سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :128

 حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي جو پهريون ڪنوينشن

18 سيپٽمبر 1968ع تي حيدرآباد ۾ مير رسول بخش خان ٽالپر جي باغ ۾ سنڌ پيپلزپارٽي  جو ڪنوينشن ٿيو. هن ڪنوينشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، جي . اي. رحيم، ڊاڪٽر مبشر حسن، غلام مصطفيٰ کر، ممتاز ڀٽو، معراج محمد خان، مير رسول بخش خان، عبدالوحيد ڪٽپر ۽ ٻيا شامل هئا. هن  ڪنويشن ۾ آڪٽوبر 1958ع کان اڳ، يعني ايوب خان جي مارشل لا کانپوءِ پهريون ڀيرو سخت تنقيدي تقريرون ٿيون.

پوءِ، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي جاءِ تان ۽ حيدرآباد مان مير رسول بخش ٽالپر کي به گرفتار ڪيو ويو. هنن گرفتارين ڪري حالتون وڌيڪ خراب ٿي پيون......... حيدرآباد ۾ تڏهن  ماٺار ڇانيل هئي، ڪنهن به فرد يا جماعت کي  همت نه ٿي، جو ڪو جلسو ڪري يا جلوس ڪڍي. شهر ۾ 144 قلم لاڳو هو. نيٺ 20 نومبر 1968ع تي مير رسول بخش ٽالپر جي باغ ۾ عام جلسو ڪيو ويو. جلسي ۾ الاهي بخش قائمخاني، ڪامريڊ نظير حسين حيدري، مقبول احمد ڀٽي ۽ ٻين تقريرون ڪيون. جلسي جي پڄاڻي تي جلوس ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو. جلوس ۾ اٽڪل پنج هزار کن ماڻهو هئا. پوليس، ٽالپر باغ کان ٻاهر ۽ ڦليلي بازار وٽ وڏي انگ ۾ موجود هئي. وٽن ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ رائيفلون وغيره به هيون....... سٽي مئجسٽريٽ مظاهرين کي چيو: شهر ۾ 144 قلم لاڳو آهي. تنهنڪري هي جلوس بي قاعدي آهي. ڀَلو ان ۾ آهي ته توهان ڇڙوڇڙ ٿي وڃو. مظاهرين کيس چيو: اسان کي اها ڄاڻ آهي، ته شهر ۾ 144 قلم لاڳو آهي، اسان انهيءَ جي ڀڃڪڙي لاءِ ئي هي جلوس ڪڍيو آهي. اسان جو پروگرام ميمڻ چيئرٽيبل اسپتال تائين وڃڻ جو آهي، ان کان اڳ اسان هٽڻ لاءِ تيار نه آهيون. نيٺ جلوس پنهنجي منزل تي پهتو، ۽ تقريرن کان پوءِ سڀڪو ڇڙوڇڙ ٿي ويو.

پوءِ مارچ 1969ع تي ذوالفقار علي ڀٽو حيدرآباد آيو. جلسي جو انتظام  حيدرآباد جي قلعي  ۾ ڪيو ويو. جلوس جي سلسلي ۾ اسٽيشن روڊ کان هوٽل اورينٽ وارو روڊ،رسالا روڊ ، تلڪ چاڙهي کان واپس اسٽيشن روڊ ،هوم اسٽيڊ هال جي چاڙهي چڙهي، قلعي جي دروازي تائين، جتي جلوس  جي پڄاڻي تي ساڳئي وقت جلسو ٿيڻو هو. جلوس جو سڄو رستو دروازن، محرابن ۽ پيپيلزپارٽي جي جھنڊن سان سينگاريو ويو. ڀٽي صاحب لاءِ هڪ ٽرڪ عمدي نموني سينگاري ويئي. جلسي ۽ جلوس جي مشهوري اخبارن، پوسٽرن، اشتهارن ۽ لائوڊ اسپيڪرن وسيلي ڪيئي وئي. ڀر پاسي  جي ڳوٺن ۾ به چڱي طرح اطلاع موڪليا ويا. مير صاحب  جي جلوس کان  هن جلوس ۾ ماڻهن جي حاضري وڌيڪ هئي: اٽڪل ٽي لک ماڻهو هن جلوس ۾ شامل هئا. نيٺ رٿيل تاريخ تي ڀٽو صاحب حيدرآباد  اسٽيشن تي پهتو. کيس سينگاريل ٽرڪ تي چاڙهي نعرن، دهلن شرنائين ۽ناچن  سان جلسي گاهه ۾  آندو ويو. جتي ڀٽو صاحب  ٻه ڪلاڪ زبردست تقرير ڪئي.جلسي ۾ لکين ماڻهو هئا.اهڙو جلسو حيدرآباد ۾ ڪڏهن به اڳ نه ٿيو هو  ۽ نه ئي وري هن کان اڳ ڪو اهڙو  جلوس نڪتو هو.

مهاجر، پنجابي پٺاڻ متحده محاذ جو ٺهڻ

نواب مظهر حسين سڄِي سنڌ  جي نمائدن  تي مشتمل ”سنڌ ڪراچي مهاجر پنجابي پٺاڻ متحده محاذ“ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو، پر نواب زاهد علي خان ان جي مخالفت ڪئي. نواب مظهر حسين سان ابتدا ۾ حافظ مبارڪ علي شاهه، ڪي  بي جعفر، مولانا قيوم ڪانپوري ، چوڌري محمد اشرف، علي محمد ڪاڪڙ ۽ ٻيا ڳواڻ  شريڪ ٿيا .4- ۽ 5- آڪٽوبر 1969ع تي حيدرآباد ۾ هڪ ڪنوينشن ڪوٺايو ويو، جنهن کانپوءِ ”سنڌ ڪراچي مهاجر پنجابي پٺاڻ  متحده محاذ“  وجود ۾ اچي ويو.هي اصل ۾ مقامي ماڻهن  خلاف غير سنڌي  مفاد پرستن  جوپهريون گڏيل محاذ هو، جنهن جو  مقصد  سنڌ ۾ آباد سمورن مراعات يافته غير سنڌي  نسلي  گروهن جي  مفادن  جو بچاءُ ڪرڻو هو.

 

ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ لکرائڻ لاءِ بُک هڙتال

سنڌو پبليڪيشن  جي پرچي ۾ اختر بلوچ پنهنجي بک هڙتال جو ذڪر ڪندي  لکي ٿي: هيرآباد مان بينر ٺاهڻ لاءِ پاٺو ۽ پينسل وٺي، مهرالنساءِ  کي ساڻ  کڻي،  19 نومبر  1969ع  تي هڪ  بجي ڊي. سي  جي بنگلي آڏو  ڇٻر  تي بينر  هڻِي ويهي رهيس. ائين ادا  حميد  سنڌي  لنگهيو، تنهن اچي پڇيو: اتي ڇو ويٺا آهيو. پوءِ  بينر ڏانهن ڏٺائين، مرڻ گھڙيءَ  تائين بک هڙتال.  ڪجھ دير کانپوءِ  ڊي ايس پي آيو. چيائين:  تون منهجي نياڻي جيڏي آهين، گھر وڃ. مون چيو:  آئون اٿڻ لاءِ  ڪانه آئي آهيان. پوءِ زبيده ڪاليج جي پرنسيپال آپا امينا  ها ليپوٽو  ۽ سٽي مئجسٽريٽ  مسٽر بروهي آيا ۽ سمجھائي ڪڪ ٿي هليا ويا. اٽڪل  ٽين بجي ٻه شاگرد  ۽ ڀاءُ ڪامل  راڄپر جن آيا، گل پارايائون، ڪن رسالا  ۽ اخبارون ڏنا. ساڍي بجي ڀاءُ يوسف ٽالپر ، اقبال ترين ، مسعود نوراني، روشن پنهور، حسين شاهه ۽ ٻيا آيا، مبارڪون ڏنائون. دل وڌي ته اڪيلي  ڪانه آهيان، ماڻهو گڏ ٿيندا ويا. مون کي ٿورو ٿورو سيءُ  ٿيڻ لڳو هو، سو امان  کان سوئيٽر وٺي پاتم. پوءِ  محترم حيدربخش جي گهر وارا ، دادي  ليلا  ۽  مير رسول بخش ٽالپر جن آيا. ڊي. سي چيو:  لسٽون سنڌي ۾  ٺهنديون. ڏهه ڏينهن انتظار ڪريو.

ايتري ۾ هڪڙي پوليس ويگن اچي پهتي. مون کي وٺي گاڏيءَ ۾ ويهاريو پئي ويو، ته مون  گاڏيءِ ۾ ويهڻ مهل . ”جيئي سنڌ“جو نعروهنيو....... امداد  حسيني ۽ عبدالحئي پليجي سميت ٻين سمورن ڀائرن زور سان  چيو  سدا جيئي.......

سنڌي ٻولي ڪنوينشن

1971ع جي وچ ڌاري تلڪ چاڙهي ڀر سان جامعه  عربيه اسڪول سنڌي ۾ ’سنڌي ٻولي ڪنوينشن‘ منعقد ٿيو. ان ڏينهن سنڌ جا سمورا مکيه سياسي اڳواڻ ، اديب ۽ دانشور اچي گڏ ٿيا . سنڌي ٻوليءَ  جي بقا ۽ ان لاءِ  عملي جدوجهد  لاءِ تقريرون ڪيون ۽ پيپر پڙهيا ويا . انهيءِ سان گڏ ان لاءِ عملي جدوجهد لاءِ  ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.پوءِ، رات جو دير سان آخري  نشست  مهل حيدربخش  جتوئي  جو قومي ترانو ’جيئي سنڌ‘ ڳايو ويو، ته سوين اديب  ۽ شاعر اٿي بيٺا، پوءِ ڪي اسٽيج  تي  ۽ ڪي  اسٽيج  تي ۽ ڪي پنڊال ۾ جھمريون هڻن لڳا.

ٻولي وارا جھيڙا

ست جولاءِ 1972ع تي جنهن مهل سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻولي جو بل پاس پئي ٿيو، ته اوڏي مهل سڄي سنڌ ۾ ممڻ مچي ويو، ۽ شهرن  ۾ سنڌي آبادين تي حملا شروع ٿي ويا. اهي جھيڙا لڳاتار ٽيهن ڏينهن  تائين جاري رهيا، ۽ پڄاڻي  7 آگست تي ٿي. جھيڙن دوران حيدرآباد ۾ ٽنڊو حيدر جو محمد شاهه.پوليٽيڪنيڪل  ڪاليج  حيدرآباد جو استاد عبدالرزاق سومري ۽ ٽنڊو حيدر جو شبير ٿيٻي ۽ عبدالقادر هاليپوٽي کي ماريو ويو. اهڙي ريت ٻولي وارن جهيڙن ۾، وفاقي گهرو کاتي جي اعلان موجب 42 ماڻهو مئا، جن ۾ سنڌي، اردو، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ پڻ شامل هئا. جڏهن ته گهرن توڙي دوڪانن کي ڦرڻ، لُٽڻ ۽ گاڏين کي باهيون ڏيڻ ڪري ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو.

سائين جي. ايم. سيد تي حملو

سائين جي. ايم. سيد (سيد غلام مرتضيٰ شاهه) 1972ع ۾ قومپرست توڙي صوفي مت جا ويچار ڦهلائڻ ۽ سنڌي ماڻهن سان رياستي سطح تي ٿيندڙ ڏاڍائين خلاف ماڻهن ۾ شعور سجاڳ ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ جو دورو شروع ڪيو. اهو قافلو جڏهن 2 آگسٽ 1972ع تي حيدرآباد ۾ مسلم ڪاليج ۾ پهتو، جتي هڪڙو فنڪشن به رکيل هو. ته هاڻوڪي ٽيڪسي اسٽينڊ لڳ هڪ اڻڄاتل شخص سائين جي. ايم. سيد تي حملو ڪرڻ لاءِ مٿس بم اُڇليو. پر سائين جي حفاظت لاءِ مقرر ٿيل سياسي ساٿين کيس بچائي ورتو.  تنهن هوندي به اڇلايل بم جا ٽڪرا لڳڻ ڪري هڪ شخص دوست محمد پراچا شديد زخمي ٿي پيو، جيڪو پوءِ گهاون جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو. جڏهن ته ناليواري مصور گل محمد کتري ۽ عمر شوري سميت ارڙهن ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد ۽ ٻين اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو.

ذوالفقار علي ڀٽي کي موت جي سزا ۽ جلوس

18 مارچ 1978ع تي صبح جو اوچتو ريڊيي تان ذوالفقار علي ڀٽي کي موت جي سزا ٻڌائڻ جو اعلان ٿيو. سڄي سنڌ جي ماڻهن جيان حيدرآباد جا ماڻهو به وائڙا ٿي ويا. حيدرآباد ۾ عورتن جو جلوس ڪڍڻ  جي تجويز سامهون آئي....... ٻن ٽن ڏينهن جي لاڳيتي ڊوڙ ڊُڪ کان پوءِ 22 مارچ تي سيشن ڪورٽ اندران جلوس ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو........ ڪورٽ ۾ ايندڙ مظاهرو ڪندڙ عورتن کي اڪثر وڏيون چادرون ويڙهيل هيون يا برقعا پاتل هئا. نيٺ عورتن نعرا هڻڻ شروع ڪري ڏنا:

’مارشل لا نامنظور‘ – ’ڀٽي کي آزاد ڪريو.‘

اياز لطيف پليجي جي ڪتاب ”سارون سپنا آزادي“ موجب: ڪجهه ڇوڪرين جذبات ۾ اچي پنهنجون چوڙيون ڪورٽن جي ٿنڀن سان ڀڃي ڀرپاسي گڏ ٿيندڙ وڪيلن ۽ عام ماڻهن ڏانهن اُڇلايون، اڪثر ماڻهن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا. پوءِ اهي جلوس ۾ شامل ٿي ويا. جلوس ۾ شامل ڪيتريون پوڙهيون دردناڪ آوازن ۾ پار ڪڍي رهيون هيون. لجپت روڊ وٽ اوچتو پوليس جون ٽرڪون سائرن وڄائينديون تيزيءَ سان مٿان اچي ڪڙڪيون مايون مُنجهي پيون، پر تيسين ڇوڪرن پروگرام هيٺ پوليس تي مختلف طرفن کان پٿراءُ شروع ڪري ڏنو. سپاهي جيسين وڌن تيسين نوجوان ڇوڪرا ڀرپاسي جي گهٽين ۾ گُم. هڪڙو ڇوڪرو جهلجي پيو، جنهن کي پوليس وارا بيدردي سان مارڻ لڳا. هڪ سپاهي ڪنداق سان سندس مٿيون چپ ڦاڙي وڌو. مايون اُهو منظر ڏسي نه سگهيون ۽ ٽرڪ جو گهيرو ڪري ڇوڪري کي زوري ڇڏيائون. راحت سئنيما لڳ ڪجهه عورتون هڪ بُڪ اسٽال تان اخبار کڻي جنرل ضياء جو فوٽون ڦاڙڻ لڳيون. جنهن ڪري ڪجهه عورتون جامع مسجد اندر لنگهي ويون، باقي ٻين کي گرفتار ڪيو ويو. پر پوءِ شام جو پُڇا ڳاڇا کان پوءِ کين آزاد ڪيو ويو. ڪجهه عورتن، جن ۾ جيجي زرينا به شامل هئي، تن کي سکر جيل موڪليو ويو. جڏهن ته ڪجهه نوجوانن کي به گرفتار ڪري سٽي ٿاڻي سميت ٻين ٿاڻن تي رکيو ويو.

30 سيپٽمبر جو واقعو

سيپٽمبر مهيني جي آخري ڏينهن هو. ان ڏينهن گرمي به سرس هئي.... شام جو سوا ستين بجي ڌاري شهر جي مختلف علائقن ۾ رٿابندي سان فائرنگ شروع ٿي وئي؛ جنهن ۾ ڪيئي ماڻهو موت جي مُنهن ۾ هليا ويا. جڏهن ته انيڪ گهايل ٿيا؛ جن ۾ هيرآباد، گلاب پان واري گهٽي، لجپت روڊ، گاڏي کاتو، قلعي جو چوڪ، سري گهاٽ، لطيف آباد، اسٽيشن روڊ ۽ ٻيا علائقا شامل هئا. ٻئي ڏينهن صبح جو شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو ۽ شهر ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار گاڏين ۾ گشت شروع ڪري ڏنو. جڏهن ته جڳهه جڳهه تي چوڪيون ڪيون ويون.

ابتدا ۾ واقعي جي باري ۾ ڪنهن کي به صحيح ڄاڻ نه هئي. تنهنڪري هرڪو هوائي توائي ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ افواهه ڦهلجڻ لڳا. انهي ڏس ۾ اخبارن ۾ پڻ مارجي ويلن ۽ زخمين جو انگ وڌائي بيان ڪيو. بهرحال حڪومتي ادارا ۽ اخبارون انهيءَ ڳالهه تي سهمت هئا، ته اها دهشتگرد ڪاروائي آهي. ان واقعي جي ڪراچي مان نڪرندڙ روزاني اخبارن ”ڊان“ ۽ ”جنگ“ ۾ خبر هيئن ڇپي: اڻڄاتل هٿياربندن شهرين تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري انهن هنڌن، جتي پناهگيرن جي گهڻائي هئي. فائرنگ جي سٽ ۾ ايندڙ علائقن ۾ لطيف آباد، قلعو چوڪ، کاهي روڊ، هيرآباد، لجپت روڊ ۽ گاڏي کاتي وارا علائقا شامل آهن........ سڀني هنڌ ساڳئي وقت – شام جو ست لڳي ويهن کا ست لڳي چاليهه منٽن تائين – هو........... شام جو سوا ستين بجي شهر ۾ بجلي بند ٿي وئي.

پوءِ حڪومتي ادارن اخبارن ۽ ڪجهه تنظيم طرفان مٿين واقعي جو الزام هاڻوڪي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سندس ساٿين تي مڙهيو ويو ۽ مٿن شهر جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا. پر ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سندس ساٿين مٿين سمورن الزام کي رد ڪندي، ان ڪاروائي کي ايجنسين جي ڪارروائي ڪوٺيو. گڏوگڏ ڪيس جي ڪاروائي دوران پڻ انهن مٿين واقعي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.

جڏهن ته ٻئي ڏينهن ان جي ”پلاند“ ۾ ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن تي به رٿابندي سان حملا ڪري انهن جو قتل عام ڪيو ويو، جنهن جو الزام ايم. ڪيو. ايم (هاڻي متحده قومي موومينٽ) تي لڳايو ويو، هنن پڻ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ قتل عام ۾ ملوث هئڻ کان انڪار ڪيو ۽ واقعي کي حيدرآباد جي ڪارروائي جو ردعمل ڪوٺيو.

سنڌين جي ڀاڄ

مئي 1990ع تي شهر ۾ سنڌين جي آبادي تي حملا ڪيا ويا. تلڪ چاڙهي، مارڪيٽ ۽ پگٽ اسڪول جي ڀرپاسي وارن علائقن تي فائرنگ ڪري 20کان وڌيڪ سنڌي ماڻهو – جن ۾ شاگرد توڙي شاگردياڻيون – شامل هئا، تن کي ماريو ويو. جهيڙن ڪري اوائلي آبادي طرفان پنهنجا گهر خالي ڪرڻ جي شروعات پڪي قلعي کان ٿي؛ علي ڪاٽ جي پڙ جي چوڌاري گهر، پرور شاهه جي پڙ ۽ ريشمي گهٽي وارا گهر، پکي پير واري چاڙهيءَ تي آباد پٺاڻن جا گهر - ۽ شاهي بازار جي ٻنهي پاسي، جيڪي به گهر هئا، سي سڀ لڏڻ لڳا. رڳو ڪجهه گهر کاهي روڊ واري پاسي وڃي باقي بچيا هئا. پر انهن ڪٽنبن منجهان به گهڻا ڀاتي ويا هليا. هيرآباد خالي ٿي ويو. قاسم آباد جا گهر ڀرجڻ لڳا.

شهر ڪرفيو جي ور چڙهيل هو. شهر جي گهٽين ۾ سنڌين جا لاش ايئن پئي مليا، ڄڻ قرباني واري عيد ڏينهن ذبح ٿيل جانورن جون اوجهريون رستي ڪُنڊ تي پيل هجن. شهر ۾ افواهه ڦهلجي ويو ته سنڌ جي ٻهراڙين جا رهواسي، هٿيارن سان مسلح ٿي، شهر تي حملي لاءِ، شهر جي ٻاهر قومي شاهراهه تي هالا ناڪي وٽ جمع ٿي رهيا آهن ۽ ڪنهن  وقت به شهر تي حملو ٿيندو. شهر جي مسيتن منهنجا اعلان ٿيڻ لڳا، ته شهر واسيو، ڌاڙيل پهچي ويا آهن ۽ شهر تي حملا ڪندا. انهيءَ ڪري پنهنجو بچاءُ به ڪريو ۽ مقابلو به ڪريو. شهر ۾ اڳيئي ڪرفيو لاڳو هو، پر اهڙين افواهن نه رڳو ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا پر بيمار اڌ مئو نظر اچڻ لڳو. شهر جي مسجدن مان نعره تڪبير، الله اڪبر جا نعرا ٻڌڻ ۾ آيا پئي........... گذريل رات جي لڳاتار فائرنگ ڪري فردوس ڪالوني، سخي پير ڪالوني ۽ ڀرپاسي جي ٻين گهرن منجهان اوائلي آباد سنڌي ماڻهن کي لڏايو ويو. اهي سڀ ٻه اڍائي سئو کن مرد، زالون ۽ ٻار ڦليليءَ ۽ پڃاري واهه جي وچ ۾ شاهي رستي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ڌرڻي سبب سکر، ملتان، لاهور ۽ پشاور کان ايندڙ سوين ٽرڪون، ڪارون ۽ ٽريفڪ بيهجي ويئي.

سنڌي – پناهگير جهيڙي ۾ وڌ ۾ وڌ فائدو بلڊر مافيا کي ئي ٿيو. ڇو ته هنن هڪڙي طرف ته سستي اگهن تي گهر ۽ پلاٽ ورتا ته ٻئي طرف هنن شهرن – لطيف آباد ۽ قاسم آباد – ۾ جيڪي فليٽ ٺهرايا هئا، سي تيزيءَ سان وڪامڻ لڳا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org