سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :126

 ميرن جي خانداني ويڙهه ۽ سندن عورتن جو ڪردار

مير فتح علي خان جي ماءُ ڏاڍي ڏاهي عورت هوندي هئي. ڏکين مامرن ۽ اڻانگن حالتن ۾ سندس لاڀائتا مشورا وڏي مانڌاڻ کان بچائي ويندا هئا. ڀائرن وچ ۾ جڏهن ڦيٽو ۽ ويڇو پوندو هو، ته سندن ماءُ کين ڳنڍي جوڙي ڇڏيندي هئي.

جڏهن مير فتح علي خان جي ننڍڙي ڀاڻيجي ۽ مير عبدالله شهيد جي پٽ مير غلام حسين کي پاڻ سان ٿيندڙ ڏاڍائي جو احساس ٿيو، تڏهن هن هڪڙي ڀيري مير فتح علي خان تي بندوق جو فائر پڻ ڪيو. پر اهو گُسي ويو. واقعي کان پوءِ مير فتح علي، غلام حسين کي قلعي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ هن وڃي ٽنڊي غلام حسين نالي ڌار ڳوٺ ٻڌو. اها ڄاڻ جڏهن مير سهراب خان ۽ مير ٺارو خان ۽ ٻين سردارن کي پهتي، ته اهي به مير غلام حسين جو پاسو وٺي بيهي رهيا ۽ هڪ وڏي ويڙهه جي تياري ٿي. مختلف قبيلن جي ماڻهن جو لشڪر اچي ڪٺو ٿيو. پر ٽالپرن جي عورتن وچ ۾ پئي اها جنگ ٽاري ۽ ٽالپرن گڏجي ٺاهه ڪيو.

حيدرآباد جي قلعي کي انگريز فوج جو گهيرو

21 جنوري تي 1842ع ميرن محسوس ڪيو ته حيدرآباد چوڌاري وڪوڙجي ويو آهي، تنهنڪري انگريزي جنرل ڏي وفد موڪليا ويا ته ٺاهه ڪيو وڃي. پهرين مارچ تي نئون ٺاهه ٿيو، جنهن موجب انگريزن جي فوج جا پنجاهه هزار ماڻهو سنڌ ۾ هميشه رهڻ لاءِ ميرن قبول ڪيا. ڏهه لک رپيا روڪ وٺي انگريزي فوجون قنڌار ڏي وڌيون ۽ ميرن هن نئين ٺاهه لاءِ گورنر جنرل کي اپيل ڪرڻ لاءِ وزير سيد اسماعيل شاهه شملي ڏانهن روانو ڪيو. پر پوڙهو وزير واٽ تي بيمار ٿي حيدرآباد ڏانهن موٽيو. جتي پهچڻ سان ئي وفات ڪيائين. انگريزي لشڪر سنڌ مان لنگهي افغانستان ۾ داخل ٿي ڪابل، قنڌار ۽ غزني فتح ڪري شاهه شجاع کي وري تاج ۽ تخت جو وارث بڻايو، ۽ پوءِ جڏهن قلات ۾ انگريزي ايلچي ماريو ويو، تڏهن به مير انگريزن سان بلڪل وفادار رهيا ۽ کين هرڪا مدد ڏيندا رهيا. هن افراتفري جي دور ۾ اوچتو مير نور محمد خان 1257هه 1841ع ۾ وفات ڪري ويو. پويان ٻه پٽ مير شهداد ۽ مير حسين علي يادگار ڇڏي ويو.

حيدرآباد قلعي ۾ چارلس نيپيئر جي شاهي آجيان

3 سيپٽمبر 1842ع تي سر چارلس نيپير ”زنوبيا“ نالي جهاز تي سوار ٿي بمبئي کي ڇڏيو ۽ 10 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ پهتو. ساڳئي مهيني جي 19 تاريخ تي حيدرآباد پهتو. جتي هن جي شاهي آجيان ڪئي وئي، پر حقيقت اها هئي ته ميرن جي خوشامد جنرل جي دل ۾ ڪابه همدردي پيدا نه ڪئي، ۽ هو پنهنجي مقصد جي ڪاميابي ڏانهن ڌيان ۾ رهيو. جيئن ته جنرل جو پير ڦٽيل هو، تنهنڪري درٻار اهڙي جاءِ تي ڪئي ويئي، جتي کيس ڏاڪي چڙهڻ جي تڪليف نه ٿئي. درٻار ۾ جنرل، ميرن کي نهايت دليريءَ سان چتاءُ ڏنو ته اڳين سفيرن جو زمانو گذري ويو، هاڻي رياڪاري ۽ بيوفائي ڪنهن به حالت ۾ سهپ نه ڪئي ويندي. پوءِ هن ميرن جي زبردستين جي ياداشت پيش ڪئي، جنهن مان ميجر آئوٽرام ڪنهن به حالت ۾ ميرن کي گنهگار نٿي ٺهرايو.

قلعي تي برطانوي جهنڊو

17 فيبروري 1843 تي مياڻيءَ جي ميدان ۾ سنڌي فوج جي شڪست کانپوءِ، ڏيڍ وڳي ڌاري سرچارلس نيپيئر حيدرآباد قلعي ڏانهن وڌيو. هو هاڻوڪي سينٽرل جيل واري ماڳ وٽان سڌو پرنس علي خان وارو رستو، جنهن کي مياڻي روڊ پڻ چيو وڃي ٿو. ڏئي شاهي بازار مان ٿيندو پڪي قلعي پهتو. جتي سنڌ جو نقشو، جيڪو اڇن ۽ ڳاڙهي رنگ جي ڇهن – ستن پٽين وارو هو، سو لاهي ان جي جاءِ تي هن برطانوي جهنڊو لهرايو. ۽ پوءِ سڄي شهر ۾ ميرن جي حڪومت جي خاتمي جو پڙهو ڏياريو ويو، دُهلارين کان دُهل وڄرائي، ماڻهن کي ناچ ڪرايو ويو ۽ حڪومت جي خرچ تي مٺايون ورهايون ويون.

حيدرآباد تي قبضي کانپوءِ ميرن جي انگلينڊ ياترا جو اعلان!

ٽالپرن جي حڪومت جي پڄاڻي کان پوءِ حيدرآباد کي سنڌ جي راڄڌاني قرار ڏنو ويو، ۽ سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو، جنهن جو مکيه اڳواڻ سرچارلس نيپيئر ٿيو. 18 فيبروري تي ميرن سر چارلس نيپيئر آڏو آڻ مڃي، تلوارون ڇوڙي پٽ تي رکيون، ۽ کين دلداري ڏيندي واپس موڪليو ويو. پر پوءِ کين گرفتار ڪيو ويو ۽ سندن قلعي ۾ موجود سموري ملڪيت لٽي ڦري وئي. پوءِ جنهن ڏينهن گرفتار ميرن کي، پنهنجي ملڪ مان جلاوطن جو ڏنڀ ڏيندي بمبئي نيو پئي ويو، ته انگريزن حيدرآباد ۾ پڙهو ڏيارايو ته: حيدرآباد واسيو! مير، جيڪي پهرين توهان جا حاڪم هئا، سي انگلينڊ جي سير لاءِ پيا وڃن، توهان مان جنهن کي به کانئن موڪلائڻو هجي، سو ملاقات ڪري سگهي ٿو.

انگريزن طرفان جاگيرن جي ورڇ

24- مئي 1843ع تي، برطانوي راڻي وڪٽوريا جي سالگرهه واري موقعي تي، حيدرآباد پڪي قلعي ۾ شاهي درٻار جو اهتمام ڪيو ويو. گڏجاڻي جو مکيه اڳواڻ سرچارلس نيپيئر هو. دعوت ۾ سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان رئيس، جاگيردار، زميندار ۽ برک واپاري اچي حاضر ٿيا. انهي ڏينهن شهر جي چوطرف تنبو کوڙيل هئا ۽ سڄي سنڌ مان آيل جاگيردارن، زميندارن ۽ ٻيا سرندي وارا پنهنجن تنبوئن منجهه پنهنجي خدمتگارن ۽ حفاظتي دستي سان موجود هئا ۽ تيارين ۾ رڌل هئا. وٽن پنهنجي وڏي ماڻهپي، معتبري ۽ درجابنديءَ جون سندون به هيون، جيڪي کين، سندن وڏڙن کان وٺي، ارغون، مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپر حڪمرانن طرفان ملنديون رهيون هيون.

سرچارلس نيپيئر طرفان ناؤمل توڙي ٻين ماڻهن ڏانهن موڪليل هڪڙي حُڪم ۾ تاڪيد ڪندي چيو هو، ته رڳو انهن جاگيردارن کي زمينن جي قبضي رکڻ جي اجازت ڏني ويندي، جيڪي درٻار ۾ شامل ٿيندا، باقي ٻين جون جاگيرون ضبط ڪيون وينديون، تنهنڪري سڀني کي سختيءَ سان چيو وڃي، ته اهي هرحال ۾ درٻار۾ شريڪ ٿين. درٻار ۾ شامل ٿيڻ هر معزز ۽ باوقار شهريءَ جو فرض آهي.

نيپيئر جي اعلان هڪدم جاگيردارن جي خاندانن کي ڏاڏاڻن جي پيڙهين کان جاگيرن جو وارث ٺاهي ڇڏيو. جڏهن ته انهيءَ کان اڳ جاگيردارن جي مرڻ تي جاگير حڪومت ڏانهن موٽائي ويندي هئي. پوءِ حڪومت کي هڪدم ئي پنهنجي ڄٽپائيءَ جو احساس ٿيو، رڳو حيدرآباد ڪيلڪٽريٽ ۾ اٽڪل هڪ لک ستر هزار ايڪڙ ايراضي ”دائمي“ مالڪن جي قبضي ۾ هلي وئي. پوءِ نيٺ 1845ع ۾ گهڻيون جاگيرون واپس ورتيون ويون.

چارلس نيپيئر جا عورتن کي قتل ڪندڙن خلاف حڪم

1847ع ۾ سر چارلس نيپيئر سنڌ صوبي جي گورنر جي حيثيت سان، سڀني مئجسٽريٽن کي سخت تاڪيد ڪندي حڪم ناما جاري ڪيا، جنهن ۾ کين هدايت ڪيل هئي ته اُهي خطرناڪ ڏوهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪن:

”سنڌ جا ماڻهؤ! حڪومت توهان کي پنهنجي زالن کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه کان، جيڪو عمل برطانوي فتح کان اڳ ملڪ ۾ رائج هو، تنهن کان روڪي ٿي. انگريزي قانون ۾، سندن مذهب مطابق، عورتن کي قتل ڪرڻ جي روڪ وڌل آهي، ته پوءِ هاڻي آهي ڪو اهڙو ماڻهو، جيڪو انهن قانونن جي مخالفت ڪرڻ جي همت ڪري. پر انهيءَ کان به وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته جو توهان جي رسول ﷺ، مذهبي طور قتل تي رنڊڪ وڌي آهي، ۽ پوءِ به توهان پنهنجي زالن کي قتل ڪري پنهنجي مذهب سميت اسان جي مذهب توڙي قانون جي لتاڙ ڪيو ٿا! پر هي ڳالهه ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته حڪومت توهان کي انهيءَ قسم جي ڏوهن جي هرگز اجازت نه ڏيندي........ توهان ۾ ڪجهه اهڙا ڄٽ ماڻهو به موجود آهن، جن کي مٿي ۾ اهو ڀُوت ويٺل آهي، ته انگريزن کي آساني سان دوکو ڏئي سگهجي ٿو. ۽ اُهي وڏي انگ ۾ پنهنجي زالن کي ڦاهيءَ تي لٽڪائين ٿا، ۽ پوءِ اهو بهانو ٿا گهڙين، ته اهي عورتون آپگهات ٿيون ڪن.......... پر حڪومت اهو سڀ ڪجهه چڱي ريت سمجهي ٿي، ۽ حڪومت کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي. تنهنڪري توهان کي سنجيدگيءَ سان چتاءُ ٿو ڏجي، ته جنهن به ڳوٺ ۾ قتل ٿيندڙ عورت بابت ڄاڻ پئي، ته سڀني ڳوٺاڻن تي سختيءَ سان ڏنڊ مڙهيو ويندو....... ۽ لاپرواهي ڪندڙ ڪاردار کي برطرف ڪيو ويندو..... هاڻي ڳالهه سمجهي وٺو، ته جيڪو به ماڻهو اهڙو ڏوهه ڪندو، تنهن کي سخت سزا ڏني ويندي. جنهن ۾ تڙي پار سميت سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ به شامل هوندو.“

حيدرآباد جي پهرين هفتيوار اخبار

1854ع ۾، حيدرآباد ۾ ”سنڌ نيوز“ جي نالي سان هفتيوار اخبار جاري ٿي. جنهن جو ايڊيٽر جان هاروي هو. هيءَ اخبار سنڌ نيوز پريس حيدرآباد مان ڇپجندي هئي، جنهن جي سرڪيوليشن بابت صحيح ڄاڻ نه آهي. هيءَ اخبار مسٽر هاروي جي 1856ع ۾ موت کان پوءِ ڪراچي کڄي وئي. هي حيدرآباد جي پهرين اخبار هئي. اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر مسٽر هاروي هو، جيڪو حيدرآباد ۾ ٺيڪيدار ۽ هڪڙي فرم جو مالڪ هو.

1857ع واري آزاديءَ جي هلچل ۾ حيدرآباد جو حصو

1857ع ۾ سڄي هندستان جي ٻين شهرن جيان حيدرآباد جي سورمن پڻ برطانوي حڪومت خلاف پاڻ ملهايو. حيدرآباد ۾ برطانوي فوجن جي دستن ۾ شامل سنڌين، مرهٽن ۽ بنگالي عملدارن توڙي سپاهين گوڙ ۽ هنگامو ڪيو ۽ حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون. انهيءَ بغاوت کي ڪچلڻ ۾ ڏيهي جاگيردارن ۽ غدار واپارين، برطانوي حڪومت سان وفاداري جو ثبوت ڏيندي، کين جتي به ڪا ڀُڻڪ پي پئي ته، اها رپورٽ مٿي پئي پهچائي. تنهن هوندي به جن فوجين بغاوت ۾ حصو ورتو، سي منظم نه هئڻ ڪري هڪدم گرفتار ڪيا ويا، ۽ کين توبن اڳيان ٻڌي بارود سان اڏايو ويو ۽ ڪن کي ڦاسي چاڙهيو ويو. جيتوڻيڪ اها تحريڪ ناڪام نظر اچي ٿي، پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اها عوامي تحريڪ هئي. جن مجاهدن ان تحريڪ ۾ ڀاڱو ورتو. توڙي اهي جنگي ميدان ۾ شهيد ٿيا هجن، يا جلاوطن ڪيا ويا هجن، يا ڦاسين تي لٽڪايو ويو هجي، اُهي تاريخ جا روشن ڏيئا آهن.

حيدرآباد ۾ ڪانگريس جو بنياد

1884ع ۾ لارڊ ڊفرن، جنهن جي گهر واريءَ ليڊي ڊفرن جي نالي سان حيدرآباد ۾ ’ليڊي ڊفرن اسپتال‘ قائم ڪئي وئي، جي دور ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد وڌو ويو. سنڌ ۾ ڪانگريسي تحريڪ جو سڀ کان پهرين جن اڳواڻن پايو وڌو، تن ۾ حيدرآباد واسي آچاريا ڪرپالاڻي، جيرام داس، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، غلام محمد ڀرڳڙي ۽ ٻيا شامل هئا. 1913ع ۾ لالا لجپت راءِ، جنهن جي نالي سان حيدرآباد ۾ هينئر به لجپت روڊ موجود آهي. سنڌ ۾ ڪانگريس کي سگهارو ڪرڻ لاءِ دوري تي آيو، ته کيس حيدرآباد اچڻ جي به ڪوٺ ڏني وئي ۽ هڪ وڏو جلسو ڪرايو ويو، جتي تقريرون ٿيون. جڏهن ته ڪانگريس جي صدر لوڪمانيا تلڪ پڻ حيدرآباد جو دورو ڪيو، جنهن جي نالي پويان ’تلڪ چاڙهي‘ موجود آهي......... هوڏانهن ڪانگريس جي مکيه اڳواڻ مولانا ابوالڪلام آزاد، هيرآباد ۾ هڪڙي ميدان ۾ جلسو ڪيو هو، جنهن جو نالو پوءِ ’آزاد ميدان‘ رکيو ويو، جتي هينئر آزاد ميدان مسجد ٺهيل آهي.

”سرسوتي“؛ حيدرآباد جو پهريون ماهوار رسالو

سنڌي ٻولي ۾ ڇپجندڙ هي پهريون رسالو هو، جيڪو حيدرآباد مان 6- نومبر 1890ع ۾ جاري ٿيو. جيڪڏهن هن رسالي کي ”سنڌي ادب جي پيڙهه وارو پٿر“ سڏجي، ته هي رسالو سُڌار سڀا طرفان 1890ع ۾ جاري ٿيو. ساڌو هيرانند رسالي جو ايڊيٽر هو ۽ رسالي ۾ ناميارن ليکڪن اديبن ۽ شاعرن جا ادبي، تعليمي ۽ سماجي مامرن تي ليکن سميت شاعري ڇپجندي هئي. هي رسالو پنجويهن سالن تائين ساندهه سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهيو. جيڪو يونين اڪئڊمي جي سهڪار سان سائيڪلو اسٽائيل پريس ۾ ڇپجندو هو ۽ اها حيدرآباد ۾ آڳاٽي پهرين پريس هئي.

حيدرآباد جي پهرين بيواهه ماسترياڻي

1885ع کان وٺي حيدرآباد ۾ ڇوڪرين جا ٿورا اسڪول کُليا، ته پهريائين رڳو وڌوا ماسترياڻيون نوڪريءَ ۾ گهڙيون. تڏهن ٻيون زالون شوڪارا ڀري چونديون هيون ته، ”هنن ويچارين جو ڪو کٽندڙ ڪمائيندڙ ڪونهي. تڏهن ههڙا حال ٿيا اٿن، جو ماستري پيون ڪن.“ پوءِ بيٺلن گهرن جون ڪُماريون، ڪاليج ۾ تعليم وٺي، ماستري ڪرڻ لڳيون، ته ماڻهن جا اڳيان خيال ڪافور ٿي ويا، انهن اوائلي ڇوڪرين مان هڪ ديوان لعلچند جي پوٽي ڪماري سرسوتي چوهڙمل (ڄم: آگسٽ 1906ع؛ ديهانت: جنوري 1930ع) هئي، جنهن بي. اي پاس ڪئي، ۽ حيدرآباد جي ڪُندنمل گرلس اسڪول ۾ ماسترياڻي ٿي.

حيدرآباد مان نڪرندڙ پهرين روزاني اخبار

هيءَ روزاني اخبار 4- نومبر 1914ع تي شايع ٿي ۽ ان جو پهريون ايڊيٽر واسو مل ڪشنچند هو. جڏهن ته مختلف موقعن تي ڪنول سنگهه پوهومل ملڪاڻي، سُجن سنگهه فتح سنگهه، تيه سنگهه صاحبسنگهه، خوبچند تولارام واسواڻي، سيواسنگهه هري سگنهه اجواڻي، رامچند ڀڳوانداس آڏواڻي، گلاب سنگهه سجن سنگهه جڳتياڻي ايڊيٽر ٿيندا رهيا، ۽ هي اخبار پريميئر پريس حيدرآباد ۾ ڇپجندي هئي. اخبار ۾ حڪومتي پاليسين ۽ سماجي براين تي کُلي تنقيد ٿيل هوندي هئي، ۽ اخبار اسهڪاري هلچل کان گهڻو متاثر هئي، کُليل طور تي لکندي هئي، جنهن ڪري مٿس ڪيس به ٿيا.

حيدرآباد ۾ بجلي جو اچڻ

حيدرآباد  جي ماڻهن کي بجلي جي سهوليت 1917ع  ۾ ملي. انهي ڏس ۾  1917ع ۾ حيدرآباد سنڌ  اليڪٽرڪ سپلائي  ڪمپني قائم ڪئي ويئي، جنهن کان ترت پوءِ ڪينٽونمينٽ  واري علائقي کي پڻ بجلي مهيا ڪئي وئي. شهر جي مختلف اهم رستن تي بجليءَ جي سٺ واٽ جا بلب لڳايا ويا، جڏهن ته غيراهم رستن تي ٽيهه واٽ جي بلبن مان ڪم هلايو ويو. اهڙيءَ ريت انگريزن طرفان سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پهرين، حيدرآباد ۾ رستن تي گاسيلٽ تي ٻرندڙ بتين جو سلسلو هوريان هوريان ختم ڪيو ويو. ڪينٽونمينٽ جي علائقي ۾ 1941ع ۾ حُرن جي هلچل دوران شهر ۾ بجلي جي نظام کي وسعت ڏني وئي. جڏهن ته هينئر رستن ۽ گهٽين ۾ جيڪي بلب ٻاريا پيا وڃن. سي مقامي اختيارين جي هٿ وس آهن، ۽ اهم رستن تي مرڪيوري بلبن جو استعمال عام آهي.

حيدرآباد ۾ خلافت ڪانفرنس جو پهريون جلسو

17 آڪٽوبر 1919ع تي لکنئو ۾ گهرايل آل انڊيا مسلم ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته برطانوي حڪومت طرفان ترڪيءَ جا ٽڪرا ڪرڻ تي 13 نومبر کان 16 نومبر 1919ع تائين جيڪو جشن ملهائبو ، تنهنجو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ ان ڏينهن هندستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ترڪي سلطنت جي بقا ۽ استحڪام لاءِ دعائون ڪيون وڃن. انهيءَ فيصلي جي پوئواري ڪندي حيدرآباد ۾ مٿي ڄاڻايل تاريخن تي هڙتال ڪئي وئي. ڪارن جهنڊن سان جلوس ڪڍيا ويا. جڏهن ته 4 جنوري 1920ع تي حيدرآباد ۾ پهرين ڀيرو خلافت جو وڏو جلسو ٿيو، جنهن ۾ انگريزن خلاف رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو سميت ٻين اڳواڻن ڏاڍيون ڀليون تقريرون ڪيون.

مولانا جوهر ڪيس ۽ هڪ حيدرآباد واسي

ڪراچيءَ ۾ جولاءِ 1921ع ۾ منعقد ٿيندڙ خلافت ڪانفرنس طرفان، ڪنهن مسلمان جو انگريزي فوج ۾ ڀرتي نه ٿيڻ واري ٺهراءُ پاس ٿيڻ تي، مولانا محمد علي جوهر ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيا ويا. جن ۾ مٽياريءَ جي پير غلام مجدد سرهندي (ڄم: 1883ع) کي پڻ ٻن سالن جي سزا ٻڌائي وئي، ۽ کين رتناگري جيل موڪليو ويو. آزادي کان پوءِ هن سيد علي اڪبر شاهه سان گڏجي حيدرآباد ۾ هڪڙو مدرسو ”جامعه عربيه“ نالي قائم ڪيو.

حيدرآباد ۾ سنڌ سوسائٽي جو قيام

سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان ڌار ڪري مڪمل خودمختيار صوبو ٺاهڻ لاءِ ٽن گول ميز ڪانفرنسن جي مبينه ناڪاميءَ کان پوءِ، 1932ع ۾ سيد ميران محمد شاهه، شاهنواز ڀٽو، يوسف علي ۽ ٻين حيدرآباد ۾ ڪانفرنس گهرائي، جيڪا ”سنڌ جي آزادي“ جي نعري هيٺ ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس ۾ ”آزاد سنڌ سوسائٽي“ جوڙي وئي، جنهن ۾ گهڻو ڪري وڏا وڏا جاگيردار شامل ٿيا.

انهي کان اڳ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ لاءِ پهرين گول ميز ڪانفرنس ۾، جيڪا ٻارهن نومبر 1930ع ۾ لنڊن ۾ شروع ٿي، ۽ جنهن ۾ مسلم ليگ ۽ هندو مهاسڀا جي وفدن شرڪت ڪئي، تنهن ۾ ڪانفرنس ۾ سنڌ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي. جنهن اصول طور تي خودمختياريءَ جي نظريي جي حمايت ڪئي ۽ مستقبل جي صوبي جي مالياتي مسئلن جي جائزي وٺڻ لاءِ هڪڙي ٻي ذيلي ڪميٽي جوڙڻ جي سفارش ڪئي. پر ڪميٽيءَ ۾ شامل هندو مهاسڀا جي اڳواڻن صوبائي خودمختياريءَ جي نظريي کي بي بنياد ڪوٺيندي رد ڪري ڇڏيو. پوءِ ٻي گول ميز ڪانفرنس ست نومبر کان پهرين ڊسمبر 1931ع تائين ٿي، تنهن ۾ پڻ سنڌ بابت ڪجهه فيصلا ڪيا ويا. برطانوي ڌر، سنڌ جي خودمختياريءَ واري سوال کي مالياتي مسئلن جي ”تسلي بخش“ حل سان ڳنڍي ڇڏيو. وري نومبر 1932ع ۾ الهه آباد ۾ مسلم ۽ هندو تنظيمن جي گڏيل ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ خاص طور تي چيل هو ته: ڌار صوبي سنڌ کي اهڙي ئي خودمختياري ملڻ گهرجي. جيڪا برطانوي هند ۽ ٻين صوبن کي مليل آهي. ۽ اقليتن کي انهن حقن جي ضمانت ڏيڻ ضروري آهي، جيڪي ٻين صوبن لاءِ طئي ڪيا ويا آهن. پوءِ ٽين گول ميز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي نمائندگي شاهنواز ڀٽو ۽ غلام حسين هدايت الله ڪئي، پهرين ٻن ڪانفرنسن جيان هن ڪانفرنس پڻ نئين صوبي جي حمايت ڪئي، پر ڳالهه اڳتي نه وڌي سگهي.

سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ لاءِ حيدرآباد ۾ هڙتال

19 جون 1932ع تي آزاد سنڌ جماعت ۽ سنڌ آزاد ڪانفرنس طرفان سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪرڻ جو سڏ ڏنو ويو. ”آزاد سنڌ جماعت“ شيخ عبدالمجيد سنڌي پاران ٺاهيل هئي. سنڌ آزاد ڪانفرنس ۾ گهڻو ڪري سنڌ جي زميندارن جو لڏو هو. سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ واري هڙتال ۾ سڀئي – هندو توڙي مسلمان- شريڪ ٿيا. هڙتال ڪامياب ٿي. ڏيارام گدومل نيشنل ڪاليج ۽ ٻين ڪاليجن جي ڇوڪرن جلوس ڪڍيو. ماڻهن پنهنجا دڪان بند ڪيا ۽ ڪن طاق ٻيڪڙي ڇڏيا. انهيءَ موقعي تي شاگردن جا نعرا هي هئا: ”سنڌ صوبو ڌار کپي“، ”هندو مسلم ڀائر آهن،“ ڪيترن ئي نوجوانن کي پوليس گرفتار ڪيو. کين چاوڙي ٿاڻي ۾ رکيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org