پنچري: يا چرڻ تي محصول، مهيني ۾ اُٺن تي اٺ آنا، مينهن تي چار
آنا، ڳئن تي ٻه آنا ۽ ٻڪرين ۽ رڍن تي هڪ هڪ آنو
چاراڻيءَ جو محصول ورتو ويندو هو.
گُتا يا اداره شراب: شراب ٺاهڻ مان نفعي تي هر محصول هوندو هو.
اميني: تڪرارن جي ٺاهه ڪرائڻ تي محصول هوندو هو.
انهن کانسواءِ پوسٽنس ۽ هيوز، درآمدي محصول، چُنگي، شهري محصولن
باغن جي پيداواري تي محصول ۽ شراب ٺاهڻ جي ڪارخانن
کولڻ جي ليسن جي فيءَ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.
درآمد ٿيندڙ شيون
ٻاهرين ملڪن کان حيدرآباد ۾ درآمد ٿيندڙ شين ۾: بمبئي کان (خاص
ڪري انگريزي مال) پڻيو يا هرک، ڇيٽون، بخمل، اوني
۽ ٻيو ڪپڙو، ٽامو، کنڊ ۽ مصالحا وغيره؛ عربستان
کان کجور ۽ سُڪل ميوا؛ مارواڙ کان ڪپهه، اڇو ۽
ڳاڙهو ٿُلهو سوٽي ڪپڙو؛ جيپور ۽ احمد آباد جا
ڪيمخواب، ڪڇ کان ڪپهه ۽ ٻيو مقامي تيار ٿيندڙ مال،
خاص ڪري ٿُلهو ڪپڙو ۽ عاج وغيره شامل هئا.
اوني ڪپڙي جي صنعت
مقامي طرح ٺهند اوني مال ۾ گهڻو ڪري غاليچا، ڪنبل، کٿا، فراسيون
۽ اوني کرسڻ تيار ٿيندا هئا. سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي
وانگر اوني ڪپڙي جي صنعت به قديم صنعتن مان هڪ
هئي؛ پوسٽنس چوي ٿو: ”حيدرآباد جي گوني تعلقي ۾
زالون واندڪائي جو وقت ڪمبل ۽ اوني فراسيون ٺاهڻ ۾
گذارين ٿيون. جڏهن ته هتي خرزينون به ٺاهيون وڃن
ٿيون. اُهي خرزينون گهڻو ڪري ڪاري يا ناسي رنگ جون
ٿينديون آهن؛ ۽ نهايت پائيدار ۽ مضبوط هونديون
آهن.“
چوپايو مال ۽ کير مکڻ جي پيدائش
زراعت ڪافي وسيع پيماني تي ڪئي ويندي هئي، ۽ زمين جون وڏيون
ايراضيون چراگاهن طور استعمال اينديون
هيون......... هر ڳوٺ ۾ مينهون، ڳئون، رڍون ۽
ٻڪريون جام هونديون هيون. حقيقت ۾ دولتمند ۽
عزتدار ماڻهو ان کي سمجهيو ويندو هو، جنهن کي
پنهنجو ڳچ چوپايو مال هوندو هو؛ جنهن ماڻهو وٽ
چوپائي مال جو هڪ يا ٻه وهٽ نه هوندو هو، ته ان کي
نهايت غريب سمجهيو ويندو هو، کير، ڏڌ ۽ مکڻ ماڻهن
جو عام کاڄ هو ۽ باقي جيڪو مکڻ ۽ گيهه بچندو هون،
سو وڪڻي ڇڏيندا هئا.......... ٺٽي ۾ رهندڙ انگريز
ايجنٽ لکن ٿا ته نصرپور مان هتي تمام گهڻو مکڻ ۽
گيهه کڄي ٿو..... هتي چوپايو مال- خاص ڪري مينهون،
گهڻي انداز ۾ موجود هيون. منوڪي اسان کي ٻڌائي ٿو
ته: ”ماڻهن وٽ ’ڪارو چوپايو مال‘ (مينهون) گهڻيون
آهن ۽ وهٽ سُٺا ۽ وڏا آهن. جن مان هرهڪ منجهان
هوند اسي کان سئو پائونڊن تائين بهترين قسم جو
گوشت ملي. هتي ماڻهو مکڻ گهڻي انداز ۾ برآمد ڪن
ٿا- انهيءَ مکڻ کي وِٽڙائي، ساندارين ۾، جن کي
”ڏٻا“ سڏيو وڃي ٿو، ٻاهر موڪليو وڃي ٿو.“
جنڊي جو ڪم
ڪاٺ تي جنڊي جو ڪم جي صنعت جو پيمانو هاڻي ڪجهه گهٽجي ويو آهي.
گهڻو ڪري هن هنر جو مکيه استعمال کٽن ۽ پينگهن کي
سينگارن ۾ ڪيو ويندو آهي، جيڪي اڄ به هر ڪنهن
خوشحال سنڌي جي گهر ۾ ملي سگهن ٿا. جنڊي جو ٻيو ڪم
گهڻو ڪري ننڍين ننڍين پيتين(مخبن) تي ٿيندو آهي،
جيڪي هڪٻئي جي اندر رکيون وينديون آهن. ۽ جن کي
”گنج“ سڏيو ويندو آهي. انهن تي رنگ- ڳاڙهو ۽ پيلو،
نيرو ۽ سائو، عاج جهڙو ۽ ڪارو- استعمال ڪيو ويندو
آهي. اهڙو ڪم ايترو ته پختو ۽ جٽادار ٿئي ٿو، جو
اڄ به ڪيترن عجائب گهرن ۽ ماڻهن جي خانگي ملڪيت ۾
ڏيڍ سئو ورهين جون اهڙيون پراڻيون شيون ملي سگهن
ٿيون، جن جو رنگ ذرو به جهڪو نه ٿيو آهي اڄ تائين
حيدرآباد ضلعي ۾ هالا هن صنعت جو مشهور مرڪز آهي.
جنڊي جي ٻين شين ۾ عاليشان قسم جا ڪٻٽ ۽ ڪاٺ جون
ٿالهيون ۽ جنڊيءَ جون ميزون تيار ڪيون وڃن ٿيون.
جنڊيءَ جي ڪم ۾ لاک کي رنگن سان ملائي، ميڻ ۽
گندرف سان گڏ استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڪاشيءَ جا ٿانو
ڪاشيءَ جا ٿانو به بهترين قسم جا ٺهندا هئا ۽ خاص ڪري ڪاشي جون
سرون ته مشهور هونديون هيون، جن جو نمونو اڄ به
حيدرآباد ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي مقبرن ۽ مڪلي ٽڪري تي
ملي ٿو. اُهي ڪاشي جون سرون جاميٽري جي اصولن تي
ٺهيل شڪلين سان هلڪي ۽ گهري نيري رنگ سان چٽي
ٺاهيون وينديون هيون- ۽ مشهور اوليائن ۽ مرتبي
وارن ماڻهن جي مقبرن جي ڀتين، فرشن، ڇتين، چانئٺن
۽ گنبذن تي هنيون وينديون هيون. اُهي رڱيل سرون
تمام گهڻي انداز ۾ استعمال ٿينديون هيون. هالا،
مٽياري ۽ نصرپور شهر ڪاشيءَ جي هنر جا مرڪز هوندا
هئا.
ايٽڪن سنڌ جي گزيٽئر ۾ لکي ٿو ته، ”اُهي ڌاتن جي ٺهيل شين وانگر
وڄن (آواز ڪن) ٿيون، ۽ سندن ڪناريون اهڙيون ته صاف
۽ سڌيون آهن، جهڙيون ٻارن جي پيتي جي ڪاٺ جي سرن
کي هونديون آهن. سندن رنگ اهڙو ئي چٽو رهي ٿو،
جهڙو ٺهڻ واري ڏينهن تي هوندو اٿن...........“
حيدرآباد جي قلعي ۾ ڪم آيل کوري جون پڪل سرون ثابت
ڪن ٿيون ته هتي ڪنڀرڪو ڪم ڪيڏو نه اوج تي
هو........ چيڪي مٽي مان ڪيتريون شيون ٺهنديون
هيون- جهڙوڪ پاڻي جون گهُگهيون، رڌ پچاءَ جا ڪُنا
۽ ٻيا ٿانو، حُقا، سُلفيون، رانديڪا ۽ ٻيون سجاوٽ
جون شيون وغيره.
هٿيارن جي صنعت
اوڻويهين صدي ۾ حيدرآباد هٿيار ٺاهڻ جو مکيه مرڪز هوندو هو....
هتي ڪيترن قسمن جا هٿيار ٺهندا هئا. خاص ڪري
ٽُونٽي وارين بندوقن جون ناليون سُٺيون ٺاهيون
وينديون هيون، ۽ جن تي ڪڏهن ڪڏهن چاندي يا سون جو
ڀرت جڙيو ويندو هو. پوسٽنس جي لکڻ مطابق هتي ٺهندڙ
هٿيار هندستان جي اڪثر هنڌن تي ٺهندڙ هٿيارن کان
وڌيڪ عمدا هئا. هتي اعليٰ درجي جون تلوارون پڻ
هيون، جن جا ڦر ڊگها، مُڙيل (گولائي تي)، تکا ۽
سُٺي طرح ٺپيل هوندا هئا. سنڌ جا حاڪم خاص طور
ٽالپر انهن هٿيارن جو گهڻو قدر ڪندا هئا، ۽ شڪار
يا جنگ جي وقت اهي ڪم آڻيندا هئا. اُهي انهن
هٿيارن جي سڌاري تي گهڻو ڌيان ڏيندا هئا- ۽ ان
لاءِ ڪافي پئسو پڻ خرچيندا هئا.
واپار جي تنظيم
جيڪڏهن هتي مناسب واپاري تنظيم نه هجي ها ته مقامي واپاري سڄي
دنيا جي ملڪن سان ايترو سارو واپار هلائي ڪين سگهن
ها. هتان جي واپار جو وڏو حصو هندن جي هٿن ۾ هوندو
هو..... انهيءَ ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي
واپارين جو پکڙجڻ ڪو رڳو اتفاقي ڳالهه نه آهي- ۽
ايئن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته اڄ دنيا جو شايد
ڪو اهڙو وڏو شهر يا مکيه سامونڊي بندر نه هوندو،
جتي ڪو سنڌي واپاري- حيدرآباد، ڪراچي ۽ شڪارپور جو
– جواهرن، هنري شين ۽ ريشمي سامان جو واپار ڪندو
نظر نه اچي........ واپارين جو مکيه ڌنڌو هُنڊين
تي پيسا ڏيڻ ۽ ڏيتي ليتي ڪرڻ آهي. جيئن ته اهو
ڌنڌو پيڙهين کان هلندو پيو اچي، تنهنڪري اهو قياس
غلط نه ٿيندو ته سترهين کان ارڙهين صديءَ جي اوائل
۾ به انهيءَ ڌنڌي جي اها ئي صورت هئي........ ۽
سنڌي واپارين جون آفيسون ۽ ايجنسيون نه رڳو
هندستان جي مکيه واپاري مرڪزن ۾ هيون، بلڪ دنيا جي
مختلف حصن ۾ پکڙيل هيون.
اندروني واپار جي تنظيم ۽ جوڙجڪ ۾ ميلا وڏي اهميت رکن ٿا. هتي
اڃا به ڪيترن ئي هنڌن تي مقرر وقتن تي سال ۾ ميلا
لڳندا رهن ٿا. جتي ماڻهو وڏي انگ ۾ اچي خريد و
فروخت ڪندا آهن. انهن ميلن ۾، جتي خاص ڪري شرطون
لڳن ٿيون، اُتي چاپائي مال جو چڱو واپار ٿئي ٿو، ۽
واپاري گهُوڙا، اُٺ ۽ ڳئون گهڻو ڪري انهن ميلن مان
ئي خريد ڪندا آهن. تنهنڪري اهو قياس لڳائي سگهجي
ٿو ته واپاري معيشت ۾ ”ميلن“ جو مکيه حصو هو.
اڄڪلهه وانگر اُهي ميلا گهڻو ڪري درياءَ جي بندرن،
واپاري مرڪزن يا صوفي فقيرن ۽ سنتن ساڌن جي مقبرن
۽ مزارن تي لڳندا هئا- ۽ واپار سان گڏ ماڻهن جي
سماجي ۽ مذهبي لاڳاپن کي به وڌڻ جو موقعو ملندو
هو.
جديد قسم جي مارڪيٽن جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ڳوٺن ۾ هفتيوار
بازارين لڳڻ جا ڏينهن مقرر ٿيل هوندا هئا، جتي
ڀرپاسي جا ماڻهو اچي پنهنجي گهُرج جون شيون وٺندا
هئا، پر ڪن خاص گهُرجن جي سامان سڙي لاءِ کين
ڀرپاسي جي ڪنهن وڏي ڳوٺ يا شهر ڏانهن وڃڻو پوندو
هو. انهي ڳالهه کان انڪار ٿي نٿو سگهي ته حيدرآباد
يا ڪراچيءَ جهڙن وڏن شهرن ۾ باقاعدي مارڪيٽون
هونديون هيون. البت ننڍا ننڍا ڳوٺ گهڻو ڪري پاڻڀرا
هوندا هئا. ڳوٺاڻا پنهنجون ئي پيدا ڪيل شيون
واپرائيندا هئا ۽ عام واهپي جون ٻيون عام شيون
اڪثر پاڙي جي دڪاندارن کان وٺندا هئا. ڀاڄيون ۽
گوشت خير ڪي وڪامندا هئا - ۽ واڻئي جي هٽ جو سودو
گهڻو تڻو جنسن ۾ ئي ٿيندو هو. ناڻي جو استعمال
گهڻو ڪري وڏن شهرن ۾ هوندو هو- پر اُتي به ناڻي جو
مقدار ايترو گهٽ هوندو هو، جو واريءَ ڦيريءَ ۾
نهايت گهٽ ڪم ايندو هو. وڏن واپارين کي پنهنجا
گماشتا، آڙهتي ۽ دلال هوندا هئا. جيڪي واپار جي
تنظيم، وڪرو ۽ ڏيتي ليتي جو ڪم ڪندا هئا.
آدم شماري
آدم شماريءَ لفظ مان جيڪو مفهوم اسين هاڻوڪي وقت ۾ وٺون ٿا،
تنهن قسم جي ڪابه ڳڻپ يا آدم شماري سترهين ارڙهين
صدي ۾ ڪانه ٿي هئي؛ البت، ٽالپرن پنهنجي وقت ۾
’مٿگي‘ يا ماڻهوءَ پٺيان محصول قائم ڪري ماڻهن کي
ڳڻپ ۽ آدم شماري جو هڪ اڻ رٿائتو سرشتو قائم ڪيو
هو، جنهن کي ’خانه شماري‘ يا ”سر شماري“ سڏيو
ويندوهو، ۽ جنهن موجب گهرن يا فردن جي ڳڻپ ٿيندي
هئي. مردن، زالن ۽ سمجهه لائق ٻارن – سڀني کي اهو
محصول ڀرڻو پوندو هو، ۽ گهر جو هرهڪ ڀاتي ٻئي
ڀاتيءَ جو ضامن هوندو هو. انهيءَ طرح، جيڪي به
ماڻهو اهو محصول ڀريندا هئا. تن جي انگ جو رڪارڊ
موجود هوندو هو- پر انهي ۾ سردارن ۽ سپاهين جي هڪ
وڏي انگ، ۽ بين وڏن زميندارن، اميرن، سرڪاري
ڪامورن ۽ مذهبي ماڻهن تان اهو محصول معاف هوندو
هو...... ٽالپر حڪمران ڪوشش ڪندا هئا ته انهيءَ
محصول جي گهڻي ۾ گهڻي وصولي ٿيندي رهي، تنهنڪري
ڪيترن اهڙن جا نالا به دفتر تي موجود هوندا هئا،
جيڪي فوت ٿي ويل هوندا هئا.
1843ع ۾ انگريزي راڄ سان صوبي کي ملائڻ کان پوءِ، رچرڊ برٽن
پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ لکي ٿو، ” اسان کي ڪنهن نئين
فتح ڪيل ملڪ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙن ماڻهن جي انگ
جي ڪنهن صحيح تخميني لڳائڻ ۾ ڪافي ڏکيائي محسوس
ٿئي پئي. هڪ ته ماڻهو پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين جا
نالا ڏيڻ پسند ڪين ٿا ڪن- ۽ اُهي سمجهن ٿا ته
حڪومت شايد سندن خلاف ڪا سازش پئي سٽي؛ ٻيو ته هنن
۾ هڪ عجيب وهم هي به آهي، ته ماڻهن جي ڳڻپ ڪرڻ هڪ
غرور ۽ وڏائي آهي- ۽ اها ڳڻپ ظاهر ڪرڻ الاهي عذاب
۽ ڪاوڙ کي هٿ وٺي دعوت ڏيڻي آهي.“
ٿارنٽن پنهنجي گزيٽئر ۾، انگريزن جي فتح وقت سنڌ جي مکيه شهرن
جي آدم شماري جا جيڪي انگ اکر ڄاڻايا آهن، تن
موجب: حيدرآباد ۾ ويهه هزار، هالا ۾ ڏهه هزار،
مٽياري ۾ اٺ هزار ۽ ٽنڊو الهيار ۾ پنج هزار ماڻهو
رهن ٿا. هو وڌيڪ چوي ٿو ته، ”ٽنڊو محمد خان سنڌ جو
نهايت مکيه شهر آهي، جيڪو وسندڙ شهر آهي.“ برنس
اُن کي ”محمد خان جي ٽنڊي جو وسندڙ ۽ آباد شهر
ڪوٺي ٿو.“
فوجي طاقت ۽ سپاهين جو انگ
هتي زمين جي مالڪي جو سرشتو جاگيرداري هو، تنهنڪري جنگ جي وقتن
۾ هاري کي ئي فوجي سپاهي بنجڻو پوندو هو، ۽ امن جي
وقت ۾ پنهنجي زمين ۽ کيتيءَ سان رُڌل رهندو هو؛ هر
زميندار ۽ جاگيردار کي ماڻهن جو هڪ مقرر انگ جنگ
لاءِ ڏيڻو پوندو هو. ٽالپرن جي ڏينهن ۾ هڪ پيادي
سپاهيءَ جو پگهار، جيئن ليفٽيننٽ ليچ لکي ٿو، هڪ
سير اٽو، ۽ چار ڏوڪڙ روزانو هوندو هو – هڪ رپئي ۾
چاليهه ڏوڪڙ هوندا هئا. پوسٽنس جي لکڻ موجب اهو
پگهار روانو ٽن پيسن يا ماهانو چئن رپين کان ڪجهه
گهٽ جي برابر هو. ٻئي طرف گهوڙي سواري کي، انهي
کان ٻيڻو پگهار ملندو هو. گڏوگڏ کين ڪپڙا ۽ ٻيون
ضروري سامان ڏنو ويندو هو.
1796ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان آيل سياسي ۽ واپاري نمائندن
ناٿن ڪرو اندازو لڳايو، ته ٽالپرن جي فوجي طاقت
اٽڪل چاليهه هزار ماڻهو هئي. پر اڳتي هلي چوي ٿو
ته، ” عام شوق ۽ جوش جذبي وارن ڏينهن ۾ انگ ان کان
گهڻو هوندو هو......“ 1820ع ۾ آيل مسٽر مئڪمرڊو جو
نتيجو پنجاهه هزار ماڻهن جو آهي. ٻئي طرف ليفٽيننٽ
آر. ليچ، سنڌي فوج جو تعداد هڪ لک کان به مٿي ڪٿيو
هو........ پر ٽالپرن، مياڻيءَ جي جنگ ۾ رڳو سترهن
هزار لشڪر ميدان ۾ آندو هو........ سرچارلس
نيپيئر، انگريزي فوجن جي ڪمانڊر، سر جئسفر نڪلس کي
هڪ خط ۾ لکيو هو ته ”وڌيڪ ستاويهه هزار فوج جنگ جي
ميدان کان ڇهن يا اٺن ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي.“ ۽ اهو
لشڪر مياڻي ۾ گڏ ٿيل فوج سان اچي گڏجي ها.“ ۽ انهي
مان ظاهر ٿيو ته ٽالپرن جو جنگ ۾ سچ پچ آندل فوج
جو انگ چوئيتاليهه هزار هو. لاشڪ ڪجهه هزار فوجون
ته گهرج مهل ڪم آڻڻ لاءِ صوبي ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ
”مخصوص“ به رکيل هونديون. بهرحال هي قياس بخوبي
ڪري سگهجي ٿو ته ٽالپر پنجاهه هزار کان وڌيڪ فوج
ڪٺي ڪين ڪري سگهيا هوندا، ڇو ته پنجاهه هزار فوج،
ڪنهن به صورت ۾ پندرهن کان سورهن لکن جي آدمشماري
واري ملڪ مان ڀرتي ڪري نٿي سگهجي.
عام ماڻهو
عام انسان، گهڻو ڪري هاري رهندو آيو آهي. گهڻي ڀاڱي هن جي
پنهنجي معيشت خود – ڪفيل ڪئي، ڇاڪاڻ ته جن شين جي
کيس گهرج هوندي هئي، سي هو پاڻ پيدا ڪندو هو. هن
جون اهڙيون گهُرجون بلڪل ٿويون هونديون هيون، جن
کي پئسن سان وٺندو هو، انهيءَ ڪري ناڻي جي ملهه ۾
تبديلين جو هن تي نهايت گهٽ اثر پوندو هو.
1644ع کان وٺي 1837ع تائين آيل يورپي فوجين ۽ واپارين – سپلر،
منوچي ۽ ڪارليس – هارين کي ”نهايت مظلوم، مصيتبن
جو ماريل، مسڪين، ڪنگال، غريب ۽ رحم جوڳو“ ڪوٺيو
آهي. ڪجهه سالن کان پوءِ 1847ع ۾، مختلف ضلعن ۾
ڪيلڪٽرن ڏٺو ته هاري عام طرح نهايت غريب هئا، ۽
محتاج زندگي گهاري رهيا هئا، پر وٽن ”کاڌو ۽ ڪپڙو
لٽو جهجهو“ هو......... گڏوگڏ سموري آدم شماري
هارين جي ڪين هئي، ۽ ڪجهه ماڻهو ٻين ڌنڌن سان پڻ
لڳل هئا، جهڙو ڪاريگر، ننڍا دڪاندار، مهاڻا، ڌنار،
وغيره.
وچولو طبقو
هڪڙي پاسي ويچارا هاري، پنهنجو نماڻو ڌنڌو، کيتي ڪري گذران ڪندا
هئا، ته ٻئي طرف دولتمند اميراڻو طبقو ٺاٺ سان
رهندو هو – ست رڇي طعام کائيندا هئا، بهترين شراب
پيئندا هئا، ۽ ناچو ڇوڪرين سان پاڻ وندرائيندا
هئا. اهو چوڻ نهايت ڏکيو آهي، ته انهن ٻنهي طبقن
جي وچ ۾ وچولو طبقو به موجود هو. انهيءَ درجي ۾
شايد ننڍا زميندار (کاتيدار)، دڪاندار، ننڍا
ڪامورا، واپار، صراف، ڏيتي ليتي ڪندڙ، ڪاريگر- جن
منجهه ڪورين جو گروهه سڀ کان گهڻو ۽ وڌيڪ آسودو
هو- اچي ٿي ويا.
اميراڻو طبقو
سردار، امير ۽ پير وڏين جاگيرن ۽ جائدادن جا مالڪ هئا، ۽ هنن جا
ڪيترائي پوئلڳ هوندا هئا. اُهي پنهنجن مضبوط ۽
ڊگهين چار ديوارين وارن قلعن يا ’ڪوٽن‘ ۾ شهزادن
جهڙي شان ۽ طاقت سان رهندا هئا. اُهي قلعا گهڻو
ڪري پڪين سرن جا ٺهيل هوندا هئا. اُنهن اميرن
منجهان ڪيترا ته بيشڪ نهايت دولتمند هوندا هئا، ۽
منجهن جنگ جي وقت حاڪمن کي مدد ڏيڻ، يا پاڻ حاڪمن
سان گڏ جنگين جوٽڻ جي لياقت ۽ طاقت هوندي هئي.
ٽالپر اميرن کي حڪومت هٿ ڪرڻ وقت ڪلهوڙن جو گڏ ٿيل ڪيترو ئي
خزانو هٿ آيو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هنن بي
انداز دولت گڏ ڪري، هيرن جواهرن ۽ سون جي شڪل ۾
مٽائي رکي هئي........... چيو وڃي ٿو ته حيدرآبادي
ٽالپر گهراڻي جو سردار مير فتح علي خان 1802ع ۾
مرڻ وقت پنهنجي ڀائرن لاءِ پنجٽيهه لک رپيا ورثي ۾
ڇڏي ويو. پوسٽنس اسان کي ٻڌائي ٿو ته 1843ع ۾
انگريزن کي ميرن کان جيڪي جواهر ۽ سون هٿ آيو، ان
جو مُلهه ڏهه لک اسٽرلنگ پائونڊ هو، ۽ جنهن مان
رڳو سرچارلس نيپيئر جو حصو، چيو وڃي ٿو ته ستر
هزار پائونڊ هو.
اميراڻي طبقي جي حياتي، عيش عشرت، ڪاهلي ۽ ڏيکاءُ،
عاليشان کاڌي، شڪار ۽ وندر ۽ مؤج جي حياتي هئي.
کائڻ پيئڻ ۽ عيش ڪرڻ هنن جي زندگيءَ جو معيار هو.
امير غاليچن، بهترين چادرن ۽ ٻين نادر شين وٺڻ ۽
خادمن، غلامن ۽ ناچُو ڇوڪرين کي پاڻ وٽ رکڻ تي به
ڪافي ناڻو خرچيندا هئا..... ٽالپر اقتدار ۾ اچڻ
کان پوءِ ملڪ کي ننڍين رياستن ۾ کڻي ورهايو، جتي
اُهي ننڍن ننڍن خودمختيار شهزادن وانگر راڄ ڪرڻ
لڳا، ۽ جيتوڻيڪ پنهنجي مٽن مائٽن، مددگارن ۽ دل
گهُرين ماڻهن کي جاگيرون بخشڻ لڳا، پر هن نئين
اميراڻي طبقي کي ايتري طاقت ۽ دولت نه هئي، جهڙي
کانئن اڳين کي هئي............ اها حقيقت، انگريزن
جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان ڪجهه ورهيه پوءِ،
مئڪڊونالڊ جي هن فقري کي واضح ڪري ٿي، ته سندس
ضلعي ۾ ٻن ماڻهن کان وڌيڪ مهيني ۾ ٻن هزار رپين
کان مٿي ڪوبه خرچ نه ٿي ڪري سگهيو. |