سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :80

 سيوا سدن سڀا

ٻئي پاسي حيدرآباد ۾، ديوان ڏيارام ٻارهين جولاءِ 1908ع تي، استري جاتيءَ جي خلاف پاپن جو پرائشچت ۽ سندن جاتي جي سيوا لاءِ ’سيوا سدن سڀا‘ جوڙي. جنهن جو مول مقصد هو ته پڙهيل ۽ پڌارت واريون استريون، پنهنجي اتيت، اڻ پڙهيل ۽ آپدا ۾ پيل استرين جي شيوا ڪنديون رهن ۽ سندن تن، من، دل،  ڪم ڪار ۽ روزگار جي درستيءَ لاءِ ڪوشش ڪنديون رهن. گڏوگڏ سڀا جو اهو مطلب هو ته پنهنجن ڀينرن لاءِ هڪڙو ڪُل اسٿاپن ڪجي. جنهن ۾ ودياليه، پستڪاليه، پرارٿنا ڀون ۽ هنري گهر به هجي، جنهن ۾ زالون هٿ جا هنر ۽ سندر ڪلائون سکي سگهن. تنهن کان سواءِ هڪ آرام گاهه ۽ اُتٿي ڀون، هيڻن جي سڀنال لاءِ، ۽ باغيچي وغيره جو بندوبست به ڪجي. پهريائين گهر ڀاڙي تي ورتو ويو، پوءِ هڪدم پنهنجي جاءِ ٺهرائڻ لاءِ پيسا ڪٺا ڪيا ويا. انهي سڀا جو ٻيو مقصد هو سنڌي سيوڪائون تيار ڪرڻ، انهن لاءِ ڪم جو بندوبست ڪرڻ ۽ اُنهن جي هر طرح سهائتا ڪرڻ.

پهريائين انهن لاءِ هڪ ٽريننگ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، جنهن جو چيئرمين پروفيسر گجر هو........... پوءِ سکيا گهر ۾ ڪيتريون ڊاڪٽرياڻيون صحت سکيا تي مفت ليڪچر ڏيڻ لڳيون ۽ تنهن کان سواءِ سوسائٽي جي صدر مسز راما ٻائي راناڊي ۽ ٻين ودوان استرين به پوري نيم تي وياکياڻ ڏيڻ شروع ڪيا.

انهي کان سواءِ ڀرت جي ڪم سيکارڻ لاءِ پڻ هڪڙي نگران مقرر ڪئي وئي ۽ هفتي ۾ ٽي ڏينهن سبي جو ڪم ۽ ڌرمي ڀڄن سيکارڻ جو ڪم وري ٻي نگران ڪندي هئي..... هڪڙي سيوڪا نيم پوربڪ اسپتالن ۾ ويندي هئي ۽ گل ڦل وڃي مريضن ۾ ورهائيندي هئي. اها سفيد پوشن جي گهرن ۾ به ويندي هئي ۽ چپ چپاٽو هنن کي شاهوڪارن کان مدد وٺي پهچائيندي هئي.......... ٽي ٻيون به سيوڪائون زالن جي اسپتالن ۾ وڃي انهن جي دل وٺنديون هيون ۽ انهن کي خوش رکڻ ۽ ٻي طرح سهائتا ڪرڻ جو ڪم ڪنديون هيون......... پوءِ لکڻ، پڙهڻ، سبڻ، ۽ دائپڪي سيکارڻ لاءِ ڪلاس کُلي ويا.

هن سڀا جو ٽيون مقصد هو؛ سمورو وقت ڪندڙ استري سيوڪائون تيار ڪري، انهن کي سکيا، صحت ۽ بين چڱن ڪمن ۾ لڳائڻ. وڏي وديا واريون استريون، جن جي مرضي سڄي عمر شادي ڪرڻ تي ڪانه هجي، يا وديا پرايل وڌوائون جن کي پنهنجا ٻار ٻچا نه هجن، انهن کي سيکاري اهڙي ڪم ۾ لڳائن جو مقصد هو.

پهريون آهي استري سکيا جو ڪم. انهي ۾ آهن ٻه حصا: هڪڙو ورنيڪيولر فائينل ۽ ماسترياڻين جو ٽريننگ ڪاليج، جيڪو 1914ع ۾ شروع ٿيو، انهي ۾ 1930ع ۾ 109 ڪنيائون ۽ ناريون تعليم وٺي رهيون هيون. ٻيو گهرو سکيا جا ڪلاس، انهن ۾ 166 ڇوڪريون ۽ ناريون هيون، انهن ڪلاسن ۾ ماتري ڀاشا (سنڌي) ، انگريزي، ابتدائي، تواريخ، جاگرافي، حساب، ڀرت، ڪترڻ، سبڻ، روٽي پچائڻ، ڌوئڻ، ڊرائنگ، پينٽنگ، راڳ، گلن ٺاهڻ، اوائلي ترت علاج، گهرو صحت ۽ بيمارين جي خبرداري جو ڪم سيکاريو وڃي ٿو. جنهن کي به مٿين ڪمن مان جيڪي به ڪم سکڻا هجن، سي ڪم کيس سيکاريا وڃن ٿا. انهن سڀني کي سداچار ۽ سادگي سيواڪاري ٿيڻ تي به سکيا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي.

ٻيو حصو آهي ’هنري شالا‘ جو ڪم. انهي ۾ 125 ڪنيائون ۽ ناريون داخل هيون. اُنهي جو مقصد آهي غريب استرين کي ڪم سيکاري روزگار ۾ لڳائڻ. رڳو اهڙا ڪم سيکاريا ٿا وڃن، جن مان غريب استريون پنهنجو روزگار پاڻ محنت ڪري جلد حاصل ڪري سگهن. جيڪو به ڪم ڪار ناري ڪري، تنهن جو اجورو کيس ملي ٿو. ڏٺو ويو آهي ته ڪترڻ ۽ سبڻ جو ڪم مان استريون جلد روزگار ماڻڻ شروع ڪري ٿيون سگهن. اوچي ڀرت جو ڪم به سيکاريو وڃي ٿو. بسڪوٽ ۽ مٺايون ٺاهڻ، جوراب اُڻڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪم مان به روزگار ماڻي ٿيون سگهن.

ڪم جو ٽيون ڀاڱو آهي ’صحت رکيا‘ صحت رکيا جي ڪم لاءِ پاس ٿيل نرسون (دايون) رکيو ويون آهن، جيڪي سيوا سدن مان سکن ٿيون، سي گهڻو ڪري هڪ ورهيه مفت ۾ خوشي سان ڪم ڪرڻ قبول ڪنديون آهن. انهن کي مفت يا تمام ٿوريءَ في سان غريب بيمارن جي شيوا ڪرڻ لاءِ موڪلبو آهي.

ڪم جو چوٿو ڀاڱو آهي اپديشي کان زالن کي بچائڻ، قيد ۾ پيل زالن جي خبرداري ڪرڻ، غريبن جي سهائتا ڪرڻ، اهي ڪم به ڪيا وڃن ٿا.

سيوا سدن جو مول مطلب هو سيوڪائون تيارڪرڻ ۽ اهو آهي ڪم جو پنجون ڀاڱو. سيوڪائن تيار ڪرڻ لاءِ آشرم کليل آهي ۽ اهي شيوا جو ڪم سکن، تنهن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ هڪڙو اناٿ آشرم ۽ اتيت آليه به آهي، جنهن ۾ ٽيهه ٻار هئا. آشرم ۾ چوٽيهه زالون هيون، جن کي سيوڪاري ٿيڻ جو ڪم سيکاريو ٿو وڃي.

زناني ٽريننگ ڪاليج جي ڪمرن مٿان وڏو ليڪچر هال ٺهيل آهي، اتي انهن ٻن دوستن ۽ پراپڪاري آتمائن جا بوتا رکيل آهن، هڪڙو ديوان ڏيارام جو ۽ ٻيو بهرامجي ملباريءَ جو. تمام اڇي سنگمرمر جا ٺهيل آهن ۽ اُهي ٿلهي جا ٻئي طرف سينگاري بيٺا آهن........... تن جا جسماني بوتا يادگار جي صورت ۾ اڃا تائين اُتي قائم آهن، ۽ سچي ڀاويءَ سان سيوا جو ڪم هلندو ڏسي سندن گپت آمائون اتي آنند ماڻي رهيون آهن........... انهي سڀا ۾ 1930ع ۾ اٽڪل ستر ميمبر هئا. ڳوٺاڻن جي ڪاميٽيءَ تي ٻارهن وڏ – وڏيريون استريون هيون ۽ ويهه کن مفت ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻيون ۽ ماسترياڻيون هيون ۽ سڄو ڪم ويهه استرين جي ڪائونسل هلائي پئي.

 

ديوان ميٺارام  ڌرمادا ٽرسٽ

1911ع جي اپريل مهيني جي تيرهن تاريخ ٻارهين وڳي، ڏيارام گدومل، ديوان ميٺارام ڌرمادا ٽرسٽ جو پڌرنامو رجسٽر ڪرايو. منجهانئس ٿورا ٽڪر هيٺ ڏجن ٿا، جن مان ٽرسٽ جو مقصد چڱيءَ طرح معلوم ٿيندو.

انهي پڌرنامي جي مُنڍ ۾ لکيل آهي: ”آئون داسن جو داس ڏيارام گدومل، عمر ٽيونجاهه ورهيه، کشتري، رهندڙ حيدرآباد سنڌ جو، جيوت ۽ جيوت ۾ هٿ آيل وستو امانت سمجهي عمر تي آڌار نه رکي، هيٺيون ٽرسٽ پرسڌ (ظاهر) ڪريان ٿو.

” گهر جي جاين کان سواءِ پنهنجي پگهار يا پينشن کان سواءِ، ٻي سموري منهنجي ملڪيت، متحرڪ توڙي غير متحرڪ، اڳئين حساب ڪتاب روءِ ۽ هلي چلي موجب گهڻن ورهين کان ساروجنڪ ڌرمادا آهي ۽ مان هاڻي پرسڌ ڪريان ٿو ته سدائين سارو جنڪ ڌرمادا (پبلڪ چيئرٽيبل ٽرسٽ) رهي. منهنجو مظهر، مون کي ۽ منهنجي وصي وارثن، حقي عيوضين ۽ سڀني ڪٽنب جي ڀاتين کي ٻڌندڙ آهي.

”هن ٽرسٽ جو نالو ’ديوان ميٺارام ڌرمادا ٽرسٽ‘ آهي........... هن ٽرسٽ جي خاص مراد هيءَ آهي ته گيان يگيه سدائين هلي ۽ پڻ دُکن جي نورتي ٿئي؛ جنهن ڪري ماڻهو پرماتما جو ڌيان ڪري سگهن ۽ سندس پرجا جي سيوا ڪري سندس پيارا ٿين.........“

”گدو مل سنسڪرت اسڪول، ميٺارام ڌرم شالا ۽ ساڌو آشرم هلائڻ لاءِ اٽڪل ٻارهن سئو رپيا ساليانو....... باقي سڀ صافي پئدائش ٽرسٽ ملڪيت جي پهريائين هلي چلي ورڇ ڪري هيٺين ڪمن لاءِ لائق، يعني اوشڌ سهائتا ٻارهن سئو رپيا، استري وديا سهائتا ٻارهن سئو رپيا اسڪالرشپون ٻارهن سئو رپيا، وديا ورڌي ۽ وديا پرچار سهائتا ٻارهن سئو رپيا......... ٽرسٽ جي مراد بجاءِ آڻڻ لاءِ وقت جي ٽرسٽي مٿيان انداز ڦيرائي سگهي ٿو. اوشڌ سهائتا هلي چلي موجب ’ديوان ميٺارام گشتي خيراتي اسپتال‘ دوران ڏيئي سگهجي ٿي ۽ پڻ ٻي طرح استري وديا سهائتا هلي چليءَ موجب ’حيدرآباد سنڌ سوشل رفارم ائسوسيئيشن‘ جي ڪنيا شالائن کي ڏيڻ گهرجي. باقي ئي رقمون سموريون اسڪالرشپن طور خرچ ڪرڻ ۾ اچن، ته انهي ۾ اعتراض ڪونهي، ڇو ته منهنجي شرڌا اسڪالرشپن ۾ تمام گهڻي آهي ۽ اهي باشرطن يا بي شرطن، جيئن ٽرسٽيءَ کي واجب ڏسڻ ۾ اچي تيئن ڏئي ۽ نه رڳو پُرشن کي، پر استرين کي به، جي وجهه ملي.

جيڪڏهن مٿين رقمن ڪاٽڻ بعد صافي پيدائش مان بچت ٿئي، ته ٽرسٽي پرسال جيان ڇهه سئو رپيا ساليانو منهنجي پگهارن مان کوليل غريب ڪنيائن جي ’شادي فنڊ‘ ۾ ڏئي. اهو فنڊ هاڻي منهنجي متر ديوان تاراچند شوقيرام آڏواڻي جي حوالي آهي. گپت اُپڪار لاءِ ٽرسٽي ڌار داخلائون رکي سگهي ٿو......... باقي جيڪا بچت رهي، تنهن مان هر سال ڪجهه رقم ’اسڪالرشپ فنڊ‘ کي ڏئي ۽ جيڪي رهي سو اهڙن پُراُپڪار جي ڪمن ۾ لائي، جن ڪري هن ٽرسٽ جي مراد پوري ٿئي. مثلن اهڙن پراُپڪار جي ڪمن ۾، جن لاءِ حيدرآباد سنڌ ۾ چيئرٽيبل سوسائٽي، انڊسٽريل ائسوسيئيشن، هيلٿ سوسائٽي، سوشل رفارم ائسوسيئيشن ۽ ايڊيوڪيشن سوسائٽي ۽ بمبئيءَ ۾ سيوا سدن سوسائٽي  ڪنزمپٽوَ هومس سوسائٽي (سلهه گهر وارن لاءِ صحت گهرن جي سوسائٽي) کوليل آهن. ٽرسٽي انهن سڀائن جي معرفت سندن اُپڪاري ڪمن لاءِ خرچ ڪري سگهي ٿو. مٿيون سڀ سڀائون رجسٽر ٿيل آهن ۽ منهنجو انهن سان لاڳاپو آهي.“

پوءِ ٽرسٽيءَ ديوان شيرومل، سنڌ نئشنل ڪاليج کي مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو، جو انهن کي ٽرسٽ مان ڪيترن ڏينهن تائين ملندو رهيو آهي...........

حيدرآباد جي ’صحت سڌار سڀا‘ جو ڪم ديوان ڏيارام جاري ڪرايو. انهي ڪم لاءِ ڊاڪٽر وليرام لکيو آهي ته ديوان صاحب 5600 رپيا سهائتا ڏني. جي هاڻي وياج سميت ڏهه هزار رپيا ٿي پيا آهن، جن جي وياج مان جيڪي ماڻهو حيدرآباد مان ڌرمپور سلهه آشرم  موڪليا آهن، تن کي سهائتا ڪبي آهي........

حيدرآباد نئشنل ڪاليج کي ديوان صاحب جي ڌرمادا ٽرسٽ مان مدد ملي........ جنهن ڪري اهو ڪاليج هاڻي ڪوٺبو ئي ڏيارام گدومل نئشنل ڪاليج آهي........ 8 نومبر 1888ع ۾ ’رفارم ائسوسيئيشن‘ رجسٽرڊ ڪرائي وئي، جنهن جو مقصد هو ته نارين ۾ وديا ڦهلائجي ۽ جيڪي پنگتي يا ڌرمي يا ٻيون اهڙيون خرابيون هجن سي نندجن؛ پوڙهن جو نندڍين نيٽين سان پرڻو روڪجي؛ جيئري ئي جيئري شادي جي رسم کي روڪجي.

ناري وديا لاءِ هن ائسوسيئيشن  جا ست اسڪول کوليا ويا، جن جو بيان اڳيئي ٿي چڪو آهي......... حيدرآباد ۾ زناني تعليم انهيءِ ائسوسيئيشن جي ڪري تمام زور ورتو آهي....... ڏيارام جي ڪوششن سان حيدرآباد ۾ ڪاليج، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ اسڪول، گدومل سنسڪرت پاٺشالا، ساڌو آشرم، شانتي آشرم ۽ پستڪاليه، آرٽ اسڪول ۽ حيدرآباد وومينس ڪاليج حيدرآباد کوليا ويا...........


 

سنڌ هندو پراويڊنٽ فنڊ سوسائٽي

1894ع ۾ ڏيارام، ’سنڌ هندو پراويڊنٽ فنڊ سوسائٽي‘ رجسٽر ڪرائي. هن سوسائٽي جي مراد هئي ته هڪ ٻئي کي فائدي پهچائڻ جي سرشتي تي سنڌ جي هندو جاتيءَ جا ماڻهو ۽ ٻيا رهواسي، جيڪي سنڌ ۾ ستن سالن کان مٿي عرصي تائين رهيا هجن ۽ جيڪي ظاهر ڪن ته هميشه سنڌ ۾ رهنداسين.

 - اهي پنهنجي مرتيو بعد پنهنجن ڪٽنبين، ويجهن عزيزن ۽ آڌار رکندڙن لاءِ پيسن جي سهائتا جو بندوبست ڪن؛

- شاديءَ جي ڪارج تي هڪ ٻئي کي مدد ڪن؛ ۽

- ٻيءَ طرح ويمي جي پسند ڪيل ڪن سرشتن موجب ويمي جو ڪاروبار هلائين.

انهي کانسواءِ جوانن کي روزگار  ۾ لڳائڻ لاءِ، جون 1904ع ۾ ’دي انڊسٽريل ائسوسيئيشن‘ نالي هڪڙي ’هنر ورڌڪ منڊلي‘ جوڙي ويئي ۽ رجسٽرڊ ڪرائي وئي. هن منڊليءَ جا مقصد هيٺين ريت رکيا ويا:

 هنري تعليم ڏيڻ ۽ وڌائڻ؛ اهو ڪم هنري شالا کولڻ سان يا جوانن کي نون هنرن سکڻ لاءِ موڪلڻ يا يا ٻيءَ طرح پورو ڪجي.

اڳين هنرن مان جيڪي به هنر همٿائڻ جي لائق هجن، تن کي پنر جيوت ڪرڻ، نئين سر جاڳائڻ ۽ نون هنرن کي پنهنجي ديس ۾ جاري ڪرڻ ۽ وڌائڻ، انعامن ڏيڻ يا ٻيءَ طرح سهائتا ڏيڻ سان يا ڪجهه وقت لاءِ جيڪي پونجي لائي تنهن کي وياج ڏيڻ جي ذمي کڻڻ سان.

هنري سهڪار وڌائڻ

جيڪي پئسا هن منڊلي کي ملن، تن کي مٿين ڪمن جي پورائيءَ لاءِ خرچ ڪرڻ سان وغيره.

هنري شالا جو مقصد عارضي طور اهو رکيو ويو ته جدا جدا هنر وارن کي بنا پئسي سندن هنر هلائڻ لاءِ جاءِ ڏجي ۽ غريبن جي ٻارن کي انهن وٽ هنرن سيکارڻ لاءِ مفت ويهارڻ جو بندوبست ڪجي، بشرطيڪ هرهڪ شاگرد گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ اوڻيتاليهه ڪلاڪ پنهنجو چونڊيل هنر سکندو رهندو. هيٺين قسمن مان ڪنهن به قسم جي هنر جي ڪارخاني کي جاءِ ڏيئي ٿي سگهجي:

مئڪنيڪل انجنيئر، انجڻ هلائڻ جا ڪارخانا، ڪُرسين، ميزن ڪٻٽن وغيره ڪاٺ جي سامان جو ڪارخانو؛ سونارڪو ۽ واڍڪو ڪم، سون، چانديءَ ۽ گلٽ جو ڪم؛ واچن ٺاهڻ ۽ مرمت جو ڪم؛ ٽين جو ڪم؛ لوهارڪو ڪم، ٺاٺارڪو ڪم؛ نقش ڪاري ۽ اُڪرڻ جو ڪم؛ جنڊي جو ڪم؛ ڪاشيءَ جو ڪم؛ درزڪو ڪم؛ پٽ ۽ سُرمي جي ڀت جو ڪم؛ فوٽو گرافي جو ڪم ۽ بيد جو ڪم.

1909ع ۽ 1910ع جي رپورٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته، هيءَ منڊلي به، اوڌر طور ڏنل يا موٽي ملندڙ اسڪالرشپون، هر ورهيه نوجوانن کي انجنيئري ۽ ڪپڙي جي مل يا بجلي جي ڪمن سکڻ لاءِ ڏيندي رهي. انهي وقت سندس ڪُل فنڊ اسڪالرشپن لاءِ 3530 رپيا ۽ هنري شالا لاءِ ڇهه هزار رپيا هو. نيٺ رڳو موٽي ملندڙن اسڪالرشپن ڏيڻ جو ڪم وڃي باقي رهيو، جنهن مان ڪيترا چڱا چڱا جوان هنر سکي اوج تي وڃي پهتا آهن.

غريبڙي بئنڪ

ٻارن ۽ غريبن ۾ ڪفالت ۽ ميڙڻ جي عادت وجهڻ لاءِ، ديوان ڏيارام هڪڙي بئنڪ جاري ڪئي، جنهن جو نالو رکيو ويو ’غريبڙي بئنڪ‘، انهي ڏس ۾ ڏيارام جو چوڻ هو ته، جيڪڏهن ڪو ٻالڪ بئنڪ ۾ پائي کڻي ايندو، سا به وٺبي ۽ داخل ڪبي. انهن کي سندن جمع پيل رقم تي چار سيڪڙو وياج ڏيئي سندن کاتو چالو رکبو. گهُرج آهر اُهي ڀل ڪڍائي وڃن. فارم ڇپرايا ويا، اسڪولن ۾ اشتهار ويا؛ ماسترن ڏانهن فارم موڪليا ويا........ رول ڪين ٺاهيا ويا. رسيد بوڪن جي مٿان ”غريبڙي بنئڪ، جوابدار ڏيارام گدومل“  اهي لفظ ليکا ويا......... ٻار پئسا روز ڏيڻ ايندا هئا.، روز ڇوڪرن ڇوڪرين جو ميلو لڳو پيو هوندو هو. انهي مان ٽيهتر هزار رپيا اچي ٿيا. ٻارهين مهيني وياج ڪڍبو هو ڀائي بندي نموني. پنجويهن پاين تي هڪ پائي. نقصان پئي پيو............ پوءِ ديوان ٽهلرام، پيپلس بئنڪ جي مئنيجر منشي هوتچند ڏي لکيو ته جيڪڏهن اوهين غريبڙي بئنڪ جا پئسا اسان وٽ رکندا ته ڇهه سيڪڙو وياج ڏبو.............. پوءِ ديوان ڏيارام موٽ ۾ چيو؛ ايئن ڪيو. پئسا پيپلس بئنڪ ۾ رکو ۽ جيڪو وياج ٻه ٽڪا وڌيڪ اچي سو ڪم هلائڻ جي خرچ ۾ لايو.................. خير، هيءَ بئنڪ 1911ع تائين هلائي ويئي، پوءِ پاڻيهي سميٽي وئي.

غريب ڪنيائن لاءِ شاديءَ ۾ سهائتا

آرٿڪ سهائتا جون جيڪي سنسٿائون ديوان ڏيارام هلايون، تن مان هڪڙي هئي غريب ڪنيائن لاءِ شادي ۾ سهائتا ڪرڻ جي تجويز، ڌرمادا ٽرسٽ جي فقره ’خ‘ ۾ لکيل آهي ته: پئدائش جي بچت مان ٽرسٽي، هر سال جيان ڇهه سئو رپيا  ساليانو، منهنجي پگهار مان ٺاهيل، غريب ڪنيائن  جي شادي فنڊ ۾ ڏئي.......... اهو فنڊ پوسٽل سيونگ بئنڪ حيدرآباد ۾ رکيل آهي ۽ ڪم گپت ٿيندڙ آهي، تنهنڪري جيڪا رقم مٿين بئنڪ ۾ رهي، سان رقم مٿئين فنڊ جي سمجهڻ گهرجي.

ديوان ڏيارام جي دل نه ٿيندي هئي ته پراُپڪار جي ڪمن ۾ سندس نالو ٿئي، تنهنڪري ٻين جي معرفت اهو هلائيندو هو. پنهنجي حساب جي ڪتابن ۾ رڳو مُنڍ ۾ صفحا لکي، پوءِ خيرات الف، خيرات ب، نالا رکي پئسا داخل ڪندو هو، جيئن ڪتابن پڙهڻ مان به پتو نه لڳي، ته ڪنهن کي دانُ مليو....... جڏهن ڏيارام گدومل وارن خوشيءَ جي هڪ سنسٿان ’سنڌ ڪالي ائميچورئر ڊرئميٽڪ ڪلب‘ کولڻ جو ارادو ڪيو، ته پروفيسر بادشاهه جو خيال هو ته ڪاليج کي هاسٽل کپي ۽ ان لاءِ پئسو ماڻهن وٽان ملڻ ۾ ڍلائي ٿي ٿئي. ڪيترن ئي هڪ مهيني جي پگهار ڏيڻ جو انجام ڪيو، پر پئسا ڏنائون ئي ڪين ٿي. تنهن تي حيدرآباد مشن اسڪول جي هيڊماستر رابرٽ لسٽن گارڊن صاحب چيو جي اوهان کي چندو نه ٿو ملي، ته اوهين کڻي ناٽڪ ڪريو، جنهن مان ڪيترا پئسا ملي پوندؤ............ مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان ليلارام پڻ هن ڪم ۾ شامل ٿيا. انهن سنڌيءَ ۾ ناٽڪن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي...........ايئن انهيءَ ڊرئميٽڪ ڪلب، حيدرآباد ۾ ڪجهه سالن تائين کيل ڪري ڏهه هزار رپيا ڪاليج جي هاسٽل ۾، بادشاهه هال ٺهرائڻ لاءِ ڏنا.

گدو مل سنسڪرت پاٺشالا

تڏهن شايد 1870ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ هڪڙو به سنسڪرت جو ودوان برهمڻ ڪونه هو، تنهنڪري گدومل برهمڻن کي سنسڪرت پڙهائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. جيڪي برهمڻ وٽس پڙهڻ ايندا هئا. انهن کي کاڌو ڪپڙو به ڏيندو هو. کاڌي ڪپڙي  جون چٺيون پنهنجي پٽ ديوان ميٺارام ڏي لکندو هو ۽ هو اُهي سڀيئي برچشم ڪندو هو........ پوءِ منشي گدو مل جي لاڏاڻي کان پوءِ  ديوان ڏيارام انهي پاٺشالا لاءِ ميونسپالٽي  کان پٽ ورتو ۽ 1900ع ۾ انهي پاٺشالا جي هاڻوڪي عمارت ’ليڊي ڊفرن اسپتال‘ جي سامهون جوڙائي ويئي، جتي اڃا چالو آهي. انهيءِ سنسڪرت پاٺشالا ۾ ڏسڻ وقت سئو کن وديارٿي هئا ۽ انهي ڪم جا ٽي وڀاڳ هئا، هڪڙو ڇوڪرن جو وڀاڳ، ٻيو ڪنيا وڀاڳ، ۽ ٽيون راتري شالا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org