿڙ کان جهلي بيعزتو ڪيو. تنهن کان پوءِ حڪم ڏنو ته جيڪي به پئسو پنجڙ، زيور يا قيمتي شيون وغيره هجن سي هڪدم کيس آڻي ڏنيون وڃن. اهڙي طرح هنن پندرهن لکن جو مال مٿ ڪيو. مير ڪرم علي خان جي گهروارين جڏهن هي نظارو ڏٺو، تڏهن سرچارلس نيپيئر کي عرض ڪيائون ته کين پالڪي گهرائي ڏني وڃي ۽ ٽن جوڙن کڻڻ جي اجازت ڏني وڃي، سر چارلس نيپيئر اهو عرض رد ڪندي، منشي علي اڪبر سان گڏ زبردستي زنانخاني ۾ گهڙي ويو ۽ هن اُتي وڃي زنانن زيورن، سون ۽ چاندي جي ٿانون ۽ ڪپڙن وغيره جي ڦر شروع ڪري ڏني ڪن حالتن ۾ ته عورتن جي ٻانهن ۽ پيرن مان به زبردستي زيور لاٿا ويا. اُهي اڀاڳيون عورتون ڊپ ۽ شرم وچان شهر مان ڀڄي نڪتيون ۽ پيرين پنڌ وڃي کٿڙ پهتيون، جيڪو  حيدرآباد کان پنج ڪوهه پري آهي......... سرچارلس نيپيئر ۽ .......... صاحب، مير نور محمد جي زنانخاني ۾ گهڙي ويا ۽ اتي به ڦر ڪرڻ کانپوءِ عورتن کي مجبور ڪيائون ته اهي پيرين پنڌ هوسڙي ڏانهن هليون وڃن. سر چارلس نيپيئر مير فتح علي جي پٽ مير صوبدار کان به قيمتي بازو بند گهريا جي کيس ڏنا ويا.

مير صوبدار جي گهر جي هڪ عورت، ڪجهه رپيا ڪمرپٽي (اُبداڻي) ۾ ٻڌي ڇڏيا هئا. ڀاڄ ۾ ڪي رپيا هيٺ ڪري پيا، جنهن تي کيس هڪدم پڪڙيو ويو ۽ پٽو وڍي پئسا ڪڍيا ويا ۽ پوءِ هرهڪ عورت کي پاسيرو وٺي سندس ٻانهن، پيرن، ڪن ۽ نڪ جا زيور لاٿا ويا. قلعي ۾ اندر اچڻ جي منع ڪئي ويئي ۽ مرحوم مير نورمحمد ۽ مير نصير خان جي گهر جي عورتن کي ٻن ڏينهن تائين پاڻي کان سواءِ اُڃ ۾ رکيو ويو. مير نصير خان جي ٻن پٽن مير حسين علي ۽ مير عباس علي، جيڪي ٻيئي قلعي ۾ قيد هئا، تن پاڻي لاءِ سرچارلس نيپيئر کي نياپو ڏياري موڪليو؛ جنهن تي جواب مليو ته سرچارلس نيپيئر جو حڪم آهي ته جنهن کي به پاڻي پيئڻو هجي، سو گارڊ جي ڪمانڊنگ آفيسر جي بنگلي تي وڃي پاڻي پيئي. نيٺ ڏاڍي جفاڪشي کان پوءِ پنج سئو ماڻهن لاءِ، جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار هئا، هڪ ساندار پاڻي جي هٿ ڪئي وئي، جنهن سان اُهي رڳو نڙي سائي ڪري سگهيا. پر رهيا ساڳيءَ اُڃ ۾.

انهي کان ٿورو پوءِ سر چارلس نيپيئر ۽ سپاهي انهيءَ درن عورتن وٽ آيا، جتي عورتون هيون ۽ انهن کي ڪهاڙين سان ڀڃي کوليائون. اندر گهڙڻ سان عورتن کان زيورن وغيره جي گهر ڪيائون، جيڪي انهن سڀني لاهي ڏنا. ٻئي ڏينهن سرچارلس نيپيئر انهن ساڳين ڪمرن ۾ گهڙيو ۽ الهه تلهه ٻُهاري کڻي ويو. هڪ عورت، جنهن کي ريشم جو جوڙو پيل هو، تنهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس قلعي جي دروازي تي جهلي ڪپڙا لهرايا ويا. مير نور محمد خان جي بيواهه ڪجهه ڪپڙا هڪ نوڪرياڻي کي وڪري لاءِ ڏنا، ته جيئن کاڌي پيتي جو سامان وٺي اچي. سر چارلس نيپيئر جي منشي محمد حسين انهي کي جهلي مار ڏني ۽ کانئس ڪپڙا ڦري ورتا. انهيءَ کانپوءِ ٻن عورتن کي آڻي، قلعي جي در وٽ بيهاريائون، ته جيئن اچ وڃ ڪندڙ سڀني عورتن جي جهڙتي ورتي وڃي. ٿورن اکرن ۾ ته جيڪا به ميرن جي ملڪيت هئي، اها سڀ کانئن کسي ويئي. مير صوبدار کي پوءِ ٻاهر ڪڍيو ويو، ۽ کيس انگريز ڪئمپ ۾ قيدي بنايو ويو، ۽ جيڪي تلوارون سندن پٽن کي ڏنيون ويون هيون، سي کانئن واپس ورتيون ويون. مرزا خسرو بيگ جو گهر ڦُريو ويو ۽ کيس قيدي بنائي ڪئمپ ڏانهن نيو ويو. انهيءَ کان پوءِ کيس وري قلعي ۾ آڻي ايڏي ته مار ڏني ويئي جو گهڻي وقت تائين بيهوش ٿي ويو. جڏهن سامت ۾ آيو تڏهن کيس ٻڌي ڪئمپ ۾ آندو ويو ۽ نظربند رکيو ويو.

ٿوري وقت کان پوءِ ميرن کي بمبئيءَ موڪليو ويو ۽ اتان ميسور ڏانهن موڪليو ويو، جتي کين ڏهه مهينا قيد رکيو ويو. کين پوءِ ڪلڪتي وٺي ويا، جتي لارڊ ايلنبرو کين هڪ اُجڙيل جاءِ هزاري باغ ۾ نظربند رکڻ ٺيڪ سمجهيو. ميرن لارڊ ايلنبرو کي ميسور مان ڪلڪتي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي شڪايت ڪئي، جنهن تي ايلنبرو کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. نتيجو اهو نڪتو جو هُن، مير نصير خان، حسين علي خان ۽ مير نور محمد جي پٽن، ۽ مير نصير خان ۽ شاهه محمد جي ڀائرن ۽ مير شاهه محمد جي پٽ کي ٻين ميرن کان جدا ڪري، کين هزاري باغ ۾ رکيو ۽ ٻين وڏن ميرن کي هن ٻيءَ اُجڙيل جاءِ ۾ رهائڻ جو خيال ڪيو. ايتري ۾ کيس ڊسمس ڪيو ويو ۽ انڪري هو لنڊن واپس هليو ويو.

انهيءَ کان پوءِ اڀاڳو مير نصير خان ڏک ۽ نئين مصيبت جنهن ۾ سندس پٽ کانئس ڦرجي ويو، ۽ رات ڏينهن هنجون هاريندو رهيو، تان جو موت کيس اچي انهن سورن مان نجات ڏياري. لارڊ ايلنبرو جي ڊسمس ٿيڻ کانپوءِ سر هينري هارڊنج گورنر جنرل مقرر ٿيو. مون کيس به هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هنن کي رسيل اهنجن کي دور ڪرڻ جي گذارش ڪئي، ۽ پڻ ملاقات لاءِ به عرض ڪيو. پوءِ اها ملاقات بئرڪپور ۾ 30- سيپٽمبر 1844ع ۾ ٿي، جنهن ۾ سر هينري هارڊنج صاف طور کليل اکرن ۾ چيو، ته جيتوڻيڪ ميرن سان بي انصافي ٿي آهي، پر ان هوندي به هو کين ڪا مدد نٿو ڪري سگهي. تنهن کان پوءِ ميرن ٻه ڀيرا سر هينري هارڊنج کي لکيو ته، جيڪڏهن کيس مدد ڪرڻ جو اختيار نه آهي، ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ميرن مان ڪن کي اجازت ڏني وڃي، ته اهي وڃي راڻي وٽ پُڪارين. انهي تي گورنر جنرل هارڊنج، مسٽر ڪوي سيڪريٽري معرفت انڪاري جواب ڏياري موڪليو. ٻي ڪابه واهه نه ڏسي ميرن قرض کڻي انگلينڊ ڏانهن هي وڪيل ڏياري موڪليا، جن هندستان لاءِ وزير لارڊ رپن، ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ۽ راڻي وغيره سان ملاقات لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سوڀارا نه ٿيا. نيٺ پئسن جي گهٽتائي سبب هو واپس هندستان موٽن پيا، جتي وڃڻ کان پوءِ هو پنهنجون دانهون ڪُوڪون ڌڻي در ڪندا رهيا ته جيئن کين انصاف پلئه پوي ۽ رب سائين کين اهو ڏياري، جنهن جي ڏيڻ کان ماڻهن انڪار ڪيو آهي.

ڇنڇر 22- آگسٽ تي ديوان مهتارام لکيو.

 

مياڻيءَ جي جنگ جو احوال: ڪيپٽن ايِسٽوڪ

16- فيبروريءَ 1843ع جي پوياڙيءَ جو انگريزي فوج هالا کان ايڪيهه ميل پنڌ ڪري ٿڪجي ٽُٽي اچي مٽياري جي ڳوٺ وٽ ڪئمپ لڳائي، جيڪا حيدرآباد کان اُتر طرف سترهن ميلن جي پنڌ تي آهي. برطانوي فوج جي انگ تڏهن ٽي هزار هو، ۽ ان جي ڪمان ميجر جنرل سرچارلس نيپيئر جي هٿ هيٺ هئي. مٽياري سنڌو درياهه جي ڪپ کان ميل يا ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي ۽ ميجر آئوٽرام، جيڪو تڏهن ميرن سان لهه وچڙ ۾ هو، سو به پنهنجي اسٽيمر ”پلينيٽ“ تان اچي لٿو. ساڻس گڏ لائيٽ ڪمپنيءَ جو حفاظتي جٿو به هو، جنهن جو ناتو هز مئجسٽي مهاراڻي جي ٻاويهين ريجمينٽ سان هو. هُن انهي ڳالهه جي اچي تصديق ڪئي ته ميرن اڳئين صبح جو ڪئمپ تي حملو ڪيو هو، جيڪا سرچارلس نيپيئر هالن ۾ اڳيئي ٻڌي هئي. آئوٽرام ٻڌايو ته ريزيڊنسي، جيڪا حيدرآباد کان اتر- اولهه جي طرف ٽن ميلن جي پنڌ تي هئي. تنهن کي گهوڙيسوار ۽ پيادي فوج جي هڪ وڏي جماعت اچي گهيرو ڪيو هو، ۽ انهي جو مهندار مير شهدادخان نالي هڪ مير هو. انگريز حفاظتي جٿي چار ڪلاڪ نهايت بهادري سان مقابلو ڪيو، پر پوءِ بارود کٽڻ ڪري، انهن کي درياهه ڏانهن پٺتي موٽڻو پيو، ان وقت درياهه ۾ به اسٽيمر بيٺا هئا، جنهن تي چڙهي اچي مٽياري پهتا آهيون.

ميجر آئوٽرام ٻڌايو ته ٻروچ وڏي انگ ۾ اچي گڏ ٿيا هئا ۽ پاڻ کي شڪارڳڙهه (ٻيلي) ۾ لڪائي ڇڏيو هئائون، جيڪو مٽياري ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ آهي. خيال ڪيو ٿي ويو ته جيڪڏهن انهي جهنگ کي باهه ڏبي ته دشمن ڌڪجي ٻاهر نڪري ايندو، تنهنڪري ميجر آئوٽرام ٻن سئو سپاهين کي انهن ٻنهي اسٽيمرن تي انهي ڪم لاءِ موڪليو. جيتوڻيڪ جهنگ جو ڪجهه حصو ساڙيو ويو، پر ان هوندي به اها اٽڪل ڪامياب نه ويئي، ڇاڪاڻ ته 17 تاريخ وارو جنگ جو ميدان اڃان پرڀرو هو. ٻروچن رات وچ ۾ شڪارڳڙهه (ٻيلو) خالي ڪري ڇڏيو هو، پر اسان شڪارڳڙهه جي بيهڪ کان اڻواقف هئڻ ڪري غلطي ڪري وڌي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org