ٻَني کان حيدرآباد جي ويجهڙائيءَ تائين رستو ميرن
جي هڪ گهاٽي شڪار جي ٻيلي مان لنگهي ٿو، تنهنڪري
آسپاس وارو ملڪ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اسان جو رستو
ڪيترائي ميل سنڌو ندي جي ڪناري ساڻ پئي هليو.
رستي ۾ منهنجن ميزبانن، منهنجي نهايت تعظيم ۽ خاطرداري ڪئي.
ڪيڏي مهل اُهي پاڻ منهنجي حفاظت لاءِ رات جو پهري
تي ويهندا هئا. منهنجي پاسي ۾ هڪڙو ڪرمچي رنگ جي
ريشمي ڇَوَ سان وڏو ڪپهه جو گديلو هميشه تيار رکيل
هوندو هو ته متان مون کي هيٺ لهڻ جو خيال ٿئي،
اسان کي ٿڌي شربت جون گهُگهيون ۽ ٻيو عيش عشرت جو
سامان نهايت فراخدليءَسان ڏنو ويندو هو. مونکي
وندرائڻ لاءِ اميرن ڪيترائي باز موڪليا هئا.
تنهنڪري منهنجي دسترخوان تي هر قسم جا پکي موجود
هوندا هئا. پکين جو شڪار جيترو سنڌ ۾ آهي اوترو
ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ مون ڪونه ڏٺو. مون کي جلدي
حيدرآباد پهچڻ جو ارادو هو؛ تنهنڪري اسان تيز
رفتاريءَ سان سفر ٿي ڪيو. اسان جي عملي ۾ گهٽ ۾
گهٽ هزار کن ماڻهو هئا. انهن مان ڪيترا اُٺن تي
سوار هئا. خانن، خود اٺن جي سواري ٿي ڪئي. هتي
اُٺن جي سواري جو رواج عام آهي ۽ اها سَهنجي به
هوندي آهي. خان اُٺن تي اهڙا تڪڙا ٿي هليا، جو
منهنجي گهوڙي سان برابر ٿي آيا. اُٺن جي پاکڙن تي
ريشمي گاديلا رکيل هئا، جنهنڪري سوارن کي اُٺ جي
ڏکئي پنڌ کان تڪليف ڪانه ٿي پهتي.
آئون ڀانيان ٿو ته جنهن رستي کان اسان پئي آياسين، تنهن رستي
کان اڳي ڪوبه يورپي ماڻهو ڪونه لنگهيو هو. اسان کي
ڏسڻ لاءِ مقامي ماڻهو نهايت منتظر ۽ بيتاب هئا.
منهنجي تنبوءَ جي چوڌاري ماڻهن جا ميڙاڪا هئا.
فرنگين کي ڏسڻ لاءِ ملڪ جي هر حصي مان ماڻهو آيا
هئا، ڪن ته مون ته ائين پهچڻ لاءِ بيماري جو بهانو
ڪيو. جڏهن انهن جي ٺڳي ظاهر ٿي تڏهن هنن هڪدم
قبوليو ته اسان کي تنهنجي ملاقات جو شوق هو ۽
سمجهيوسين ٿي ته اُن ۾ اسان جي ڀلائي آهي.
حيدرآباد کان ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي مون سان محمد خان ٺوڙهو
اچي گڏيو. هو هڪ سردار آهي ۽ ميرن جي خاندان سان
رشتيداري اٿس. هو موسيٰ ڪاهتان نالي هڪ ٻئي وڏي
عملدار سان گڏ منهنجي استقبال لاءِ موڪليو ويو هو.
هنن سان ڪيترا خدمتگار ساڻ هئا. مون کي هنن مان
ڄاڻ پئي ته درٻار ۾ منهنجي خيرمقدم لاءِ وڏيون
تياريون ٿي رهيون هيون. چيائون ته ٻيا يورپي اڳي
سنڌ ۾ پنهنجي ڪمن سان ايندا هئا، پر تون ميرن جي
دعوت تي آيل آهين، تنهنڪري تنهنجي ٻئي نموني ۾
آجيان ڪئي ويندي.
حيدرآباد جي ويجهو پوئين منزل تي سنڌ جو وزيراعظم نواب ولي محمد
خان لغاري مون سان گڏيو. هن کي ميرن مون کي شرف
ڏيڻ لاءِ اڳواٽ موڪليو هو. هن جي سواري شاندار
هئي. انهن ۾ درٻار جا اٽڪل سمورا مکيه ماڻهو شامل
هئا، هو هڪ پالڪي ۾ سوار هو، جنهن کي اَٺ حمال
کنيو ٿي آيا. پالڪي ڪرمچي رنگ جي بخمل جي ٺهيل
هئي، ۽ ٻاهران نهايت قيمتي جهالر ۽ سونا جهاٻا لڳل
هئا. مون کي ڏسڻ سان هو پالڪي مان لهي اچي مون سان
ڀاڪر پائي محبت سان مليو. هوهڪ نهايت بزرگ، پوڙهو
۽ معزز شخص آهي. هو جهڙو لائق آهي، تهڙو ٻاجهارو
پڻ آهي. هن جي اُٿڻ ويهڻ جو نمونو شاهي درٻارين
جهڙو آهي. هن مون کي پالڪي ۾ سامهون ويهاريو. اسان
ڪيترو پنڌ اهڙيءَ طرح سواري ڪندا رهياسين.
نومبر مهيني جي ڏهين تاريخ صبح جو آءٌ حيدرآباد ۾ گهڙيس. منهنجي
اڳيان گوناگون منظر هو، تنهن جو لفظن ۾ بيان ڪرڻ
دُشوار آهي. هرڪو ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ رُڌل هو. اُتي
اٺن- ڏهن هزارن کان به وڌيڪ ماڻهن جو ميڙ هو. سڀ
مون کي ڏسڻ لاءِ آتا هئا. زالون به پالڪي جي ويجهو
ڌڪي آيون. ايتري ته گپا گيهه هئي، جو اڳتي وڌڻ به
ڏکيو پئي ٿيو، ۽ سنڌي سپاهين کي ترارين ۽ بندوقن
سان رستو صاف ڪرڻو پئي پيو. شهر کان هڪ ميل پري
مون کي هڪ شانائتي ڪاري گهوڙي تي چاڙهيو ويو، جنهن
تي نهايت سهڻا سنج پيل هئا. پر ماڻهو مُڙڻ جا نه
هئا، تنهنڪري مون کي وري پالڪي ۾ ويهاريو ويو. ته
جيئن ماڻهو مون کي ڏسي نه سگهن ۽ گپا گيهه کان بچي
وڃان.
اهڙيءَ ريت گهڻي تڪليف ۽ شديد گرمي ۾، مان نيٺ حيدرآباد جي قلعي
جي دروازي تي پهتس. قلعو ميرن ۽ سندن عيال جي رهڻ
لاءِ مخصوص ٿيل آهي. اتي مون کي پهريون ڀيرو آگاهه
ڪيو ويو ته منهنجي هڪدم سنڌ جي والين سان ملاقات
ڪرائي ويندي. ٻاهر جهڙو گوڙ ۽ هُل هو، اهڙوئي اندر
قلعي ۾ خاموشي هئي. آءٌ ڪيترين سوڙهين گهٽين مان
لنگهي اوچتو هڪ وڏي کليل اڱڻ ۾ پهتس، جتي ڪيترائي
خوش پوشاڪ سنڌي بيٺا هئا. اڱڻ جي ٻنهي پاسن کان
ڀتين تي نقاشي ٿيل هئي ۽ پٽ تي گوناگون غاليچا
وڇايل هئا. هڪ ڇيڙي تي، ٽن محرابن سان در هئا، جن
کي سائي ڪپڙي جا پردا ڏنل هئا. مون کي انهن مان
هڪڙي در ڏانهن وزير ۽ عملدار وٺي هليا.
مان جيستائين پاڻ سنڀاليان، تنهن کان اڳ منهنجي جُتي لاٿي وئي،
۽ ميرن جي حضور ۾ بيٺو هوس. مون کي هڪ ئي وقت ۾
ساري شاهي خاندان ڏسڻ جو موقعو مليو. مون اهڙو
شاندار منظر اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. اهو منظر ننڍي
هوندي جيڪي اسان مشرقي تجمل جا خيالي پلاءَ
پچائيندا هئاسين، انهن سان هوبهو ٺهڪي ٿي آيو.
ميرن کي خوشنما پوشاڪون پاتل هيون ۽ هڪ اوچي ڪمري
جي ڇيڙي ۾ اڌگول جي شڪل ۾ ويٺا هئا. ڪمرو ايراني
غاليچن سان سينگاريل هو. ٻه وڏا مير وچ ۾ مسند تي
ويٺا هئا. مسند اڇي رنگ جي والائتي ريشمي ڪپڙي جي
پوش سان هڪ ٿلهي گدي ٺهيل هئي، جنهن تي پٽ ۽ زريءَ
جو سهڻو ڀرت ڀريل هو. ان جون ڪُنڊون چئن ٿلهن گول
سونن جهاٻن سان ٻڌل هيون. ان جي پٺيان هڪ ڀرت ڀريل
بخمل جو طول وهاڻو رکيل هو. مير صاحب، جن جي ٻنهي
پاسن کان سندن خاندان جا ڀاتي، يعني ڀائيٽا مير
صوبدار خان، مير محمد خان، ۽ مير مراد علي خان جا
پٽ، مير نور محمد ۽ نصير خان ويٺا هئا. انهن کان
پرڀرو سندس چاچو مير محمود خان ۽ هن جا پٽ احمد
خان ۽ جهان خان، سفيد پوش خدمتگار، شهزادن جي
پٺيان تلوارن ۽ ڍالن سا بيٺا هئا.
هندستان جي ٻين راجائن جي درٻارن جي ڀيٽ ۾ سنڌي اميرن جي پوشاڪ
نفيس ۽ صفائي نهايت دلڪش هئي. هتي رنگين پَنُين ۽
قرمچي رنگ جي نمائش ڪانه هئي، ۽ نه وري تجمل نه
غلاظت جي آميزش هئي. اهڙي سادگي ۽ لطافت هئي، جو
اهڙي مون ڪٿي ڪانه ڏٺي هئي. ميرن ۽ سندن خدمتگارن
کي سمورن کي هڪجهڙا ڪپڙا پيل هئا، يعني اڇي رنگ جي
سنهيءَ ململ جا صفائي سان ٺهيل ۽ ڇڻيل انگرکا،
ريشم ۽ زريءَ جا ڪمربند، سوڙهن پانچن سان ريشمي
ترڪي شلوارون ۽ ڪيمخواب يا ڀريل بخمل جون سنڌي
ٽوپيون پاتل هيون. انهن کان سواءِ هرهڪ شهزادي جي
ٻانهن تي اڪثر سفيد رنگ جي نهايت سهڻي ڪشميري شال
جو جوڙو ۽ ڪمربند ۾ هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل ايراني
خنجر لڳل هئا، جن سندن پوشاڪ ۽ آرائش مڪمل ٿي ڪئي.
وڏا مير شڪل ۾ گهٽ شاندار هئا، شايد ان ڪري جو هنن ننڍي هوندي
سک ڪونه ڏٺو هو، ۽ گهڻيون تڪليفون سَٺيون هئائون.
هو سچ پچ وڏي عمر جا آهن، پر اهڙيءَ طرح ڏاڙهي ۽
وارن کي خضاب ڪن ٿا، جو پنجاهه ورهين کان وڌيڪ عمر
جا نٿا لڳن. انهن جا مهانڊا ننڍن شهزادن جي مهانڊن
سان نٿا لڳي اچن، سواءِ هڪڙي شهزادي جي. ننڍا
شهزادا مائن تي ويل آهن. انهن جو رنگ گورو، وار
بنهه ڪارا، ۽ پنڀڙيون ۽ ڀرون ڊگهيون اٿن. مير نصير
خان خاص ڪري هڪ نهايت حسين جوان آهي.
درٻار جي اُٿڻ ويهڻ جو طريقو ساراهه جوڳو هو. جيڪي عملدار حاضر
هئا، سي پوشاڪ ۽ اٿ ويهه مان وڏي مرتبي جا لڳا
پئي. ڪنهن به آڏو اچڻ جي ڪوشش ڪانه پئي ڪئي. ڪُت
خلق کي درن کان ٻاهر ڪڍيو ويو هو، ڪمري ۾ هڪ قسم
جي ڳنڀيرتائي واري سانت ۽ ماٺار ڇانيل هئي.
درٻار ۾ منهنجي جتي در تي لهرائي وئي هئي، پر مان فيصلو ڪيو ته
ٽوپي نه لاهيندس. تنهنڪري مان ٽوپيءَ سان ڪمري جي
وچ ۾ هليو آيس. ساري خاندان منهنجو سلام ڪيو، ۽
مونکي گادي وارن ميرن جي آمهون سامهون هڪ مسند تي
ويهاريو ويو. ڳالهه ٻولهه فارسي ۾ شروع ٿي. سنڌيءَ
۾ خير عافيت پڇي وئي...... مون چيو: ”مون جنهن وقت
سنڌ ۾ پير پاتو آهي، ان کان وٺي مون سان هر قسم جي
مهربانيءَ عزت جو ورتاءُ ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ
آءٌ نهايت ٿورائتو آهيان.“ مير ڪرم علي چيو ته تون
مهمان آهين، ۽ اسان جي دعوت تي آيو آهين. اسان جو
سڀڪجهه تنهنجي ملڪ آهي. اسان پنهنجي وزيراعظم کي
تنهنجو ميزبان مقرر ڪيو آهي. هن کي هدايت مليل آهي
ته تنهنجي هر نموني جي خاطر تواضع ڪري. تنهنجي
رهائش لاءِ شهر جي ٻاهر هڪ باغيچو تيار ڪيل آهي،
تون اُتي رهه ۽ جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي ته تون
اسان سان حيدرآباد جي قلعي ۾ پڻ رهي سگهين ٿو.
پوءِ مسٽر ايلفنسٽن، سر جان مالڪوم، سر ايون نيپين، گورنر جنرل
۽ قبله عالم بادشاهه جارج چوٿين بابت پڇا ڳاڇا
ڪيائون. انهن سڀني لاءِ ميرن کي نهايت عزت ۽ تعظيم
هئي. چيائون ته ڪڇ جي سفير توکي اسان ڏانهن اچڻ جي
اجازت ڏيئي، اسان سان وڏا ڀال ڀلايا آهن، انشاءَ
الله اسان جي انگريز سرڪار سان دوستي اڳي کان وڌيڪ
مضبوط گهاٽي ٿيندي. پوءِ مير صاحب جن طب جي علم
تي بحث ڇيڙيو. پهريائين مون کان تفصيلوار پڇا
ڪيائون ته تنهنجي عمر ڪيتري آهي، ۽ پنهنجو پيشو
ڪيئن ۽ ڪٿي سکيو آهين؟ يورپ جي ماڻهن جيان هنن کي
به اهو خيال ويٺل هو ته شباب ۽ علم جي دوستي ڪانه
ٿيندي آهي. اُهي البت انهيءَ ڳالهه تي نااُميد يا،
جڏهن ڏٺائون ته منهنجي دعويٰ جي تائيد ۾ نه آهن
اڇا وار ۽ نه گنڀيرتا. پاڻ ۾ سُس پُس پئي ڪيائون
ته هي وات ڳاڙهو ڇوڪر علاج ڇاڪندو؟
ڪلاڪ کن پوءِ سڀني ڌارين ماڻهن کي موڪل ڏني وئي، ۽ مراد علي جي
بيماري جو ذڪر چوريو ويو. مير جي شڪل شبيهه مان
ايئن ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ آيو ته هن کي ڪنهن قسم جي ڪو
مرض آهي. تشخيص بعد مون ڏٺو ته کيس ڪوبه مهلڪ مرض
ڪونه هو، جيئن مون پهرين سمجهيو هو. سندس بيماري،
خدمت ۽ تيمارداريءَ سان جيڪڏهن صفا ڇُٽائي نه، ته
به گهٽ ڪري سگهجي ٿي. جڏهن مون کين اها ڳالهه
ٻُڌائي ۽ چيومانس ته اوهين جراحيءَ کان سواءِ
تندرست ٿي ويندا، تڏهن هنن جو انديشو دُور ٿيو، ۽
اُهي سڀ ڏاڍو راضي ٿيا..... اُٿڻ وقت ٻنهي گاديءَ
وارن ميرن مون کي خاطري ڏني ته، ”اسان اڳي ڪنهن به
يورپي ماڻهوءَ کان ايڏو خوش نه ٿيا آهيون، جيترو
توکان ٿيا آهيون.“
درٻار مان مون کي نواب ولي محمد خان ماڻهن جي ساڳي بيتاب انبوهه
مان اُتي وٺي هليو. جتي منهنجي رهائش جو انتظام
ڪيل هو. اها جاءِ شهر کان سڏ پنڌ پري هڪ باغيچي ۾
هئي، جنهن کي چوڌاري پناهه لاءِ ديوار ڏنل هئي.
باغيچي ۾ وڻ ڪپي ۽ بيٺل فصل لڻي، اسان لاءِ جاءِ
ڪئي وئي هئي، ۽ ڪيترا تنبوءَ شاميانا کڙا ڪيا ويا
هئا. انهن مان هڪڙو شاميانو چاليهه فوٽ ڊگهو هو ۽
ٻارهن فوٽ اوچيون قناتون هيس. اهو شاميانو سائي
ڪپڙي جو ٺهيل هو ۽ ڳاڙها گل لڳل هئس، ۽ سڄو گلمن،
غاليچن ۽ پلنگن سان سينگاريل هو. اهو شاندار
شاميانو منهنجي ملاقات جو ڪمرو هو. اهي تنبو، ۽
جنهن نموني صبح جو منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو ويو هو،
تنهن مون کي الف ليليٰ جي منظرن جي ياد ٿي ڏياري.
اڃا ساهه ئي نه پٽيو هوم ته ڏٺم ته ڪيترا خدمتگار
کاڌي جا خونچا کڻي آيا. منجهانئن هڪڙو طشت منهنجي
اڳيان رکيو ويو. اُن ۾ ڏهه ٻارهن چاندي جون
رڪابيون هيون، جنهن ۾ منهنجي ناشتي لاءِ قسمين
قسمين طعام هئا، جن سڀني جي مٿان سونا ورق لڳل
هئا. ٻين منهنجن مسلمان ملازمن لاءِ پڪل گوشت ۽
ساڻس گڏ هندن لاءِ ميوا، مٺايون ۽ ٻيا کاڌا هئا.
شام جو به ساڳي ڪار ٿي. جڏهن چيو مان ته آءٌ انهي
فراخدليءَ جو وڌيڪ فائدو وٺڻ لاءِ تيار نه آهيان،
تڏهن ڪجهه دستور ۾ ڪمي ڪئي وئي.
ساڳئي ڏينهن شام جو مون کي وري ميرن ملاقات لاءِ گهرايو، هن
ڀيري اسان جي ملاقات خانگي هئي، سواءِ نمائش يا
جلوس جي. ميرن کي پوشاڪ ساڳي صبح واري پيل هئي، پر
ڪمربند ۽ هٿيار ڪونه هُين. ٻيو، نوڪر چاڪر به
ايترا ڪونه هئا. سندن گفتگو تمام دوستاڻي طريقي جي
هئي. ڳالهيون گهڻو ڪري مراد عليءَ جي بيماري متعلق
هيون، جنهن جو هنن کي گهڻو اُلڪو هو. مير صاحب
پنجن مهينن کان بيمار هو. مون کي تڏهن گهرايو
هئائون، جڏهن مڪاني حڪيمن جواب ڏنو هون ۽ پاڻ به
اميد لاهي ويٺا هئا. مير صاحب جا ڀائر فتح علي ۽
غلام علي به شايد ساڳئي قسم جي شڪايت کان گذاري
ويا هئا، بيماري سندن خاندان ۾ موروثي هئي. انهيءَ
حالت ۾ مير صاحب پنهنجي وصيت ڪري ۽ ملڪيت ورهائي
ڇڏي هئي، ۽ پنهنجي اولاد لاءِ لکيل نصيحتون تيار
ڪيون هيون.
علاج شروع ڪرڻ ۾ دير ڪانه ڪئي ويئي، پر مونکي علاج ۾ ڪي ڏکيائون
ٿيون. پهريون: ميرن کي ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جي هٿان
دوا وٺڻ هميشه ڏکيو لڳندو هو. گڏوگڏ مون کي ان ڪري
به ڪجهه ذاتي ڏکيائي ٿي، جو بلوچن جي رواج مطابق
گوريءَ کارائڻ کان اڳ حڪيم کي به گوري کائڻي پوندي
هئي. مير مراد علي دوا کي هٿ نه پيو لائي،
جيستائين اها پهريان آءٌ نه کاوان. مون کي به ٻه
ٽي وزن وٺڻا پيا. نيٺ شامت وڃي هڪڙي نوڪر تي پئي.
جنهن کي بي فائدو ڪيترو وقت ساندهه پگهرن جون
پڙيون ۽ جلاب وٺڻا پيا، جن سندس دل ۽ دماغ تي
يورپي حڪمت جو گهڻو بُرو اثر ويهاريو. پوءِ آءٌ
جڏهن ميرن سان گهڻو گهرو ٿيس، تڏهن بند ڪئي وئي.
پر مون کي خاص طرح چيو ويو ته منهنجي لاءِ هيءَ
وڏي ۾ وڏي رعايت هئي. اها ڳالهه سندن خيال ۾ اهڙي
ته اهم هئي، جو پنهنجي وڪيل کي هدايت ڏنائون ته
اها بمبئيءَ جي گورنر جي ڌيان تي آڻي ته هو سمجهي
ته کين اسان لاءِ ڪيتري نه محبت ۽ عزت هئي.
سخت پرهيز، باترتيب علاج ۽ معمولي ملم پٽي ڪرڻ سان مرض جون
خوفناڪ علامتون ويهه نومبر ڌاري يعني منهنجي اچڻ
کان پوءِ ڏهن ڏينهن جي اندر گهٽ ٿيون. سڀ مير ڏاڍو
راضي ٿيا...... مير مراد علي جي بيماري ڪارڻ ميرن
شڪار تي وڃڻ ڇڏي ڏنو هو. ڪيترا مهينا قلعي کان
ٻاهر جي هوا ڪانه کاڌي هئائون. هاڻي شڪار لاءِ
هڪدم سڀني تياري ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ مون کي به
شڪار جي دعوت ڏنائون. مير کي ڪيترا هفتا تڪليف
ڪانه ٿي. مرض اُٿلي پوڻ جي ڊپ کان هو باقاعدي
هدايتن تي عمل ڪندو رهيو. پر علاج بند ٿيڻ کانپوءِ
هن کان وري ڪي غلطيون ۽ بي اعتداليون ٿيون،
جنهنڪري مرض ٿورو اٿلي پيو. پر هن جي صحت ۾
باقاعدي فائدو ٿيندو رهيو.
اميدن جي خلاف اوچتيءَ شفا جو مکيه سبب هيءُ هو ته مون اچڻ سان
گرم دوائن جو استعمال بند ڪيو هو. پر ميرن سمجهيو
ته مان نهايت حاذق حڪيم آهيان. وري خوش قسمتيءَ
سان ڪي اهڙا اتفاق هيا، جو ميرن جو وڌيڪ ويساهه
پڪو ٿيو. مون کي ڪنهن وقت مراد علي کي هڪ طاقت جي
دوا کائڻي هئي. نڀاڳي نوڪر تي دوا آزمائڻ کان پوءِ
به مير کائي ڇو ٿو؟ چوي ته جيستائين اهو نه
ٻڌائيندي ته ان جو مون تي ڪهڙو اثر ٿيو، تيستائين
مان دوا کي هٿ به نه لائيندس. مان سمجهي ويس ته هي
هنن جي خيال ۾ منهنجي علم جي هڪ وڏي آزمائش آهي.
پر آءٌ هن مامري ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿورائتو ”ڪوئنين“ جوهوس. ڪوئنين
اها شيءِ آهي، جنهن جي سنڌ جي ماڻهن کي خبر اڃا
ڪانهي. اها مڪاني ماڻهن جي وار جي بخار لاءِ هڪ ٽڪ
علاج آهي. جڏهن آءٌ ماڻهن کي اڳواٽ دوا بابت
ٻُڌائيندو هوس ته ماڻهو عجب کائيندا هئا. سنڌ اچڻ
کانپوءِ ٿورن ڏينهن اندر مان انهي ڪارائتي دوا جي
وسيلي وزيراعظم لغاري جي هڪ خاص پياري ٻار کي،
جنهن کي ڪيترن مهينن کان بخار ايندو هو، ۽ ميرن جي
ٻين ڪيترن خاص ماڻهن کي ان مرض مان ڇُٽايو. مان
اهڙي ريت ٻين ماڻهن جو به علاج ڪري پنهنجو نالو
ڪڍان ها، پر مير صاحبن کي جڏهن ڪوئنين جي اثر جي
ڄاڻ پئي، تڏهن ڇا ڪيائون جو ڪوئنين جو شيشو ئي مون
کان بنا اجازت کسي پنهنجي استعمال لاءِ قلف ڪونجي
۾ بند ڪري رکائي ڇڏيائون. ان کانپوءِ، جڏهن مان
خود سخت بيمار ٿي پيس، تڏهن به ان مان رتيءَ لف
ڪڍي ڪونه ڏنائون. موڪلائڻ وقت خالي بوتل واپس گهري
مانءِ، جو اها هڪ قيمتي دوائن جي پيتي مان نڪتل
هئي، پر صفا نابري واريائون. ان عيوض ٻي هڪ شيشي
آڇيمان، پر اها به قبول نه ڪيائون، شايد سمجهيائون
ته دوا سان گڏ شيشيءَ ۾ به جادوءَ جو اثر آهي.
ميرن کي خاطري هئي ته جيڪڏهن مان چاهيان ته جواني جي وڃايل طاقت
واپس وٺي ڏئي سگهان ٿو. مير سهراب مون کي چوائي
موڪليو ته سندس هڪ ٻار جو علاج ڪريان، جنهن جو
ٻارهن سالن کان مغز خراب هو. مير نور محمد بدشڪل ۽
بيڊولو هوندو هو، هن جي مرضي هئي ته مان کيس سندس
ڀاءُ نصير خان جهڙو سهڻو ڪريان.
مير محمد خان مون کي درخواست ڪئي ته سندس حرم جي
هڪ البيلي جي ڳچيءَ تي هڪ اڇو داغ ڄائي ڄم جو هو،
سو لاهيان. جنهن تي مير وڏو ڏاڍو ناراض ٿيو، جڏهن
منهنجون ڪوششون ناڪام ٿيون. مائي سان منهنجي
ملاقات هڪ عجيب نموني ۾ ڪرائي وئي. پهرين صلاح ڪئي
وئي ته مان کيس هڪ باغ ۾ ڪلهي جيڏي اوچيءَ ڀت جي
ٻيءَ ڀر کان بيهي ڏسان. مون اعتراض ڪيو ته هڪ مريض
کي ڏسڻ جو هي طريقو صحيح ناهي. نيٺ هن کي ويڙهي
سيڙهي، سندس ٻُڍين ۽ بدصورت ٻانهين سان گڏ مون وٽ
وٺي آيا. مائي نهايت سهڻي هئي ۽ يورپي زالن جهڙو
گورو رنگ هوس. ايئن چئجي ته هوءَ سنڌي زالن جو نڪ
هئي. سنڌ جون زالون هندستان جي زالن کان وڌيڪ
ٺاهوڪيون آهن. مون ڪيتريون ناچ واريون به ڏٺيون،
جيڪي سچ پچ خليفي وليد جي حرم لائق هيون. |