جيستائين حيدرآباد جي آبادي گهٽ رهي، تيستائين شهر ۾ سڀ هڪٻئي
کي سڃاڻندا هئا. گهر مان نڪرڻ کان پوءِ ماڻهن سان
رستي ۾ سلام دعا ٿيندي رهندي هئي. جيڪڏهن حيدرآباد
جو ڪو شخص ڪنهن کي ٻئي شهر يا ڪراچيءَ ۾ نظر اچي
ويندو هو، ته ٻئي ڄڻا هڪدم هڪٻئي سان ڀاڪر پائي
گرمجوشي سان ملندا هئا. حيدرآباد سان انهيءَ تعلق
ڪارڻ ماڻهن جون ڪراچي توڙي اسلام ۾ پنهنجون
جماعتون ٺاهيل آهن. پر هاڻي جيئن جيئن آبادي وڌي
پيئي وڃي، ماڻهن جا ناتا ۽ رابطا پڻ بدلجي رهيا
آهن. ماڻهن جو شهر کان ناتو ۽ لڳاؤ گهٽجي ويو آهي.
جڏهن شهر کي پنهنجو نه سمجهيو ويندو ته پوءِ ان کي
بگاڙڻ ۽ ڪنو ڪرڻ ۾ سڀيئي رُڌجي ويندا.
1960ع جي ڏهاڪي ۾ حيدرآباد ۾ هر سال آل هند – پاڪ مشاعرا ٿيندا
هئا. انهن مشاعرن ۾ جگر، جوش، فيض، جذبي، سرور
باره بنڪوي ۽ ٻيا انيڪ مشهور شاعر ايندا هئا.
ماڻهو شعرن کي پڻ سمجهندا هئا. داد پڻ ڏيندا هئا ۽
خوش مذاقي سان هوٽنگ هوڪرا پڻ ڪندا هئا. مشاعرن ۾
والنٽيئر هوندا هئا. هڪڙي ڀيري آيل شاعر مهمانن کي
سٽي ڪاليج ۾ ترسايو ويو....... والنٽيئرن کي هدايت
ڪئي وئي هئي ته کين پان، سگريٽ ۽ چانهه لڳاتار
ملندي رهي. جڏهن ته ڪجهه شاعر حد کان وڌيڪ
فرمائشون ڪندا هئا.
1952ع تائين انڊيا کان جيڪي ماڻهو لڏي آيل هئا، تن مان اڪثر وٽ
اسڪول جا سرٽيفڪيٽ نه هئا. جنهن ڪري داخلا جو
مسئلو پيدا ٿيندو هو. انهيءَ ڪري مون کي به ڏاڍي
مشڪل سان خالد ميموريل اسڪول جي پنجين جماعت ۾
داخلا ملي. انهيءَ اسڪول جو باني حيدرآباد جو
هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر اسماعيل نامي هو. هن اهو اسڪول
پنهنجي پُٽ جي ياد ۾ جوڙيو هو، جيڪو سنڌو درياهه ۾
ٻڏي مري ويو هو. ان اسڪول ۾ سندس پنهنجا ڇوڪرا نه
پڙهندا هئا. هن جو ناتو ڪنهن زماني ۾ خاڪسار پارٽي
سان هو، تنهنڪري شاگردن جي يونيفارم خاڪي هئي. ڊرل
جي پيرڊ ۾ ڪاٺيءَ جي بندوقن سان فوجي تربيت ڏني
ويندي هئي. اسڪول جي عمارت ڪچي ۽ پڪي هئي. ميدان
جي چوڌاري ڪلاس ڪمرا ٺهيل هئا. منجهن ڪو پنکو
وغيره نه هو. جيئن ميدان ڪچو هو، تنهنڪري جڏهن
هوائون لڳنديون هيون ته ڪلاس ۾ ڌوڙ اُڏامي ايندي
هئي ۽ شاگرد کي ڌوڙ مٽي ۾ ڀري ڇڏيندي هئي. اسڪول ۾
نه ته پيئڻ جو پاڻي جو انتظام هو ۽ نه ئي ٽوائلٽ
جو. تنهن هوندي به اسڪول ۾ پڙهائي سُٺي ٿيندي هئي.
استاد پابنديءَ سان ڪلاسن ۾ ايندا ۽ محنت سان
پڙهائيندا هئا....... ماڻهو سائيڪل گهڻي هلائيندا
هئا. هر ڪنهن وٽ سائيڪل هوندي هئي.... ڪي استاد
ماڻهو شطرنج جا شوقين هوندا هئا....... سري گهاٽ ۾
هڪ گهٽيءَ ۾ ڪني ناليءَ وٽ ماڻهو صبح کان شام
تائين شطرنج کيڏندا هئا. استاد سادگي سان رهندا
هئا. ٽيوشن پڙهائڻ جو رواج نه هو. ڪي ماستر شاگردن
کي غلطي تي هٿ تي هڪڙو رول هڻي مار ڪڍندا هئا.
گڏوگڏ سزا طور ڏهه ڏهه رول پڻ هنيا ويندا هئا پوءِ
به چوندا هئا: ”ڏهه هڻي هڪڙو ڳڻ“ شاگردن کي مُرغو
ٺاهڻ، پوءِ ان حالت ۾ کين ڪلاس ۾ چڪر هڻائڻ، ۽
ڊيسڪ تي بيهارڻ، سندن وڻندڙ سزائون هيون. استادن
جي انهن سختين ڪارڻ شاگرد اسڪول وڃڻ کان ڪؤ
کائيندا هئا. تڏهن سزائن کي سڌاري لاءِ ضروري
سمجهيو ويندو هو، ۽ اڄ به سزائن بابت اهو ئي خيال
آهي.
اسڪولن ۾ تقريري ۽ مضمون نويسي جا مقابلا ٿيندا هئا. ڪي اسڪول
پنهنجا رسالا به ڇپرائيندا هئا، جيئن خالد ميموريل
اسڪول طرفان خالد رسالو ڪڍيو ويندو هو، جنهن ۾
مضمون، ڪهاڻيون ۽ نصيحتون لکبيون هيون. پهريون
ڀيرو پنهنجو نالو ڇپيل ڏسندي ايڏي خوشي شاگردن کي
ٿيندي هئي، جو رسالو رات جو سمهندي پنهنجي ويهاڻي
هيٺان رکندا هئا.
تڏهن (شايد 1955ع) سنڌ ۾ ميٽرڪ جو امتحان يارهن سالن جو هوندو
هو. پر اديب جو امتحان ڏئي رڳو انگريزيءَ ۾ ميٽرڪ
ڪري سگهبو هو.
اورينٽل ڪاليج هيرآباد ۾ هو، جنهن جي جاءِ ورهاڱي کان اڳ سکن جو
گردوارو هوندي هئي. ان ۾ به ننڍا ننڍا باغ هئا،
جيڪي زنانو ۽ مرداڻا باغ سڏبا هئا. ورهاڱي کان
پوءِ ان جي مرداڻي باغ تي مخدوم امير احمد، پرنسپل
اورينٽل ڪاليج قبضو ڪري ڪاليج کوليو، ته زناني باغ
تي حاذق علي، جيڪو شهر جو هڪ سياستدان هو، تنهن
قبضو ڪيو. ۽ هنن اُتي اسڪول کوليا. انهيءَ
گردواريءَ جي لائبريري اورينٽيل ڪاليج جي حصي ۾
آئي. ان جي المارين ۾ تالا لڳل رهندا هئا، ۽ ڪنهن
کي انهن جي ويجهو وڃڻ جي اجازت نه هئي. تڏهن باغ
جي سُٺي حالت هئي، ان جا لان، وڻ ۽ وچ ۾ ڦوهارو
سندس سونهن کي برقرار رکيو هو. هاڻي اهي نشان مشڪل
سان ملندا.
مخدوم امير احمد صاحب وٽ ڪا ڊگري يا سرٽيفڪيٽ نه هو. تنهنڪري هو
پاڻ کي فاضل الحرمين چوندو هو...... پيسو سندس
ڪمزوري هو. تنهنڪري فيس جي مامري ۾ ڪابه رعايت نه
ڪندو هو. حڪومت کان جيڪا گرانٽ ملندي هئي، اها سڄي
سندس کيسي ۾ ويندي هئي. استادن کان سڄي پگهار تي
صحيح ڪرائي اڌ کين ڏيندو هو. ملڻ جلڻ ۾ سُٺو هو.
شيرواني ۽ ترڪي ٽوپي ان جي لباس جو حصو هو. تلڪ
چاڙهي کان ڪاليج تائين بگي (وڪٽوريا) ۾ ايندو هو.
ڪاليج ۾ شاگردن جو انگ گهٽ هو. ڪلاس ۾ ڇوڪرن ۽
ڇوڪرين جي وچ ۾ پردو هنيو ويندو هو. جيئن ته ڪاليج
جو وقت شام هوندو هو، تنهنڪري ان ۾ انهن داخلا
ورتي هئي، جيڪي ڏينهن جو ملازمت ڪندا هئا.
تڏهن رڳو ساليانا امتحان ٿيندا هئا. سپليمينٽري ۽ ڊيپارٽمينٽل
جو ڪوبه رواج نه هو. جيڪڏهن ڪو ڪنهن هڪڙي پرچي ۾
فيل ٿيندو هو، ته ٻيهر ان کي سالياني امتحان ۾
شريڪ ٿيڻو پوندو هو. پرائيويٽ امتحان ڏيڻ جي اجازت
رڳو اسڪول استادن کي هوندي هئي. ڪاليج ۾ جيتوڻيڪ
شاگرد گهٽ هئا، پر پوءِ به غير نصابي سرگرميون
ٿينديون هيون. پرنسپل صاحب جي ڪوشش هيءَ هوندي هئي
ته پئسا خرچ نه ٿين.
هي اهو زمانو هو جڏهن سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ هر سال ’ڪل پاڪستان
مباحثا‘ ٿيندا هئا. 1956ع ۾ جيڪو مباحثو ٿيو، ان ۾
اورينٽل ڪاليج جي نمائندگي مون ڪئي. انهيءَ سال جو
موضوع هو: ”هن ايوان جي راءِ ۾ بنگالين کي پڻ
پاڪستان جي قومي زبان ڳالهائڻ گهُرجي.“ ميڙاڪي
لاءِ وڏو شاميانو هنيو ويو. مباحثو پنجين وڳي شروع
ٿيو ۽ رات جو ٻارهين وڳي تائين جاري رهيو. آئون ان
موضوع جي حمايت ۾ ڳالهائيندڙ آخري مقرر هئس.
تڏهن مخدوم امير احمد پرنسپال ڪاليج جي جاءِ ۾ صبح وقت هڪڙو
پرائمري اسڪول کوليائين، ان اسڪول تي اسلاميه
ماڊرن پرائمري اسڪول جو بورڊ لڳائي ڇڏيائين. اسان
هيرآباد ۾ گهرن جي ديوارن تي اسڪول ۾ داخلا جا
پوسٽر هنيا. شروع ۾ هڪڙو ئي استاد هو، پر پوءِ
جڏهن شاگرد وڌيا ته ٻيا استاد به مقرر ڪيا ويا.
هي اُهو زمانو هو جڏهن آمريڪا مان سُڪل کير ۽ گيهه جا دٻا
اسڪولن ۾ ايندا ويندا هئا. تنهنڪري روز پاڻي جي
هڪڙي وڏي ٽانڪي ۾ کير ملايو ويندو هو، ۽ اهو کير
ٻارن کي پياريو ويندو هو. باقي جيڪي دٻا بچندا
هئا، تن مان هڪ هڪ هر استاد کي ۽ بقايا هيڊماستر ۽
مخدوم صاحب وٽ هليا ويندا هئا. هيڊماستر صاحب
پنهنجي حصي جا دٻا حلوائين وٽ وڪڻي ڇڏيندو هو، پر
جڏهن ڪو استاد مٿين عمل تي شڪايت ڪندو هو، ته کين
چيو ويندو هو ته هو ڀلي اسڪول ڇڏي وڃي.........
هوڏانهن ڪي پرائيويٽ اسڪولن جا مالڪ ماسترن جي
پگهار پڻ ضبط ڪري وٺندا هئا.
هاءِ اسڪول جو استاد وصي مظهر ندوي، جيڪو جماعت اسلامي جو رڪن
هو، پوءِ حيدرآباد ڪارپوريشن جو ميئر پڻ بڻيو.
تنهن جي اڳواڻيءَ ۾ جمات اسلامي هڪڙي تنظيم ٺاهي
هئي، جنهن جو نالو مجلس تحفظ اخلاق عامه هو. ان
تنظيم جي آفيس گاڏي کاتي ۾ جماعت اسلامي جي آفيس ۾
هئي. تنظيم جون گڏجاڻيون مهيني ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا
ٿينديون هيون. ٻن يا ٽن مهينن ۾ عوام جو اخلاق
سڌارڻ لاءِ تنظيم اهو ڪيو، جو حيدرآباد جي ڪجهه
سينيمائن کي قانون نوٽيس ڏياريا ويا، ته هنن
پوسٽرن تي عورتن جون تصويرون هڻي ماڻهن جي اخلاق
کي بگاڙيو آهي، تنهنڪري ڇونه سندن خلاف قانوني
ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪنهن به انهن نوٽيس جو جواب نه
ڏنو، ۽ نه ئي تنظيم ڪورٽ ۾ ويئي..... مون کي تنظيم
جو سيڪريٽري رکيو ويو، پر مون کي ٻن ٽن مهينن گذرڻ
کان پوءِ به پگهار نه ڏني ويئي. جڏهن هن شڪايت ڪئي
ته کيس چيو ويو: تنظيم جي مالي حالت ڏاڍي خراب
آهي، تنهنڪري پگهار ڏيڻ ڏکيو آهي، سو رضاڪاراڻي
طور تي پنهنجي پگهار چندي طور تنظيم کي ڏئي ڇڏيان.
نيٺ ناراضگي کان پوءِ پگهار ڏني ويئي، ۽ گڏوگڏ
ملازمت تان جواب ڏنو ويو.
سٽي ڪاليج شام جو ڪاليج هو، هتي انهن شاگردن جي اڪثريت هئي،
جيڪي ڏينهن جو ملازمت ڪندا هئا. حيدرآباد ۾ ان
ڪاليج تعليم جي واڌاري ۾ وڏو حصو ورتو ۽ انهن
نوجوانن کي اعليٰ تعليم جا موقعا ڏنا. جيڪي پنهنجي
ملازمتن ڪارڻ ڏينهن ۾ نه پڙهي سگهندا هئا. ڪاليج ۾
داخلا رڳو ڏهه رپيا ڏئي ملي ويندي هئي. تمام گهٽ
شاگرد هئا، جيڪي پندرهن رپيا ماهوار فيس پابندي
سان ڏيندا هئا. سڄي سال جي فيس تڏهن ادا ڪندا هئا.
پر ڪاليج جي روايت هئي ته جنهن جيڪا به رقم ڏني،
اها وٺي ان جو فارم موڪلي ڇڏبو هو. ڪڏهن به ڪنهن
شاگرد جو فارم فيس نه ڏيڻ ڪارڻ روڪيو نه ويو.
استادن کي اها پگهار ملندي هئي جيڪا گورنمينٽ طرفان مقرر ٿيل
هئي، انهي ڪري ساليانو واڌرو به ٿيندو هو. اهوئي
ڪارڻ هو جو ڪاليج ۾ سُٺا ۽ قابل استاد هئا. ڪاليج
جي عمارت ڏاڍي سهڻي هئي، ورهاڱي کان پهرين هيءَ
ڇوڪرين جو اسڪول هوندو هو.
سٽي ڪاليج ابتدا کان پنهنجون روايتون ٺاهيون. ان ۾ ساليانا
مباحثا ٿيندا هئا. جڏهن ڪاليج طرفان پهريون ڀيرو
انگريزي مباحثي جا دعوت ناما موڪليا ويا ته ڪنهن
به جواب نه ڏنو. پوءِ جڏهن ڪاليج انتظاميا چيو ته
اهي سموري ٽيمن کي اچڻ وڃڻ جو خرچ ڏيندا ته ايڏيون
ٽيمون آيون جو مباحثو ٻن ڏينهن تائين جاري رهيو.
انهن مباحثن ۾ انعامن لاءِ سخت مقابلو ٿيندو هو.
تنهنڪري چيو ويندو هو ته جنهن سٽي ڪاليج جي مباحثي
۾ پهريون انعام کٽيو، تنهن مقرري ۾ آخري حدن کي
ڇُهي ورتو. هڪڙي ڀيري مباحثي جي صدر چيو ته: هن
مباحثي ۾ پهريون ايندڙ کي ريٽائرڊ ٿيڻ گهرجي. پوري
پاڪستان ۾ آل پاڪستان مباحثا ڏاڍي پابندي ۽ وقت
سان ٿيندا هئا. اهي آڪوٽبر ۾ ڪوئيٽا مان شروع
ٿيندا هئا. نومبر ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۽ ڊسمبر ۽
جنوري ۾ پنجاب ۾ ٿيندا هئا. سرحد کان مقررين به
ايندا هئا، پر مباحثا اُتي گهٽ ئي ٿيندا هئا.
مباحثن جا موضوع سياسي، معاشي ۽ سماجي هوندا هئا. سياسي موضوعن
تي ڪابه پابندي نه هوندي هئي، پر جڏهن ايوب خان جي
مارشل لا لڳي ته ڪاليج وارا پاڻ احتياط ڪرڻ لڳا ۽
سياسي موضوعن کان لنوائڻ لڳا. تڏهن مباحثن جي
صدارت مشهور سياسي ۽ ادبي شخصيتن کان ڪرائبي هئي.
مباحثن جا جج پڻ ڪاليج جا استاد يا ادبي ماڻهو
هوندا هئا. ننڍن شهرن ۾ مباحثا مقبول هئا ۽ ماڻهو
وڏي انگ ۾ کين ٻُڌڻ لاءِ ايندا هئا. مباحثن شعرن
دوران پُٺيان ويٺل ماڻهو ٺٺوليون ٽوڪون به ڪندا
رهندا هئا....... تڏهن سُٺا مقرر تقرير ۾ لفاظي
کان ڪم وٺندا هئا. سُٺي ٻولي کي اهميت ڏيندا هئا.
دليل، فلسفياڻي يا نظرياتي ڳالهين جي وٽن گهڻي گهٽ
گنجائش هوندي هئي. تنهنڪري اهڙيون تقريرون ڪيون
وينديون هيون، جن ۾ جذباتيت هجي، پوءِ ڀلي منجهس
معنيٰ نه هجي. تنهنڪري ڪجهه مقررن چنگيز توڙي
هلاڪو جي ظلمن، ۽ هيروشيما توڙي ناگاساڪي ۾ ايٽم
بم جي موضوعن کي پنهنجو وڻندڙ موضوع ٺاهي ڇڏيو هو.
تقريرن ۾ شعر پڙهڻ جو گهڻو رواج هو. ڪجهه شعر ايڏا
پڙهيا ويا هئا جو انهن کي ٻڌي ماڻهو ٿڪجي پيا هئا.
جڏهن ايوب خان جي آمريت آئي ته موضوعن ۾ اڃان به گهٽتائي آئي.
اهو ئي ڪارڻ هو جو ماڻهن جي دلچسپي انهن مباحثن ۾
گهٽجندي وئي ۽ هڪڙي وقت ۾ اها روايت ختم ٿي ويئي.
پر هينئر مباحثن ۾ مقرر پهرين کان وڌيڪ جذباتيت جا
شڪار ٿي ويا آهن. جڏهن جمهوري روايتون ختم ٿيون ۽
آمريت قائم ٿي ته ان سوچڻ تي پابندي هڻي ڇڏي.
جيتوڻيڪ آمريت انهن پابندي هوندي به پاڻ کي برقرار
رکي نه سگهي. پر انهن پابندين ايندڙ نسلن کي سوچڻ
ويچارڻ ۽ تخليقي صلاحيتن کان محروم ڪري ڇڏيو.
ڪاليج ۾ يونين جا اليڪشن انتهائي زور شور سان ٿيندا هئا. سٽي
ڪاليج ۾ هي روايت هئي ته جيڪي اميدوار پارٽي جوڙي
اليڪشن وڙهندا هئا. جيتوڻيڪ آزاد اميدوار پڻ هوندا
هئا. اليڪشن جي موقعي تي هر پارٽي پنهنجي اميدوارن
جي لسٽ ڇاپيندي هئي. پنهنجي اخبار ڪڍندي هئي.
تقريرون ڪيون وينديون هيون، پوسٽر ڇپجندا هئا ۽
زور شور سان ڪنويسنگ ٿيندي هئي. شاگردن لاءِ اهو
موقعو هوندو هو ته اهي جمهوري روايتن کان واقف
ٿين..... اليڪشن کانپوءِ نئين يونين جو افتتاح
ٿيندو هو. نوان عهديدار قسم کڻندا هئا، ۽ ايئن
نئين يونين سڄو سال پروگرام ڪوٺائيندي هئي. 1957ع
۾ سٽي ڪاليج ۾ کٽيل يونين جو افتتاح مشرقي پاڪستان
جي هڪڙي وزير مولوي فريد احمد ڪيو، جيڪو پوءِ
مشرقي پاڪستان ۾ فوجي ايڪشن ۾ مارجي ويو. 1961ع ۾
سنڌ ۾ انٽر ڪاليجيٽ باڊي جوڙي وئي، ته ان جو نائب
صدر مون کي ڪيو ويو.
تڏهن شاگردن ۽ ماڻهن ۾ گهاٽو رشتو ۽ ناتو هوندو هو........ جڏهن
به شاگرد جلوس ڪڍندا هئا ۽ حڪومت خلاف هلچل
هلائيندا هئا ۽ ته ماڻهو شاگردن جو ساٿ ڏيندا هئا.
جلوس ڪڍندي نعرا ضرور هڻبا هئا، پر ڀڃ ڊاهه نه ڪئي
ويندي هئي. تڏهن سي. آءِ. ڊي وارا شاگردن جي
جاسوسي ڪندا هئا. اُهي ڪاليج ٻاهران ڪنهن پان جي
مانڊڙيءَ تي بيهي شاگردن جي نگراني ڪندا هئا. شام
جو اُهي گاڏي کاتي ۾ سلطان هوٽل ٻاهران اخبار
کپائيندڙن جي اسٽال تي ويهندا هئا، پوءِ انهن سان
ڪجهه شاگردن جي دوستي ٿي ويندي هئي.
تڏهن شاگردن جي مخالفت سببان ايوب خان تعليمي ادارن مان يونين
جو خاتمو ڪري ڇڏيو. جڏهن شاگردن لاءِ جمهوري رستا
بند ڪيا ويا ته هوريان هوريان انهن تشدد جي واٽ
ورتي. اڄ جيڪا تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي تشدد واري
واٽ وٺڻ آهي، ان جي ابتداءَ ايوب خان کان ٿي. هن
حقيقت ۾ شاگردن کي غيرسياسي ڪري، جمهوري روايتن تي
ڪاري ضرب هنئي. الميو اهو آهي ته پوءِ ايندڙ
حڪومتن پڻ ڀلي اهي آمراڻي هجن يا جمهوري، ان کي
پنهنجي حق ۾ ڏٺو، تنهنڪري هاڻي تعليمي ادارن ۾
چونڊون نٿيون ٿين.
تڏهن گهڻا استاد ڪاليج پنڌ ايندا هئا، ۽ سندن هٿ ۾ نصابي ڪتاب
هوندا هئا..... ڪي استاد شاگرن جو حوصلو وڌائيندا
هئا. استاد ئي يونين جا انچارج هوندا هئا.. اسان
وٽ استاد جو جيڪو ڪريل سماجي رتبو آهي، تنهن ڪارڻ
گهڻا لائق ۽ سٺا فاضل ماڻهو ان کان بيزار ٿي ٻين
ڌنڌن ۾ هليا ويا آهن....... ڪي استاد هميشه
شيرواني پائيندا هئا. مٿي تي مخملي ٽوپي، سياري ۾
ڳچي ۾ مفلر پائيندا هئا. استاد ڪلاس ۾ انتهائي
پابندي سان ۽ وقتائتي ايندا هئا........ ڪي استاد
ته ڪڏهن به موڪل نه ڪندا هئا.
حيدرآباد ۾ هڪڙي ڀيري هسٽري ڪانفرنس ٿي هئي... ڪي اهڙا به استاد
هوندا هئا. جو جڏهن شاگردن کي ڪلاسن ۾ پهچندي دير
ٿي ويندي هئي، ته اُهي ڪلاس ۾ ويٺل ڏسڻ ۾ ايندا
هئا....... پر جيڪڏهن ڪوبه شاگرد نه ايندو هو،
تڏهن به پاڻ پنجيتاليهه منٽ ڪلاس ۾ ويهي هليا
ويندا هئا.
سٽي ڪاليج شام جو ڪاليج هو. تنهنڪري جڏهن بجلي هلي ويندي هئي،
ته ڪلاس پاڻمرادو ختم ٿي ويندا هئا...... انهيءَ
حادثي ڪارڻ ڪي استاد هميشه شيرواني جي کيسي ۾ ميڻ
بتيءَ رکي ايندا هئا....... ۽ بجلي وڃڻ تي ميڻ بتي
جي روشنيءَ ۾ پڙهائيندا هئا.
ڪي استاد ملڪي سياسي حالتن تي هميشه پريشان رهندا هئا، پر اهو
به نه چاهيندا هئا ته ان تي احتجاج ڪيو
وڃي........ جڏهن شاگرد ايوب خان خلاف مهم هلائي
ته ڪي استاد شاگردن کان ناراض ٿي ويا. هنن جو خيال
هو ته ان سان پاڪستان ڪمزور ٿيندو..... ڪي استاد
ڪميونسٽن کي بلڪل پسند نه ڪندا هئا. اُهي ساڄي ڌر
جي نظرين خلاف هئا. ڪي ڪاليج جا پرنسپل استادن ۽
شاگردن ۾ مشهور هوندا هئا. اهي ڪاليج جي سرگرمين ۾
خاص دلچسپي وٺندا هئا. شاگردن کي جڏهن به مباحثن ۾
وڃڻو هوندو هو ۽ پيسن جي گهرج هوندي هئي ته اهي
بنا هٻڪ پيسا ڏئي ڇڏيندا هئا. شاگرد مباحثن ۾ شرڪت
لاءِ ٻين شهرن يا صوبن ۾ ويندا هئا.
سٽي ڪاليج ڏهه رپيا ساليانو عمارت جي اڏاوت جي فنڊ ۾ شاگردن کان
وٺندو هو. هڪڙي شاگرد انهي مسئلي کي کنيو، ته
ڪاليج انتظاميا ان جو ڪو حساب نٿي ڏئي. جنرل باڊي
گهرائي ويئي، جتي شاندار تقريرون ٿيون. سٽي ڪاليج
جو پرنسپال مرزا عابد عباس هو، سو گڏجاڻي ۾ آيو ۽
پڇاڙي ۾ تقرير ڪندي شاگردن کي سمجهايو ته سمورو
فنڊ محفوظ آهي ۽ ڪاليج جي جاءِ جي اڏاوت لاءِ آهي
ان ۾ سندن حصو سال ۾ هڪ رپيو ماهوار کان به گهٽ
آهي. جڏهن ته شاگرد ڪاليج کي نه سڄي سال جي فيس
ڏين ٿا ۽ نه ئي ڪاليج جي آمدني جو ٻيو وسيلو آهي.
پوءِ سڀ شاگرد مطمئن ٿيا ۽ کلندا هليا ويا.
سٽي ڪاليج شام جو ڪاليج هوندو هو، ۽ ڪلاس پنج بجي شروع ٿي نائين
وڳي ختم ٿيندا هئا. تڏهن هتي گهڻائي انهن شاگردن
جي هئي، جيڪي نوڪريون ڪندا ۽ ٿڪل ٽٽل ڪاليج ايندا
هئا. شاگردن ۾ دڪاندار، ڪاروبار ڪندڙ واپاري ۽
سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ملازم پڻ هئا. منجهانئن
گهڻا ڪلاس ۾ پابندي سان ايندا هئا. ڪاليج پرائيويٽ
هو. ڪاليج کوليندڙن جو مقصد تعليم جي واڌ هو.
پڙهائي سميت ڪاليج جي غيرنصابي سرگرميون به زورن
تي هيون..... ادبي مجلسن ۾ استاد ۽ شاگرد حصو
وٺندا هئا.اڪثر مشاعرا ٿيندا هئا، جن ۾ حيدرآباد ۽
سنڌ جي ٻين شهرن جا شاعر شرڪت ڪندا هئا. هڪڙي ڀيري
يادگار مشاعرو ڪرايو ويو، جنهن ۾ مير، انشا،
مصحفي، حسرت ۽ غالب وغيره جو روپ ڌاري شاگردن سُٺا
سٺا ڪردار ادا ڪيا.......... مشاعري جي ريهرسل
گهڻن هفتن تائين ٿي. مشاعرو ايڏو مشهور ٿيو. جو
ٻيو ڀيرو اهو اولهه پاڪستان جي گورنر اخترحسين جي
فرمائش تي ٿيو. غير نصابي سرگرمين ڪارڻ شاگردن ۽
استادن ۾ پاڻ ۾ ناتو به رهندو هو ۽ ڪاليج جي فضا ۾
زندگيءَ هوندي هئي.
ڪجهه عرصي کان پوءِ سٽي ڪاليج جي انتظاميا طرفان ايس. ڪي رحيم
هاءِ اسڪول کوليو ويو.......... 1961ع ۾ سنڌ
يونيورسٽي پراڻي جڳهه ۾ هئي. جيڪا گاڏي کاتي ۾
آهي. جنرل هسٽري جو شعبو جنرل پوسٽ آفيس سامهون
ميٺارام هاسٽل ۾ هو.
تڏهن حيدرآباد ۾ انيڪ ڪتابن جا سٺا دڪان –
ايجوڪيشنل بڪ ڊپو، الائيڊ، فيروز سينٽر، غلام علي،
آزاد بڪ ڊپو ۽ اديبات بڪ ڊپو – هئا. اهي سڀ نوان ۽
سُٺا ڪتاب گهرائيندا رهندا هئا. پوءِ ڏسندي ڏسندي
اهي سڀ دڪان بند ٿي ويا. |