سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :2

ميجر جنرل هيگ

 

آڳاٽو پٽالا ۽ هاڻوڪي حيدرآباد

 

جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو آڳاٽي پٽالا کي هاڻوڪي حيدرآباد وارو ماڳ سمجهن ٿا، پر اهي غلطي تي آهن، ڇو ته جيڪڏهن اسان ڪراچي ڀرسان ملير نئن يا پورالي نديءَ جي اوڀارين حدن کان وٺي گهاري، ڪلري ۽ اولاهين وهڪري جي مٿئين حصي سان هڪ سئو سترهن ميل ماپينداسين، ته سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي راڄڌاني پٽالا، حيدرآباد کان پنجٽيهه ميل ڏکڻ – اوڀر وڃي بيهندي. جيڪي ماڻهو حيدرآباد کي پٽالا سمجهن ٿا، سي شايد هن حقيقت کي وساري ويٺا آهن، ته سنڌو، حيدرآباد جي اوسي پاسي گذريل صديءَ جي پوئين اڌ ۾ رسيو آهي. سڪندر جي حملي کان هزار سال پوءِ، جڏهن عربن سنڌ کي فتح ڪيو، ته سنڌو ان وقت به گهڻو اوڀر طرف ڇوڙ واري علائقي جي مٿيئن راڄڌاني ڀرسان وهيو پئي. سنڌوءَ جهڙي درياهه جي هاڻوڪي وهڪري کي نظر ۾ رکي، جيڪڏهن سندس ڪنڌيءَ سان قديم شهرن جي ڳولها ڪبي، ته اها اجائي ڪوشش ٿيندي.

ميان غلام محمد ڪلهوڙي جي دور سان واڳيل جيڪي دلچسپ واقعا آهن، تن ۾ سنڌو درياهه جي وهڪري جي تبديلي نمايان آهي. جيڪا 59 – 1758ع ۾ آئي ۽ ٻيو واقعو حيدرآباد قلعي جي اڏاوت آهي، جنهن جو بنياد سال 1768ع ۾ رکيو ويو هو.

اڳين صدي دوران سنڌوءَ درياهه جو مکيه وهڪرو ته پنهنجو اصلي پيٽ ڇڏي پورو هڪ سئو ميل پنهنجو رخ مٽائي ويو، ۽ ساڳئي وقت ريڻ وارو وهڪرو به سُڪي ويو، جيڪو سنڌو جي هاڻوڪي وهڪري کان پورا ستر ميل پري هو.... سنڌو درياهه پنجويهه ڊگريون، ۽ چاليهه فوٽ ڊگهائي ۽ اٺهٺ ڊگريون ۽ ايڪٽيهه فوٽ ويڪرائي ڦاڪ وٽان هڪدم وڪڙ ڪري، اولهه ڏانهن وهڻ لڳو ۽ ڏکڻ – اوڀر  ڏانهن وهندڙ اڳيون وهڪرو بند ٿي ويو..... رخ بدلائڻ کان اڳ ۾ نصرپور واري وهڪري ۾ ٿورن سالن تائين پاڻي هوريان هوريان گهٽبو ويو ۽ نيٺ بند ٿي ويو...... انهي ڏس ۾ سر رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”هسٽري آف سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ” سنڌو درياهه جي درياهي وهڪري جي تبديلي بابت جڏهن حيدرآباد جي هڪ جهونڙيءَ کان پڇيم، تڏهن وراڻيائين ته ”سندس پيءُ جي ڏينهن ۾ گدو بندر ڪوٽڙي جي سامهون درياهه تانگهو ٿي ويندو هو.“ ڪئپٽن برٽن کي هي ڄاڻ 1884ع ۾ ملي. انهي ڳالهه جي ليکي سان اُن جهونڙي جو پيءُ ارڙهين صديءَ جي پوئين اڌ جي حقيقتن کان ضرور واقف هوندو. لڳي ٿو ته ان زماني ۾ نصرپور وارو وهڪرو هوريان هوريان سُڪندو پئي ويو ۽ اولهه واري نئين وهڪري ۾ هوريا هوريان پاڻي وڌيو پئي. تنهنڪري امڪان آهي، ته ڪنهن موسم ۾ درياهه تانگهو ٿي ويندو هوندو ۽ پوڙهيءَ جي بيان ڪيل حقيقت بلڪل صحيح آهي.

هن وڏي تبديليءَ سنڌو درياهه کي، اولاهين ٽڪرائي علائقي جي دنگ سان موجود لٽاسي خطي ۾ آڻي بيهاريو آهي. سندس ڇڏيل ۽ هاڻوڪي وهڪري جي وچ ۾ ستر ملين جي وٿي آهي. تڏهن کان وٺي هاڻوڪي دور تائين درياهه ڪنارو پائيندو وڃي ٽڪرين جي بلڪل ڪڇ ۾ پيو آهي. مٿيون جابلو علائقو اولهه کان اوڀر ڏانهن لهندو ۽ لهوارو ٿيندو وڃي ٿو. اهڙي ريت سيوهڻ کان ٺٽي تائين درياهه کي اولهه ڏانهن سرڪڻ لاءِ ڪا جاءِ ئي ڪانهي.

ريڻ وهڪري جي سڪي وڃڻ جي ڪري، سندس پاڻي تي آباد ٿيندڙ علائقي کي ڏاڍو هاڃو رسيو، پر ڦليلي ڦاٽ جي پاڻي ان برپٽ واري جُوءِ کي سائو ستابو ڪري ڪجهه پورائو ڪيو. هيءَ ڇاڙهه حيدرآباد کان ڏهه ميل اُتر سنڌوءَ مان ڇڄندي هئي ۽ گنجي ٽڪر جي اوڀارين ڪڇ ڏئي سنڌو جو پراڻو پيٽ اُڪري، وڃي ريڻ واري ڇڏيل وهڪري ۾ پوندي هئي ۽ ڪيترن ميلن جي پنڌ تائين اُن جي پراڻي پيٽ مان به وهندي هئي. جنهن ماڳ وٽان ڦليلي ڦاٽ درياهه جي مکيه وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿئي ٿو، اتان ئي سنڌوءَ جي ڇوڙواري ٽڪنڊي جي شروعات سمجهڻ گهرجي. ڇو ته وهڪرو درياهه کان ڇڄڻ کان پوءِ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين وري ڪٿي به سنڌو سان ڪونه ٿو ملي. جڏهن ته وچ تي ڪٿي کيس گونيءَ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. سندس روپ آبپاشيءَ جي هڪ وڏي واهه جهڙو هوندو آهي.

سڪندر اعظم جي جنگي مهم سان لاڳاپيل تاريخ کي وستاريندڙ محقق جي خيال مطابق، ان دورجو پٽالا شهر انهن ماڳن تي هو، جتي هاڻي حيدرآباد  آهي، ڇو ته اهو ڇوڙ واري ٽڪنڊي جي شروعاتي نڪتي وٽ موجود آهي. انهن کي اهو وهم ۽ گمان به ڪونهي، ته ڇوڙ جي ٽڪنڊي جو هي سِرو رڳو اڳئين صدي جي ڳالهه آهي. اُهي هن حقيقت کي به وساري ڇڏين ٿا، ته سڪندر اعظم جنهن اوڀارئين وهڪري سان هاڪاري ويو هو، سو به درياهه جيڏو وڏو وهڪرو هو. جڏهن ڦليلي، درياهه جي هڪ ننڍڙي چاڙهه آهي.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي رڳو ڦليلي جي هتان وهڻ ڪارڻ حيدرآباد جي قلعي اڏڻ جو خيال آيو هو. انهي کان اڳ ۾ هن 60- 1762ع ۾ شاهپور جو بنياد رکيو هو. کيس اهو خيال هوندو هو، ته راڄڌاني اهڙي جاءِ تي قائم ڪئي وڃي، جتي درياهه جي ٻوڏ کان بچاءُ هجي.  سندس ڀاءُ مرادياب خان، مراد آباد نالي هڪ راڄڌاني جو بنياد رکيو هو، پر درياهه ان کي ٻوڙي پائي کڻي ويو هو، تنهنڪري کيس ڊپ  ٿي بيٺو. هن سوچيو ته راڄڌاني ڪنهن محفوظ ماڳ تي هجڻ گهُرجي. مٿيون مراد آباد جو شهر نصرپور ڀرسان هو، جيڪو 57- 1756ع واري ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. مرادياب خان ۽ سندس ٻن پُٽن ٻيڙي ۾ چڙهي نڪري جان بچائي هئي. پوءِ اُتر ۾ سڪرنڊ جي پرڳڻي ۾ وڃي نئين راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو هئائين. جنهن جو نالو هن احمد آباد رکيو هو. امڪان اُهو آهي ته هيءَ ٻوڏ هن علائقي ۾ وڏين درياهي تبديلين ڪري آئي، يا ٿي سگهي ٿو، ته هن وڏي ٻوڏ ڪري مٿيون درياهي تبديليون اچي ويون هيون.

بهرحال، حقيقت ڇا به هجي، پر اهڙو علائقو موجود ئي ڪونه هو، جيڪو راڄڌاني لاءِ موزون هجي ۽ راڄڌاني ٻوڏ جي تباهين کان به محفوظ هجي. ٻي پاسي گنجي ٽڪر وارو علائقو هو، جيڪو ٻوڏ کان به محفوظ هو ۽ سندس ڪڇ مان ڦليلي به تازو وهڻ شروع ڪيو هو، تنهنڪري جيڪڏهن هتي راڄڌاني تعمير ڪئي پئي وئي، ته سڀئي گهربل شرط ۽ سهوليتون پوريون پئي ٿيون. انهي ڪري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، نيرون جي ٿرڙ تي سنڌ جي راڄڌاني اڏڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن کي نيرون ڪافري به سڏيو ويندو هو. نيرون وارو پراڻو قلعو ناس ٿي چڪو هو، ڀتيون ڊهي پٿرن جا ڍير بڻجي ويون هيون. ڀر وارو پوٺو به پيرن جو قبرستان بڻجي ويو هو. مسلمان جي عقيدي مطابق اهو ڇوٽڪاري ۽ الاهي رحمتون نازل ٿيندڙ ماڳ بڻجي ويو هو. غـلام شاهه ڪلهوڙي هر شيءِ کي ٻُهارائي صاف ڪرايو. نيرون جي ياد سان واڳيل نه ڪو پٿر ڇڏيائين ۽ نه وري ڪنهن بزرگ جي قبر جيڪا نشاني ڇڏيائين. هي ڪلهوڙا ميڙائي پڌر پالها ڪري، ان وسيع ۽ ويڪريءَ ايراضي تي حيدرآباد جو قلعو جوڙيائين. هي ڪلهوڙا گهراڻي جي وڏين اڏاوتن مان هڪ هئي، جنهن جو 1768ع ۾ بنياد رکيو ويو هو. هن قلعي ۾ غلام شاهه 1770ع کان رهڻ شروع ڪيو. قلعي جي اڏاوت کان پوءِ هيءُ حڪمران  ٿورو وقت جيئرو رهيو. 1772ع واري سال ۾ هڪ ڏينهن هن تي اڌ رنگ حملو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن هو لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وفات بابت عام خيال اهو هو، ته هُن، بزرگن جون قبرون ڊاهي قلعو جوڙايو هو، تن جي پِٽن پاراتن ڪري مري ويو.(1)

 

عطا محمد ڀنڀرو

 

نيرون ڪوٽ ۽ موءرخن جا مونجهارا

 

نيرون، حيدرآباد جي ماڳن وٽ ڪونه هو، ڇو ته حيدرآباد وارو ماڳ نصرپور واري سنڌوءَ جي وهڪري کان ويهارو ميل اولهه ۾ آهي، ۽ حيدرآباد ۽ نصرپور جي وچ تي ڦليلي ڦاٽ کان سواءِ ٻيو ڪو درياهي وهڪرو به موجود ڪونه هو. جيڪو 1758ع کان اڳ جو وهڪرو هجي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته نصرپور وارو درياهه جو صفا پويون وهڪرو هو، جيڪو هيٺ هلي ٻه درياهي جي صورت ۾ وهندو هو، جن مان اولاهين کي ڪلري ۽ اوڀارين کي بگهاڙ سڏيندا هئا. جنرل هيگ جي نقشن ۾ ديبل بندر، ڪلري- بگهاڙ ڦاٽن جي سنگم واري ٿاڪ تي چار ميل هيٺ ڏيکاريل آهي.

جيڪڏهن ڪو مسافر ديبل بندر کان منصوره ويندو، ته نيرون يا حيدرآباد کيس ڇو اچڻو پوندو. اڳي سپر هاءِ وي يا نيشنل هاءِ وي ڪونه هوندا هئا جن سان ڪار يا ٽرڪ وسيلي اچي نيرون پهچبو هو. جيڪڏهن نيرون ۽ حيدرآباد هڪ آهن، ته اسان کي هن ڳالهه تي به سوچڻو پوندو، ته اڄ اسان کي منصوره جا کنڊر حيدرآباد کان اوڀر- اُتر ۾ نه، پر اوڀر ڏانهن ٿورو وڌيڪ لڙيل نظر ايندا ۽ حيدرآباد کان ديبل سر ڏکڻ، پر ٿورڙو اولهه تي لڙيل ڏسڻ ۾ ايندو. پوءِ اهو ڀنڀور هجي يا ڪڪر بڪيرا يا ڪو ٻيو ماڳ هجي. انهيءَ حساب سان ديبل کان منصوره جو طرف اُتر- اوڀر وڃي بيهندو، جيڪو ماڻهو ديبل کان منصوره جي سفر تي نڪرندو هوندو، سو ضرور قافلي سان هوندو، جنهن کي درياهه جي ڪٺار سان هلڻو پوندو هوندو ۽ ڪلري ۽ بگهاڙ واري ٻه درياهي کان مٿان سنڌوءَ جو اولهه پاسو ڏئي، ريڻ ڦاٽ جي سنڌوءَ کان ڌار ٿيڻ واري ٿاڪ مٿان درياهه اُڀرندي طرف اڪري منصوره ڏانهن سڌو وڃي اولهندي پراڻ جي مُنڍ واري حصي ۾ پهچندو هو. جيڪو حيدرآباد کان اٽڪل چاليهه پنجيتاليهه ميل وڃي اوڀر بيهندو. جيڪڏهن کيس نيرون اچڻو پوندو هو، ته ڪلري ۽ بگهياڙ واري ٻه درياهي وٽان درياهه کي ڇڏي سڌو اتر رخ ڪرڻو پوندو هو. نيرون يا حيدرآباد پهچي، درياهه ٽپڻ لاءِ جاگرافيدانن جي لکت موجب وري ارڙهن ويهه ميل صفا اوڀر هلڻو پوندو. ٽيهه چاليهه ميل وڪڙ ڪري مسافر نيٺ نيرون وڃي ڪهڙي ڪم واسطي، سو به پاڻي ڪوهين ڏور. گنجي ڏونگر گام جي زيارت لاءِ ته اُڙيو ٿڙيو ياتري ايڏانهن ويندو هوندو، باقي منصوره ويندڙ مسافر نيرون يا حيدرآباد ڇو وڃي.

عرب جاگرافيدانن مان هڪڙن ديبل کان نيرون ٻن ڏينهن ۽ ٻين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي ٻُڌايو آهي (ڏسندا ابن خردازيه، مسعودي، اصطخري ۽ ابنِ حوقل جا حوالا.) مليل حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو، ته اهو فاصلو اڄ جي چاليهن ۽ سٺ ميلن جي وچ تي هجڻ گهرجي. ٻئي پاسي پاڻ مصنف ٻڌائي ٿو ته نيرون ڪوٽ ۽ سيوهڻ جي وچ تي هڪ سو ويهن ميلن جو پنڌ آهي. پر هاڻوڪي فاصلي موجب اهو سيوهڻ کان رڳو اسي ميلن جي فاصلي تي آهي. منهنجي خيال ۾ نيرون ٻن ڏينهن جي فاصلي مطابق ديبل کان پنجيتاليهه ميل اُتر ۽ سيوهڻ کان فاصلي مطابق هاڻوڪي حيدرآباد کان ٽيهه پنجٽيهه ميل ڏکڻ- اوڀر هجڻ کپي.

سيوهڻ کان نيرون ۽ ديبل کان نيرون واري فاصلي جي وچ تي ديبل ۽ منصوره جي طرفن کي ۽ ان دور جي درياهي وهڪري کي ڌيان ۾ رکي، ان ايراضيءَ کي نيرون لاءِ جاچڻو پوندو. ٻي اهم ڳالهه هي به آهي، ته سنڌ ۾ اهڙو پراڻو قلعو آهي ئي ڪونه،جيڪو پاڻي جي سهوليت کان ارڙهن ويهه ميل پري هجي، جيئن نيرون ڪوٽ لاءِ چيو وڃي ٿو. حيدرآباد  وارو قلعو به ڦليلي وهڪري ڪري تعمير ڪيو ويو هو، جيڪو 1758ع کان اڳي اُتي موجود ڪونه هو. انکان سواءِ ٻيو به هڪڙو اهم تاريخي حوالو اسان جي سامهون اچي ٿو، ته محمد بن قاسم جڏهن ٻُڌيه جي علائقي ۾ پهتو هو، ته حجاج طرفان وٽس حڪم پهتو هو، ته هو نيرون موٽي اچي ۽ درياهه اُڪري وڃي راءِ ڏاهر سان مقابلو ڪري. جيڪڏهن نيرون حيدرآباد آهي ۽ کيس اُتان درياهه اُڪرڻ جو حُڪم ٿيو هو، ته پوءِ هو اتان ئي درياهه اُڪريو هوندو.

نيرون (حيدرآباد) وٽان اوڀر طرف درياهه اُڪرڻ سان سنڌ جي مرڪزي حصي ۾ وڃي پهچي ها، جيڪو برهمڻ آباد ۽ راوڙ جي وچ تي هو ۽ فوجي نقطي نگاهه کان اهم هو.

ٻي ڳالهه ته راوڙ تائين پهچڻ واسطي سنڌوءَ جي ڦاٽن ۽ چاڙهن ۾ وڃي ڦاسي ها ۽ گڏوگڏ سنڌي فوج جي مزاحمت جو به خطرو هو، ڇاڪاڻ ته تنهن وقت سنڌوءَ ۾ چاڙهه اچي ويو هو.

ٽين ڳالهه هيءَ به آهي، ته محمد بن قاسم جا دوست؛ جت، ڀٽي يا موڪي پُٽ وسائي وارو علائقو هتان کان ۽ راوڙ کان به گهڻو ڏکڻ طرف هو، جتي ڏاهر رهيل هو. جيڪڏهن محمد بن قاسم نيرون (حيدرآباد کان) ٽيهه ميل هيٺ وڃي درياهه اُڪري، تڏهن به هاڻوڪي ٺٽي کان اُتر وڃي سندس پار اُڪرڻ وارو ٿاڪ بيهندو.

محمد بن قاسم ٻيڙين جي جنهن پُل تان اُڪريو هو، تن جو بندوبست موڪي پُٽ وسائي ڪيو هو. کيس اها مجال ڪيئن ٿي هوندي، جو راوڙ کان ستر اسي ميل مٿي پنهنجا ٻيڙا ڪاهي وڃي محمد بن قاسم کي پُل ٺاهڻ لاءِ ڏئي؛ ڇو ته ڏاهر پاڻ راوڙ ۾ موجود هو. تنهنڪري مناسب ڏسڻ ۾ ايئن اچي ٿو، ته اهو نيرون ڪوٽ، حيدرآباد کان گهڻو ڏکڻ- اوڀر طرف واقع هوندو. گڏوگڏ ائين ڪرڻ سان پوئين دور وارا فتح باغ ۽ جوڻ وارا اهم علائقا عرب فوج ۽ راجا ڏاهر جي وچ تي اچي وڃن ٿا، جيڪا ڳالهه پڻ عرب فوج لاءِ مفيد ڪانه هئي.(2)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org