قمر جهان مرزا
حيدرآباد ٽالپرن جي دؤر ۾
ٽالپرن جي حڪومتي دور ۾ جاگيرداراڻو طبقاتي نظام هو. جاگيردار
طبقي ۾ اُهي ماڻهو شامل هئا. جن کي سندن خدمتن جي
صلي ۾ گذاري لاءِ ڪجهه زمين انعام طور ڏني وئي
هئي. جيڪا اُهي پنهنجي مقاطعي ۽ ڪمدارن جي معرفت
آباد ڪرائيندا هئا. جاگيردار چئن قسمن جا هئا. (1)
اُهي جن کي ٽالپرن کان اڳ ۾ ئي اڳين حڪمرانن کان
زمينون مليل هيون جي وقت جي حڪومت سان وفاداري سبب
بحال ڪيون ويون هيون. (2) اُهي جيڪي ٽالپرن جي
شاهي خاندان جا ماڻهو هئا. جن کي واندڪائي سان
زندگي گهارڻ لاءِ زمين ڏني ويئي هئي. (3) ٽيان
فوجي سردرا ۽ امير جيڪي پاڻ وٽ فوجي دستا رکندا
هئا ۽ گهُرج آهر لشڪر ڪٺو ڪري ڏيندا هئا. (4) پير،
فقير، عالم ۽ مجاور، جن کي عقيدتمندي طور جاگيرون
مليل هيون. جاگيردارن جي مرڻ تي سندن وارث پنهنجون
سندون ۽ پروانا نوان ڪرائيندا هئا.
هوڏانهن زميندار ٽالپرن ۽ قبيلائي سردارن کان سواءِ اهي ماڻهو
هئا، جن کي پنهنجا راڄ هئا ۽ جيڪي دولت ۽ طاقت ۾
ملڪ جي شهزادن جي همعصري ڪري سگهيا ٿي. اُهي امير
وڏين جائدادن جا مالڪ هئا ۽ هنن جا ڪيترائي پوئلڳ
هئا. اُهي پنهنجي ڪوٽن ۾ شهزادن جهڙي شان ۽ طاقت
سان رهندا هئا. وڏا زميندار ۽ جاگيردار پنهنجي
گهرن جي چوڌاري ڪوٽ ڏياريندا هئا، جنهن مان سندن
طاقت جو اندازو لڳائي سگهبو هو، ته اُهي وقت جي
حڪمرانن سان جنگين جوٽڻ جي صلاحيت رکندا هئا. ننڍن
زميندارن کي گذاري لاءِ ”سيري“ طور ڪجهه زمين مليل
هوندي هئي، ۽ وڏي ٺاٺ سان رهندا هئا. اُهي ڪافي
مال متاع وارا ۽ اوطاقن جا مالڪ هئا ۽ پنهنجن راڄن
ڀاڳن جا فيصلا ڪندا هئا. پنهنجي قبيلي کي ضابطي ۾
رکندا هئا. جيڪڏهن ڪو وڏو ڏوهه يا اهڙو واقعو
ٿيندو هو، جنهن جو نبيرو سندس وس کان ٻاهر هوندو
هو ته پوءِ ميرن کان مدد وٺندا هئا.
ملڪ جي اڪثريت ڪُڙمين يا هارين تي ٻڌل هوندي هئي. زمين جي اُپت
مان رٿيل ڀاڱو جاگيردار يا زميندار کي ڏئي، بچيل
مان پنهنجو گذارو ڪندا هئا. کير مکڻ لاءِ مال متاع
به ڌاريندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڍور وڪڻي پنهنجي موڙي
ٺاهيندا هئا. ڀاڳين ۽ مالدارن جو گذران پنهنجي
چوپائي مال تي هوندو هو. اُهي رڍن، ٻڪرين، ڳئن،
مينهن ۽ اُٺن جا ڌڻ ڌاريندا هئا. هنن مان ڪيترا
مال جي چاري لاءِ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تي گهُمندا
وتندا هئا. کين کير مکڻ کان سواءِ اُن ۽ ڏاس جي
ڪافي پيدائش ٿيندي هئي.
ٽالپرن جي دور ۾ گهڻو ڪري هندو لوهاڻا، ميمڻ، پارسي ۽ خواجا
واپاري هوندا هئا. منجهائن ڪي ڦُٽين، نير يا ٻين
جنسن جو واپار ڪندا هئا ۽ ماڻهن کي اڳواٽ ٻول تي
پيسا ڏيندا هئا ۽ فصل لهڻ تي گهٽ اگهه ۾ جنسون وٺي
گهڻو ڪمائيندا هئا. گڏوگڏ وياج تي به پئسا ڏيندا
هئا. خواجا ۽ ميمڻ بازار ۾ اُتم قسم جو ميوو مهيا
ڪندا هئا.
عامل هندن جو پڙهيل طبقو هو، جيڪو فارسي ۾ مهارت ماڻي، سرڪاري
نوڪري ڪندو هو. ميرن جو دفتر گهڻو ڪري سندن حوالي
هوندو هئن، کين ”عامل“ يا ”ديوان“ ڪري سڏيندا هئا.
سندن اٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪهڻي مسلمانن جيان هوندي
هئي. هنن کي ميرن جي حڪومت ۾ وڏا عهدا مليل هئا.
ميرن جيان سُٿڻيون، پهراڻ ۽ ٽوپيون وغيره پائيندا
هئا. عاملن ۾ حيدرآباد جا آڏواڻي ۽ گدواڻي اڳيان
سمجهيا ويندا هئا. انهن کان سواءِ شهاڻي، لعلواڻي،
چنديراماڻي وغيره ٻيا به عامل ڪٽنب هئا. عاملن مان
جيڪي ڪجهه حيدرآبادي نه هئا سي ”ساهتا عامل“ سڏبا
هئا. حيدرآباد وارا پاڻ کي ”خدا آبادي“ عامل
سڏائيندا هئا.
ڪاسبين ۾ هنرمند ۽ پورهيت اچي وڃن ٿا، جيڪي ڊکاڻڪو، لوهارڪو،
حجامڪو، ڪنڀارڪو، موچڪو ۽ کٽڪو ڪم ڪندا هئا. ڳوٺن
۾ زميندارن ۽ ڪُڙمين سان سندن آهت هوندو هو. سندن
ڪم اجوري وٺڻ کان سواءِ ڪندا هئا، پر فصلن لهڻ کان
پوءِ منهنجو مقررڪيل ٻانڌاڻ وٺي گذران ڪندا هئا.
جڏهن ته فنڪار ماڻهو ڳائي وڄائي ۽ هٿ ناٽ ڪري
گذارو ڪندا هئا. کين شادين مرادين جي موقعن تي
گهڻو ڪجهه ملي ويندو هو. ميراسي، ٻلهاڻي، منگتا،
مڱڻهار، ڳائڻا، ۽ ناچو وغيره فنڪارن ۾ اچي وڃن ٿا.
ڪاسبين سميت ڪن پوئتي پيل قبيلن جا ماڻهو ننڍي پئماني تي هٿ جو
پورهيو ڪري، پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندا هئا.
ماڙيچا ۽ ماڇي، شڪاري، ٻاليشاهي وغيره، جيڪي ڪانن
جون پترون، ڇڄ ۽ کارا ٺاهيندا هئا. ڪي وري ٽوئا ۽
تڏا ٺاهي پيٽ قوت ڪندا هئا. ڪي وري سڻي جي واڻ
ٺاهي وڪڻندا هئا ته ڪي وري پنڊيون ۽ پکا ٺاهيندا
هئا. ڪي ماڻهو درزي ۽ ڪنڍيءَ جو ڪم ڪندا هئا.
رليون به مختلف قسمن جون وڻندڙ ٺاهوڪيون ٺهنديون
هيون، جن ۾ سنڌي رلي ۽ سامي رلي مشهور آهن.
مزدور بازارن ۾ اُجوري تي باربرداري يا جڳهن جي مرمت وغيره جو
ڪم ڪندا هئا. انهن کي گهڻو ڪري ڏيهاڙي ملندي هئي.
پر ڪي مزدور ماهوار پگهار تي پڻ نوڪري ڪندا هئا.
ٻئي طرف پير فقير ۽ عالم روحاني تربيت لاءِ
خانقاهون قائم ڪندا هئا ۽ مريدن ۽ متعقدن جي ڏنل
ٻانڌاڻ مان گذر سفر ڪندا هئا. وٽن ديني تعليم جو
چڱو انتظام هوندو هو. هوڏانهن ميرن ۽ سردارن وٽ
گهرو ڪم ڪار ۽ اُٿي ويٺي لاءِ ڪجهه ٻانها به رهندا
هئا، جيڪي خريد ڪيا ويندا هئا. ٻانهن سان سٺو سهڻو
ورتاءُ ڪيو ويندو هو. ڪيترن کي سندن ٺاهوڪي چڱي
خدمت سبب سٺا عهدا ملندا هئا. عام ٻانهو پاڻ کي
آزاد ماڻهن کان چڱي حالت ۾ سمجهندو هئو. گڏوگڏ
ڪئين اهڙا ماڻهو به هئا، جيڪي پنندا هئا ۽ مئخانا
وسايو ويٺا هوندا هئا. ڪي وري رڇ ڀولا ڌاري ڳوٺن ۽
شهرن ۾ گهمندا وتندا هئا. جوڳي فقير وري نانگ
بلائون ڌاريندا هئا ۽ در در تي صدائون هڻي بکيا
وٺي گذران ڪندا هئا.
زراعت ۾ شهر جي ڀرپاسي ۾ ڪڻڪ، ڪپهه، جوئر، ٻاجهري ۽ مختلف قسمن
جون ڀاڄيون، ميوا ۽ گاهه پوکيا ويندا هئا. شهر ۾
چوپايو مال پاليو ويندو هو. شهر جي ڀرپاسي ۾
مينهون، ڍڳيون، رڍون، ٻڪريون، گهوڙا ۽ گڏهه ڪثرت
سان پاليا ويندا هئا. جانورن جي ڪثرت هئڻ ڪري کير،
مکڻ، ڏُڌ پڻ شهر ۾ جام هوندو هو. شير خانن جو رواج
حيدرآباد جي قديم صنعت آهي. هتي کلون ۽ چمڙو گهڻي
انگ ۾ موجود هوندو هو. گڏوگڏ ڪڪڙ، پکي پڻ پاليا
ويندا هئا. گڏوگڏ درياءَ مان مڇيون، پلا، جهينگا،
گندڻ، کڳا وغيره حاصل ڪيا ويندا هئا ۽ اڄ ڏينهن
تائين اهو سلسلو جاري آهي.
گنجي ٽڪر جي اوڀر ڏکڻ ۾ ميٽ جون کاڻيون آهن. جڏهن چُن جو پٿر
گنجي ٽڪر جي اوڀر ڏکڻ واري حصي مان حاصل ڪيو ويندو
هو. ساڳئي وقت تي اهڙو پٿر پڻ ٽڪرين مان ملي ٿو،
جيڪو شهر جي اڏاوتي ڪم ۾ آيو. خاص ڪري جپسم جيڪو
سيمينٽ ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو.
آمدرفت جا وسيلا ۽ وڻج واپار
قافلا درياهه توڙي خشڪي رستي ايندا هئا. هتان ٻيڙيون مال کڻي
سامونڊي بندرن ڏانهن وينديون هيون، ان دوران
حيدرآباد جي واپارين جو يورپ ۽ آفريڪا، هندستان،
برما، سينگاپور، چين ۽ انڊونيشيا سان ڳانڍاپو
هوندو هو. ڪجهه سال اڳ درياهه جو وهڪرو شهر جي
اوڀر ۾ سورهن ميلن جي مفاصلي تي هوندو هو. پوءِ
1756ع ۾ اهو رخ مٽيو. ۽ هاڻوڪي وهڪري وٽان وهڻ
لڳو............ 1843ع کان اڳ انگريزن جا درياهه ۾
ننڍا جهاز هلندا هئا. 1843ع کان پوءِ برطانوي
حڪومت سنڌو درياهه ۾ ننڍا ننڍا جهاز هلايا. ڪوٽڙي
وٽ هڪ خاص ٻيڙو بيٺو هوندو هو. ڪوٽڙي ۽ گدو وچ ۾
ماڻهو ٻيڙين وسيلي ايندا ويندا هئا، پر اهو سلسلو
1854ع ۾ بند ٿي ويو. پوءِ ٻيڙين جي جاءِ تي اسٽيم
ٻيڙا هلڻ لڳا. ڦليلي ڦاٽ به حمل نقل لاءِ استعمال
ٿيندو هو. حيدرآباد کان ڦليلي جا هيٺيان گهاٽ
هوندا هئا؛ هوسڙي، کٿڙ، ٽنڊو محمد خان، ماتلي،
تلهار ۽ ٽنڊو باگو درياهه وسيلي مسافرن ۽ سامان جي
حمل و نقل شهر کان هيٺين هنڌن ڏانهن هوندي هئي.
ٺٽو، لهري بندر، سيوهڻ، بکر، روهڙي ملتان ۽ راهمڪي
بازار. ڦليلي آخر سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي، پر
ويهين صديءَ جي آغاز ۾ هن سڄي نهر کي ڦليلي سڏيو
ويندو هو.
حيدرآباد جي وڻج واپار جو آڻڻ نيئڻ جو سلسلو اتر سنڌ، پنجاب،
افغانستان، لاڙ، بمبئي ۽ پرڏيهي ملڪن تائين سنڌو
درياهه وسيلي وسيع ٿي چڪو هو ۽ واپار ترقي ڪري
رهيو هو. هتان جي درياهه جي رستي اناج، قلمي شورو،
لوڻ ۽ ٻارڻ موڪليو ويندو هو. زميني واپار قافلن
وسيلي ٿيندو هو. واپار جي سامان ۾ کاڌي جون شيون،
ڪپڙو، چمڙي جو سامان، روغني سامان، گل تي ڪپڙو ۽
ميٽ شهر ۾ وڪيو ويندو هو. شهر جي وڻج واپار جي
اهميت کي محسوس ڪندي ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ پنهنجو هڪ
واپاري نمائندو مقرر ڪيو هو، جنهن کي 1812ع ۾ ميرن
ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو. 1833ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني
ٽالپرن سان هڪ واپاري ٺاهه ڪيو، جنهن هيٺ انگريزن
کي وڻج واپار جي مقصد لاءِ سنڌو درياهه کي استعمال
ڪرڻ جي اجازت ملي.
اناج، ڪپڙو، جوهري، ڀاڄي، فينسي سامان، بقالي (ريزڪي دڪان)
بساطي (مڃارڪا دڪان) وغيره جو انگ اٽڪل هو سئو هو
۽ واپارين جو انگ اٽڪل هڪ هزار هوندو هو. جڏهن ته
1838ع ۾ حيدرآباد ۾ درآمد ٿيندڙ شين ۾ پڻيو، يا
هرک، بخمل اوني ۽ ٻين قسمن جو ڪپڙو، ڇيٽون، ڌاتو
(خاص طور ٽامو)، کنڊ، مصالحا وغيره. عرب ملڪن کان
کجور ۽ سڪل ميوا، مارواڙ کان ڪپهه، اڇو ۽ ڳاڙهو
ٿلهو ڪپڙو، جئپور ۽ احمد آباد جا ڪيمخواب، ڪڇ کان
ڪپهه ۽ ٻيو مقامي تيار ٿيندڙ مال (خاص ڪري ٿلهو
ڪپڙو، عاج وغيره، افعانستان کان ريشم جون ڪابلي
لڇيون، قلات جو موڱي رڱ، خشڪ ميوا، آفيم، ڏيهي
شڪارپور کان، ملتان ۽ بهاولپور کان ريشم، گربي،
گلبدن شامل آهن. جڏهن ته برآمد مال ۾ اناج، ڪپڙو،
شورو، کلون، لوڻ، ٻارن چمڙي جو سامان وغيره شامل
هوندو هو.
1808ع ۾ حيدرآباد جي رهواسين جو ذريعو معاش، ملازمت، واپار،
زراعت، حمالي، ماهيگيري ۽ ننڍين صنعتن تي هو.
1812ع کان 1850ع تائين جنسن جي قيمت جي سراسري
قيمت پندرهن آنا في مڻ هئي. انهي زماني ۾ مزدوري
جو حساب هيءَ هو: عام ڪاريگر اڍائي رپين کان وٺي
ٽي رپيا ماهانو ۽ هوشيار ڪاريگر پنج رپين کان ڇهه
رپيا ماهانو کڻندو هو.
شهر جي صنعت حرفت
ٽالپرن جي دور ۾ شهر جي صنعت اوج تي پهتي، انهي جو سبب اهو هو
جو هنن ڪيترائي هنرمند ڪاريگر شهر ۾ آباد ڪيا. پر
1768ع ۾ شهر جي قيام دوران جيڪي صنعتون شروع ٿيون
تن ۾ هي صنعتون شامل هيون: گلڪاري تي ڪپڙو، سون
چاندي جا ٿانو، سرمي داڻيون، گلدان وغيره؛ روغني
ٿانو، هٿيار ٺاهڻ، بارود سازي، ٺڪر ۽ ڪاشي جا
ٿانو، لوهه جو سامان، ڪپڙو ۽ چمڙو، شهر ۾ ٺهندڙ
هٿيار، توڙيدار بندوقون، نيزا، ڀالا، تراريون ۽
ڀرت ڀريل ڪپڙا شامل هئا. رڳو هٿيارن مان ئي ڀرپاسي
جي آبادي جي پنجين حصي کي روزگار ملندو هو ۽ انهن
هٿيارن جي بناوت يورپي ڪاريگرن جي ٺهيل هٿيارن سان
ٺهڪندڙ هئي.......... حيدرآباد شهر ۾ 1836ع ڌاري
هٿيار ۽ بارود ٺاهڻ، چمڙي سازي، جتيون ٺاهڻ، لوهه،
سون ۽ ڪاٺ جي ڪم جا 33 ڪارخانا هئا، جن ۾ ٽي هزار
مزدور- لوهار، سونارا، واڍا، موچي ۽ ٺاٺارا ڪم
ڪندا هئا.
ايٽڪين لکي ٿو ته: ” ميرن، هنرمند بندوق سازن ۽ ميناڪاري جي
ماهرن کي شهر ۾ آباد ڪيو. “جيمس برنس لکي ٿو ته:
”ميرن جي درٻار ۾ هڪ ٻه ايراني سونارا هئا، جيڪي
ميناڪاري جو ڪم ڪندا هئا ۽ ميرن جي جواهرات کي
پنهنجي هنر سان وڌيڪ زيبدار بنائيندا هئا. لوهه ۾
سون جي اکرن جي صنعت ڪاري جي هنر ۾ هنن کي ڪمال
حاصل هو، رچرڊ برٽن مطابق شهر ۾ هڪ خاص قسم جو
انگوري شراب، انگورن مان ٺاهيو ويندو هو.
ٽالپرن جي دور جا سڪا
سنڌ ۾ مختلف خاندانن جي حڪومت رهي، تنهنڪري تاريخ جي مختلف دورن
۾ هتي مختلف قسم جا سڪا رائج ٿيا. ٻاهرين ملڪن جي
ماڻهن، سنڌ ۾ اچڻ وقت پاڻ سان پنهنجا سڪا آندا،
جن جي تبديلي هتي جي قيمتي ڌاتن جي نسبت سان ٿيندي
هئي. انهيءَ سلسلي ۾ ايران، افغانستان، مسقط، عرب
۽ انگلينڊ جي سڪن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو.
ٽالپري سڪو مير مراد علي خان رائج ڪرايو. هن حڪم ڏنو ته سرڪاري
خزاني ۾ جيترو سون چاندي گڏ ٿيل آهي سو رعايا جي
ملڪيت آهي. انهي وقت جي بهترين ڪاريگر اوستي محمد
خان حيدرآباد جي ضرب خاني ۾ ٽالپري سڪا تيار
ڪرايا، ٽالپري روپئي جي چاندي مقدار ۾ گهٽ هئي،
تنهنڪري ان جي قيمت ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪلدار
رپئي کان گهٽ هئي. واپاري توڙي عام ماڻهو ڪمپني جي
ڪلدار رپين کي پسند ڪندا هئا. پورچوگالي ڊالر
(ريال) به چالو هو. اطالوي اشرفين جو سون سُٺو هو،
تنهنڪري اهي به بندر تي ڏيتي ليتي ۾ هيون. ايران
جي قاچاري سلطان سان ميرن جي دوستي هئڻ ڪري ٻه
ايراني سڪا ”گيري“ ۽ ”پتيلي“ به سنڌ اندر رائج
هئا، جن مان هرهڪ سڪي جي قيمت چار آنا هئا. شهر ۾
ڪوڏيون به چالو هيون. في پئسي جي قيمت ٻيانوي
ڪوڏيون هيون. عظيم المحسن حيدر، ڪراچي جي تاريخ ۾
ڄاڻائي ٿو ته، تنهن وقت ميرن جو وڏي ۾ وڏو سڪو
رپيو هوندو هو. 1834ع تائين ٻن نمونن جو رپيو
هلندڙ هو. هڪ ڪورو رپيو جيڪو ڪمپني جي رپئي کان
پنجويهه سيڪڙو گهٽ هو ۽ ٻيو ڪاشاني يا تيموري
رپيو، جيڪو ڪمپني جي رپئي جي اڌ جيترو هو. ڪورا
رپيا حيدرآباد ۽ خيرپور ۾ ٺهندا هئا ۽ ڪاشاني يا
تيموري رپيا افغانستان کان ايندا هئا. افغاني سڪن
کي سجاولي به سڏيو ويندو هو. ڪمپني جو ڪلدار رپيو
1839ع ۾ وجود ۾ آيو. افغانستان جون سونيون مهرون
به هتي هلنديون هيون. انهن جي تور ساڍا ڏهه يا
ٻارهن ماسا هوندي هئي. ميرن جي ننڍي ٽامي جي سڪي
کي پئسو سڏيندا هئا ۽ ان جي تور اٽڪل هڪ تولو هئي.
ان کان علاوه ٻيو هڪ ننڍو سڪو پڻ رائج هو، جنهن کي
”ڏوڪڙ“ چوندا هئا ۽ رپئي جي چاليهين حصي جي برابر
هوندو هو. پئسي جا وري مختلف ڀاڱا، يعني آڌيلا،
ڪسيرا، دمڙيون ۽ ڪوڏيون، پئسو، آنا، رپيو رائج
هئا.
هوڏانهن ٽالپرن کان اڳ بينڪنگ جو سلسلو هاڻوڪي ترقي يافته شڪل
نه هو، پر دولتمند سونارا ۽ واپاري هن کي هلائيندا
هئا. اُهي ناڻو پاڻ وٽ يا ڪنهن امير شاهوڪار وٽ
رکندا هئا. گڏوگڏ هنڊين جو سلسلو به عام هو، جو هڪ
واپاري هُنڊي لکي موڪليندو هو ته اهو واپاري
ويساهه تي رقم ڏئي ڇڏيندو هو. جڏهن سر چارلس
نيپيئر سنڌ فتح ڪئي، تڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني به
هنُڊين کي استعمال ڪيو ۽ سرچارلس نيپيئر کي اجازت
ڏني ويئي ته هو واڌو خرچ لاءِ حڪومت بمبئي لاءِ
هُنڊيون جاري ڪري.
شهر جون چاڙهيون
حيدرآباد شهر چاڙهين جي ڪري مشهور آهي. هتي ڪن مشهور چاڙهين جو
ذڪر ڪجي ٿو. جيڪڏهن قلعي جي دروازي کان شروع ڪجي
ته اوڀر طرف ڏنل شاهه جي چاڙهي، هيمون جي چاڙهي،
ٺوڙهي جي چاڙهي، چٽيل چاڙهي، سخي پير جي چاڙهي ۽
ڪاري موري جي چاڙهي اچي وڃن ٿيون، وري قلعي جي
دروازي جي اولهه پاسي کان شروع ڪجي ته پهرين پهرين
قدم گاهه واري چاڙهي ايندي، پوءِ هوم اسٽينڊ هال
واري چاڙهي، ڀائي خان جي چاڙهي، پکي پير جي چاڙهي،
بلال جي چاڙهي، زناني اسپتال چاڙهي، ريشم بازار
واري چاڙهي، ڀوچالو شاهه چاڙهي، ڇوڏڪي چاڙهي،
عيدگاهه چاڙهي، تلڪ چاڙهي، سرفراز شهيد واري
چاڙهي، جيئي شاهه واري چاڙهي، جيل واري چاڙهي،
ڪاري موري واري چاڙهي، حُر ڪيمپ واري چاڙهي، ڪنڀار
پاڙي کان صحافي ڪالوني واري چاڙهي، پٺاڻ ڪالوني
چاڙهي، بخشي فقير واري چاڙهي، جيمخانه چاڙهي،
اُميدن ڀريو واري چاڙهي ۽ گورا قبرستان واري چاڙهي
اچي وڃن ٿيون.
شهر ۽ ڀرپاسي وارا ڳوٺ
حيدرآباد شهر سان لاڳو ڪجهه اهڙا به پاڙا يا ڳوٺ
آهن، جيڪي پاڻ ننڍڙيون وسنديون آهن. انهن کي
”ٽنڊا“ به سڏيندا آهن. هاڻي اهو ميونسپالٽي جي حدن
اندر اچي ويا آهن. اسٽيشن لڳ ڪلهوڙن جو ڳوٺ واقع
آهي. هي ڳوٺ ميرن جي دور جو آهي. شهر جي اڀرندي
طرف قلعي جي هيٺين ايراضي ۾ الهداد چنڊ جي نالي تي
هڪ واقع ڳوٺ آهي. ميرن جي زماني ۾ هي هڪ ننڍڙو ڳوٺ
هو، پر هاڻوڪي دور ۾ تمام وسيع ٿي چڪو آهي. هي
ٽنڊو به شهر جي اوڀر ۾ الهداد چنڊ جي ڳوٺ لڳ موجود
آهي، جيڪو ميرن پنهنجي ٻانهن جي رهائش لاءِ جوڙايو
هو. |